Home / افيئر / لاڙ ۾ پيئڻ جو پاڻي به اڻلڀ!
above article banner

لاڙ ۾ پيئڻ جو پاڻي به اڻلڀ!

الهه بچايو جمالي
سنڌ قديم دور ۾ زرعي ملڪ هو ۽ هن وقت سنڌ ۾ آباد ڇهه ڪروڙ کان وڌيڪ سنڌين مان 70 سيڪڙو کان به وڌيڪ ماڻهن جي معيشت جو مدار زراعت تي آهي. زراعت لاءِ مٺو پاڻي گهرجي ٿو جيڪو پاڻي سنڌو درياهه وسيلي ملڪ جي ٻن صوبن خيبرپختون خواهه ۽ پنجاب جي حدن مان گذري ڪيٽي بندر وٽان، سنڌي ماهه ساگر تائين پهچي ٿو، آڳاٽي زماني ۾ سڄي سنڌ سرسبز ۽ خوشحال هئي. 1947ع ۾ ملڪ جي وجود ۾ اچڻ بعد ساڳي ئي هن ملڪ کي وڏي آبادي واري صوبي پنجاب جي اصل واڳ ڌڻين پنهنجي صوبي جي پنجن دريائن مان ٻه درياهه پيسن تي پاڙيسري ملڪ ڀارت کي وڪڻي ڇڏيا. جنهن بعد هنن، سنڌو تي تربيلا ۽ چشما جهڙا ڊئم ٺهرائي انهن مان چشما بئراج ۽ گريٽر ٿيل ڪئنال جهڙا واهه کوٽائي سنڌ جي پاڻي تي ڌاڙا هڻڻ شروع ڪيا ۽ آبڪلاڻي ۾ پنجاب جي سڀني دريائن ۽ سڄي ملڪ جي ٻوڏ وارو سمورو پاڻي سنڌ ڏانهن ڇوڙ ڪرائڻ شروع ڪيو جنهن جي نتيجي ۾ گذريل چئن ڏهاڪن کان سنڌ هر سال خوفناڪ سوهڪڙي ۽ خوني مها ٻوڏن جو شڪار ٿي وئي آهي.
آبڪلاڻي ۾ سنڌو جو ساڄو ڪپ ڪشمور کان ڪيٽي بندر تائين مها ٻوڏن ۾ بي تباهه ٿيو وڃي ۽ سنڌ جي کاٻي پاسي جي ٻوڙائڻ لاءِ آمر ضياءُ الحق جي درو حڪومت ۾ واپڊا وارن ورلڊ بئنڪ کان اربين روپين جا قرض کڻي ايل بي او ڊي جو هڪ اهڙو راڪاس پيدا ڪيو جنهن بدين ضلعي جا ته آنڊا ڪڍي ڇڏيا. پر 2011ع جي مها خوني ٻوڏ ۾ سانگهڙ ۽ نوابشاهه جا سرسبز ضلعا سمنڊ بڻجي ويا. جڏهن ته سنڌو درياهه ۾ جيڪو پاڻي جو ڍڪ پهچي ٿو. ان پاڻي جي ونڊ ورڇ جي ذميواري سنڌ جي آبپاشي کاتي جي حوالي آهي. اهو کاتو جيڪو سنڌ جي آبادگارن کان هر سال اربين روپين جو آبياڻي جي نالي ۾ ٽيڪس وصول ڪري ٿو. جنهن جي حوالي سان سنڌ جا ٽي مک بئراج سوين واهه ۽ سم نالا آهن. پاڻي جي ونڊ ورڇ جو انڌو منڊو قانون پڻ ٺهيل آهي. سڀني کي خبر آهي ته سنڌ جو آبپاشي کاتو بنهه ڪرپٽ آهي. ان کاتي مان هڪ ٻيو کاتو سيڊا جي نالي سان پيدا ڪيو ويو آهي، جيڪو پڻ پاڻي کاتي کان به وڌيڪ بدعنوان ثابت ٿيو آهي.
ٻنهي کاتن جي مک سڻڀن عهدن تي هر حڪومت سياسي بنيادن تي پنهنجا کاٽومند نور نظر ڪامورن کي مقرر ڪندي آهي. جنهن ڪري هر سال سڄي سنڌ خوفناڪ سوڪهڙي ۽ مها ٻوڏ ۾ ٻڏي تباهه ٿي رهي آهي ۽ سنڌ جا ڪروڙين ماڻهو تباهه ۽ برباد ٿي بک ۽ بدحالي جي ور چڙهي ويا آهن سنڌ ۾ غربت جو تناسب تيزي سان وڌي ويو آهي. مٿان ڳاٽي ٽوڙ مهانگائي ۽ بيروزگاري عام ماڻهن جي چيلهه ڀڃي ڇڏي آهي غريب ۽ پورهيت لڏي جا ڪروڙين ماڻهوماني ڳڀي لاءِ پريشان آهن ۽ حڪومت خاموش تماشائي کاتي بڻيل آهي. سنڌ جو آبپاشي کاتو هر سال ڊسمبر جي هن مهيني ۾ واري واري سان سنڌ جا ٽيئي بئراج سالياني کاٽي ۽ صفائي جي نالي سان رڪارڊ ۾ 10 کان ٻن هفتن تائين بند ڪندي آهي. اصل ۾ آبپاشي کاتو ڪروڙين روپين جا جاري ٿيل فنڊ هڙپ ڪرڻ هارين آبادگارن ۽ عوام کي پريشان ڪري سزا ڏيڻ لاءِ سالياني وارابندي جو ناٽڪ رچائيندو آهي. عملي طرح نه ڪنهن واهه جي کاٽي ٿيندي آهي ۽ نه صفائي، سرڪاري رڪارڊ ۾ واهن جي کاٽي جا ڪوڙا ٺيڪا ڄاڻائي سمورا ڏوڪڙ هضم ڪيا وڃن ٿا. اڳ ۾ اهو سمورو ڪم اڪيلو آبپاشي کاتي ڪندو هو.
هاڻي بئراج جا گهڻا مين ڪئنال ۽ واهه سيڊا جي حوالي ڪيا ويا آهن. جتي جڙتو ايترا واٽر بورڊ ٺاهي انهن واٽر بورڊن تي سياسي ماڻهو چيئرمين طور مقرر ڪيا ويا آهن. جيڪي واهن ۽ سم نالن جي کاٽي جي نالي ۾ آيل سمورا ڪروڙين روپيه فنڊ ورڇ ڪري هڙپ ڪريو وڃن ۽ ڪٿي ايريا واٽر بورڊ جا اهڙا بااثر چيئرمين مقرر ڪيا وڃن ٿا جيڪي ايريا واٽر بورڊ جي ميمبرن جي صحيح کانسواءِ ئي سموري رقم بئنڪن مان ڪڍرايو وڃن ۽ اهي بااثر چيئرمين سيڊا ۽ آبپاشي کاتي جي لاڳاپيل ڪامورن جي ڪميشن پڻ هڙپ ڪريو وڃن. آبپاشي کاتي جي شيڊيول موجب هر سال ڪوٽڙي بئراج جا واهه 25 ڊسمبر کان بند ٿيڻا هوندا آهن ۽ 10 جنوري تي بئراج جا واهه کولي پوڇڙي تائين پاڻي هر حالت ۾ پهچائڻو آهي پر گذريل ڪيترن ئي سالن کان آبپاشي کاتو ان شيڊيول تي عمل نٿو ڪري. اڪثر ڪري هر سال 25 ڊسمبر کان اڳ ڪوٽري بئراج جا کاٻي طرف وارا ٽيئي مين ڪئنال، لائينڊ چئنل (اڪرم واهه) گوني ڦليلي ۽ پنڃاري کي بند ڪيو ويندو آهي ۽ انهن مان ڪجهه مين ڪئنال 20 جنوري تائين به نه کوليا ويندا آهن. جڏهن ته ڪوٽڙي بئراج جو ساڄي طرف وارو مين ڪئنال ڪلري بگهاڙ ( ڪي بي فيڊر) ڪراچي شهر کي پاڻي فراهم ڪرڻ واري مقصد سان سڄو سال بند نه ٿيندو آهي.
سالياني وارا بندي وارو قانون ڪي بي فيڊر تي لاڳو نٿو ڪيو وڃي. ڇاڪاڻ ته ڪراچي جي شهرين کي پاڻي فراهم نه ٿيو ته اهي ڪراچي تي قابض همراهه آبپاشي جي وزير ۽ ڪامورن کي سنڌ سيڪريٽريٽ ۾ ڪٽي ڇڏيندا. باقي سڄي سنڌ ۾ لاڙ واسين جو مهينن تائين پاڻي بند ڪرڻ جو کين ڪو به ڊپ نه آهي. نه آبپاشي جو وزير سيڪريٽري کانو ڪو پڇاڻو ڪندو ۽ نه ئي سنڌ جو وڏو وزير ٻڙڪ ٻاهر ڪڍندو ۽ نه ئي سنڌي عوام جي ووٽن سان چونڊيل سنڌ اسيمبلي جي ڪرسين تي ننڊون ڪندڙ جاگيردار ۽ ڀوتار ڪو گوڙا ڪندا. کين ان جو ڪو به فڪر ناهي ته لاڙ جي لکين ماڻهن جي پيئڻ جو پاڻي هڪ مهيني کان بند آهي ۽ چيٽ جا اربين روپين جي ماليت جا زرعي فصل سوڪهڙي ۾ تباهه ٿي ويا آهن.
ڊسمبر ۽ جنوري ۾ سنڌو درياهه ۾ پاڻي جي کوٽ جو بهانو بڻائي آبپاشي کاتي جا راشي ڪامورا هر سال لاڙ جي لکين ماڻهن کي بي گناهه اذيتون ڏين ٿا. ڪو به کانئن پڇڻ وارو ناهي. هن سال پڻ آبپاشي کاتي جي سيڪريٽري ۽ چيف انجيئر ڪوٽري بئراج 25 ڊسمبر جي بچاءِ 14 ڊسمبر کان بنا ڪنهن اطلاع جي ڪوٽري بئراج جا ٻه مک مين ڪينال اڪرم واهه لائيڊ چئنل ۽ گوني ڦليلي جا در بند ڪري ڇڏيا. گوني ڦليلي جيتوڻيڪ غير مدامي نان پيرڊل مين ڪئنال آهي پر اڪرم واهه ٻارنهن مهينا وهندڙ مدامي مين ڪئنال آهي. جنهن جو مٺو پاڻي سنڌ جي ڏاکڻي سرحدي دنگ روپاڙي ۾ شيخاڻي گهاڙي ۽ علي بندر تائين زراعت سميت لکين انساني ۽ چوپائي مال جي پيئڻ جي پاڻي جو اڪيلو ذريعو آهي.
ان مک وڏي واهه کي اوچتو 14 ڊسمبر تي بند ڪري ان ۾ حيدآباد شهر جي گٽر نالن جو هاڃيڪار ڪنو پاڻي ڇڏيو ويو. معمولي پاڻي جيڪو اچي رهيو هو ۽ اهو پاڻي پڻ 20 ڊسمبر کان مڪمل طور تي بند ڪيو ويو آهي ۽ آبپاشي کاتي 20 ڊسمبر کان 10 جنوري تائين ڪوٽڙي بئراج جا ٽيئي مين ڪئنال بند ڪرڻ جو ميڊيا ۾ به اعلان ڪيو، اهڙي سالياني وارا بندي جو سرڪاري حڪم نامو ٽنهي آبپاشي ڊويزن کٽي تار رستي پهچايو هوندو پر اهڙو آرڊر 25 ڊسمبر تائين آبپاشي سب ڊويزن ڪڍڻ تائين پهچي نه سگهيو. اهڙي طرح هن سال 14 ڊسمبر کان بنا ڪنهن اطلاع جي سڄي لاڙ کي سيراب ڪندڙ ڪوٽڙي بئراج جا اٽڪل 200 کن ننڍا وڏا واهه ۽ مائينر بند ٿي ويا آهن. جن جي هڪ مهيني تائين لاڳيتو بند رهڻ جو امڪان آهي. ڇاڪاڻ ته 10 جنوري تي جيڪڏهن ڪوٽڙي بئراج جا ٽيئي مک ڪئنال کوليا به وڃن تڏهن به آبپاشي سب ڊويزن ڪڍڻ جو قاضيا بدين جي واهن تائين گهٽ مقدار واري پاڻي جي پهچڻ ۾ هڪ هفتو لڳي ويندو.
بدين شهر کان شيخاڻي گهاڙي 45 ڪلو ميٽر پري ۽ ڪڍڻ شهر کان علي بندر 20 ڪلو ميٽر پري آهي. گهٽ پاڻي جو واهن ۾ رڙهي ايندڙ اهو وهڪرو راڄو واهه ٽيل، سنهي گوني، مور شاخ، گڙهو مائنر، گنج بحر، نور واهه، ميرواهه اولڊ، جي پوڇڙين تائين گهڻو ڪري پهچي نه سگندو ۽ جيڪڏهن پاڻي جي پهچائڻ جي ڪوشش ڪئي وئي تڏهن به ان کي چار پنج ڏينهن لڳي ويندا اهڙي طرح اڪرم واهه ڊويزن بدين جي واهن ۾ ڏيڍ مهيني تائين ڪنهن به حالت ۾ پاڻي پهچي نه سگهندو ۽ انهن ضلعي جي 50 کان وڌيڪ واهن جي پوڇڙي ۾ جنوري مهيني جي آخر ۾ به پاڻي جي پهچڻ جو ڪو به امڪان نظر نٿو اچي. واضح رهي ته بدين ضلعي جي ڏاکڻي آفتن جي سٽيل سامونڊي پٽي جي مٿين واهن جهڙوڪ، گنج بحر، مور شاخ، سنهي گوني، نور واهه وغيره جي پوڇڙي ۾ ڊسمبر مهيني جي پهرين هفتي کان واهن جو پاڻو لاڳيتو بند آهي جتي ايندڙ هڪ مهيني تائين مٺي پاڻي جي پهچڻ جو ڪو به امڪان نه آهي جتي هن سال هزارين ايڪڙن تي چيٽ جا زرعي فصل پوکجي نه سگهيا آهن ۽ پوکيل فصل سوڪهڙي ۾ تباهه ٿي ويا آهن ۽ ساڳي حالت بدين ضلعي ۾ سڄي لاڙ ۾ پيدا ٿي وئي آهي.
جتي پاڻي جي اڄ اها حالت چيٽ جي اهم زرعي فصل ڪڻڪ جي پوکائي واري مند ۾ ڪئي وئي آهي. لاڙ ۾ نومبر ۽ ڊسمبر جي مهيني کان هر سال ڪڻڪ جي آڳاٽي فصل جي پوکائي شروع ٿيندي آهي جيڪا جنوري جي مهيني تائين جاري رهندي آهي لاڙ ۾ هزارين ايڪڙن تي پوکيل ڪڻڪ جو مک فصل اوچتو واهن ۾ پاڻي بند ٿيڻ سان سڪي سڙي تباهه ٿي ويو آهي ۽ هزارين ايڪڙن تي ڪڻڪ جي هن سال پوکائي ٿي نه سگهي آهي جنهن ڪري مهاٻوڏن ۾ تباهه ٿيل لاڙ جا لکين هاري ۽ آبادگار ۾ سخت پريشان آهن. اهي پاڻي لاءِ پڪارون ڪري رهيا آهن پر سنڌ حڪومت ۽ عوام جا چونڊيل نمائندا سندن دانهن ٻڌڻ لاءِ تيار نه آهن.
لاڙ جي واهن ۾ لاڳيتو پاڻي بند ٿيڻ سان هڪ طرفان زراعت کي ڪاپاري ڌڪ لڳو آهي جنهن سان هاري ۽ آباگار تباهه ٿي ويا آهن ته ٻي طرف ننڍن، وڏن شهرن ۽ ٻهراڙي جي هزارين ڳوٺن ۾ پيئڻ جي پاڻي جو سخت بحران پيدا ٿي ويو آهي. شهرين جي واٽر سپلاءِ جا تلاءَ سڪي ويا آهن ۽ ڳوٺن ۾ ڪربلا جو منظر آهي، انسانن سان گڏ ڍور پڻ اڃ ۾ تڙپي رهيا آهن. سڀ کان خوفناڪ حالت بدين ۾ ٺٽي جي سامونڊي پٽي جي بڻيل آهي جتي زير زمين جر جو پاڻي کارو آهي. جيڪو پاڻي ڪو به انسان ۽ حيوان پي نٿو سگهي، لاڙ جي سامونڊي پٽي جي لکين ماڻهن جي پيئڻ جي پاڻي جو اڪيلو ذريعو واهن جو پاڻي آهي. سامونڊي پٽي ڪوٽڙي بئراج جي واهن جي پوڇڙ ۾ آهي.
انهن آبپاشي واهن جي کاٽي نه ٿيڻ ۽ منڍ جي آبادگارن طرفان واٽر ڪورسن جا موڳاٽوڙي پاڻي چوري ڪرڻ ۽ آبپاشي کاتي جي راشي ۽ نااهل ڪامورن جي ڪرپشن ۽ بدانتظامي سبب انهن لاتعداد واهن جي پوڇڙي ۾ مهينن تائين پاڻي نه ٿو پهچي جنهن ڪري ڪيٽي بندر کان وٺي علي بندر تائين سوين ڪلو ميٽر ڊگهي اڳوڻي قديم ڊيلٽائي پٽي جيڪا زرعي لحاظ کان انتهائي ذرخير هئي جتي هر سال لکين مڻ ڳاڙها چانور پيدا ٿيندا هئا اتي جي ماڻهن کي پيئڻ جو مٺو پاڻي به نصيب نٿو ٿئي.
ربيع جي هن مند ۾ ته پاڻي جي کوٽ جا هٿرادو بهانا پيش ڪيا وڃن ٿا پر آبڪلاڻي جي مند ۾ جڏهن سنڌو درياهه ۾ ڪنهن سال ٻوڏ واري صورتحال هوندي آهي ان وقت به لاڙ جا واهه سڪل هوندا آهن ۽ سامونڊي پٽي ۾ پيئڻ جيترو پاڻي به نٿو پهچايو وڃي. ان جو مک سبب آبپاشي کاتي ۾ ٿيندڙ ڪرپشن ۽ بدانتظامي آهي. آبپاشي کاتي جي بدانتظامي ۽ ڪرپشن جو ان کان وڌيڪ ٻيو ڪهڙو مثال آهي ته نصير واهه ڊويزن جي آبپاشي سب ڊويزن خيرپور گنبوجا آبادگار،سالن کان ڏهن واهن جي پوڇڙ جو پاڻي بند ٿيڻ خلاف بدين ۽ حيدرآباد ۾ مهينن تائين بک هڙتالون ڪري پاڻي لاءِ مظاهرا ۽ ڌرڻا هڻڻ کانپوءِ اسلام آباد ۾ قومي اسيمبلي جي اڳيان مهينن تائين ڌرڻا هڻي ويٺا پر سنڌ ۽ هن ملڪ جي حڪمرانن سندن ڪو به تدراڪ نه ڪيو ۽ نيٺ سپريم ڪورٽ جي اڳوڻي چيف جسٽس افتخار محمد چوڌري سندن احتجاج جو پاڻمرادو نوٽيس ورتو اهو ڪيس ڪورٽ ۾ هلندڙ آهي پر اڃا تائين خيرپور گنبو ۽ملڪاڻي شريف جي ڏهن واهن جي پوڇڙي جو پاڻي پ پ جا چونڊيل عوامي نمائندا ۽ بااثر سياسي جاگيردار ڏاڍا مڙس وڏيرا بند ڪريو ويٺا آهن جن جاگيردارن نصير واهه ڊويزن جي اٽڪل ڏهن واهن جي منڍ مان اٽڪل 64 غير قانوني ڊائريڪٽ آئوٽ ليٽ واٽر ڪورس ڪڍرائي بدين ضلعي جي پوڇڙي جي مسڪين آبادگارن جو پاڻي بند ڪيو آهي.
انهن واهن جو پاڻي اڃا تائين پوڇڙي ۾ پهچي نه سگهيو آهي. پيپلز پارٽي جي ٽڪيٽ تي چونڊجي سنڌ اسيمبلي ۾ پهتل اڪثر وڏيرا ۽ ڀوتار خود پاڻي جا وڏا چور آهن. پر هن وقت ته ڪوٽڙي بئراج جا ٽي مين ڪئنال هي سٽون لکڻ تائين گذريل ٽن هفتن کان لاڳيتو بند آهن جنهن سان سندن زرعي فصل پڻ تباهه ٿي ويا آهن. پر سنڌ اسيمبلي ۾ پاڻي لاءِ سندن ڪو به آواز ٻڌڻ ۾ نه ٿو اچي. سمورا وڏيرا ۽ جاگيردار مڪاني چونڊن جي جوڙ توڙ ۾ رڌل آهن ۽ خلق پيئڻ جي پاڻي لاءِ سخت پريشان آهي. ان کي چئبو آهي انڌير نگريري چرٻٽ راجا.

below article banner

پنهنجو رايو ڏيو

توهان جو اي ميل پتو ظاهر نه ڪيو ويندو. گهربل معلومات تي هيءَ نشان لڳل آهي: *

*

You may use these HTML tags and attributes: <a href="" title=""> <abbr title=""> <acronym title=""> <b> <blockquote cite=""> <cite> <code> <del datetime=""> <em> <i> <q cite=""> <strike> <strong>

صفحي جي چوٽيءَ تي وڃو