Home / افيئر / متحده جي نئين قلابازي: هڪ تير ڪيئي شڪار!
above article banner

متحده جي نئين قلابازي: هڪ تير ڪيئي شڪار!

امداد سومرو

3 جنوري تي حيدرآباد ۾ جلسي کي خطاب ڪندي متحده جي قائد الطاف حسين سنڌ ورهائڻ جي ڳالهه ڪري اصل ۾ هڪ تير سان ٻه ٽي شڪار ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي پر پردي پٺيان ڪجهه ٻيون حقيقتون به آهن. متحده 92 جي آپريشن کانپوءِ پنهنجو نالو بدلائي سنڌي هجڻ جو اعلان ڪري پنهنجون پاليسيون تبديل ڪرڻ جو اعلان ته ڪيو هئو پر سندن نيت وقت بوقت سندن بيانن مان ظاهر ٿيندي رهي آهي. پر 1985ع کان ايم ڪيو ايم جي قيادت کان وٺي هن مهل تائين ايم  ڪيو ايم 100 سيڪڙو پنهنجي پاليسين ۽ روين ۾ موقعي پرست جماعت ثابت ٿي آهي. متحده جي سربراهه جي بيان جي رد عمل ۾ سنڌي قومپرست جماعتن جو رد عمل ته سامهون آيو آهي پر پيپلز پارٽي جي اڳواڻن به ان  بيان جي نندا ڪندي پاڻ کي قومپرستن کان به وڌيڪ قومپرست ثابت ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي. بلاول ڀٽو زرداري جي ٽوئيٽر تي ڏنل پيغام “ مرويسون مرويسون سنڌ نه ڏيسون” شرجيل ميمڻ، کان وٺي خورشيد شاهه جا بيان ان سلسلي جي ڪڙي آهن. نامياري تجزئي نگار نجم سيٺي ته الطاف جي ان بيان کي ڄار ۾ ڦاٿل ماڻهو جي بي وسي واري دانهن سان ڀيٽ ڏني آهي. نجم سيٺي جو اشارو لنڊن صورتحال طرف هئو جتي اسڪاٽ لينڊ يارڊ الطاف حسين ۽ ان جي جماعت ايم ڪيو ايم جو عمران فاروق قتل ڪيس، مني لانڊرنگ ۽ چڙ ڏياريندڙ تقريرون ڪرڻ جي الزام ۾ گهيرو تنگ ڪيو آهي. جيتوڻيڪ اهو تجزيو  معلومات تي ٻڌل آهي پر نجم سيٺي جي ان تجزئي کان سواءِ ڪجهه ٻيون به حقيقتون آهن. “افيئر” کي باخبر ذريعن ٻڌايو آهي ته سنڌ جون ٻئي وڏيون جماعتون پيپلز پارٽي ۽ ايم ڪيو  ايم ڪنهن به صورت ۾  مڪاني چونڊون ڪرائڻ جي حق ۾ نه آهن.

 ٻنهي پارٽين ۾ ان حوالي سان الڳ الڳ سبب آهن. پيپلز پارٽي ته حڪومت ۾ هئڻ سبب نٿي چاهي ته سندس حڪومتي طاقت ۾ ڪير ڀاڱي ڀائيوار ٿئي. جڏهن ته ايم ڪيو ايم مڪاني چونڊن جي حق ۾ ان ڪري نه آهي جو کيس 2013ع جي عام چونڊن ۾ پنهنجي حقيقي مقبوليت جي خبر پئجي چڪي آهي. ڌانڌلي، دهشت ۽ ڪوڙن ووٽن ذريعي اليڪشن کٽڻ وارن کي چڱي ريت خبر آهي ته کين کارادر، ناظم آباد، لالو کيت، گلشن اقبال ۽ صدر کان وٺي نائين زيرو عزيز آباد مان ڪيترا ووٽ مليا آهن. ايم ڪيو ايم جنهن وٽ هن وقت ڪراچي جون 17 قومي ۽ 35 صوبائي سيٽون آهن تنهن در حقيقت عام چونڊن ۾ 6 قومي ۽ 10 صوبائي اسيمبلي جون سيٽون کٽيون هيون. جڏهن ته باقي ڌانڌلي ذريعي حاصل ڪيون ويون جيڪي مبينه طور تي سڀ جو سڀ تحريڪ انصاف جون کٽيل چيون وڃن ٿيون. ان ڳالهه جا ٻه ثبوت آهن هڪ ته جڏهن فوج جي نگراني ۾ اين اي 250 ڊفينس ڪلفٽن واري سيٽ تي اليڪشن ٿي جنهن تي پوري ملڪ جون نظرون کتل هيون ۽ ميڊيا جو به سمورو ڌيان ان طرف هئو ته ايم ڪيو ايم مقابلي جو ست ئي نه ساڙي سگهي ۽ ان سيٽ جو بائيڪاٽ ڪيو. ٻيو ثبوت نادرا فراهم ڪري چڪي آهي ته ڪيئن هڪ ماڻهو 4، 5 حلقن ۾ 30، 40 ووٽ ڪاسٽ ڪيا. شهري ڌر جو سڄو مينڊيٽ دراصل هٿ ناٽ آهي، جيڪو هاڻ لڪل راز نه رهيو آهي.

هونئن به ڪير اگر اليڪشن کٽي ٿو ته کيس اندر ۾ ته خبر هوندي آهي ته کيس اصل ۾ ڪيترا ووٽ پيا ۽ عوام کيس ڪيترو چاهي ٿو. ايم ڪيو ايم جا سمورا جلسا ۽ احتجاج هاڻي ڪي ايم سي جا پگهاردار ملازم، صحت کاتي جي نرسن يا زبردستي ماڻهن جي ذريعي ڀريا ويندا آهن. ان جو واضح مثال ڪراچي جي هڪ اردو اخبار جو اهو صحافي پڻ آهي جيڪو پنهنجي آفيس جي ڀر واري هوٽل تي چانهه پي رهيو هئو ته کيس اتي ويٺل ٻين ماڻهن سميت مذڪوره ڌر جي ڪارڪنن زبردستي بس ۾ ويهاري پنهنجي احتجاج ۾ شريڪ ڪيو. صحافي جي هاءِ گهوڙا به ڪم نه آئي ۽ کيس آزادي پروگرام جي خاتمي کانپوءِ ئي نصيب ٿي.

ملڪ ۾ رهندڙ ماڻهو عام طور تي باقي سنڌ جي راڄڌاني ڪراچي ۾ رهندڙ عوام هاڻ مڪمل طور تي شهري ڌر جي ناڪاري پاليسين سبب تنگ ٿي چڪا آهن. ڪراچي جو پڙهيل لکيل باشعور ماڻهو هاڻي سمجهي ٿو ته سندن نوجوانن کان علم ۽ هنر جو دڳ کسي کين غلط رستي تي آڻي سڄي ملڪ جي عوام کان الڳ ڪيو ويو آهي. هن وقت اردو ڳالهائيندڙ سمجهدار طبقو ۽ اڪثريتي عوام پڻ شهري ڌر کان انتهائي بيزار آهي ۽ انهن ان بيزاري جو اظهار 2013ع جي عام اليڪشن ۾تحريڪ انصاف کي ووٽ ڏئي ڪيو هو.ڄاڻو ذريعن جو چوڻ آهي ته تحريڪ انصاف ۽ جماعت اسلامي جو اتحاد جنهن کي ڪراچي سطح تي پپيلز پارٽي جي ڪارڪنن جي به حمايت پڻ حاصل آهي ان پوزيشن ۾ آهي ته ڪراچي جي ميئر شپ حاصل ڪري سگهي. ان حقيقتن کي مد نظر رکي پيپلز پارٽي ۽ ايم ڪيو ايم جي وچ ۾ هڪ ڳجهي مفاهمت ٿي آهي. ان مفاهمت جي نتيجي ۾ پهرين پيپلز پارٽي ڪمروز بنيادن تي لوڪل گورنمينٽ آرڊيننس ۾ ترميمون ڪيون ته جيئن ايم ڪيو ايم طئي ٿيل معاملي مطابق مسئلو عدالت ۾ کڻي وڃي، هاءِ ڪورٽ ۾ ترميم خلاف فيصلو اچي ۽ پيپلز پارٽي ان کي سپريم ڪورٽ ۾ چيلينج ڪندي ۽ ايئن معاملي کي اينگهايو ويندو. مڪاني ادارن جي قانون تي پيپلز پارٽي ۽ ايم ڪيو ايم جي اسيمبلي، عدالت ۽ روڊ رستن کان وٺي بيانن جي حد تائين ٿيندڙ جنگ دراصل نوراڪشتي آهي. جيڪڏهن ايئن نه هجي ها ته ڪراچي جي ڪي ايم سي جو ڪنٽرول هن مهل تائين ايم ڪيو ايم جي هٿ وس نه هجي ها.

ڪي ايم سي جا سڀ ذريعا بجيٽ ۽ ملازمن جون پگهارون هن مهل تائين پيپلز پارٽي جي رضامندي سان شهري ڌر حوالي آهن. ڪراچي جون سموريون بلدياتي ضلعي زونل ڪميٽيون به مڪمل طور سان مذڪوره ڌر وٽ آهن. ڪراچي ۾ ٿيندڙ ايم ڪيوا يم جي سمورن جلسن جا انتظام ۽ ان ۾ ڪم ايندڙ سموري مشنري ڪي ايم سي جي هوندي آهي. باهه وسائڻ وارن اسنارڪل کان وٺي، فائر برگيڊ جون گاڏيون ۽ ڪچرو ڍوئڻ واريون سموريون گاڏيون جلسن جي انتظامي ڪم ۾ مصروف نظر اينديون آهن. “مرويسون مرويسون سنڌ نه ڏيسون” جا نعرا ۽ سنڌ جو هڪ انچ به ڪنهن کي نه جون دعوائون ڪندڙ جيڪڏهن واقعي به سنڌ سان مخلص آهن ته کين سڀ کان پهرين گذريل 5 سالن ۾ لساني ڌر کي ڏنل سياسي آڪسيجن تي سنڌ جي عوام کان معذرت ڪرڻ گهرجي ۽ ان کانپوءِ سنڌ حڪومت پاران ڪي ايم سي ملازمن جي نالي ۾ هر مهيني ڪروڙين روپين جي مالي مدد هڪ ڌرکي ڏيڻ بند ڪرڻ گهرجي. جڏهن ته سنڌ جي تعليمي بورڊن کان وٺي انڊسٽريز، صحت کاتي، پوليس ۽ لوڪل گورنمينٽ ۾ ٿيل تنظيمي ڪارڪنن جون ڀرتيون هڪدم رد ڪري شهري ڌر جي حلف يافته ڪارڪنن تي مشتمل فورس جيڪو سنڌ جي عوام جي پئسن تي “سٽي وارڊن” جي نالي ۾ پلجي رهيو آهي کي هڪدم ختم ڪرڻو پوندو. ٻي صورت ۾ سنڌي جو عوام پيپلز پارٽي جي انهن سکڻن بيانن کي هڪ سياسي چال سمجهڻ ۾ حق بجانب هوندو. هي سٽون لکندي اڄ جڏهن مون سنڌ حڪومت جي هڪ وزير باتدبير جو سنڌ لاءِ جان قربان ڪرڻ جي دعوائن جو بيان پڙهيو ته مون کي صرف ڏيڍ سال اڳ ان ئي وزير جا چيل اکر ذهن ۾ گونجي رهيا هئا جنهن ۾ ان ساڳئي وزير موصوف پيپلز پارٽي جي ايم ڪيو ايم نواز پاليسين تي تنقيد جي جواب ۾ چيا هئا ته “توهان کي خبر ئي نه آهي اسان ايم ڪيو ايم کي شريڪ ڪري در اصل سنڌ کي بچايو آهي. مهرباني ڪري اسان جي هن قدم جي تعريف ڪيو نه ڪي تنقيد”

ليکڪ انگريزي اخبار دي نيوز جو رپورٽر آهي. هي ليک خصوصي طور تي “افيئر” لاءِ لکيائين

below article banner

پنهنجو رايو ڏيو

توهان جو اي ميل پتو ظاهر نه ڪيو ويندو. گهربل معلومات تي هيءَ نشان لڳل آهي: *

*

You may use these HTML tags and attributes: <a href="" title=""> <abbr title=""> <acronym title=""> <b> <blockquote cite=""> <cite> <code> <del datetime=""> <em> <i> <q cite=""> <strike> <strong>

صفحي جي چوٽيءَ تي وڃو