Home / افيئر / مسئلو آهي مڊل ڪلاس جو!
above article banner

مسئلو آهي مڊل ڪلاس جو!

نديم ايف پراچا
پاڪستان ۾ ٽي اهڙا وڏا موقعا آيا جڏهن مڊل ڪلاس قدامت پسندي جي خول مان ٻاهر نڪري پنهنجي “ انقلابي” سياسي سوچ جو اظهار ڪيو. ان دعويٰ جو پهريون سياسي مظاهرو 60ع جي ڏهاڪي جي پڄاڻي ۾ ٿيو جڏهن نوجوانن فوجي آمر فيلڊ مارشل ايوب خان جي سربراهي ۾ پاڪستان ملٽري- انڊسٽريل ڳٺ جوڙ جي خلاف احتجاج ڪيو.
مڊل ڪلاس جي مجموعي طور قدامت پسند نظرين کي اڳيان رکندي اها اميد ڪئي پئي وئي ته اهو ڪلاس مين اسٽريم ايوب مخالف مذهبي جماعتن سان گڏجي سيڪيولر ڪئپٽيلسٽ فوجي آمريت جي مخالفت ڪندو. ليڪن ڪيترائي نوجوان مرد ۽ عورتون جيڪي ايوب خلاف مظاهرن جي اڳواڻي ڪري رهيا هئا اوچتوکاٻي ڌر طرف مڙي ويا.
ايئن لڳندو هو ته انهن پ پ، نيشنل اسٽوڊنٽس فيڊريشن ۽ نيشنل عوامي پارٽي جهڙين تنظيمن جي وڏي پئماني تي مشهور ڪيل اشتراڪي ۽ سماجي جمهوريت جهڙن نظرين کي قبول ڪري ورتو هو.
ساڄي ڌر جا نظريا ۽ پاڪستاني نوجوان مڊل ڪلاس جي وچ ۾ رومانس 1974ع تائين قائم رهيو يا وري ان وقت تائين جڏهن ان نظرئي جي محبوب ذوالفقار علي ڀٽو هوريان هوريان کاٻي ڌر جي مبالغه آميزي جو چولو لاهي عملي سياست جو کيل کيڏڻ شروع ڪيو. هي ئي اهو وقت هو جڏهن تعليمي ادارن ۾ کاٻي ڌر جو وچئين طبقي سان لاڳاپيل گروهه پنهنجي اندروني ويڙهه سبب مايوسي جو شڪار ٿيڻ لڳا، ان سان پئدا ٿيندڙ خلا کي اسلامي جميعت طلبه جهڙين تنظيمن اچي ڀريو.
انهن ادارن ۾ اسلامي جميعت طلبه (IJT) جي وڌندڙ طاقت، ڀٽو مخالف ۽ کاٻي ڌر مخالف احساسن جي علامت هئي، جيڪي پوءِ هوريان هوريان ملڪ جي شهري مڊل ڪلاس اندر، پئدا ٿيڻ شروع ٿي ويا. ان جو سڀ کان وڏو ڪارڻ ڀٽو جو وڌندڙ آمريتي رويو ۽ سندس اڻ مڪمل سوشلسٽ پاليسيون هيون.
اهو مڊل ڪلاس طبقو جنهن 1960ع ۽ 1970ع جي ڏهاڪي جي شروعاتي ڏينهن ۾ ترقي پسندن سان گڏ آواز اٿاريو هو، اهو آواز 1976ع ۾ هڪ ڀيرو ٻيهر گونجيو ليڪن هن ڀيري هڪ اسلامي، سياسي ۽ اقتصادي نظام جي حاصلات لاءِ. ايئن مڊل ڪلاس مظاهرن جي ٻئي دور جي شروعات ٿي. جيڪو ڀٽو مخالف ساڄي ڌر جي تحريڪ سان گڏ عروج تي پهچي ويو.
دلچسپ ڳالهه اها آهي ته ايوب مخالف تحريڪ دوران مڊل ڪلاس طبقي فوج ۽ صنعتي فيڪٽر کي نشانو بڻايو هو. هن ڀيري اهو ئي صنعتي فيڪٽرکليل نموني ڀٽو مخالف تحريڪ جي سرپرستي ۽ فنڊ مهيا ڪري رهيو هو. ان جي پڄاڻي ڀٽو حڪومت خلاف فوجي بغاوت تي ٿي. اهڙي طرح پاڪستان جي ٽئين فوجي آمر ضياءُ الحق جي آمد ٿي، جنهن چالاڪي سان تحريڪ جو اسلامي طرز اختيار ڪري ورتو.
1980ع جي ڏهاڪي ۾ مڊل ڪلاس ٻن حصن ۾ ورهايل رهيو. هڪ ضياءُ الحق جي نام نهاد اسلامي پاليسين ۽ ٽين دنيا جي جاگيرداراڻي نظام جي آزاد Vision سان جڙيل سياسي ۽ اقتصادي ڍانچي جي حمايت ۽ ٻيو ان جي مخالفت ۾.
تعليمي ادارن ۽ رستن تي قدامت پسند ۽ ترقي پسند گروپن وچ ۾ جنگ جاري رهي. 1988ع ۾ ضياءُ الحق جي موت ۽ جمهوريت جي بحالي تائين مڊل ڪلاس ٿڪجي چڪو هو. ان ڪري 1990ع ۾ هن طبقي طرفان تمام گهٽ سياسي سرگرميون ڏسڻ ۾ آيون. بينظير ڀٽو ۽ ميان نواز شريف نادانسته طور تي ڳجهن ادارن ۽ وڏن ڪاروبارين ۾ ضياءَ الحق جي نظرياتي باقيات جي هٿن ۾ کيڏوڻو بڻيل رهيا.
ڪراچي جو ارادو ڳالهائيندڙ وچولو طبقو، ايم ڪيو ايم جو شيدائي بڻجي سياسي لُڙ ۾ الجهندو ويو، نتيجي ۾ ايم ڪيو ايم جي امڪاني هٿياربند ونگ خلاف رياستي آپريشن ڪيو ويو.
هي ئي اهو زمانو هو جڏهن پاڪستان جو هڪ نئون مڊل ڪلاس نسل سماجي ۽ مذهبي قدامت پرستي کان متاثر ٿيڻ لڳو ۽ ان طبقي (خاص طور پنجاب ۾) پنهنجي روايتي قدامت پسنداڻي مزاج ڏانهن کسڪڻ شروع ڪيو. اهو لاڙو آمريڪا ۾ 9/11 جي ڀيانڪ واقعي کانپوءِ پيدا ٿيندڙ مونجهارن ۽ سڃاڻپ جي بحران ۾ وڌيڪ واضح ٿي ويو. هوريان هوريان مڊل ڪلاس نوجوان مرد ۽ عورتون وڏي انگ ۾ ڊرائنگ روم ۾ ۽ ٽيليويزن جي مبلغن جي اڳواڻي ۾ هلندڙ ننڍن ننڍن انتهائي قدامت پسند گروهن ۾ دلچسپي وٺڻ لڳا.
جيئن جيئن سال 2000ع ۾ فوجي آمر مشرف ڪاسميٽڪ اعتدال جي پردي ۾ اڳتي وڌندو ويو، ميڊيا ۽ رياست ٻئي اسلامائيزيشن جي وڌندڙ لاڙي تي رهيا ۽ اهو لاڙو پاڪ- افغان سرحد جي پهاڙن کان پاڪستاني شهري ڊرائنگ رومن ۾ پنهنجي جاءِ والارڻ لڳو.
تيزي سان ترقي ڪندڙ اليڪٽرانڪ ميڊيا مڊل ڪلاس ۾ ٻيهر جنم وٺندڙ قدامت پرستي کي مذهبي پرچار جي مدد سان هٿي ڏيارڻ شروع ڪئي. اهي حضرات نظرياتي ۽ واپاري طور مڊل ڪلاس جي جوش ۽ سياسي جهڪاءُ جا مددگار ثابت ٿيا. اهڙي ريت مڊل ڪلاس هلچل جي ٽئين دور جي شروعات ٿي.
ليڪن دلچسپ ڳالهه اها آهي ته هن ڀيري اها تحريڪ ملڪ جي مين اسٽريم سياسي پارٽين بدران سوشل ميڊيا تي هلائي وئي. وڌيڪ دلچسپ ڳالهه اها ته مذڪوره سائيبر ۽ ٽي وي لابنگ جيڪي پاڻ کي متبادل تحريڪ طور پيش ڪري رهيا آهن. گهڻي حد تائين منطقي سوچ، بيساخته روئي ۽ قدامت پسند نظرياتي ذهنيت تي ٻڌل هڪ اهڙي عمارت آهي جنهن جي اصل اڏاوت ڪيترائي ڏهاڪا اڳ اسٽيبلشمينٽ ۽ پاڪستان جي سياسي، مذهبي پارٽين ڪئي هئي.
جيستائين مڊل ڪلاس جو هي حصو، انهن کي نامنظور ڪرڻ بدران پاڪستان جي مين اسٽريم سياسي ڍانچي جي اندر رهندي ڪم ڪرڻ جو فيصلو نٿو ڪري وٺي ۽ جمهوريت جي نشونما ۾ حصو نٿو وٺي، اهو ڪنڊي وانگر چڀندو رهندو ۽ ان جي حيثيت فتني کان وڌيڪ ڪجهه نه هوندي.
گهڻو ڇيهه تڏهن به اهي ٽي وي لائونج انقلاب جا چوڌري بڻجي ويندا، يا جيڪڏهن وڌيڪ ڳالهه خراب ٿي ته هڪ عذر خواهه بڻجي نادانسته طور ملڪ جي شهرن ۽ ڳوٺن ۾ ٿيندڙ مذهبي جنونيت ۽ فرقيوار تشدد جي حمايت ڪندا رهندا.

below article banner

پنهنجو رايو ڏيو

توهان جو اي ميل پتو ظاهر نه ڪيو ويندو. گهربل معلومات تي هيءَ نشان لڳل آهي: *

*

You may use these HTML tags and attributes: <a href="" title=""> <abbr title=""> <acronym title=""> <b> <blockquote cite=""> <cite> <code> <del datetime=""> <em> <i> <q cite=""> <strike> <strong>

صفحي جي چوٽيءَ تي وڃو