Home / افيئر / مساڻ ۾ مڙهه کي ساڙڻ کان انڪار پنگريو: هڪ ٻيو انتهاپسندي جو واقعو!
above article banner

مساڻ ۾ مڙهه کي ساڙڻ کان انڪار پنگريو: هڪ ٻيو انتهاپسندي جو واقعو!

الهه بچايو جمالي

سنڌ ديس جا اهي لکين قديم لوڪ جن کي مذهبي بنيادن تي هاڻي اقليتي برادري سڏيو وڃي ٿو. انهن سنڌ جي اصل ڌرتي ڌڻين سان هن ملڪ ۾ جيڪي ڪلور ڪيا وڃن ٿا، اهو ڏسي انسانيت جو ڪنڌ شرم کان جهڪيو وڃي. لوڪ فنڪار ڀوري ڀيل جي لاش سان ڪيل تذليل وارو واقعو اڃا تازو ئي هو ته شادي پلي ۾ نوجوان ناري ڪڪو ڪولهڻ کي وحشت جو نشانو بڻائي قتل ڪيو ويو. جنهن وحشتناڪ واقعي جو ڀوري ڀيل جي سانحي جيئان سنڌ حڪومت ڪو به نوٽيس نه ورتو آهي. تر جا بااثر جاگيردار وڏيرا ۽ مير پير گڏجي قاتلن جي پٺڀرائي ڪري مقتول مظلوم ناري ڪڪو ڪولهڻ جو خون لوڙهڻ لاءِ سرگرم ٿي ويا آهن. اهو ئي سبب آهي جو مقتولا ڪڪو ڪولهڻ جي غريب هاري خاندان کي قتل ڪيس تان هٿ کڻائڻ لاءِ ڌمڪيون ڏيئي کين ڊيڄاري رهيا آهن. تازن اطلاعن موجب مقتولا ڪڪو ڪولهڻ جا مسڪين مائٽ تحفظ نه ملڻ بعد ڊپ مان شادي پلي جي ڳوٺ لالو شريف مان لڏ پلاڻ ڪري، ضلعي ميرپور خاص جي شهر جهڏي ۽ جهلوري ويجهو ڳوٺ ۾ اچي پناهه ورتي آهي. جتي به کين قاتلن مان جان جو خطرو آهي. 

صوفي لوڪ فنڪار ڀوري ڀيل جي لاش کي 6 آڪٽوبر 2013ع تي بدين ضلعي جي شهر پنگريو جي صوفي درويش حاجي فقير جي قبرستان مان انتهاپسند ماڻهن جي هڪ انبوهه مذهبي نعرا هڻندي قبر مان ٻاهر ڪڍي رستن تي گهليو هو. سندن موقف هو ته هندو مذهب سان تعلق رکندڙ ڀوري ڀيل جي لاش کي هو مسلمانن جي قبرستان ۾ دفن ڪرڻ نه ڏيندا. ڀوري ڀيل واري واقعي کان ٺيڪ ٻه مهينا پوءِ 8 ڊسمبر 2013ع تي ساڳي پنگرئي شهر ۾ لوهارڪو ڌنڌو ڪندڙ هندو مذهب سان تعلق رکندڙ ڪاريا لوهار برادري جي پورهيت ماڻهو سردار ڪاريو ديهانت ڪري ويو. سرڳواسي سردار ڪاريي جي مڙهه کي ڪاريا برادري جي ماڻهن اگني سنسڪار ڪرڻ جو فيلصو ڪيو. 

هندو ڪاريا برداري جا ماڻهو سردار ڪاريي جي مڙهه کي مذهبي رسمن مطابق پنگريو شهر ۾ ئي موجود هندن جي مساڻ ۾ ساڙڻ لاءِ کڻي پهتا ته وري ان مساڻ جا ڪي نام نهاد هندو انتهاپسند ڌڻي پاڻ کي اوچي ذات جا سڏائيندڙ پنگريو شهر جا سيٺ ديوان مڇرجي پيا. جن سخت اعتراض ڪندي چيو ته هي لاش گهٽ ذات واري هندو ڪاريي لوهار جو آهي ان جي لاش کي اسين هتي پنهنجي اوچي ذات وارن جي مساڻ ۾ ساڙڻ نه ڏينداسين.

اهڙو ناحق ڏسي فوتي سردار ڪاريي جا مسڪين مائٽ پريشان ٿي ويا. ٻيو ڪو چارو نه ڏسي ڪاريا برداري جي غريب ماڻهن مرهيات سردار ڪاريي جي ارٿي کڻي پنگريو شهر کان 26 ڪلو ميٽر پري ٽنڊي باگي شهر ۾ پهتا جتي انهن هندن جي هڪ مساڻ ۾ لاش جو اڳني سنسڪار ڪيو. ان ڏينهن سردار ڪاريي جي غريب مائٽن رگوير ڪاريي جي اڳواڻي ۾ پنگريو شهر ۾ ديوان سيٺ جي اهڙي غير انساني روئي خلاف سخت احتجاج ڪيو پر هن دردناڪ واقعي ۽ غريب پورهيتن جي ڪيل احتجاج کي ڪا به خاص ڪوريج نه ڏني. جيتوڻيڪ ڀوري ڀيل جي لاش جي بيحرمتي واري واقعي جي ابتدائي رپورٽنگ پڻ پنگريو شهر جي ڪن مرد مجاد صحافين ڪئي هئي.

سنڌ ۾ قومپرست ڌرين ۽ سول سوسائٽي طرفان ڪيل سخت احتجاج ۽ سنڌي ميڊيا ۾ نمايان ڪوريج ڪري ڪيتريون ئي سياسي سماجي شخصيتون ڀوري ڀيل جي مسڪين وارثن وٽ تعزيت لاءِ پهتيون ۽ ڀوري ڀيل جي قبر تي گل نڇاور ڪيا ويا انهن تعزيت ڪرڻ وارن اهم شخصيتن ۾ اويس مظفر ٽپي، ڊاڪٽر ڪريم خواجا، ڊاڪٽر ذوالفقار مرزا، تعلقي ٽنڊي باگي واري تڪ مان پ پ جو چونڊيل ايم پي اي حسنين مرزا، اقليتي برادري جي اڳواڻ ڪشن چند پارواڻي، جسقم اڳواڻ ڊاڪٽر نياز ڪالاڻي ۽ ٻيا شامل هئا. اڳوڻي صوبائي وزير اويس مظفر ٽپي ۽ پ پ اڳواڻ ڊاڪٽر ڪريم خواجه ڀوري ڀيل جي تڏي تي انتهاپسند جوابدارن کي جلد گرفتار ڪري عبرتناڪ سزائون ڏيڻ، واقعي جي نئين ايف آءِ آر داخل ڪرائڻ، ڀوري ڀيل جي قبر پڪي ڪرائي اتي لکين روپين جي لاڳت سان يادگار مينار ٺهرائڻ سميت ڪيترائي ٻيا اعلان ڪيا جن تي اڃا تائين ڪو به عمل ٿي نه سگهيو آهي.

واقعي جا اصل مک جوابدار گرفتار نه ٿيڻ ۽ پنگريو ٿاڻي تي داخل غلط ايف آءِ آر ۾ مک جوابدارن جا نالا شامل نه ٿيڻ ۽ انتهاپسند جوابدران طرفان ڀوري ڀيل جي غريب مائٽن کي موت جون ڌمڪيون ڏيڻ خلاف ڀوري ڀيل جا وارث دانهون ڪندا رهيا پر سندن ڪو به تدارڪ نه ٿي سگهيو. سنڌ حڪومت ۽ بدين پوليس جو هڪ اڳوڻو ايس پي ۽ تر جا ڪي بااثر وڏيرا واقعي کي لئه مٽي ڪرڻ ۽ ڀوري ڀيل کي جوابدارن سان ٺاهه ڪرڻ لاءِ دٻاءُ وجهندا رهيا. بدين پوليس ۽ حڪومت کان مايوس ٿي ڀوري جي ڀاءُ موتي ڀيل جڏهن سنڌ هاءِ ڪورٽ حيدرآباد ۾ پنهنجي وڪيل معرفت واقعي جي نئين ايف آءِ آر داخل ڪرڻ ۽ مک جوابدارن کي گرفتار ڪرڻ لاءِ درخواست داخل ڪئي، جنهن تان مڇرجي واقعي ۾ ملوث ساڳيا مک جوابدار عابد ۽ عامر ، مظفر آرائين ۽ قاري عبدالباسط، خميسو لغاري، اڪبر کوسو، اعجاز سمون ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ 18 نومبر تي ٻيهر پنگريو شهر ۾ زبردستي هڙتال ڪرائي ڪاروبار بند ڪرايو ويو. ساڳيا ڀوري ڀيل جي واقعي ۾ ملوث ماڻهو سڄو ڏينهن شهر جي رستن تي ڏاڍ مڙسي جو مظاهرو ڪندا رهيا. هنن سڄي شهر کي سڱن تي کنيو، ڀوري ڀيل جي وارثن کي ڪيس تان هٿ نه کڻڻ جي صورت ۾ قتل جون ڌمڪيون پنگريو ۽ بدين پوليس جي سامهون ڏنيون.

ان ڏينهن پڻ 6 آڪٽوبر جيئان بدين پوليس جا وڏا اٽالا مذهبي انتهاپسندن اڳيان بيوس ٿي بيٺل رهيا. ان ڏينهن اها پڻ ڌمڪي ڏني وئي ته اهي اولياءِ حاجي فقير سميت مسلمانن جي ٻي ڪنهن به قبرستان ۾ سنڌي هندن جا لاش دفن ڪرڻ نه ڏيندا. هڪ عجيب اتفاق اهو ٿيو ته 6 آڪٽوبر تي ڀوري ڀيل جي لاش جي بي حرمتي وارو واقعو آچر واري ڏينهن پيش آيو ۽ سردار ڪارئي جي واقعي وارو ڏينهن پڻ آچر جو هو. هي ٻئي ڏکوئيندڙ واقعا بدين ضلعي جي هڪڙي شهر پنگريو ۾ پيش آيا. ڀوري ڀيل جي واقعي ۾ انتهاپسند ملان ۽ مولوي ملوث آهن ۽ ان واقعي جي مک جوابدارن ۾ اڪثريت وري انهن ماڻهن جي آهي جيڪي غير مقامي آهن. سردار ڪارئي جي لاش سان پيش آيل واقعي جي مک جوابدران ۾ مبينه طور سيٺ جيئا رام ۽ سيٺ چيتن لال لهاڻي جو تعلق هندو ڌرم سان آهي، اهي قديم سنڌي آهن ۽ سندن مادري ٻولي پڻ سنڌي آهي. سندن لڇڻ ساڳيا برهڻن وارا آهن.

پنگريو شهر ۾ حاجي فقير جي قبرستان مان انتهاپسندن ڀوري ڀيل جو لاش قبر مان ڪڍي اهو چئي ان جي بي حرمتي ڪئي ته هي فقط مسلمانن جو قبرستان آهي جنهن ۾ هندو ڌرم جي ڪنهن به انسان کي اسين ڌرتي ۾ دفن ٿيڻ نه ڏينداسين. ساڳئي ئي شهر ۾ هندو ڌرم جي مساڻ جي مالڪ ۽ پاڻ کي اتم ذات جو سڏائيندڙ سرمائيدار ديوان وٽ آهي. چوديواري ڏياري ان مساڻ جي دروازي جون چاٻيون سيٺ جيٺا نند ۽ سيٺ چيتن لال جي حوالي ٿيل آهن جن اهو چئي پورهيت سردار لوهار جي لاش کي هندن جي مساڻ ۾ ساڙڻ نه ڏنو ته فوتي گهٽ ذات وارو هو، هي مساڻ اتم ذات وارن هندن جو آهي. ڪيڏو نه ظلم آهي هن اوچ نيچ واري طبقاتي سماج ۾، ڀيل ڪولهي ۽ ميگهواڙ ۽ ڪاريا لوهار جيڪي آريا ۽ درواڙي نسل سان تعلق رکندڙ انهن قديم سنڌي لوڪن سان هن مهذب جديد ترقي يافته زماني ۾ اڄوڪي سنڌ اندر اهڙي قيامت واري ڪار اچي ٿي آهي جو انهن مسڪين ماڻهن جي لاش کي هڪڙا اسان جا دين جا اثر ڌرتي ماءُ ۾ دفن ڪرڻ نٿا ڏين ۽ ٻيا هندو ڌرم جا برهمڻ ۽ پنڊت مساڻن ۾ ساڙڻ نه ٿا ڏين.

دين اسلام ته انقلابي مذهب آهي جيڪو امن ۽ پيار جو درس ڏئي ٿو پر قديم هندو ڌرم سميت ٻيو ڪو به مذهب نفرت جو پرچار نٿو ڪري سڀئي مذهب انسانيت سان محبت ڪرڻ کي ئي عبادت ڄاڻين ٿا ته پوءِ هي ڪير ۽ ڪهڙا ماڻهو آهن جيڪي مذهبن جي نالي ۾ هن قسم جا ڪيس ڪن ٿا. صوفين جي سنڌ ۾ انتهائي بربريت وارا اهڙا ڏيل ڏاريندڙ واقعا ڏهاڙي وڌي رهيا آهن جن جي روڪٿام لازمي آهي. اڳ سنڌ سميت هن ملڪ ۾ انتهاپسند مذهبي دهشتگردي جي سمورن واقعن ۾ جهادي تنظيمون ۽ گروپ ملوث رهيا آهن. جيڪي مذهب ۽ فرقن جي بنياد تي قتل ۽ غارتگيري ڪري دين کي سڄي دنيا ۾ بدنام ڪري رهيا آهن.

انڪري انهن ديوان سيٺن کي گهرجي ته اهي بنا دير جي پنهنجي روش تبديل ڪري، شاهه، سچل، سامي جي انسانيت سان محبت ڪرڻ واري لافاني واٽ وٺن. سنڌ جا ڪاريا لوهار به اصل ۾ اڻ آريا قديم لوڪ آهن جن کي دلت ۽ هرجن چيو وڃي ٿو. ڪولهي ڀيل ۽ ميگهواڙن جيان اهي به غريب هئڻ ڪري پنهنجي لاشن کي ڌرتي ۾ دفن ڪندا آهن ۽ وري ڪنهن اڳواڻ ۽ پٽيل کي ساڙيو ويندو آهي. 

ڪاريا لوهارن مان ڪن ڪڙمن وارا پاڻ کي اڻ ڄاڻائي سبب اوچي ذات جا راجپوت سڏائين ٿا پر اتم ذات وارو مذهبي هندو ۽ ٺڪر راجپوت کين دلت سمجهي هنن کان سخت نفرت ڪن ٿا. هندو ڌرم ۾ غير انساني اوچ نيچ وارو اهو نفرتن جو آڙاهه هزارين سال اڳ هندو مذهب جي باني نسل پرست ڪٺوردل چوٿير برهمڻ جو ٻاريل آهي، جيڪو سڄي ننڍي کنڊ ۾ اڄ ڏينهن تائين ڀنڀٽ ڪري رهيو آهي، جنهن ظلم خلاف سڀ کان سگهارو آواز دلتن جي ديوتا عظيم اڳواڻ ڊاڪٽر ڀيم راءِ اميد ڪر بلند ڪيو، جنهن چيو ته کنڊ جي ڪروڙين دلتن جو هندو ڌرم سان ڪو به تعلق ناهي، هندو ڌرم آرين جو هٿرادو ٺاهيل آهي. دلت نه هندو آهن نه مسلمان انسانيت ئي انهن جو ڌرم آهي. سردار ڪاريي واري واقعي پڻ اهو سچ ثابت ڪري ڏيکاريو آهي.

 

below article banner

پنهنجو رايو ڏيو

توهان جو اي ميل پتو ظاهر نه ڪيو ويندو. گهربل معلومات تي هيءَ نشان لڳل آهي: *

*

You may use these HTML tags and attributes: <a href="" title=""> <abbr title=""> <acronym title=""> <b> <blockquote cite=""> <cite> <code> <del datetime=""> <em> <i> <q cite=""> <strike> <strong>

صفحي جي چوٽيءَ تي وڃو