Home / افيئر / مسٽر ڪلاشنڪوف، جيڪو هاڻ دنيا ۾ نه رهيو آهي!
above article banner

مسٽر ڪلاشنڪوف، جيڪو هاڻ دنيا ۾ نه رهيو آهي!

1947ع ۾ پنهنجي ايجاد کانپوءِ سڄي دنيا جي جنگين ۽ تڪرارن ۾ استعمال ٿيندڙ ڪلاشنڪوف وسيلي شهرت حاصل ڪندڙ ان هٿيار جو موجد ميخائل فيوچ ڪلاشنڪوف سال 2013ع جي پڇاڙ ڪن ڏينهن ۾ 94 ورهين جي ڄمار ۾ هي جهان ڇڏي ٻئي جهان ڏانهن هليو ويو.
ڪلاشنڪوف جي نالي سان شهرت حاصل ڪندڙ هٿيار AK:47 رائفل کي 1942ع ۾ ڊزائن ڪيو ويو هو. جنهن جو پهريون نالو “ايٽو ميٽ ڪلاشنڪوف” يعني آٽوميٽڪ ڪلاشنڪوف هو.
ٻي مهاڀاري جنگ دوران نازين اسٽالن گرا جو گهيرو ڪيو هو ۽ روسي فوجي محاذ تي اهي ان ڪري نه پئي ماريا ويا جو ايئن نه هو ته روسين کي ڪمڪ نه ملي رهي هئي يا رسد جي کوٽ هئي بلڪه حيقيقت اها هئي ته سندن مقابلي ۾ جرمن فوجي تيزترين MP:44 مشين گنن سان ليس هئا. بس اتان ئي مسٽر ڪلاشنڪوف کي به اهڙي ئي رائفل ٺاهڻ جوخيال آيو.
ان کانپوءِ موغاديشو جي ويڙهاڪن کان وٺي لائبيريا جي ٻارڙن جي فوج، افغانستان جي مجاهدن کان وٺي ويٽنام ۽ چي گويرا کان الفتح تائين، AK:47، ڪراشنڪوف سڀني جو مقبول ترين ۽ پسند جو هٿيار آهي. انهي حد تائين جو قومي جذبي طور ان هٿيار موزمبيق جي قومي جهنڊي ۾ به پنهنجي جاءِ پئدا ڪئي.
ڪلاشنڪوف ڊزائن يعني AK-47 جي هوبهونقل آسان آهي (جڏهن ته ان جي ڊزائين جا مالڪاڻا حق به نه آهن) گڏوگڏ اها ڪنهن خاص ماحول جي حوالي سان به ڊزائين ناهي ڪئي وئي. ان ڪري گهم توڙي ريگستاني هر طرح جي ماحول ۾ ڪارگر هٿيار آهي جڏهن ته اڪثر جديد ڊزائين ۾ ٺاهيل ر ائفلون گهم ۽ ريگستان ۾ استعمال دوران جام ٿي وينديون آهن. ڪلاشنڪوف جي اها ئي خوبي ان جي مقبوليت ۽ سڄي دنيا ۾ لکن جي تعداد ۾ تيار ٿيڻ جو ڪارڻ ٿي.
هڪ محتاط اندازي موجب، حقيقت هي آهي ته هن زمين تي آباد ستر مان هڪ شخص وٽ روسي ڪلاشنڪوف موجود آهي جڏهن ته انهن ڪاٿن ۾ پاڪستان سميت سڄي دنيا ۾ پکڙيل ڪلاشنڪوفون شامل نه آهن، جيڪي روسي رائفل جي هوبهو نقل آهن.
ويجهڙ جي ڏهاڪن دوران هن ملڪ جي صورتحال سبب ڪلاشنڪوف ڪلچر کي وڏي ٿي ملي آهي. 1980ع واري ڏهاڪي دوران پاڪستاني سماج ۾ (ڪلاشنڪوف سان گڏ) هٿيارن جو رجحان شروع ٿي ويو هو، جيڪو اڃا تائين ڦهلجي رهيو آهي ۽ ان جي ختم ٿيڻ جا ڪي به آثار نظر نٿا اچن.
بهرحال، مسٽر ڪلاشنڪوف جي موت ان ڳالهه جو مظهر آهي ته ڪنهن به هٿيار جي خطرناڪ هجڻ جو مدار ان ڳالهه تي آهي ته اهو ڪهڙن هٿن ۾ آهي. پاڪستان ۾ تشدد کي منهن ڏيڻ ۽ امن لاءِ رستا ته موجود آهن ليڪن انهن لاءِ تمام گهڻيون رڪاوٽون پڻ آهن.

below article banner

پنهنجو رايو ڏيو

توهان جو اي ميل پتو ظاهر نه ڪيو ويندو. گهربل معلومات تي هيءَ نشان لڳل آهي: *

*

You may use these HTML tags and attributes: <a href="" title=""> <abbr title=""> <acronym title=""> <b> <blockquote cite=""> <cite> <code> <del datetime=""> <em> <i> <q cite=""> <strike> <strong>

صفحي جي چوٽيءَ تي وڃو