Home / افيئر / مشرف کي پرڏيهه موڪلڻ جو اسڪرپٽ لکجي چڪو آهي؟
above article banner

مشرف کي پرڏيهه موڪلڻ جو اسڪرپٽ لکجي چڪو آهي؟

A Reporter

تاريخ سان رومانس ڪندڙن کي ممڪن آهي ته ان ڳاله جو يقين هجي ته نواز شريف کي هٿڪڙيون هڻائيندڙ جنرل مشرف جنهن پنهنجي ئي هڪ عدالت پاران ميان نواز شريف کي جهاز اغوا ڪرڻ جي ڪيس ۾ عمر قيد جي سزا ڏياري هئي، جڏهن خادمين حرمين شريفين ميان صاحبن جي جند ڇڏائڻ لاءِ ضمانت ڏني ته هڪ معاهدي تحت کيس جيل مان ڪڍي جدي روانو ڪيو ويو، ڇا نواز شريف هن دفعي پنهنجي ضامنن جو اهو ٿورو لاهي سگهندو جيڪو هِنن مشرف کي منٿ ڪري نواز شريف مٿان ڪيو هو؟

جيتوڻيڪ ميان نواز شريف جي گهڻو وقت اڳ ڪيل ان ڳالهه کي ڪجهه ڏينهن اڳ ۾ وزيردفاع خواجا آصف وري ورجايو آهي ته 12 آڪٽوبر 1999ع تي جنرل مشرف جيڪو راتاهو هنيو هو ،اسان هُن کي معاف ڪري ڇڏيو آهي. وزيردفاع جي انهي ڳالهه مان واضح ٿي ويو آهي ته ڪجهه نه ڪجهه پردي جي پويان ضرور ٿي رهيو آهي. بس ٿورو انتظار آهي، جيئن ريهرسل پوري ٿي، اسٽيج تي ڊرامي ٿيڻ کان اڳ ۾ اهو پردو کلندو ۽ پوءِ سڀ ڪجهه سامهون اچي ويندو، فنڪارن جي فن جي خبر به پوندي ۽ سامعين کي داد ڏيڻ جو به موقعو ملي سگهندو!

پاڪستان جي گادي واري شهر ۾ هن وقت گرمي جو پد ڪاٽو 3 کان به گهٽ آهي، سئ جي شدت اهڙي آهي، جو آڱرين جا پوَر سڙن ٿا، پر اقتداري ايوانن ۾ ويٺل اهم اڳواڻ پگهر ۾ شم آهن، وڻن تان پن ڇڻي زمين تي وکري رهيا آهن، ۽ ان مٿان جڏهن ڪو هلي ٿو ته پنن جي چيڀاٽجڻ جو احساس انهن جي چرچر جي آواز سان ٿئي ٿو، هن وقت اسلام آباد جا وڻ گنجا ٿي رهيا آهن!!

جيسائين بهار اچي تيستائين مشرف جي وڪيل احمد رضا قصوري کي اميد آهي ته هن ملڪ ۾ گهڻو ڪجهه تبديل ٿي چڪو هوندو، اسان جي خواهش آهي ته قصوري جون خواهشون پوريون نه ٿين ۽ هو بي مراد ٿئي، ڇاڪاڻ ته هو جنهن جو وڪيل آهي، تنهن هن ملڪ سان اهڙي ڪئي جهڙي ٻرڙي ٻارن سان به نه ڪئي هئي. ان ڪري آئين جو آرٽيڪل 6 مٿس ثابت ٿئي، هن لاءِ جوڙيل خاص عدالت پنهنجو ڪم پورو ڪري. حساب برابر ٿئي، خدا خلق جي عزت ٿئي ، آئين جو احترام ٿئي، هن ملڪ ۾ سياست ۽ سياستدان به سوڀارا ٿين، ۽ عوامي حڪومتن مٿان لڳندڙ راتاهن کي هميشه لاءِ ٻنجو به اچي وڃي، جي ائين ٿي وڃي ته ڄڻ اسان جو جيئڻ سجايو ٿيو!

پر ڇا ڪجي!؟ خواهشن جي خامي اها آهي ته انهن جي پوري ٿيڻ جي ضمانت جو تعلق زميني حقيقتن سان ڳنڍيل آهي. جيڪڏهن بيانن سان سياست تبديل ٿئي ها ته بلاول ڀٽو زرداري جي پنهنجي پارٽي جو حال اهڙو خراب نه هجي ها. ان ڪري خواهش ڪرڻ هر ڪنهن جو حق آهي، پر ان جي پوري ٿيڻ جي ضمانت تڏهن ممڪن آهي جڏهن مضبوط ارداي سان گڏ فيصلو ڪرڻ جي طاقت ۽ آس پاس جون حالتون به حق ۾ هجن، ۽ اها طاقت تڏهن ممڪن آهي جڏهن عوام جا اهي نمائندا مڪمل بااختيار ۽ لالچ جي لست کان آجا هجن.جن رياستي وسيلن کي استعمال ڪري پنهنجا اربين رپين جا اثاثا نه ٺاهيا هجن.

پاڪستان ۾ اهو پهريون ڀيرو ٿي رهيو آهي جڏهن ملڪ جي هڪ اڳوڻي آمر مٿان آئين جي آرٽيڪل 6 تحت سنگين غداري جو ڪيس هلڻ شروع ٿيو آهي، جنرل مشرف چالاڪ وڪيلن جو هڪ اهڙو پينل تيار ڪيو آهي، جيڪي ماضي ۾ به هن سان گڏ رهيا آهن، شريف الدين پيرزادو وڪيلن جي انهي پينل جو سربراھ آهي. خاص عدالت هيستائين 4 ٻڌڻيون ڪري چڪي آهي، جنهن ۾ جنرل پرويز مشرف اڃا پيش نه ٿيو آهي، ٽئين ٻڌڻي تي کيس پيش ٿيڻو هو پر هو عدالت ۾ اچڻ بدران 2 جنوري تي پنهنجي “پنڊ” پنڊي هليو ويو، مشرف جي حلقن جي ويجهن ذريعن اهي خبرون هلرايون آهن ته جنرل مشرف کي دل جي تڪيلف ٿي آهي ، جڏهن ته اي پي ايم ايل جي ترجمان آسيه ناصر هڪ ٽي وي پروگرام ۾ چيو ته مشرف کي دل جو دورو پيو آهي، پر 2 ڏينهن گذرڻ باجود اڃا تائين ڪجهه به واضح ناهي، سڀ ڳالھيون آهن، ڪي ذهن جي زور تي ۽ ڪي مٿان کان آيل خبرون پنهنجن ادارن تائين پهچائي رهيا آهن.

هن وقت صورتحال اها آهي ته جنرل مشرف ڪنهن به صورت ۾ انهي عدالت ۾ پيش ٿيڻ لاءِ تيار ناهي، جيڪا رڳو هن لاءِ ئي قائم ڪئي وئي آهي. هن جو موقف ۽ ضد آهي ته هن آرمي چيف جي حيثيت ۾ 3 نومبر 2007ع تي ملڪ ۾ ايمرجنسي لاڳو ڪئي هئي، ان ڪري مٿس ڪيس به فوجي عدالت ۾ هلايو وڃي، ان سلسلي ۾ سندس ريجمينٽ اهو ڪيس ڪورٽ مارشل لاءِ موڪلي سگهي ٿي. اهو ئي سبب آهي ته مشرف انهي خاص عدالت جي قيام، ججن ۽ سرڪاري وڪيل جي مقرري تي اعتراض وارڻ جون درخواستون اڳي ئي ان عدالت ۾ جمع ڪرايون آهن، جنهن تي دليل به ڏنا ويا آهن. پر اڃا تائين خاص عدالت ان باري ۾ ڪوبه فيصلو نه ڪيو آهي. هن وقت عدالت ۾ اهو مسئلو غور هيٺ آهي ته جنرل مشرف هن عدالت ۾ پيش ٿي پنهنجو موقف پيش ڪري جيئن معاملو اڳتي وڌي، عدالت هيستائين ٻه ڀيرا مشرف کي سندس پيشي جي حوالي سان ڇوٽ ڏئي چڪي آهي، جڏهن ته هن جي بيمار ٿيڻ واري واقعي بعد فوجي اسپتال جي ميڊيڪل سرٽيفڪيٽن جي آڌار تي کيس ٽيون ڀيرو به حاضري کان ڇوٽ ملڻ جا امڪان آهن، ڇاڪاڻ ته اها ڇوٽ انساني بنيادن تي هن جو حق هوندي.

جنرل مشرف جي معاملي جو جائزو وٺجي ته اسان کي خبر پوي ٿي ته هو هڪ طرف ملڪ جو اڳوڻو آرمي چيف ۽ صدر آهي ته ٻئي طرف هو هڪ سياسي پارٽي جو سربراھ به آهي، هن جي وطن واپسي به هڪ سياسي پارٽي جي سربراھ طور تي ٿي هئي، اهو ئي سبب آهي ته اڳوڻي آرمي چيف اشفاق پرويز ڪياني سان هن جي ناراضگي جو سبب به اهو هو ته ڪياني مشرف جي مدد ڪرڻ جي حوالي سان اهو چئي جواب ڏنو هوته هو هاڻي هڪ سياسي پارٽي جو سربراھ آهي، پر انهن ڏينهن ۾ اڃا مشرف مٿان سنگين غداري جو ڪيس داخل ڪرڻ جي حوالي سان عدالت جو قيام عمل ۾ نه آيو هو، مشرف کي جيڪڏهن هن ملڪ ۾ سياست ڪرڻي آهي ته کيس عدالت ۾ وڃي پنهنجي ان موقف کي دليري سان ورجائڻ گهرجي ها ته هُن ملڪ جي مفاد ۾ آئين معطل ڪيو هو. پر کيس ايتري اخلاقي جرئت ناهي، ڇاڪاڻ ته چور ڪيترو به طاقتور هجي پر اهو اندران ڪمزور ئي هوندو آهي، ان ڪري هو ڪنهن به صورت ۾ ان عدالت ۾ پيش ٿيڻ نٿو چاهي، جنهن ۾ مٿس غداري جو ڪيس هلي، توڙي جو هو هن وقت تائين مختلف ڪيس ۾ عدالتن ۾ پيش ٿيندو رهيو آهي، مشرف هن وقت ڪنهن به ڪيس ۾ گرفتار ناهي، مختلف ڪيسن ۾ سندس ضمانتون ٿي چڪيون آهن، ان ڪري عدالت في الحال ان وقت تائين هن خلاف ڪوبه حڪم جاري ڪرڻ جي پوزيشن ۾ ناهي جيستائين اهڙو موقعو اچي. جنرل مشرف جي عدالت ۾ پيش ٿيڻ واري ڏينهن جي ڪهاڻي به ڪافي دلچسپ آهي، 2جنوري تي جنرل مشرف اسلام آباد ۾ پنهنجي چڪ شهزاد واري گهران هڪ وڏي سيڪيورٽي ۾ روانو ٿيو ته اها ڪنهن کي به خبر نه هئي ته هو عدالت ۾ پيش ٿيڻ بدران پنڊي ۾ آرمڊ فورسز جي دل واري اسپتال پهچي ويندو، مشرف خلاف قائم ڪيل خاص عدالت شاهراھ دستور تي موجود وزيراعظم سيڪريٽريٽ جي بلڪل پويان نيشنل لائبرري جي آڊيٽوريم هال ۾ ٺاهي وئي آهي، انهي لائيبرري کي ڪنٽينرن سان مڪمل سيل ڪيو ويو آهي، نيشنل لائبرري ۽ مشرف جي گهر جي رستي جي وچ۾ 7 ڪلوميٽرن جو فاصلو آهي، اهو روٽ چڪ شهزاد کان راول چوڪ ، اتان کان ڪشمير چوڪ کان ٿيندو سيرينا هوٽل ۽ اتان کان فارين آفيس واري روڊ تان اڳتي سگنل جي ساڄي پاسي تائين هڪ هزار جي لڳ ڀڳ سيڪيورٽي اهلڪار مقرر ڪيل هئا. اهو سوال پنهنجي جاءِ تي موجود آهي ته ڇا راول چوڪ کان فيض آباد ڏانهن ويندڙ رستي تي به روٽ لڳل هو جيڪو رستو پنڊي جي اي ايف سي آءِ اسپتال ڏانهن وڃي ٿو، جيڪڏهن مشرف جي حلقن پاران ان دعويٰ کي مڃي به وٺجي ته کيس رستي هلندي ئي مشرف کي دل ۾ تڪليف ٿي ته ڇا مشرف سان گڏ گاڏي ۾ ڊاڪٽر موجود هو؟ جنهن کيس فوري طور تي اها صلاح ڏني هجي ته کيس پنڊي واري فوجي اسپتال وٺي هلو، جڏهن ته اهو ممڪن ناهي، ان ڪري ته مشرف ڪو مريض نه هو جنهن سان گڏ ڊاڪٽر موجود هجي، پر جيڪڏهن ائين مڃي به وٺجي ته مشرف کي تڪليف ٿي ته پوءِ به ان ڳالهه جي شاهدي ڪٿان به نه ملي آهي ته مشرف ،جنهن کي باڪس سيڪيورٽي مليل هئي جو اهو قافلو ڪنهن هنگامي صورتحال ۾ ڪٿي چند منٽن لاءِ به بيٺو هجي ۽ ڊاڪٽر ڪنهن ٻي گاڏي مان لهي کيس تپاسيو هجي ۽ پوءِ هن عدالت بدران اسپتال هلڻ جي صلاح ڏني هجي، چون ٿا ته جيئن اهو قافلو راول چوڪ پهتو ته اتان کان ساڄي پاسي مُڙڻ بدران کاٻي پاسي ٽرن ٿي ويو جيڪو رستو پنڊي ٿي ويو ۽ اتي اڳواٽ روٽ لڳل هو۽ ٽريفڪ ۽ عام اڄ وڃ بند هئي، ڇاڪاڻ ته اهو ممڪن ئي ناهي ته بنا روٽ جي مشرف کي پنڊي نيو وڃي ها، هتي اڃا هڪ ٻيو سوال به پيدا ٿئي ٿو ته اسلام آباد ۾ شفا انٽرنيشنل عالمي سطح جي هڪ اسپتال آهي، جڏهن ته سرڪاري طور تي پمز اسپتال به موجود آهي، ان باوجود پنڊي جي فوجي اسپتال جي چونڊ ڪرڻ مان واضح آهي ته اهو اڳواٽ رٿيل پلان هو ، جنهن تي رڳو عمل ڪرايو ويو، مشرف جي اسپتال داخل ٿيڻ بعد به انيڪ خبرون هلرايون ويون آهن، جن جو هڪ ٻئي سان تعلق جڙيل نظر نٿو اچي، ڪٿان ڪا خبر اچي ٿي ته مشرف جي دل جون رڳون بند آهن ،ڪو اها ڳالهه ڪري ٿو ته سندس ٽيسٽون نارمل آيون آهن، ڪي چون ٿا ته اهي ٽيسٽون آمريڪا ۽ برطانيا موڪليون وينديون، جنهن بعد اهو فيصلو ڪيو ويندو ته مشرف کي علاج لاءِ پرڏيهه موڪلجي يا نه؟ جڏهن ته مشرف جي گهر واري چند ڪلاڪن بعد واپس رواني به ٿي وئي آهي، ان مان اندازو لڳائي سگهجي ٿو ته مشرف ڪيترو بيمار آهي!

اسان جي پڙهندڙن کي ياد هوندو ته مشرف کي خاص عدالت پاران جيئن طلب ڪرڻ جو نوٽيس جاري ڪيو ويو هو ته ان ڏينهن کان مشرف جي گهر جي ڀرپاسي کان بارودي مواد ملڻ جو سلسلو شروع ٿي ويو هو، جڏهن ته مشرف جي گهر جي آس پاس سيڪيورٽي ايتري سخت آهي جو ان طرف ڪو پکي به پر نٿو هڻي سگهي، پر مليل ڪوبه بم نه ڦاٽو آهي، اهڙي ريت مشرف جي انهي دل واري مرض کي به ان ئي پسمنظر ۾ ڏسي سگهجي ٿو.

پاڪستان ۾ عام ماڻهو جنهن جي پنهنجي شهر يا ڳوٺ ۾ چڱي مڙس تائين به رسائي ناهي هاڻي اهو به اها ڳالھ ڪندي نظر اچي ٿو ته مشرف کي ڪجھ به نه ٿيندو، ان نه ٿيڻ بابت ان عام ماڻهو جو دليل اهو آهي ته هو فوجي آهي، عام ماڻهو جي ان دليل کي ان وقت وڌيڪ طاقت ملي ٿي جڏهن مشرف اها ڳالھ ڪري ٿو ته مٿس غداري ڪيس جي حوالي سان فوج اندر سخت پريشاني آهي، پر فوج مشرف جي ان ڳالھ کان ڪابه لاتعلقي ظاهر ڪرڻ لاءِ تيار ناهي، جيتوڻيڪ وزيردفاع خواجا آصف اها ڳالھ ڪئي آهي ته فوج جو ان سڄي معاملي سان ڪوبه تعلق ناهي، هو وزير دفاع جي حيثيت ۾ اها ڳالھ ڪري ٿو، پر سچ اهو آهي ته خواجا آصف جي ڳالھ تي ڪوبه عام يا خاص ماڻهو اعتبار ڪرڻ لاءِ ان ڪري تيار ناهي ته جيڪڏهن جماعت اسلامي پاران حڪيم الله محسود کي شهيد قرار ڏيڻ واري مسئلي تي آءِ ايس پي آر سياسي پريس رليز جاري ڪري سگهي ٿي ته هن مسئلي تي هيستائين ڇو خاموش آهي. ان ڪري جيئن جيئن ڏينهن گذرن پيا حڪومت جي ان مسئلي تي پوزيشن ڪمزور ٿيندي وڃي، هاڻي اهي ڳالھيون به هلڻ شروع ٿي ويون آهن ته مشرف کي علاج جي بهاني پرڏيھ موڪلڻ جون تياريون شروع ٿي ويون آهن، ان سلسلي ۾ سعودي عرب جو پرڏيهي وزير به دوري تي پهچي رهيو آهي، جنهن کي مشرف جي معاملي سان ڳنڊيو پيو وڃي، پاڪستان ۾ هن وقت جيڪڏهن هي سياسي حڪومت مشرف جي ڪيس ۾ ڦاٿل آهي ته آجي فوج به ناهي، فوج جي خاموشي ان ڳالھ کي واضح ڪري ٿي ته هو مشرف مان هٿ ڪڍڻ لاءِ تيار ناهي، جيڪڏهن حڪومت علاج بهاني ئي مشرف کي پرڏيھ موڪلڻ جي اجازت ڏيڻ لاءِ سندس نالو ايگزٽ ڪنٽرول لسٽ مان ڪڍي ٿي ته کيس ايڏو وڏو سياسي ڌڪ لڳندو جنهن مان هو تڪڙو نه نڪري سگهندي، ۽ عوام جو حڪومت مٿان اهو پريشر وڌي ويندو ته هو مشرف جي غير موجودگي ۾ ئي اهو ڪيس هلائي انجام تي پهچائي. ان ڪري فوج اڃا به وڌيڪ ڦاٿل آهي، ڇاڪاڻ ته جيڪڏهن مشرف هليو به وڃي، پر اها خاص عدالت ته موجود هوندي، جيڪا سندس غير موجودگي ۾ به ڪيس هلائي سگهي ٿي، جيڪڏهن مشرف جي غيرموجودگي ۾ کيس سزا ڏني ٿي وڃي ته اهو به پاڪستان ۾ هڪ مثال قائم ٿيندو، جيڪو ڪنهن به صورت ۾ فوج کي قبول نه هوندو، جيڪڏهن فوج مشرف مان هٿ ڪڍي وڃي ته اهو ئي هُن لاءِ ۽ ملڪ لاءِ بهتر آهي، ٻي صورت ۾ وڏين عوامي سياسي پارٽين ۽ فوج جي وچ ۾ ٽڪراءِ جا خدشا موجود رهندا

 

below article banner

پنهنجو رايو ڏيو

توهان جو اي ميل پتو ظاهر نه ڪيو ويندو. گهربل معلومات تي هيءَ نشان لڳل آهي: *

*

You may use these HTML tags and attributes: <a href="" title=""> <abbr title=""> <acronym title=""> <b> <blockquote cite=""> <cite> <code> <del datetime=""> <em> <i> <q cite=""> <strike> <strong>

صفحي جي چوٽيءَ تي وڃو