Home / افيئر / منٽو جو لڪشمي مينشن
above article banner

منٽو جو لڪشمي مينشن

اختر بلوچ

“لڪشمي هندو ڌرم ” ۾ دولت جي ديوي کي چيو وڃي ٿو. لڪشمي کي خوشحالي جي علامت سمجهو ويندو آهي ۽ ان جي پوڄا به ڪئي ويندي آهي. هندن کي پڪ آهي ته جيڪڏهن لڪشمي ديوي ڪنهن کان رسي وڃي ته هو ڪنگال ٿي وڃي ٿو ۽ ڪٿي جو نه ٿو رهي. لڪشمي جي نالي سان پاڪستان ۾ ٻه عمارتون آهن، هڪ ايم اي جناح روڊ ڪراچي تي آهي جڏهن ته ٻي عمارت لاهور شهر جي مشهور مال روڊ جي ويجهو آهي. لاهور ۾ لڪشمي چوڪ به آهي. لڪشمي مينشن لاهور ۾ اردو جي نالي وارو اديب ۽ا فسانا نگار سعادت حسن منٽو رهندو هو. ان کانسواءِ اڳوڻو نگران وزيراعظم ملڪ معراج خالد ۽ مشهور دانشور عائشه جلال جو والد به اتي ئي رهندو هو. ملڪ معراج خالد ۽ عائشه جلال جو ڪٽنب به ان عمارت مان ڪنهن ٻي جاءِ تي منتقل ٿي ويو، جڏهن ته منٽو صاحب جي ٻي نياڻي نگهت بشير به انهي عمارت جي هڪ فليٽ ۾ رهي ٿي. مون سعادت حسن منٽو جي نياڻي نگهت بشير سان عمارت سان لاڳاپيل سندس يادگيرين جي باري ۾ ڳالهه ٻولهه ڪئي ۽ علائقي جي هڪ بزرگ رهائشي جوهر عباس صاحب سان به ڳالهه ٻولهه ڪئي. جوهر صاحب هن وقت لڳ ڀڳ 100 ورهين جو هوندو،  هو منٽو کان هڪ لفظ “چغد” جي معنيٰ ڄاڻڻ پيو چاهي، ليڪن سندس خواهش هڪ حسرت ئي رهي. هو اهو ڇو پيو ڄاڻڻ چاهي؟ ان جو ذڪر ساڻس ڪيل ڳالهه ٻولهه ۾ ملي ويندو.

ڪراچي جي لڪشمي بلڊنگ جي نالي سان تاريخدان عثمان دموئي پنهنجي ڪتاب“ ڪراچي تاريخ جي آئيني ۾” ۾ لکي ٿو ته: پاڪستان ٺهڻ کان اڳ هي عمارت ڪراچي جي سڀ کان بلند ترين عمارت هئي. اها بندر روڊ تي هڪ واپاري علائقي ۾ موجود آهي. ان کي لڪشمي انشورنس ڪمپني لاهور ٺهرايو هو. ان انشورنس ڪمپني جو مالڪ لالا لجپت راءِ هو. عمارت ٺهي وڃڻ کانپوءِ ان جو افتتاح 24 ڊسمبر 1938ع تي ننڍي کنڊ جي مشهور سياسي شخصيت مسز سروجني نائڊو ڪيو هو. عمارت مٿان اڳ ۾ لڪشمي ديوي يعني دولت جي ديوي جو مجسمو لڳل هو، جيڪو پاڪستان ٺهڻ کانپوءِ هٽايو ويو هو. هن عمارت جي آرڪيٽيڪٽ ڪمپني ميسرس ڊي ايڇ دارو والا اينڊ ڪمپني ڪراچي هئي، جڏهن ته ٺيڪيدار هندستان ڪنسٽرڪشن ڪمپني هئي.

سعادت حسن منٽو جي سڀ کان وڏي نياڻي نگهت بشير به هاڻي پنهنجو اهو فليٽ وڪڻي ڪنهن ٻي جاءِ تي منتقل ٿي وئي آهي. ان فليٽ سان سندس ٻالڪپڻي ۽ شادي جو يادون لاڳاپيل آهن. هوءَ اهو فليٽ ڇو پئي وڪڻڻ چاهي ان جو حوال هن ڪجهه هن ريت بيان ڪيو: منهنجي پيدائش 1946ع جي آهي ۽ 1947ع کانپوءِ اسان هتي اچي ويا سين. آءُ هڪ سال جي هيس جڏهن هن گهر ۾ آيس. منهنجي شادي، منهنجي ڀينرن جون شاديون، منهنجي سئوٽن وغيره جون شاديون، يعني لاتعداد شاديون به هتي ئي ٿيون. ايتري تائين جو نور جهان به منهنجي شادي ۾ شريڪ ٿي هئي. ان ڳايو به هو، ان کانپوءِ به هوءَ هڪ ڀيرو هتي آئي هئي، پر هاڻي هتي اها ڳالهه ئي ناهي رهي، هاڻي هتي دڪان ٺهي ويا آهن ۽ اسان به هاڻي انشاءُ الله هتان جلد هليا وينداسين.

هن عمارت کي بچائڻ لاءِ ڊاڪٽر محمود علي ملڪ ڪافي پاڻ پتوڙيو هو، ان اسٽي به ورتو هو. آءُ اڪيلي آهيان منهنجو مڙس بيمار رهي ٿو. توهان ٻڌايو جيڪڏهن هن تاريخي عمارت کي بچائڻو آهي ته ڪير ساٿ ڏيندو يا ته حڪومت ساٿ ڏيڻ واري هجي. ڏاڍو سٺو ٿيندو جيڪڏهن هي لڪشمي مينشن بچي وڃي. هتي سڀ گهر هئا، منهنجون هم عمر ڇوڪريون رهنديون هيون، هاڻي ته سڀ ڪوئي هتان هليو ويو آهي. هاڻي به ڪيئي ماڻهو هتي ايندا آهن ۽ چوندا آهن ته هي اسان جي “لاسٽ پيراڊائيز” آهي. اسان ان جو جيترو به قدر ڪريون گهٽ آهي. ليڪن توهان کي ته خبر آهي ته هاڻي قدردان ڪٿي رهيا آهن. ٻڌو آهي ته ڪوئي بابر محمود الدين ۽ خالد صاحب آهن جن اها عمارت هاڻي خريد ڪئي آهي. گذريل سال ڀارت وئي هيس ته مون کي ان ڳالهه جو ڪو علم نه ٿيو، منهنجي خيال ۾ منهنجي والد منٽو صاحب جي ورسي هئي ته اسان کي انڊيا گهرايو ويو هو. جڏهن آءُ واپس آيس ته خالد صاحب نالي ماڻهو مون وٽ آيو ۽ مون کي چوڻ لڳو ته اسان کي  هي عمارت ڊاهڻي آهي ان وقت ته مون کي يقين نه آيو ليڪن واقعي ايئن ئي ٿيو ۽ انهن عمارت کي ڊاهڻ شروع ڪري ڏنو. ان کان اڳ ۾ مون کوڙ سارا انٽرويوز ڏنا سڀ ڪنهن کي چوندي هئس ته هي عمارت ختم ٿيڻ واري آهي پر ڪنهن به نوٽيس نه ورتو. هوريان هوريان هي سڀ ڪجهه وڪرو ٿيڻ شروع ٿي ويو.

تمام گهڻا گهر هئا جيڪي  هڪ هڪ ٿي کپڻ شروع ٿي ويا. هتي نه ته ورثي وارن سوچيو نه ئي هيريٽيج وارن. توهان پاڻ ٻڌايو ته هتي ڪيئن ٿا رهي سگهون. هاڻي ته هتي دڪان به کلي ويندا ته پوءِ هتي ڪيئن ٿو رهي سگهجي؟ توهان ڏسو هاڻي کان ئي ڪيتري گندگي ٿي وئي آهي. گارڊن تي به قبضو ڪيو ويو آهي،  منهنجي ٽنهي ڀينرن هن گهر کي وڪرو ڪرڻ جو سوچي ڇڏيو آهي، اسان جي گهر مٿان حامد جلال رهندو هو ۽ سندس ڌي عائشا جلال آهي جيڪا پاڪستان لاءِ وڏو اثاثو آهي. ملڪ معراج خالد جو گهر به وڪرو ٿي ويو آهي اهو گهر سندس پٽ ئي وڪرو ڪيو. هاڻي اسان منٽو جون ڌيئرون آهيون پر اسان به کپائينديون سين ته سهي هاڻي هي جاءِ جڏهن ڪمرشلائيز ٿي ويندي ته هتي ڪير رهي سگهندو. تڪليف ته ڏاڍي ٿي ٿئي اهو سڀ ڪجهه ڏسي. ماڻهو سمجهن ٿا ته منٽو هاڻي هتي رهيو ئي ناهي. منٽو جي نالي وارو گهر ئي ناهي. واقعي گهر منٽو جي نالي ناهي سندن اها ڳالهه صحيح آهي ليڪن ان حد تائين ته اهو گهر منهنجي امڙ صفيه جي نالي تي آهي.

جڏهن نجم سيٺي پنجاب جو نگران وڏو وزير هو ته ان جي دور ۾ فيض احمد فيض جي ڌيءُ سليمه هاشمي صوبائي وزير هئي، مون سان ملڻ آئي هئي. ان اسان جي فليٽ کي تاريخي ورثو ٺاهڻ جي ڳالهه ڪئي هئي. مون کيس چيو هو ته جيڪڏهن هوءَ هن گهر کي ڪنهن لائبريري ۾ تبديل ڪرڻ چاهي ٿي يا ٻيو ڪجهه ٺاهڻ چاهي ٿي ته اهو ضرور ڪري ليڪن اسان هي گهر ڊونيٽ نٿا ڪري سگهون، کپائي سگهون ٿا. ان کانپوءِ هن ڪو رابطو نه ڪيو. حڪومت اسان جي ڪڏهن به ڪا مدد نه ڪئي ايڏي وڏي عرصي کانپوءِ فقط هڪ ايوارڊ ڏنو ويو آهي.

جيتري تائين منٽو صاحب جي ڪتابن جي رائلٽي مان حاصل ٿيندڙ آمدني جو معاملو آهي ته سنگِ ميل هڪ اهڙو ادارو آهي جيڪو اسان کي رائلٽي ڏيندو آهي نه ته ماڻهو بنا ڪنهن اجازت جي لکڻيون ڇاپي رهيا آهن ۽ ڇاپيندا رهندا. هڪ ڀيري ڪجهه ماڻهو اسان وٽ آيا هئا گهر جي ماپ ڪيائون ۽ چوڻ لڳا ته اسان هن گهر کي پينٽ ڪرڻ چاهيون ٿا، مون انڪار ڪندي چيو ته جيستائين آءُ ان گهر ۾ آهيان پينٽ نه ٿي ڪرائڻ چاهيان جيڪڏهن توهان هي گهر خريد ڪري وٺو ته پوءِ توهان جي مرضي جيڪو وڻيوَ سو ڪريو.

جوهر عباس صاحب به هن عمارت ۾ رهي ٿو، هن عمارت جي قيام ۽ منٽو صاحب جي حوالي سان پنهنجون يادگيريون بيان ڪندي ٻڌايو ته لڪشمي مينشن اڳ ۾ سر شادي لال جو هڪ وڏي  حويلي هو. 1930ع جي لڳ ڀڳ سر شادي لال اها حويلي لڪشمي انشورنس ڪمپني کي کپائي ڇڏي. لڪمشي انشورنس ڪمپني اها پوري حويلي ڊاهي فليٽ ٺاهيا ۽ فليٽ سان گڏ ڪوراٽرز به ٺاهيا ته جيئن فليٽن ۾ رهندڙ خاندانن جي ملازمن جي ڪتب اچي سگهن. آءُ پاڪستان ٺهڻ کان اڳ هتي رهان ٿو ۽ ان وقت فليٽ جو ڪرايو 62 روپيا مهينو هو.

تحريڪ پاڪستان هلي ته لڪشمي انشورنس ڪمپني جي مالڪن جيڪي سڀ هندو، سک، هئا انهن فليٽ کپائڻ شروع ڪري ڇڏيا. ڪجهه فليٽ هندن خريد ڪرڻ شروع ڪيا ڪجهه پارسين، جيڪي وڪرو ٿي پئي سگهيا اهي وڪرو ٿي ويا باقي ڪجهه رهجي ويا. پوءِ پاڪستان ٺهي ويو ان کانپوءِ مهاجر آيا ته اهي سمورا فليٽ انهن کي ۽ ڪجهه ٻين ماڻهن کي الاٽ ڪيا ويا. اڄ کان 10 سال اڳ ڪجهه مهاجر به پنهنجا فليٽ وڪڻي هليا ويا.

مال روڊ تي موبائلن جو بزنس چمڪي ويو ۽ انهن دڪاندارن ۽ دڪانن جي مالڪن لڪشمي مينشن جي ماڻهن کي لالچ ڏيڻ شروع ڪئي ته ماڻهن پنهنجا فليٽ دڪاندارن کي کپائڻ شروع ڪري ڇڏيا. دڪان جي مالڪن لڪشمي مينشن جو هڪ حصو خريد ڪري ورتو ۽ ان کي ڊاهي مارڪيٽ ٺاهڻ شروع ڪري ڇڏي ۽ هاڻي ته اها مارڪيٽ لڳ ڀڳ تيار ٿي وئي آهي. هاڻي جيڪي ڪوارٽر رهجي ويا آهن اهي به انهن خريد ڪري ورتا آهن. بس ڪجهه ڪوارٽر وڃي بچيا آهن انهن ڪوارٽرن کي به ڊاهي هتي مارڪيٽ ٺاهي ڇڏيندا. جيڪڏهن مون کي مجبور ڪيو ويو ته طاقتور ماڻهن جي اڳيان منهنجو وس نه هلندو ۽ مجبوري ۾ پنهنجو گهر کپائڻو ئي پوندو. هي هڪ پراڻو تاريخي ورثو آهي نهايت پيارا ۽ خوبصورت فليٽ هئا. هاڻي جڏهن اسان انهن کي ڏسون ٿا ته ڏاڍو ڏک ٿئي ٿو، هاڻي ته منهنجو ڪو ارادو ناهي فليٽ وڪڻڻ جو ڇو ته هتي منهنجو پنهنجو دڪان به آهي. منٽو صاحب ته منهنجوخاص دوست هو مون وٽ ايندو هو ۽ ڪيپسٽن سگريٽ پيئندو هو.

آءٌ توهان کي هڪ واقعو ٻڌايان ته مان هتي جوس به کپائيندو هئس، ڪجهه عورتون هتي آيون انهن کي لپ اسٽڪ لڳل هئي. انهن هتي جوس پيتو ته گلاس تي سندن لپ اسٽڪ جا نشان ٺهي ويا انهن گلاس رکيو ۽ هليون ويون. پوءِ ٻه ڇوڪرا آيا انهن گلاس کنيو ۽ پڇيو ته هي گلاس ڪيتري جو آهي. ان زماني ۾ ته فقط گلاس هڪ روپئي جو هوندو هو، مون وراڻيو ته هڪ روپئي جو گلاس آهي. چوڻ لڳا ته هي گلاس اسان کي ڏئي ڇڏ، مون چيو ته توهان کڻي وڃو ۽ مان نئون گلاس وٺي وٺندس، مان هن گلاس کي ڌوئي وٺان، چوڻ لڳا ته نه جيڪڏهن گلاس ڌوئي ڇڏيئي ته اسان جي خريد ڪرڻ جو مقصد نه رهندو. مون چيو ته ٺيڪ نه ٿو ڌوئان. پوءِ مون پڇيو ته ڇا ڪندا هن گلاس جو؟ چوڻ لڳا اسان هن کي پنهنجي ڊرائنگ روم ۾ رکنداسين ۽ جوس جي گلاس تي جيڪو لپ اسٽڪ جو نشان آهي ان کي ڏسندا رهنداسين.

اتفاق جي ڳالهه ته منٽو صاحب به اتي ئي بيٺو هو ۽ سڀ ٻڌي رهيو هو. هن مٿو ڌوڻيو ۽ “چغد” چئي هليو ويو. پوءِ مون سوچيو ته مون کي لچ لوفر جو مطلب ته اچي ٿو رڳو چغد جو مطلب نه ٿو اچي، منٽو صاحب ايندو ته کائنس پڇندس ته چغد ڇاکي ٿا چون. اتفاق جي ڳالهه هو جنهن ڏينهن به آيو ته ڪو نه ڪو سندس دوست اچي چنبڙي پوندو هو، ساڻس ڳالهه ٻولهه جو موقعو ئي نه ملندو هو. هو نهايت سٺو انسان هو اڇي عينڪ پائيندو هو ٿلهن چشمن واري، گهڻو ڪري منهنجي دڪان تي اچي بيهي رهندو هو. ان جو حلقو تمام وسيع هو. بس ويچارو گذاري ويو الله سندس مغفرت ڪري.

ڪراچي جي لڪشمي بلڊنگ ڊاهي ته نه پئي وڃي باقي ان تي لڳل افتتاحي تختي جنهن تي سروجني نائيڊو جو نالو لکيل هو ان تي اڇو رنگ هڻي ميساريو ضرور ويو آهي.

below article banner

پنهنجو رايو ڏيو

توهان جو اي ميل پتو ظاهر نه ڪيو ويندو. گهربل معلومات تي هيءَ نشان لڳل آهي: *

*

You may use these HTML tags and attributes: <a href="" title=""> <abbr title=""> <acronym title=""> <b> <blockquote cite=""> <cite> <code> <del datetime=""> <em> <i> <q cite=""> <strike> <strong>

صفحي جي چوٽيءَ تي وڃو