Home / افيئر / موسٽ وانٽيڊ!
above article banner

موسٽ وانٽيڊ!

نديم ايف پراچا

هڪ بهادراڻي مقابلي ۾ سعودي اسپيشل فورسز دنيا جي بدنام انتهاپسند ليڊر، ابوجراره اليمني کي مري پاڪستان جي مشهور ويڪيشن اسپاٽ ۾ موجود هڪ هوٽل مان گرفتار ڪري ورتو آهي.

اها خبر جهنگ جي باهه وانگر ڦهلجي وئي ۽ ماڻهو پاڪستان حڪومت کي پاراتا ڏيڻ لڳا ته انهن هڪ ڀيرو ٻيهر آمريڪين کي پاڪستان  جي خودمختياري کي نقصان پهچائڻ جي اجازت ڏني. بهرحال جڏهن اهو واضح ٿيو ته ڇاپو آمريڪين نه پر سعودي وارن هنيو هو ته نراڙ جا گهنج، مسڪراهٽن ۾ بدلجي ويا ۽ ڪيترن ئي ماڻهن کي “جزاڪ الله!” چوندي پڻ ٻڌو ويو.

انهيءَ ڇاپي کان ڪجهه منٽ پوءِ وزيراعظم حڪومتي ٽيليويزن تي نمودار ٿيو ۽ قوم کي مبارڪ ڏيندي سعودي حڪومت جا ٿورا مڃيا، جن دهشتگردي خلاف جنگ ۾ پاڪستان جي مدد ڪئي. دلچسپ ڳالهه اها آهي ته جمعيت علماءِ اسلام، جماعت اسلامي ۽ ڪجهه پابندي مڙهيل فرقيوار تنظيمن جن ان ڇاپي جي نندا ڪرڻ لاءِ گڏيل پريس ڪانفرنس سڏائي هئي.  اهو ٻڌندي ئي ته اهو حملو آمريڪين نه پر سعودي عرب فورسز ڪيو هو، پريس ڪانفرنس جي وچ ۾ پنهنجو موقف تبديل ڪري ڇڏيو.

جماعت اسلامي جا سربراهه اڳ ۾ ته آمريڪين کي پنهنجي ملڪ جي خودمختياري پائمال ڪرڻ جي اجازت ڏيڻ تي پاڪستاني سولين حڪومت کي لعنت ملامت ڪندي ٻڌا ويا. ليڪن جڏهن هڪ رپورٽر اها تصديق ڪئي ته اهو ڇاپو سعودي فورسز جو ڪارنامو آهي ته جماعت اسلامي جا سربراهه، جميعت علماءِ اسلام جي سربراهن ڏانهن مڙي ويا ۽ کين ڀاڪر پائي اهو چوڻ لڳا ته:

”ماشاءَ الله اڄ جو ڏينهن اسان جي جمهوريت لاءِ شاندار آهي”

شروع ۾ جماعت اسلامي ۽ جميت علماءِ اسلام جي سربراهن هوٽل مان گرفتار ٿيندڙ شخص جي اصل سڃاڻپ معلوم ڪئي هئي. گڏوگڏ اهو به چيو هو ته جيڪڏهن اهو شخص جراره آهي ته اسان کي شرم اچڻ کپي ڇو ته اهو آمريڪا خلاف آزادي جي جنگ وڙهندڙ هڪ حريت پسند آهي. تنهن هوندي به اهو واضح ٿيڻ کانپوءِ ته گرفتاري سعودي فورسز هٿان ٿي آهي. ٻنهي اهو چوڻ شروع ڪري ڇڏيو ته جراره، پاڪستان جو دوست ناهي بلڪه هو مسلمان ئي نه آهي.

هڪ گڏيل بيان ۾ جماعت اسلامي، جمعيت علماءِ اسلام ۽ فرقيوار تنظيمن قوم کي مبارڪباد ڏني ۽ چيو ته اسان ته وڏي عرصي کان اهو چوندا رهيا آهيون ته انتهاپسند پاڪستان جا دشمن آهن، کين نابود ڪري ڇڏڻ گهرجي. ان بيان ۾ اهو به چيو ويو ته جماعت اسلامي ۽ جمعيت علماءِ اسلام ( پي ٽي آءِ سان گڏ)آمريڪي ڊونرز خلاف ڌرڻو جاري رکندا، جيڪي جراره جهڙن شيطانن کي پاڪستان موڪلي رهيا هئا ۽ ملڪ جي خودمختياري جي ڀڃڪڙي ڪري رهيا هئا.

بيان ۾ اهو به تجويز ڪيو ويو ته احمد شاهه ابدالي کي پاڪستان ۾ مداخلت ڪرڻ ۽ آمريڪا کي شڪست ڏيڻ جي دعوت ڏني وڃي. جڏهن کين اهو ٻڌايو ويو ته احمد شاهه ابدالي تقريبن ٻه سو ورهيه اڳ مري چڪو آهي تڏهن مذهبي ليڊرن ان کي اولهه جي پروپيگنڊا قرار ڏنو. ڪانفرنس ۾ موجود پاڪستان تحريڪ انصاف جي ميمبرن اهو به واڌارو ڪيو ته پاڪستان جي مشهور انقلابي ۽ نوجوان نيو ڪليئر فزڪسٽ زوهير طورو، ايٽمي ڊرون ميزائل تيار ڪري رهيو آهي. طورو جيڪو پاڻ به ان ڪانفرنس ۾ موجود هو، ليمي جي ذائقي واري قلفي چوسيندي ان ڳالهه جي تصديق ڪئي. هن جو چوڻ هو ته اڄ ڏاڍي گرمي آهي ۽ قلفي کائڻ سان کيس ڌيان هڪ هنڌ رکڻ ۾ مدد ملي ٿي.

بهرحال جلد ئي صورتحال هڪ نئون رخ اختيار ڪيو. جڏهن اها خبر پئي ته سعودي وارن جراره کي پڪڙي، آمريڪين حوالي ڪري ڇڏيو.

آمريڪين جن جراره تي انسانيت خلاف ڏوهه ڪرڻ جو الزام مڙهيو هو. هاڻي ان کي شامي حڪومت خلاف بغاوت جي قيادت ڪرڻ لاءِ استعمال ڪرڻ جو ارادو رکن ٿا، جنهن خلاف آمريڪا الزام مڙهيو آهي ته هو انسانيت خلاف ڏوهه ڪرڻ جي مرتڪب ٿي رهي آهي.

اهو ٻڌندي ئي جماعت اسلامي، جميعت  علماءِ اسلام ۽ فرقيوار تنظيم هڪ ڀيرو ٻيهر پنهنجو موقف تبديل ڪري ڇڏيو.  هڪ ٻئي گڏيل بيان ۾ انهن چيو ته جراره پڪ سان هڪ عظيم مسلمان مجاهد هو. پوءِ هو هڪٻئي سان ڀاڪر پائي مليا ۽ ميڙاڪي ۾ موجود ميڊيا اهلڪارن ۾ سعودي جي ڪتل ورهائي وئي ۽ کين شيطاني شامي حڪومت خلاف جراره جي ڪاميابي جي دعا ڪرڻ لاءِ چيو. ليڪن جڏهن کانئن پڇيو ويو ته جراره جي آمريڪين سان گڏ ڪم ڪرڻ بابت سندن ڇا خيال آهي؟ تڏهن انهن وراڻيو ته اهي ان جو جواب نٿا ڏئي سگهن.  ڇو ته ظهر جي نماز جو وقت ٿي ويو آهي. جڏهن کانئن اهو پڇيو ويو ته ڇا هو نماز کانپوءِ ان سوال جو جواب ڏيڻ جو ارادو رکن ٿا؟ تڏهن انهن چيو ته تيستائين اهي سعودي عرب حج ادا ڪرڻ لاءِ وڃي چڪا هوندا.

ڇاپو

هڪ فوجي ترجمان به پريس ڪانفرنس منعقد ڪئي ته جيئن ڇاپي جي تفصيلن کان ميڊيا کي آگاهه ڪري سگهجي. هن ٻڌايو ته اهو ڇاپو سعودي اسپيشل فورسز جي ڪارروائي هئي، جيڪي سعودي ملٽري بيس کان چئن هيليڪاپٽرن تي رائيونڊ آيا.

هيلي ڪاپٽر مارگلا هلز اسلام آباد تي لٿا، سعودي فوجي چهُچ ساين ٽڪرين تي هيلڪاپٽر مان لٿا، اٺن تي سوار ٿيا ۽ ڏينهن جي روشني ۾ مري روانا ٿي ويا. پاڪستاني پوليس کين ٻه ڀيرا چيڪ پوانئٽس تي روڪيو، ليڪن جڏهن ڪجهه فوجي کين سعودي ۾ پوليس جي نوڪري ۽ هڪ سال تائين آب زمزم مهيا ڪرڻ جو واعدو ڪيو ته کين اڳتي وڃڻ جي اجازت ڏني وئي.

هڪ اکين ڏٺي شاهد جي دعويٰ آهي ته هن پوليس وارن کي مسڪرائيندي ۽ ويندڙ اٺن کي هٿ لوڏي الواع چوندي ۽ خوشي وچان مرحبا! مرحبا چوندي ٻڌو.

اٺن جي فوج صبح جو 11 بجي مري پهتي ۽ ترت ئي تمام وڏي احاطي ۾ داخل ٿي وئي. اهي اٺ وڏين وڏين دبئي ڊيوٽي فري“ شاپنگ بيگز ۾ راڪيٽ لانچر، سب مشين گنز،  پستول، گرنيڊ ۽ پاپ ڪارن لڪائي کڻي آيا هئا.

فوجي ترجمان اهو پڻ چيو ته حالانڪه پاڪستان آرمي کي ان حملي جو ڪو اندازو نه هو پوءِ به اتي تقريبن هڪ درجن پاڪستاني سيڪيورٽي اهلڪار ان وقت اتي موجود هئا. جڏهن پڇيو ويو ته انهن اٺ سوارن کان ڇا پڇا ڳاڇا ڪئي؟ تنهن تي ترجمان چيو ته انهن اٺ سوارن کي هوٽل ۾ داخل ٿيندي ته ڏٺو ليڪن ان وقت اهي هڪ 77 ساله گوري کان پڇا ڳاڇا ڪري رهيا هئا، جنهن کي نان سموڪنگ ايريا ۾ سموڪنگ ڪندي گرفتار ڪيو ويو هو. “ايبٽ آباد واقعي کانپوءِ اسان يورپين ۽ آمريڪين تي ڪرڙي اک رکون ٿا”. ترجمان ٻڌايو. حالانڪ گهڻو پوءِ خبر پئي ته اهو گورو شخص هڪ پولش ٽوئرسٽ هو. ترجمان سيڪورٽي اهلڪارن جي هوشياري جي ساراهه ڪندي چيو ته “اسان جي رياستي خودمختياري سڀ کان وڌيڪ مقدس آهي”  ۽ ظاهر آهي ته سگريٽ ڇڪڻ صحت لاءِ هاڃيڪار آهي.

پاڪستاني سيڪيورٽي ايجنسين موجب، سعودي اٺن تي سوار هوٽل جي ڪچن ۾ داخل ٿي ويا ۽ اتي ڳوڙها آڻيندڙ گئس جا شيل فائر ڪيا. اهڙي ريت شيف، بورچي ۽ ڪچن جو ٻيو اسٽاف ٻاهر نڪري آيو. هڪ سعودي ڪمانڊر، شيف ڏانهن ڏٺو ۽ پاڻ سان گڏ آندل تصوير سان سندس مهانڊي جي ڀيٽ ڪئي ۽ پڇيو “الجراره”؟ رپوٽ موجب شيف جواب ڏنو “ نه، الچڪن جلفريزي” مزيدار مٽن ڪباب به ٺاهيندو آهيان”

ڪمانڊر کانئس وري پڇيو ته “ اليمني”  جنهن تي شيف جواب ڏنو ته يمني تڪا به ٺاهيندو آهيان، توهان کائيندو؟”

هڪ رپوٽر فوجي کان پڇيو ته هوٽل ۾ موجود پاڪستاني سيڪيورٽي اهلڪارن آپريشن ٿيندي ڏٺو؟ ترجمان ان جو جواب هائوڪار ۾ ڏنو، ليڪن چيو ته ان ڳالهه جي تصديق ٿيڻ کانپوءِ ته پاڪستان جي خودمختياري کي ڪو خطرو ناهي، انهن ڪو ايڪشن نه کنيو.

ان بيان تي پريس ڪانفرنس ۾ موجود ميڊيا اهلڪار ڏاڍا خوش ٿيا، انهن تاڙيون وڄائڻ شروع ڪري ڇڏيون ۽ گڏوگڏ پاڪستان، ضياءُالحق ۽ ڪتل (کجور) جي حق ۾ جذباتي نعرا پڻ هنيا.

سعودي فورسز هٿان الجراره جي گرفتاري جي اعلان کان ترت پوءِ خانگي چينل چرپر ۾ اچي ويا. هڪ مشهور ٽي وي ٽاڪ شو جي ميزبان پنهنجي پروگرام جي ميزباني هڪ عربي خيمي ۾ ڪرڻ جو فيصلو ڪيو  ۽ ڪرسي بدران اٺ تي ويهي رهيو.

جيتوڻيڪ اڪثر مهمان ۽ مشهور اڳوڻا جنرل، مذهبي عالم ۽ تجزئي نگار شامل هئا. انهن آپريشن جي ساراهه ڪئي ۽ نفرت جو اظهار ڪيو ۽ پوءِ الجراره جي تعريف ڪئي، ليڪن انهن مان هڪ مهمان جيڪو ڪنهن ننڍي شهر جو صحافي هو، اهو پروگرام ۾ شريڪ ٻين مهمانن سان متفق نه هو.

هن سوال ڪيو ته آخر ڪيئن جراره جهڙو گهربل شخص پاڪستان ۾ ايتري ڊگهي عرصي کان  گرفتار ٿيڻ کانسواءِ رهي سگهي ٿو ۽  نه رڳو اهو پر هتي هڪ هوٽل ۾ شيف جي حيثيت سان ڪم به ڪندو رهيو آهي. هن اهو به چيو ته جراره، کاڌن جي مختلف چينلن تي مختلف ڪوڪنگ شوز ۾ شيف طور به ايندو رهيو آهي. ان تي ميزبان اهو چئي صحافي کي خاموش ڪرائي ڇڏيو ته هو اڻ لاڳاپيل سوال ڪري رهيو آهي.

“ليڪن هن ڇاپي کان اڳ هر ڪوئي آمريڪا تي الزام هڻي رهيو هو” صحافي احتجاج ڪيو، اهو ٻڌي ميزبان ڪاوڙ ۾ صفا ڳاڙهو ٿي ويو ۽ صحافي کي چماٽ وهائي ڪڍيائين. هن صحافي کي ڌمڪي ڏني ته اسلامي حدود آرڊيننس تحت هو مٿس ڪيس داخل ڪرائيندو.

صحافي جواب ۾چيو ته سعودي وارن پاڪستان جي خودمختياري پائمال ڪئي آهي. اهو ٻڌي ميزبان صحافي کي هڪ ٻي چماٽ وهائي ڪڍي ۽ چيو ته هو مٿس توهين رسالت جو ڪيس داخل ڪرائيندو.

شو جي پڄاڻي تي ميزبان ۽ شرڪت ڪندڙن گوئٽي مالا جو جهنڊو ساڙيو ۽ پاڪستان جو قومي ترانو عربي  ۾ ڳايو ۽ پوءِ ان غدار صحافي کي اختيارين حوالي ڪرڻ بعد اهي سڀ  حج ادا ڪرڻ لاءِ سعودي عرب هليا ويا. بهرحال کيس سعودي عرب جي خودمختياري پائمال ڪرڻ تي سعودي حڪومت مان نيڪالي ڏني وئي.

below article banner

پنهنجو رايو ڏيو

توهان جو اي ميل پتو ظاهر نه ڪيو ويندو. گهربل معلومات تي هيءَ نشان لڳل آهي: *

*

You may use these HTML tags and attributes: <a href="" title=""> <abbr title=""> <acronym title=""> <b> <blockquote cite=""> <cite> <code> <del datetime=""> <em> <i> <q cite=""> <strike> <strong>

صفحي جي چوٽيءَ تي وڃو