Home / افيئر / موهٽه پيلس جيڪو قصر فاطمه نه بڻجي سگهيو!
above article banner

موهٽه پيلس جيڪو قصر فاطمه نه بڻجي سگهيو!

Akhtar Balochڪراچي جو علائقو ڪلفٽن شهر جي شاهوڪارن جي رهڻ جو هنڌ آهي. اڄ نه بلڪه وهاڱي کان اڳ به ڪلفٽن اميرن جو علائقو هو. ورهاڱي کانپوءِ 1970ع جي ڏهاڪي ۾ ان جي شهرت جو وڏو سبب مرحوم ذوالفقار علي ڀٽو جو ستر ڪلفٽن وارو گهر پڻ هو. هن علائقي ۾ اڄ به هڪ محل نما عمارت آسپاس رهندڙن ۽ اتان لنگهندڙن لاءِ ڌيان جو مرڪز بڻيل رهي ٿي. اها عمارت “موهٽه پيلس” آهي. جيڪا اڄ ڪلهه ثقافتي سرگرمين جو مرڪز بڻيل آهي. هي عمارت ڪراچي جي هڪ ناليواري واپاري ۽ مخير شخصيت شوِ رام موهٽه تعمير ڪرائي.  شو رام موهٽه پيلس ڇو ٺهرايو،  اهو به هڪ دلچسپ، داستان ۽ محبت ڀري ڪهاڻي آهي. بلڪه اهڙي طرح جي ڪهاڻي جهڙي ريت شاهجهان پنهنجي محبوبه راڻي ممتاز جي ياد ۾ “تاج محل” تعمير ڪرايو هو،  ليڪن ممتاز جي لاڏاڻي کانپوءِ، ليڪن موهٽه هي عمارت زال کي مرڻ کان بچائڻ لاءِ ٺهرائي هئي.

ڪراچي جي حوالي سان مشهور تاريخدان عثمان دموهي پنهنجي ڪتاب “ ڪراچي تاريخ جي آئيني ۾“ لکي ٿو ته؛ هي عمارت هڪ هندو مارواڙي واپاري بهادر شو رام موهٽه 1933ع ۾ تعمير ڪرائي. هندستان جي مشهور نقشي ساز آغا احمد حسين جئه پور مان ان جي ڊزائين تيار ڪئي هئي. هن جئه پور فن ئي تعمير جي اثر هيٺ اينگلو  مغل انداز ۾ پيلي، بزري، گلابي جوڌپوري پٿرن جي ميلاپ سان هي محل تعمير ڪيو.   ان کي تعمير ڪرڻ جو مقصد ڪجهه هن ريت ٻڌايو وڃي ٿو ته شو رام موهٽه جي زال هڪ خطرناڪ بيماري ۾ مبتلا ٿي وئي هئي. ڊاڪٽرن اهو علاج تجويز ڪيو ته جيڪڏهن مريضه کي لاڳيتو سمنڊ جي تازي هوا ۾ رکيو  وڃي ته اها بلڪل صحتياب ٿي سگهي ٿي. ان ڪارڻ شو رام موهٽه جي هي قلعي نما بنگلو ڪلفٽن ۾ تعمير ڪرايو هو. گذريل صدي ۾ تعمير ٿيندڙ هي خوبصورت ۽ دلڪش عمارت تمام وڏي ايراضي تي پکڙيل آهي”

پاڪستان ٺهڻ کانپوءِ هي پيلس قائداعظم جي ڀيڻ فاطمه جناح کي ڏنو ويو، سندس لاڏاڻي کانپوءِ اهو سنڌ حڪومت پنهنجي ڪنٽرول ۾ وٺي ڇڏيو. ورهاڱي کانپوءِ موهٽه بابت هندستان کان هجرت جي حوالي سان متحده قومي موومينٽ جي اڳواڻ ڪنور خالد يونس روزاني “ڊان” ۾ ليٽر ٽو ايڊيٽر ۾ لکيو ته: 2004ع ۾ جڏهن هو هڪ سرڪاري دوري تي دهلي ويو هو ته سندس  ملاقات تقريبن نوي سالن جي بزر سان ٿي هئي جنهن موهٽا جي هجرت جي ڪهاڻي هن ريت بيان ڪئي. “موهٽه اهو طئي ڪيو هو ته ورهاڱي کانپوءِ ئي ڪراچي ۾ رهندو ليڪن هڪ ڏينهن هڪ سياسي شخصيت ساڻس رابطو ڪيو ۽ چيو ته موهٽه پيلس خالي ڪريو ڇو ته اهو هڪ سرڪاري آفيس لاءِ گهربل آهي”.

بزرگ مطابق  موهٽه اهو ٻڌي سڪتي ۾ اچي ويو ۽ هن ان ئي رات پاڪستان ڇڏڻ جو فيصلو ڪري ورتو ۽ ان جي اڳيئن ڏينهن هو بمبئي منتقل ٿي ويو، چاٻيون پنهنجي مئنيجر حوالي ڪيون ۽ هڪ لکت به ڏني ته هو هي عمارت سوکڙي طور ڏئي رهيو آهي. ان ۾ عمارت زبردستي خالي ڪرائڻ جو ذڪر نه هو. ڪنور خالد يونس ٽيليفون تي مون کي وڌيڪ معلومات ڏيندي ٻڌايو ته مذڪوره بزرگ سان سندس ملاقات دهلي ۾ هڪ تصويري نمائش دوران ٿي هئي جنهن ۾ هن اهڙي واقعي جو ذڪر ڪيو هو.

JUNE-15-2014   48

موهٽه پيلس جي ڪل ايراضي 18 هزار اسڪوائر فوٽ تي ٻڌل آهي  ورهاڱي کان اڳ ۽ پوءِ به ڪلفٽن جي علائقي ۾ ايتري ڪشادي عمارت موجود نه آهي. هي شاندار عمارت ٻه ماڙ آهي، ٻنهي ماڙين کي ملائجي ته ان ۾ ڪل 16 ڪمرا ٿين ٿا. پيلس ۾ داخل ٿيڻ وقت سڀ کان پهريان توهان جي نظر ٻاهرين پاسي پوي ٿي، جنهن کي خوبصورت، رنگا رنگ ۽ نفيس درين، پٿر جي ديوار، محراب ۽ مينارن سان ترتيب ڏنو ويو آهي. منظر اهڙو ته وڻندڙ آهي جو ڪجهه گهڙين لاءِ ڪو به شخص ان کي ڏسي پنڊ پهڻ ٿي ٿو وڃي.

هيٺين ماڙ تي ڪمرا آسائش ۽ رهائش جي حوالي سان پنهنجو مثال پاڻ آهن. ڪمرا ڏسي بلڪل اهو محسوس نه ٿو ٿئي ته ڪا هي عمارت ڪنهن اڪيلي ماڻهو لاءِ تعمير ڪئي وئي هئي. هي ته هو گرائونڊ فلور جو ذڪر ليڪن پهرين ماڙ به پنهنجو مثال پاڻ آهي. جيڪڏهن اڄ به توهان عمارت جي ڇت تي هليا وڃو ۽ مشاهدو ڪريو ته شايد توهان کي سمنڊ جو ڪونظارو نظر اچي وڃي. حالانڪه اوچين رهائشي عمارتن موهٽه پيلس کي گهيري ۾ آڻي ڇڏيو آهي. ليڪن جنهن وقت هي عمارت  تعمير ٿي پئي ان وقت ان جا رهائشي آرڙهه ۾ سمنڊ جي ٿڌين هوائن جو لطف ماڻيندا هئا بلڪه ڇت تي ويهي سمنڊ جي سرڪش لهرن جو به نظارو ڪندا هئا.

ڇت تي تعمير ڪيل گنبذ   جي چوطرف ٺاهيل وراندو رهائشين کي سخت اس کان محفوظ رکڻ لاءِ تعمير ڪيو ويو هو. مرڪزي گنبذ کانسواءِ عمارت جي چوطرف پنج نفيس گمنبذ عمارت جي سونهن بڻيل آهن، عمارت جي ڇتين تي ڪيل ڪم چٽ سازي ڪاريگري جي مهارت جو مظهر آهن. چٽسالي ذريعي خوبصورت گلڪاري کي منفرد انداز ۾ ترتيب ڏنو ويو آهي ان ۾ مختلف انداز جا رنگ به استعمال ڪيا ويا جن ۾ آبي رنگ به شامل آهي. عمارت جي چوطرف هڪ خوبصورت ۽ ويڪرو باغيچو به موجود آهي.

موهٽه پيلس جي شاندار عمارت ڪيترن ئي حوالن کان اهميت رکي ٿي. ورهاڱي کانپوءِ  هن عمارت ۾ پرڏيهي وزارت جي آفيس قائم ڪئي وئي هئي. ورهاڱي کانپوءِ ڊپٽي چيف پورٽوڪول آفيسر آغا حلالي موهٽه پيلس ۾ قائم دفتر جي حوالي سان لکي ٿو ته؛ “موهٽه پيلس شهر کان ڪافي پنڌ تي هو ۽ ملازمن جي اوستائين پهچ هڪ وڏو مسئلو هو.  ان مسئلي کي حل ڪرڻ لاءِ اسان ايمپريس مارڪيٽ کان ملازمن کي موهٽه پيلس تائين پهچڻ تائين بسن جو بندوبست ڪيو. ان وقت ڪلفٽن جي علائقي ۾ آبادي نه هئڻ جي برابر هئي.  سمنڊ جو پاڻي هو ۽ واري ئي واري، ڪڏهن ڪڏهن ته ڪلفٽن جي روڊن تي ڇهه انچ جي لڳ ڀڳ سامونڊي پاڻي بيهجي ويندو هو”.

موهٽه پيلس جي تصوير پرڏيهي وزارت طرفان نئين سال جي موقعي تي ڇپجندڙ ڪارڊ تي سرڪاري طور تي شايع ڪئي ويندي هئي. جڏهن موهٽه پيلس فاطمه جناح جي نالي ڪيو ويو ته پرڏيهي وزارت اها عمارت خالي ڪرڻ جي آڇ ڪئي ليڪن فاطمه جناح ان تي ڪو به ڌيان نه ڏنو. ڪمرن جي مڪمل طور صفائي ڪرائي وئي ۽ پيلس جي ڀرپاسي هنيل ڪنڊيدار تارون به هٽايون ويون، ان سان گڏ ڪبوترن جا آکيرا به صاف ڪرايا ويا هئا. فاطمه جناح موهٽه پيلس جي چونڊ قائداعظم جي بمبئي جي رهائش گاهه جي بدلي ڪيو هو.

فاطمه جناح جي دوست بيگم اڪرالله ڊان کي ڏنل انٽرويو ۾ موهٽا پيلس جي حوالي سان پنهنجي يادگرين ۾ چوي ٿي ته: “هڪ ڏينهن شام جو فاطمه جناح مون کي پاڻ سان گڏ موهٽه پيلس جي ڇت تي وٺي وئي اتان سمنڊ جو نظارو ڏاڍو وڻندڙ هو.  فاطمه جناح جڏهن پهريون ڀيرو رهائش لاءِ پيلس پهتي ته کانئس پڇيو ته ڇا هي تمام گهڻي ڪشادي جاءِ نه آهي. محترمه جواب ۾ چيو ته نه، مون کي هي جاءِ پسند آهي.  اها خميس ۽ جمعي جي وچ واري رات هئي. ان رات فاطمه جناح موهٽه پيلس ۾ رات جي ماني کاڌي ليڊي هدايت الله مطابق عبدالله شاهه غازي جي مزار تي قوالي جي محفل ٿي رهي هئي اسان سڄي رات ويهي اها قوالي ٻڌنديون رهيون سين.”

موهٽه پيلس جي ٻي هڪ اهم ڳالهه اها آهي ته ايوب خان خلاف تحريڪ جو مرڪز به  موهٽه پيلس ئي هو. هن عمارت کان فاطمه جناح ايوب خان  خلاف چونڊ مهم جي شروعات به ڪئي هئي.  موهٽه  پيلس ۾ ايوب خان خلاف حڪمت علي ٺاهڻ لاءِ اجلاس به ٿيندا هئا. فاطمه جناح جو لاڏاڻو به هن عمارت ۾ ٿيو هو هڪ صبح هوءَ پنهنجي ڪمري ۾ پر اسرار طور مئل حالت ۾ ڏٺي وئي. ڪجهه حلقا سندس پراسرار موت کي ايوب خان خلاف سندس سياسي مهم سان به جوڙين ٿا. ليڪن جيئن ته اسان جي ملڪ ۾ روايت آهي ته لياقت علي خان کان وٺي بينظير ڀٽو تائين جيترا به سياسي اڳواڻ قتل ٿيا آهن انهن جو ڪو پتو نه آهي سڀ اڃا هڪ ڳجهه ئي آهي.

جيستائين فاطمه جناح حال حيات هئي ايوب خان جي انتظاميه طرفان موهٽه پيلس جي سخت نگراني ڪئي ويندي هئي، فاطمه جناح، قائد اعظم جي ورسي موهٽا پيلس ۾ ملهائيندي هئي ان موقعي تي پيلس جي باغيچي ۾ شاميانا هڻي انتظام ڪيا ويندا هئا ۽ هڪ مخصوص بوهري کان برياني جون ديڳون گهرايون وينديون هيون. فاطمه  جناح جي لاڏاڻي کانپوءِ سندس وارثن ۾ موهٽه  پيلس جي ملڪيت تان تڪرار پيدا ٿيو ليڪن هاءِ ڪورٽ موهٽا پيلس سندس ڀيڻ شير جناح جي حوالي ڪيو  جنهن جو لاڏاڻو 1980ع ۾ ٿيو. هن پنهنجي زندگي ۾ هي عمارت  خيراتي ڪمن لاءِ وقف ڪري ڇڏي هئي، سندس خواهش هئي ته عمارت ۾ شاگردياڻين لاءِ هڪ ميڊيڪل ڪاليج قائم ڪيو وڃي. شيرين جناح جي لاڏاڻي کانپوءِ هڪ ڀيرو وري وارثن ۾ عمارت حاصل ڪرڻ لاءِ ڪيس شروع ٿي ويا هئا. جنهن کانپوءِ عدالت عمارت کي سيل ڪرڻ جا  حڪم جاري ڪيا هئا ۽ ان کانپوءِ عمارت سيل ڪئي وئي  هئي.

1995ع ۾ سنڌ حڪومت جي درخواست تي بينظير ڀٽو  سنڌ حڪومت جي ثقافت کاتي کي هي پيلس خريد ڪرڻ ۽ ان کي بحال ڪري ميوزم ۾ تبديل ڪرڻ لاءِ 70 لک روپيا ڏنا هئا.  ثقافت کاتي 61 لک روپيا عمارت خريد ڪرڻ لاءِ ادا ڪيا باقي رقم عمارت جي سونهن ۽ سينگار تي خرچ ڪئي وئي. پيلس جي سارسنڀال لاءِ هڪ بورڊ آف ٽرسٽي به ٺاهيو ويو. عمارت جي بحالي دوران ان کي اصلي رنگ ۾ آڻڻ جي ڀرپور ڪوشش ڪئي وئي. ڊگهي عرصي کان ڄميل مٽي جي تهن ۽ ڪارنهن کي صاف ڪيو ويو ته جيئن گلابي پٿر جو اصلي روپ واضح ٿي سگهي.

موهٽا پيلس جو سرڪاري نالو “قصر فاطمه” آهي ليڪن ان نالي سان هن عمارت کي ڪير به نه سڃاڻي. هي عمارت اڄ تائين موهٽه پيلس  ئي آهي. عمارت جي آفيشل ويب سائيٽ به موهٽه پيلس ميوزم جي نالي سال موجود آهي.

below article banner

پنهنجو رايو ڏيو

توهان جو اي ميل پتو ظاهر نه ڪيو ويندو. گهربل معلومات تي هيءَ نشان لڳل آهي: *

*

You may use these HTML tags and attributes: <a href="" title=""> <abbr title=""> <acronym title=""> <b> <blockquote cite=""> <cite> <code> <del datetime=""> <em> <i> <q cite=""> <strike> <strong>

صفحي جي چوٽيءَ تي وڃو