Home / افيئر / مين تان کوئي خيال هان، ملسان نال خيال دي ، سيد جي سار يا سنڌ جو سُڏڪو….!!
above article banner

مين تان کوئي خيال هان، ملسان نال خيال دي ، سيد جي سار يا سنڌ جو سُڏڪو….!!

لطيف جمال

                  جن ڏهاڙن ۾ اسان جي ايم سيد جي جواني ڏٺي هُئي، تڏهن ويل چيئر تي هلندڙ هڏڙين مُٺ اهڙي تند هُئي جيڪا تلوار کان به تِکي هُئي. هُو اهڙي پناهه وانگر هو جو ڪيترا ئي ٻارڙا پنهنجي ماءُ جي گرم گود به وساري اُن پوڙهي جي پيار جا قيدي بڻجي ويندا هُئا. جيڪو کين شعور جي اهڙي روشن واٽ جو ڏس ڏيندو هو، جنهن واٽ جا مسافر، منزل ماڻڻ لاءِ پنهنجي جوانيءَ جا ڏهاڙا تتل رڻ جي سفر ۾ طئي ڪرڻ لاءِ به تيار ٿي ويندا هُئا. اسان 80ع جي ڏهاڪي جا اُهي عاشق به ڏٺا جيڪي سيد جي سِڪ ۾ سن کي سياسي ڪعبي طور قبول ڪرڻ کان پوءِ سياسي قبلا تبديل ڪرڻ واري ڪلچر جو مرڻ گهڙيءَ تائين حصو نه بڻيا. جتان سنڌپرست فڪر جي واٽ تي عقيدت جون اکيون ايتريون انڌيون نه ٿيون هُيون جو شخصي نعريبازيءَ جي راهه تي نظرياتي سياست جا بينر ويڙهجي وڃن. سيد سنڌ جو واحد جُهونو سياستدان هو جنهن جا سمورا عاشق اُهي نوجوان هُئا، جيڪي سيد ۽ سنڌ تان پنهنجي ڪنڌ جي قيمت کي خسيس سودو سمجهندا هُئا. هي اُهو دور هو جنهن دور ۾ قومپرست سياست جڏهن شخصي نعريبازيءَ پاسي وڌڻ لڳي هُئي ته سيد جي سنجيدهه چهري تي مُرڪ اچي ويندي هُئي. پر اُن مُرڪ جي پويان به خاموشيءَ جي رِڻ جهڙي اٿاهه اداسي هوندي هُئي. جنهن مان محسوس ٿيندو هو ته سيد شخصيت پرستيءَ جي بيماريءَ کان ڪيترو نه بيزار آهي؟!

                     هُو چاهي ها ته شيخ مجيب سميت پاڪستان جي سموري  اسٽيبلشمينٽ سان بارگيننگ ڪري ها. هُو چاهي ها ته سنڌ حڪومت ۾ هميشه لاءِ پنهنجو حصو رکي پئي سگهيو. جڏهن کيس ان اکر تان هٿ کڻائڻ لاءِ لالچن جا لالي پاپ آڇيا پئي ويا، جنهن لاءِ يونان جي ناول نگار ڪازانت اهوزاڪس لکيو آهي ته “آزادي” اهو لفظ مان ڏنگين ۾ ائين ٿو رکان جيئن هڪ وحشي سانَ کي سڱن کان پڪڙي جهلبو آهي. پر هُن کي ان لفظ سان عشق هو. هن ان لفظ تان دستبردار ٿيڻ وارو اوڇو ڪم نه ڪيو. هُن ائين ان ڪري به نه ڪيو، ڇاڪاڻ ته پاڪستان جي سموري سياسي قيادت وٽ آجپو ته پري جي ڳالهه آهي پر سنڌ کي معمولي خودمختياري ڏيڻ جيترو به اختيار نه هو.جنهن وقت هُن اها ڳالهه سمجهي ورتي ته جنهن واعدي تي اسان کي پاڪستان ۾ شامل ڪيو ويو هو ۽ جنهن صبح جي آسري تي سنڌ کي پاڪستان ۾ شامل ٿيڻو پيو هو. اُها صبح ته اڃان پري آهي. تڏهن کان سيد پنهنجي سياسي رستي جو تعين ڪري ورتو ۽ مسلم ليگ کان ڌار ٿي سنڌ جي آجپي خاطر ادبي ۽ ثقافتي سرگرمين جي شروعات ڪئي. جيڪي سرگرميون مختلف مرحلن مان گُذري جيئي سنڌ تحريڪ ۾ تبديل ٿي ويون ۽ سيد مڪمل طور سياسي پارٽيءَ جي پليٽ فارم تان سن کي سياسي مرڪز بڻائي سرگرم ٿي ويو.

                   ڪڏهن ڪڏهن حالتن جا رُخ مَٽجي ويندا آهن. اُهو سيد جيڪو هميشه شخصيت پرستي جو مخالف رهيو. جيڪو سنڌ کان مٿانهون ڪنهن به نظريي ۽ عقيدي کي قومي گُناهه سمجهندو هو، سو هميشه ان سوچ جو حامي هو ته سنڌ کان مٿانهين ڪا به شخصيت ناهي ٿيندي. وطن هميشه شخصيتون پئدا ڪندا آهن پر شخصيتون وطنن کي ڄڻي ناهن سگهنديون. ها ڪنهن شخصيت جي وطن جي آجپي لاءِ جدوجهد ڳڻي سگهجي ٿي ۽ قومي غلاميءَ خلاف ڪردار تاريخ جي سونهري تحرير بڻجي سگهي ٿو. پر وطن کان مٿي شخصيتون ناهن ٿينديون. اها الڳ ڳالهه آهي ته اڳتي هلي سيد جي زندگيءَ جو نصاب به اهڙي سياسي شخصيت پرستيءَ کان سندس سياسي نظريي جي واٽ تي هلندڙ پارٽيءَ کي به بچائي نه سگهيو ۽ اُها پارٽي به شخصيت پرستيءَ جي طوفان ۾ اهڙي ڀُرندڙ ٻيڙي بڻجي ٽُڪرن ۾ ورهائجي وئي. جنهن کي جوڙڻ لاءِ نظرياتي ۽ فڪري هڪجهڙائيءَ وارا خيال به کين گڏائي نه سگهيا. سيد جي فڪر سان سلهاڙيل سمورن ڌڙن جا ڌار ڌار دليل ٻُڌي، مونکي شولوخوف جون اُهي سٽون ياد اينديون آهن. جيڪي هُن پنهنجي آتم ڪٿا On the beatings of my hearts  ۾ بيان ڪيون آهن: ”اوهان نوجوانن کي ائين سيکاريو جيئن عقاب پنهنجي ٻچن کي اُڏرڻ سيکاريندو آهي. عقاب جڏهن ڏسندو آهي ته هُن جي ٻچڙن جا پَر هوائن ۾ رستو ٺاهڻ جهڙا ٿي ويا آهن. تڏهن هو اُنهن کي آسمان جي بُلندين تي کڻي ويندو آهي ۽ پوءِ کين نيرين وُسعتن ۾ ڇڏي ڏيندو آهي. انهن جو فقط ايترو خيال رکندو آهي، ته جيئن هُن جي ٻچڙن جون ڪَچڙيون کنڀڙاٽيون ٽُٽي نه پون.“مان اڪثر شولوخوف جي انهن سٽن تي سوچيندو آهيان ته سيد جو وڇوڙو به اُن وقت ٿيو جڏهن هُن جي ٻارڙن جي سياسي سمجهه جون کنڀڙاٽيون ڪَچيون هيون. جن سنڌ جي قومي تحريڪ جي نيري آسمان تان اُڏار ڪرڻ وقت ئي پنهنجون کنڀڙاٽيون ٽوڙائي وڌيون.!!!

                      سن جو صوفي سيد جنهن مُسلسل پنهنجي زندگي خوشحال سنڌ جي خوابن ۾ گذاري، جنهن ائين ڪڏهن به نه سوچيو هو، ته سندس فڪر ترميم پسنديءَ جي تيلين سان ساڙي تباهه ڪيو ويندو. ان حد تائين جو سن ۾ سندس سالگرهه يا ورسي تي وڪرو ٿيندڙ ڪتابن جا اصل عنوان به غائب ڪيا ويندا. هوته سنڌ جي سياست ۾اهڙو ڪُراڙو ڪردار هو، جنهن سينواريل سياست ۾ پنهنجي دامن کي هميشه داغ کان بچائي رکيو. جنهن وٽ ڪاروباري سياست جي نالي سوني جهرڪيءَ جهڙا محاورا، معمولي ڳالهه هُئا. جيڪو اهنسا ۾ ايمان رکندو هو پر گانڌيءَ وانگر اهنسا کي عقيدو نه سمجهندو هو. هو جڏهن هن دُنيا جي دروازن تي آخري نظر وجهي الوداع چئي رهيو هو، تڏهن به تصور ۾ پنهنجي محبوب سنڌ کي اُن فارسي شعر ۾ مخاطب هو ته :

به جُرمِ عشق تُو، اُمِ کُشند گوگا اِست

تُو نِيز برسرِ بام، آ کِ خوش تماشاءِ است

معنى: تنهنجي عشق جي ڏوهه ۾، مونکي ڪُهن ٿا، وڏو هُل متل آهي،

تون به ماڙي تي چڙهي ڏس ڪيڏو نه وڻندڙ نظارو آهي؟؟!!!

                     سنڌ جي سياست هر دور ۾ بُهتانن جي بازار بڻيل رهي آهي. پر سيد سنڌ جي سياست ۾ اهڙو انوکو ڪردار هو. جنهن جو دامن هميشه کير وانگر اُجرو رهيو. جنهن جا نقاد به جڏهن هُن جي سامهون ايندا هُئا ته سيد جي انسان دوستي، مهمان نوازي، پيار ۽ پنهنجائپ ڏسي شرمائجي ويندا هُئا. هُو جنهن ڪڏهن به پاڻ تي ٿيل ڪڙين تنقيدن جي ترديد نه ڪئي. هُن ڪڏهن به ڪنهن کي طنز ڀريا طعنا نه ڏنا، بس سنڌ جي قومي آجپي واري رستي تي رمندو رهيو. اُن سِٽ وانگر ته: ”اوهندي او جاني، سانڪون اپڻي ريت نڀاوڻ ڏي“ ۽ ريت نڀائڻ خاطر هُن جيل ڪاٽيا، نظربنديون سَٺيون. اهڙي ڪهڙي مصيبت هُئي جيڪا هُن جي حصي ۾ نه آئي؟ اهڙين ڪهڙين پيڙائن جا پهاڙ هُئا جيڪي هُن تي نه ڪِريا؟؟!! پر هُو صبر ۽ تحمل جي ڍنڍ جو اهڙو اُجرو هنج هو، جنهن ڪڏهن به پنهنجي ڪنولن جهڙي ڪُومل دل کي نفرتن سان ميرو نه ڪيو. جيڪو مسلسل سرڪاري عتاب جي نشاني تي رهيو. پر پنهنجي دل جا سور جَڳ سان سلڻ جهڙا نه سمجهي، ڪتابن جي دنيا کي آباد ڪيائين، اُها دنيا جنهن سنڌ جي سياسي منظر کي تبديل ڪري ڇڏيو ۽ سنڌ جيڪا ذاتين ۽ قبيلن کي قوم تصور ڪندي هُئي سا پنهنجي تهذيبي ۽ ثقافتي ورثي ۽ قوميت جي تصور جي ويجهو آئي. هن ڪڏهن به جيلن جي اڪيلاين ۽ نظربندين کي سياسي هٿيار طور استعمال نه ڪيو نه ئي ڪڏهن، ڪنهن کي پنهنجي پيرن جي ترين جون تصويرون ڏيکاري سياسي سودا ڪيا. اُها غلام محمد گراميءَ جي عظمت واري اک هُئي جنهن سيد جي سياست کي سمجهندي چيو ته هو ته: ”سيد سنڌ آهي…..!“ ائين جيئن ڊيگال چيو هو ته سارتر پوري فرانس آهي.

                       جيڪڏهن صوفين جي سبق کي سمجهجي ته ڪڏهن ڪڏهن محبتن جا مرحلا، عشق جون رمزون اُن سطع تي پهچي وينديون آهن جو منصور کي اناالحق جو آواز الاپڻو پوندو آهي ۽ سولي اُن جي سيج بڻجي ويندي آهي سرمد سنگسار ڪيو ويندو آهي. هي سن جو سياسي صوفي مجذوبيءَ جي                           اهڙي معراج تي پهتل هو، عشق جي اهڙي منزل جي لاحد ڪيفيت تي رسيل هو. جتي هو خود ”سنڌ“ بڻجي ويو هو. عشق جي اهڙي منزل فقط سيد محمد شاهه سنائيءَ جي پُٽ جي حصي ۾ آئي هُئي جنهن جو نالو سيد غلام مرتضى شاهه هو.

                      پر اها به هڪ انوکي حقيقت آهي ته جيڪڏهن سيد رڳو سياستدان ئي هُجي ها ته شايد، سياستدان جي دل ۽ دماغ سان ئي سوچي ها، ۽ پنهنجي ڪيل غلطين کي ڪتابي شڪل ۾ لکي اهو اعتراف نه ڪري ها ته هُن سياسي طور غلطيون به ڪيون آهن. جن جي سزا کيس ملي رهي آهي. پر هُو پنهنجي سياسي غلطين جو اعتراف به ڪندو رهيو ۽ پڇتائيندو به رهيو. هُو ته سنڌ جو صوفي عاشق هو، اهڙو عاشق جيڪو محبت ۾ رُڳو ڏيڻ ڄاڻيندو آهي وٺڻ اُن جو وڙ ناهي هوندو. جي ايم سيد به محبت جي اهڙي معراج واري منزل تي هو جنهن وٽ سنڌ محبوبه هُئي، ڪو واپار وارو وکر نه هُئي. جنهن کي پنهنجي سياسي سفر ۾ استعمال ڪندو رهجي. هُن ته سنڌ ڪارڊ نالي سياست وارو واپار سِکيو ئي نه هو. اهڙي سياست ته فقط اُهي سياسي صوفي ئي ڪري سگهن ٿا، جيڪي پنهنجي محڪوم ماڻهن ۽ وطن خاطر ديبل جو دور ته دُهرائي سگهن ٿا پر ڌرتيءَ جي مِٽيءَ تي سياسي سودا ڪري نٿا سگهن. سيد، سنڌ جي سياست ۾ اهڙو ئي صوفي ڪردار هو ۽ تصوف جي سڄي تاريخ شاهد آهي ته صوفي ڪڏهن به اسٽيبلشمينٽ جا طرفدار ناهن رهيا. انڪار تي آيا آهن ته حڪمرانن اڳيان معافي وٺڻ بجاءِ پنهنجا ڪنڌ ڪَپائي شهيد ٿي ويا آهن. پر حق ۽ سچ تان تِر جيترو به ناهن هٽيا. سو سيد جي سياست عشق واري سياست  هُئي جتي عقل جي حاجت جا هٿ وڍيل هُئا. عقلمند ماڻهو عاشقيءَ جي رمزن جا راز سمجهي ناهن سگهندا. سيد به سنڌ سان عشق جو رشتو ڳنڍيو هو. جيڪو رشتو عقلمند سياستدانن جي سمجهه کان مٿي هو.

                   اڄ سڄي سنڌ مان نوجوانن جا قافلا، سن جي اُن سيد جي سالگرهه ۾ اچڻ لاءِ نظمن جهڙا نعرا هڻندي، پهتا آهن. جيڪو سيد انهن جي مايوس چَهرن ۽ ٿڪل جسمن کي ستارن جهڙين اکين سان مُرڪي ڏسندو هو ته انهن جي اندر ۾ سوين سارنگ ڇڙي پوندا هُئا. اڄ اُهي نوجوان ساڳئي سن ڏانهن واپس ٿيا آهن پر سيد کانسواءِ هُو ائين محسوس ڪن ٿا ڄڻ هُو پنهنجي دل جي ديس ۾ ئي جلاوطن هُجن. جن جو دنيا ۾ ڄڻ ڪجهه به نه هُجي. ڄڻ هُو هٿن ۾ ڪو ڪشڪول کڻي هر دل جو در کڙڪائي پيار ڪَڻا پني رهيا هُجن. دل جي دنيا ۾ جلاوطنيون کڻي جيئندڙ هي نسل به وڃائجي ويل ٻار وانگر لڳي رهيو آهي. جيڪو پنهنجي دل ڪَنڊن تي ڪيرائي سيد جي سيرانديءَ کان بيهي سوچي ٿو ته ڇا سيد جي صبوح وارو خواب دوزخ جهڙي ديس ۾ ساڀيان ڪڏهن ٿيندو؟ ڪڏهن چانڊوڪي هن ديس جي گهٽين مٿان مهربان ٿيندي؟ ڇو ته شخصيت پرستيءَ پاسي ويندڙ رستن ۾ سيد جو فلسفو هاڻ حسرتن جي اکين ۾ چُڀندڙ شيشن وانگر بڻجي ويو آهي. جتي هام هڻڻ ته آسان آهي پر سنجيدگيءَ جي پيرن جون تريون ئي زخمي ٿيل آهن.

                   ”سيد کان پوءِ قومي تحريڪ جو وڏو الميو ڪهڙو آهي؟“  قومي تحريڪ جو هڪ ورڪر پُڇي رهيو هو. ”ڇا اهو الميو گهٽ آهي ته سيد هاڻ هڪ بينر بڻجي ويو آهي…!؟ هڪ جلسو بڻجي ويو آهي….!؟ هڪ اسٽيج ٿي ويو آهي….!؟ هڪ تقرير بڻجي ويو آهي…!؟ سيد جي آجپي جو خواب پارٽي ڊسيپلين ۾ پُورجي ويو آهي… اِهو الميو آهي.“ هڪ قومپرست شاعر چوي ٿو…! الميو ته اهو به آهي جو جيڪو سيد ٽوڙهي ڦاٽڪ جي نوجوانن جي شهادت جو ٻُڌي اوڇنگارون ڏئي رُنو هو ۽ جنهن پنهنجي اوطاق کي تڏي ۾ تبديل ڪري تعزيتون وصول ڪيون هُيون. اُن جي وڇوڙي کان پوءِ ٽوڙهي ڪيس جا ڪردار به سيد جي واٽ وساري ويٺا آهن. اُهو سيد جيڪو طويل مُدت تائين درد جا مزا وٺي موڪلاڻيءَ جي رستي جي چونڊ ڪئي. سنڌ ۾ نوجوانن جي شهادتن جي حادثن واري پيڙا، پوڙهائپ تائين به هُن جو پيڇو ڪندي رهي.  ڪازانت زاڪس لکيو آهي ته: ”عظمت اِن ۾ ناهي ته هڪ جهٽڪي سان سمورو رت ڏئي شهيد ٿي وڃجي. پر اُهي ماڻهو عظيم آهن جيڪي قسطن ۾ مرڻ جو مزو وٺن ٿا.“ سو سيد به اسان کان آهستي آهستي موڪلايو….. مزو وٺي موڪلايو….. زندگيءَ جي شيشن تي اگهاڙين پيرين رقص ڪندي موڪلايو…. سڀ عاشق ائين موڪلائيندا آهن. اها عاشقن جي ازلي رسم آهي…! اسان رڳو ڏسندا رهجي ويندا آهيون. دنيا جي عاشقن جي حصي ۾ آيل سموريون موڪلاڻيون ائين قسطن ۾ ئي ٿيون آهن. اسان رڳو پنهنجي انڌن سُڏڪن سان محبتن جا مرثيا ڳائيندي رهجي ويندا آهيون.

                      سياست جي روايتي راند ۾ جنهن جا بنياد واريءَ جي ڍيرن تي بيٺل هوندا آهن. اُتي سيد جي سياست جا بنياد سِيهي جي ديوار وانگر اهڙا مضبوط هُئا جن کي ڊاهڻ، وقت جي منات ۽ عُظى جي وس جي ڳالهه نه هئي. سيد پنهنجي پوري حياتيءَ جو فڪري پورهيو اُن پارٽيءَ جي حوالي ڪيو جيڪا پارٽي ستن ٽڪرن ۾ ورهائجي وئي ۽ جيئي سنڌ هلچل ۾ هن وقت ڪو به اهڙو ڌڙو ناهي جيڪو اها دعوى ڪري سگهي ته هُو باقي ڌڙن جي مُقابلي ۾ اڪثريتي پوزيشن ۾ آهي. ڇا سيد جي فڪري پورهئي جون دعويدار ڌريون اها دعوى ڪري سگهن ٿيون ته انهن جا بنياد به سيد جي سياست وانگر مضبوط ديوار وانگر آهن؟ اُهو سيد جنهن پنهنجي سياسي ابتدا معصوم ٻارڙن جي ترين مان نڪتل آڱرين جيترن ٿورڙن نوجوانن کان ڪئي هُئي. جنهن کي ٿورڙن ئي نوجوانن جي اهڙي حلقي قبول ڪيو هو. جيڪي سِر ترين تي رکي سيد جا سپاهي بڻجي هلندا هُئا. جيڪي سيد جي ڪردار ۽ اخلاق جا عاشق هوندا هُئا. پر اڳتي هلي ڪيترائي نوجوان به سيد سان سياست جي روايتي راند ۾ بهانا ڪري جُدا ٿي ويا ۽ سياسي سمجهوتن جي دنيا آباد ڪيائون. پر هُو اهڙو پهڻ هو جيڪو پِڙ تان نه چُريو. هن ڪڏهن به بي وفائين جا حساب نه رکيا. هو پنهنجي نظريي ۽ فڪر تي آخر تائين قائم رهيو. اُن سيد جي زندگيءَ جو باب بند ناهي ٿيو. هُن جي فڪر جي خوشبو سڄي سنڌ ۾ پکڙيل آهي. ڇاڪاڻ ته جي ايم سيد، سنڌ سان سياست وارو رشتو نه رکيو هو. سياست وارا سلسلا کُٽي پوندا آهن. انهن جي پُڄاڻي ممڪن هوندي آهي پر عشق جا سلسلا عميق هوندا آهن جن جي ڪا منزل ناهي هوندي. سيد جو رستو به  وحدانيت جي وهندڙ اهڙي نديءَ وانگر آهي، جيڪا هر پل هر گهڙي نئين آهي. جيڪا نئين نينهن جي نشي وانگر هميشه حواسن تي ڇانيل رهي ٿي. سيد سياست جي دنيا ۾ هڪ صوفي خيال هو هڪ اهڙو آدرش جنهن جو ڳانڍاپو ذات جي شعور سان آهي. سچل سائين جي انهن سٽن وانگرته:

مين تان کوئي خيال هان

ملسان نال خيال دي _

ڇا جي ايم سيد به ڪو خيال هو؟ ڪو اهڙو خيال جنهن کي خيالن ۽ آدرشن ۾ ڳولي سگهجي ٿو؟ خيال جيڪي مرندا ناهن. مرندا ته فقط ماڻهو آهن. ماڻهن جا لاش ماڻهن جي ڪُلهن تي کنيا ويندا آهن. پر خيالن جا جنازا ناهن ٿيندا. اُهي ته گرم لُڙڪ بڻجي اکين مان اوتجي ايندا آهن. ڪنهن سُڏڪي جي صورت ۾ نڙين ۾ اٽڪي پوندا آهن. جي ايم سيد به سنڌ جي ساهه جو هڪ سڏڪو هو.

E-mail: latifjamal@hotmail.com

below article banner

پنهنجو رايو ڏيو

توهان جو اي ميل پتو ظاهر نه ڪيو ويندو. گهربل معلومات تي هيءَ نشان لڳل آهي: *

*

You may use these HTML tags and attributes: <a href="" title=""> <abbr title=""> <acronym title=""> <b> <blockquote cite=""> <cite> <code> <del datetime=""> <em> <i> <q cite=""> <strike> <strong>

صفحي جي چوٽيءَ تي وڃو