Home / افيئر / مڪاني آرڊيننس: فنڪشنل ليگ ۽ متحده ۾ نئين سنگت!
above article banner

مڪاني آرڊيننس: فنڪشنل ليگ ۽ متحده ۾ نئين سنگت!

سمير منڌرو
سنڌ ۾ متبادل سياسي پارٽي وارو آسرو ڪرڻ فضول خيال ٿو لڳي. پيپلز پارٽي جي بادشاهت اڃا ڪافي عرصي تائين قائم ۽ دائم رهندي. هن پارٽي کان سواءِ عام ماڻهن کي ڪو آسرو هو ته اهو فنڪشنل ليگ مان هو جنهن گذريل سال سنڌ پيپلز لوڪل گورنمينٽ آرڊيننس تي حڪومت کي اهڙو ته ٽف ٽائيم ڏنو جو مجبور ٿي سنڌ حڪومت کي اهو قانون جيڪو متحده جي مرضي ۽ منشا موجب رات پيٽ ۾ آندو ويو هو، واپس وٺڻو پيو. انهي آرڊيننس جي باري ۾ فنڪشنل ليگ جي دعويٰ هئي ته هن جي ڪري حڪومت گوڏا کوڙيا. عام ۽ خاص کي به انهيءَ، سان ڪومقصد نه هو ته اهو ڪريڊٽ ڪنهن جي حصي ۾ ٿو وڃي، پر اهي صرف انهي ۾ خوش ٿي لڳا ته انهن مٿان پيل قانون ٽري ويو.
ان وقت فنڪشنل ليگ جي انهي نظام خلاف اٿي کڙو ٿيڻ عام ماڻهن لاءِ هڪ نئين اميد هئي ته ڪو ته آهي جيڪو پيپلز پارٽي سامهون اچي سگهي ٿو ۽ انهي آس پويان اها جرئت پڻ ٿي ڏٺي ته متحده سان ٽڪر لاءِ فنڪشنل ليگ ئي هڪ بهتر آپشن آهي. جيتوڻيڪ انهي سڄي مرحليوار ننڍڙي تحريڪ پويان قومپرست پارٽيون، ليکڪ شاعر، صحافي ۽ سنڌ جي پڙهيل ڳڙهيل طبقي پڻ پاڻ ملهايو ۽ پيپلز پارٽي جي همراهن وڃي اسلام آباد تائين خبرون ڏنيون ته نظام تان هٿ کڻو نه ته ايندڙ چونڊن ۾ سنڌ تان هٿ کڻڻو پوندو. ڪيترن ئي يارن انهي آرڊيننس ۽ پيپلز پارٽي جي متحده سان ياري جي قيمت بيضن، ٽماٽن ۽ چوڙين جي صورت ۾ وصول قانون واپس وٺڻ کان پوءِ پڻ ڪئي.
انهي وقت قانون آڻي سنڌ کي يقيني طور تي ٻن حصن ۾ ورهائڻ جي سازش هئي. جنهن لاءِ فنڪشنل ليگ جيڪو جذبو انهي دوران ڊسمبر 2012ع جي ٻئين هفتي ۾ حيدرآباد ۾ ڪيل جلسي ۾ ڏيکاريو سو جيڪڏهن جاري رکي ها ۽ وڏيرڪا لباس لاهي عوامي ٿي بيها ها ته يقينن هن وقت هُن وٽ وٽ متحده جيترو ايم پي ايز جو تعداد هجي ها. پر حيدرآباد واري ڪامياب جلسي کانپوءِ فنڪشنل ليگ جي ليڊر شپ شايد اهو سمجهي ويٺي ته هنن جي سنڌ جي هر تڪ مان ڪاميابي يقيني آهي. عام تجزيه نگارن جو به اهو ئي خيال هو ۽ جڏهن ٺيڪ ٻه هفتا پوءِ ۾ پيپلز پارٽي محترمه جي پنجين ورسي ڳڙهي خدا بخش ۾ ملهائي ته ماڻهن جي جوش ۽ جذبي ۽ تعداد مان پڻ ايئن ٿي لڳو ته پيپلز پارٽي جا سنڌ ۾ باقي ڪي ڏينهن رهيا آهن. حيدرآباد جي جلسي دوران فنڪشنل ليگ جي اڳواڻن امتياز شيخ ۽ ڄام مدد علي اها دعويٰ ڪئي هئي ته سنڌ ۾ متبادل سياسي پارٽي ۽ قيادت اچي چڪي آهي.
انهي وقت فنڪشنل ليگ کي متبادل سياسي پارٽي سمجهڻ جا ڪافي سبب هئا جن ۾ سر فهرست پيپلز پارٽي جي سنڌ جي ماڻهن سان ويساهه گهاتي، وسيلن جي لٽ مار، ڪرپشن، وڏيرڪي ذهنيت، موروثي سياسي ڪلچر، سنڌ جي مسئلن کي نظر انداز ڪرڻ، ذوالفقار آباد جهڙو منصوبو آڻڻ ۽ سڀ کان وڏي ڳالهه ته متحده جي اشارن تي کيڏڻ ۽ سنڌ کي ورهائڻ جي سازش شامل ٿيڻ.
مڙني کي قومپرستن جا حال ساريا پيا هئا. نواز ليگ جا سنڌ ۾ حال به ڪنهن کان ڳجها نه هئا، باقي رهيو آسرو فنڪشنل ليگ جو سو هن کي به پيرن ۽ ميرن جي پارٽي سمجهيو ويندو رهيو هو. پر موجوده پيرپاڳاري جي آمد کانپوءِ ڪو آسرو ٿيو هو.
پيپلز پارٽي وارن جڏهن انهي نظام کي واپس ورتو ۽ متحده وارن کي لڪ ۾ اهو آسرو ڏنو ويو ته هي اليڪشن جي مند آهي توهان نظام لاڳو نه ٿيڻ تي ووٽ وٺو ۽ اسان واپس وٺڻ تي بعد ۾ سڀ سيٽ ڪري وٺنداسين. انهي وقت عوام سا اهي واعدا ڪيا ويا ۽ آسرا به ڏنا ويا ته هو ايندڙ وقت ۾ هڪ سنڌ ۽ هڪ نظام کڻي ايندا ته ماڻهن انهي کي پهرين ڀل سمجهي معاف ڪندي ووٽ ڏنو ۽ اقتدار تائين پهچايو. پيپلز پارٽي حالتن کي سمجهندي ۽ متحده جي ڪمزور پوزيشن مان فائدو وٺندي نئون مقاني نظام آندو آهي. جيڪو متحده کي بلڪل به پسند ناهي. جڏهن ته هي اهو ئي نظام آهي جيڪو سنڌ جو عوام ۽ انهي جون سياسي پارٽيون بشمول فنڪشنل ليگ چاهيو پئي، معنيٰ ته پيپلز پارٽي هڪ ڌڪ ۾ ڪيترائي شڪار ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿي ڏسجي.
اڳوڻي نظام آڻڻ ۾ صرف متحده جو فائدو ٿي نظر ايو ۽ اها ئي اهم ڳالهه هئي جنهن ڪري، سنڌ جي عام ماڻهو جي نفرت متحده سان انهي نظام تي زور ڀرڻ سان وڌي ۽ جيڪو به متحده سان گڏ ٿي بيٺل نظر آيو انهي کي سنڌ دشمن سمجهيو پيئي ويو ۽ هن وقت به عام تاثر اهو ئي آهي ته متحده انهي نظام کي آڻڻ ۽ لاڳو ڪرڻ تي بضد آهي، تنهن ڪري متحده کي سنڌ دوست سمجهڻ تقريبن ناممڪن بڻجي چڪو آهي.
سپريم ڪورٽ جي آرڊيننس کانپوءِ اليڪشن ڪميشن مقامي چونڊن جي پهرين تاريخ 27 نومبر جي ڏني، جيڪا بعد ۾ تبديل ٿي جنوري تائين پهچي وئي آهي. انهي سڄي عرصي ۾ پيپلزپارٽي ڪڏهن سرد موسم ۽ ڪڏهن ڪراچي آپريشن ته ڪڏهن حد بندين جا جواز ڏئي اليڪشن ٽارڻ جي ڪوشش ڪئي پر نيٺ قانوني ماهرن ۽ سياسي پنڊتن جي چوڻ ۾ اچي اهو موقف اختيار ڪيو ته وقت مناسب ناهي ته ادارن سان ٽڪر ۾ اچجي چونڊون ڪرائڻ تي راضي ٿي آهي ۽ مسلسل نئين قانون ۾ ترميمون ڪندي رهي آهي. جڏهن ته حد بندين جي مامري تي متحده، نواز ليگ ۽ فنڪشنل ليگ رڙيون ڪندا رهيا آهن ته پيپلز پارٽي ٻين سياسي پارٽي کي اعتماد ۾ وٺڻ کان سواءِ پنهنجي مرضي سڀني تي ٿو مڙهي رهي آهي. باوجود سخت اعتراضن جي سڀ پارٽيون چونڊن ۾ نه صرف حصو وٺڻ جو چونديون رهيون آهن بلڪه انهي لاءِ تياري ۾ پڻ رڌل آهن.
عام چونڊن ۾ فنڪشنل ليگ نون پارٽين سان گڏجي پيپلز پارٽي خلاف الائنس ٺاهيو جنهن جو ڪو خاطر خواهه نتيجو نه نڪتو. اليڪشن ڪميشن کان موجوده تاريخ اچڻ کان اڳ فنڪشنل ليگ اها دعويٰ ڪئي هئي ته هو ڪنهن به قسم جو ڪو الائنس نه ٺاهيندا. پر چوندا آهن ته سياست ۾ ڪو به حرف آخر ناهي ٿيندو سو جڏهن متحده فنڪشنل ليگ سان پيپلز پارٽي جي سازشن خلاف هڪ ٿيڻ جي ڳالهه ڪئي ته همراهن دير ئي نه ڪئي.
نه صرف گرانڊ الائنس لاءِ راضي ٿيا پر نئين قانون خلاف پيپلز پارٽي خلاف به راضي ٿي ويا. ٻي ميٽنگ نواز ليگ جي عرفان مروت جي گھر ڪوٺائي ويئي ۽ اهو فيصلو ڪيو ويو ته سنڌ اسيمبلي جو اجلاس ڪوٺايو ويندو ۽ انهي ۾ انهي قانون تي بحث ڪيو ويندو. اجلاس ته ٿيو پر بحث نه مورڳو انهي قانون جون ڪاپيون پڻ ڦاڙيون ويون جنهن ۾ مڙني ڌرين حصو ورتو.
اڳ نظام خلاف فنڪشنل ليگ نظر ۾ آئي ۽ هاڻي لڳي ٿو ته فنڪشنل ليگ نظام خلاف نه بلڪه پيپز پارٽي خلاف هئي. ڇو ته اهو نظام متحده کي ناپسند آهي انهي سان گڏ بيهڻ سنڌ دوستي تي سواليه نشان آهي. سموري سنڌ فنڪشنل ليگ جي موجوده ڪردار تي شڪ ٿي ڪري. جيڪڏهن واقعي کين انهي نظام تي ڪي اعتراض آهن ته اهي اسيمبلي ۾ بحث هيٺ آندا وڃن ها ۽ جيڪڏهن حد بندين ۽ پيپلز پارٽي تي ڪي شڪ هئا ته انهي کي نه صرف عوام سامهون آندو وڃي ها بلڪه انهن تي جمهوري طريقي سان آواز اٿاريو وڃي ها.
موجوده صورتحال ۾ جيڪڏهن پيپلز پارٽي ڪو يو-ٽرن وٺي ٿي ته ڇا وري فنڪشنل ليگ تي وري اعتبار ڪري سگهبو ۽ پيپلز پارٽي سان دشمني جي ڪري متحده سان دوستي فنشڪنل ليگ کي گهڻي مهانگي پوندي.
اندر جون خبرون اهي آهن ته فنڪشنل ليگ جي اڳواڻن جي مسلسل پيپلز پارٽي ۾ شموليت هڪ اهم سبب آهي جنهن ڪري هن متحده سان هٿ ملايو آهي. نه ته بقول متحده جي ته پيپلز پارٽي ڪراچي ۾ شهر جي ڳوٺن وارن جي حڪومت آڻڻ ٿي چاهي ته فنڪشنل ليگ کي انهي تي اعتراض بلڪل به نه ڪرڻ گهرجي، ڇو ته ڪيستائين اهي بنيادي سهولتن کان اڃا به محروم رهندا؟ ٻي ڳالهه به فنڪشنل ليگ کي سمجهڻ گهرجي ته متحده سان هن وقت تائين دوستي جو ڪنهن کي به فائدو ناهي پهتو. نواز ۽ پاڪستان تحريڪ انصاف وارا ڀائر ته مڙئي رونشو ٿا ڪرائن. متحده جي پوزيشن واضح آهي فنڪشنل ليگ کي سنڌ جي ماڻهن اڳيان پنهنجو رستو ۽ موقف ڪليئر ڪرڻ جي ضروت آهي. نه ته اڳواڻي حڪومت واري پيپلز پارٽي ۽ هاڻوڪي فنڪنشل ليگ ۾ ڪو به فرق باقي نه رهندو.

below article banner

پنهنجو رايو ڏيو

توهان جو اي ميل پتو ظاهر نه ڪيو ويندو. گهربل معلومات تي هيءَ نشان لڳل آهي: *

*

You may use these HTML tags and attributes: <a href="" title=""> <abbr title=""> <acronym title=""> <b> <blockquote cite=""> <cite> <code> <del datetime=""> <em> <i> <q cite=""> <strike> <strong>

صفحي جي چوٽيءَ تي وڃو