Home / افيئر / مڪاني چونڊون: جي يو آءِ ملهه ماري وئي!
above article banner

مڪاني چونڊون: جي يو آءِ ملهه ماري وئي!

بلوچستان سياسي ۽ سماجي اعتبار کان اڃا تائين بحراني ڪيفيت ۾ ورتل آهي.سياسي ڇڪتاڻ سبب معاملا ايترا ته الجهيل آهن جو انهن جو حل ايترو سولو نٿو سجهي. 11 مئي جي عام چونڊن جي موقعي تي صوبي ۾ جاري سياسي ڇڪتاڻ ۽ سماجي تبديلين جي منصوبابندي وڌيڪ شدت پسند لاڙو اختيار ڪيو ۽ عام چونڊن جي بائيڪاٽ جي مهم جوئي ڪافي سرگرم نظر آئي. ان جي ابتڙ مڪاني چونڊن ۾ بلوچستان جي سياست جي مستقل فيڪٽرز ۾ اعتدال پسندي ڏسڻ ۾ آئي. ڪهڙي سياسي ڌر پهرين پوزيشن حاصل ڪئي آهي؟ اهو سوال سياسي جماعتن جي مقبوليت جي حوالي سان اهميت رکي ٿو. صوبي جي سياسي منظر نامي ۾ ڇانيل جمود ۾ ايندڙ تبديليون بهرحال ان جي مقابلي ۾ وڌيڪ سائنسي، سماجي ، سياسي ۽ عملي سوال آهن.

آواران ضلعو پنهنجي مخصوص نفسياتي ۽ سياسي مزاج جي ابتڙ رهيو آهي. مڪاني چونڊن ۾عوام کي پنهنجي راءِ ڏيڻ جو موقعو ئي نه مليو ليڪن علائقي جي مک ماڻهن ۽ سياسي جماعتن سان تعلق رکندڙ ماڻهن جو بنا مقابلي چونڊجي وڃڻ حيرت کان وڌيڪ تبديلي جي حوالي سان نهايت غور طلب آهي.

ان جي ابتڙ ضلعي ڪيچ (تربت) جي صورتحال ڪافي ڇڪتاڻ واري آهي، جتان چونڊيل ڪائونسلرن کي اغوا ڪيو ويو. آزادي کانپوءِ انهن اهي عهدا ئي ڇڏي ڏنا. ڇا استعفيٰ جي انهن واقعن پٺيان مزاحمتي تنظيمن جو دٻاءُ ۽ فيصلائتو ڪردار هيو ؟ ظاهري طرح ته چونڊيل ڪائونسلرن طرفان استعيفائون ڏيڻ پٺيان اهو ئي سمجهه ۾ اچي ٿو. سوال اهو آهي ته ڇا بلوچ مزاحمت ڪارن پنهنجو مرڪز آواران کان ڪيچ منتقل ڪري ڇڏيو آهي؟ جيڪڏهن گهرائي سان صوبي ۾ ايندڙ تبديلين جو جائزو ورتو وڃي ته گمان ٿئي ٿو ته مزاحمتڪارن صوبي جي وزيراعليٰ ۽ نيشنل پارٽي جي اهم تڪ تربت ۾ پنهنجي حڪمت عملي وسيلي اهڙو منفي تاثر پيدا ڪيو آهي جو صوبي ۾ سياسي مفاهمت يا بدامني جي تدارڪ لاءِ صوبائي حڪومت جي خواهشن ۽ ترجيحن جي پيش قدمي بابت شڪ پيدا ٿي رهيا آهن.

مڪاني چونڊن جي نتيجن جي ابتڙ اليڪشن ڪميشن جي جاري ڪيل قطعي نتيجن کانپوءِ نيشنل پارٽي بدران جمعيت علماءِ اسلام (ف) سڀ کان وڌيڪ سيٽون حاصل ڪيون آهن. مسلم ليگ ن، اليڪشن ڪميشن جي نتيجن کي رد ڪري ڇڏيو ڇو ته هاڻي مسلم ليگ ن، صوبي ۾ ٻي مخالف وڏي جماعت نه رهي آهي. مڪاني چونڊن صوبي جي سياسي گراف ۽ عام راءِ کي تبديل ڪري ڇڏيو آهي، پ پ عام چونڊن وانگر مڪاني چونڊڻ ۾ به ڳڻپ جوڳي ڪاميابي حاصل ڪري نه سگهي آهي. اهڙي ريت 2012ع جي عوامي سروي ۾ تحريڪ انصاف کي بلوچستان جي سڀ کان وڏي ۽ مقبول پارٽي ٻڌايو ويو هو. ليڪن عام چونڊن ۽ مڪاني چونڊن جا نتيجا به ان راءِ جي ابتڙ آيا. مون اڳ به لکيو هو ته تحريڪ انصاف صوبي جي وڏي ته ڇا پر اڃا تائين ڳڻپ جوڳي جماعت به نٿي سگهي آهي. چونڊن جي نتيجن عوامي راءِ جاچيندڙ سروي توڙي جائزن جوپول کولي ڇڏيو آهي.

بلوچستان جا اڪثر سياسي ۽ سماجي مامرا بحران جي ڪن ۾ آهن، پاڙيسري ملڪن سان لڳندڙ سرحدون به حساس آهن. ايشيا ۾ خاص طور تي وچ اوڀر، خليج فارس ۾ اهم ڪردار ادا ڪندڙ شيعا سني قصو هاڻي ايترو لڪل نه رهيو آهي جو ان کي ڪو انڪشاف چيو وڃي. حقيقت هي آهي ته افغانستان ۾ ايران ۽ ٻين عرب توڙي سني رياستن جي ڇانو ۾ ڪم ڪندڙ مسلم سني تنظيمن جي ڪردار ۽ عمل پاڪ افغان سماج ۾ مذهبي شدت پسندي وڌائڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو آهي.

عراق تي قبضي لاءِ به شيعا سني فلسفي بنيادي ڪردار ادا ڪيو هو. حماس ۽ حزب الله ان حڪمت عملي لاءِ سرگرم تنظيمون هيون. ان کانسواءِ عرب، عجم توڙي ايران ۾ شيعا سني سوال اسان جي خطي افغانستان سميت ۾ وڙهي ويندڙ پراڪسي وار لاءِ سرگرم ميدان مهيا ڪيو هو ۽ هاڻي جڏهن افغانستان مان اتحادي، ايساف فوجن جي نڪرڻ جو سوال آهي ته پاڪستان ۾ شيعا سني ڇڪتان ۾ ڏينهون ڏينهن واڌ نظر اچي رهي آهي. ڏهين محرم تي راولپنڊي سانحي جا زخم اڃا تازائي هئا ته ڪراچي، گلگت، لاهور ۽ ٻين شهرن ۾ ٻنهي فرقن جي مذهبي عالمن جي قتل جا واقعا ٿي رهيا آهن. ڪوئيٽا ۾ هزار گنج فروٽ مارڪيٽ ۾ ايران کان گهرايل ڏاڙهون جي ڪريٽ ۾ قرآن جا ورق ملڻ کانپوءِ ڪوئيٽا شهر ۾ شيعا سني ڇڪتاڻ جيڪا هاڻي پاڪستان،ا يران، لاڳاپن جو نئون عنوان بڻجي رهي آهي. ماحول ۾ خوف طاري ڪري ڇڏيو آهي. ان واقعي جي تحقيقات جو اڃا تائين ڪجهه نه ٿيو آهي. سازشي ٿيوريز تيزي سان گردش ڪري رهيون آهن. اهلسنت جماعت جي اجتماعي مظاهرن ۾ ايران سان ٻه طرفا لاڳا ختم ڪرڻ جا مطالبا زور شور سان دهرائجي رهيا آهن.

ٻئي پاسي افغان سرحد تي آرپار پاڪستان جي معاملن ۾ مداخلت پڻ نظر اچي رهي آهي. ٻئي ملڪ هڪٻئي جي اندروني معاملن ۾ مداخلت ڪن ٿا نتيجي ۾ خطي جي سلامتي داوَ تي لڳل آهي. جڏهن ته ايراني سرحد سان لڳو لڳ ڇڪتاڻ جا واقعا پڻ نظر انداز نه ٿا ڪري سگهجن. ايران طرفان سرحدي ڳوٺ ماشڪيل تي راڪيٽ حملن جو سلسلو ڊگهو ٿي رهيو آهي، جڏهن ته تافتان مان هٿيار بند ماڻهن جي داخل ٿيڻ جا پڻ اطلاع ايندا رهندا آهن. جيڪا ڳالهه ڪنهن به ريت ٻنهي ملڪن وچ ۾ بهتر لاڳاپن جي حوالي سان مثبت ناهي.

ياد رهي ته گوادر بندرگاهه جي متبادل طور ڇابار ايراني بندرگاهه ايساف جي فوجن لاءِ نڪرڻ جو سولو رستو ٿي سگهي ٿو. ايران نيوڪليائي سوال تي مفاهمت وارو رويو اختيار ڪري وچ ايشيا لاءِ پنهنجي بندرگاهه کي خطي جي ٻين قوتن لاءِ قابل قبول بندر گاهه بڻائڻ جي شروعات ڪري ڇڏي آهي. پاڪستاني حڪمران اشرفيه گوادر بندرگاهه جي فعاليت لاءِ اڃا تائين ڪي سنجيده ڪوششون نه ورتيون آهن. سوال اهو آهي ته ڇا وفاقي ۽ صوبائي حڪومت، توڙي راولپنڊي وارا گوادر بندر گاهه کي قابل استعمال بڻائڻ لاءِ مٿاجوڙ ڪري ويهندا.

واضح رهي ته ساڄي ڌر سان لاڳاپيل حلقا ويڙهاڪ تنظيمن سان ٻه طرفين ڳالهين جي حق ۾ آهن جڏهن ته اعتدال پسند حلقا ان جي ابتڙ معروضي حقيقت آڌار سوچين ٿا. ليڪن اهڙن ماڻهن جو انگ مختصر آهي. قومي اسيمبلي جماعت اسلامي بنگلاديش جي اڳواڻ جي ڦاهي خلاف اڪثريت راءِ سان جيڪا قراردار منظور ڪئي آهي، ان حوالي سان پڻ ترقي پسند سوچ رکندڙن کي تحفظات آهن.

صوبي کي درپيش مسئلن کي ڏسندي ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته جذباتي نعرن ۽ وڏين دعوائن کي ڇڏي خطي ۽ عالمي تناظر ۾ حڪمت عملي ٺاهي وڃي. مزاحمت ڪندڙ تنظيمن خلا ف ڪو وڏو رد عمل ڏيکارڻ بدران رياست انهن کي ڳالهين لاءِ راضي ڪري، جيڪڏهن صوبي ۽ خطي ۾ امن امان وارو دڳ نه ورتو ويو ته بلوچستان ۾ اڃا به نفرت جو ڇٽيل ٻج وڌي وڻ ٿي ويندو، جنهن کي پوءِ منهن ڏيڻ مشڪل ٿي پوندو.

حقيقت ۾ بلوچستان اندر بدلجندڙ ماحول ۾ سگهاري ۽ نتيجا ڏيندڙ حڪمراني جي ضرورت آهي. يقيني طور تي ان لاءِ سياسي دانشمندي ۽ عملي قدم پهريون شرط آهي.

راحت ملڪ

 

below article banner

پنهنجو رايو ڏيو

توهان جو اي ميل پتو ظاهر نه ڪيو ويندو. گهربل معلومات تي هيءَ نشان لڳل آهي: *

*

You may use these HTML tags and attributes: <a href="" title=""> <abbr title=""> <acronym title=""> <b> <blockquote cite=""> <cite> <code> <del datetime=""> <em> <i> <q cite=""> <strike> <strong>

صفحي جي چوٽيءَ تي وڃو