Home / افيئر / نئين ضلعي سجاول جو روڳ
above article banner

نئين ضلعي سجاول جو روڳ

سجاول کي ضلعي جي حيثيت ملندي تقريبن 2 مهينن کان مٿي جو عرصو ٿي چڪو آهي ليڪن اڃا تائين ضلعي ۾ انتظامي حوالي سان رڳو ڊپٽي ڪمشنر کان سواءِ ڪنهن به ٻي اعليٰ عملدار جي مقرري  ناهي ٿي سگهي ۽ تقريبن ڊپارٽمينٽ جون واڳون ضلعي ٺٽي جي انتظاميه کي ايڊيشنل چارجز مليل آهن، جنهن جي ڪري به هتان جي عوام کي ڪيترن ئي مسئلن کي منهن ڏيڻو پوي ٿو.

هونئن ته ٿيندو ايئن آهي ته پهرين سڄو انتظامي ڍانچو ۽ ڪاغذن تيار ڪبا آهن ۽ حڪمت عملي جوڙي پوءِ ئي اهڙي قسم جا اعلان ڪيا ويندا آهن پر هتي بظاهر اهڙو ڪجهه به ڏسڻ ۾ ڪو نٿو اچي،  سجاول ضلعو ٿيڻ کان پوءِ پهرين ٺٽي ۾ هي ضلعو شامل هو جتان جي تعليمي شرح اڳ ۾ ئي هڪ سروي مطابق 15 سيڪڙو مس آهي يعني 100 مان 15 ماڻهو پڙهيل لکيل آهن هڪ مسئلو هن علائقي جي عوام سان هي به رهيو آهي ته هتان جو ماڻهو ڪڏهن به مسئلن جي صحيح بنيادن تي نه صرف نشاندهي ڪري سگهيو آهي بلڪ ايوانن تائين پنهنجي نمائندگي ٺيڪ طرح سان پهچائي به نه سگهيو آهي، ڪيڏي نه وڏي افسوس جهڙي ڳالهه آهي ته ماضي ۾ هن ئي علائقي ۾ تاريخ لکي ٿي ته 2 هزار صرف مدرسه هوندا هيا جتي پوري ايشيا جا عالم ڪورس ڪرڻ لاءِ ٺٽي ۾ ئي ايندا هئا، مگر افسوس هتي هاڻي مدرسه شايد ئي آڱرين تي ڳڻڻ جيترا به هجن، انهي سان گڏ ٺٽي سميت سجاول ۾ هڪ به وڏو پرائيويٽ نالي وارو اسڪول ڪونهي جتي اتان جو ٻار ڪراچي يا حيدرآباد جي ٻارن سان چٽا ڀيٽي ڪري سگهي. هن وقت به سجاول ضلعي جو ماڻهوا يترو ئي اٻوجهه ۽ سادو آهي جو ڪڏهن به هنن ماڻهن صحيح ۽ غلط ۾ فرق  ڪري سگهيا.

سجاول جي هاڻوڪي حالت تي جيترو به افسوس ڪجي ايترو گهٽ ٿيندو ڇو ته اڳ ۾ هن شهر جون واڳون ٺٽي سان سلهاڙيل هيون ۽ ڪجهه حد تائين انتظام هلي رهيا هيا مگر اڄ ڪلهه ننڌڻڪو آهي ۽ هن ضلعي جو ڪير به والي وارث ڪنهن به واٽ تي نظر ڪو نه ٿو اچي.

56 يونين ڪائونسلن جي حيثيت رکندڙ اڳوڻو ٺٽو ضلعو هن وقت سجاول وانگر هتان جو عوام پريشاني واري ڪيفيت ۾ آهي ته 56 يوسيز مان ٺٽي جون ڪهڙيون يوسيز ۽ سجاول جون ڪهڙيون يوسيز آهن ۽ انهن جي حد به وڏو تڪرار آهن هن وقت انهي ڳالهه جي ضرورت سڀ کان پهرين آهي ته روينيو جو ڪارونهوار جنگي بنياد تي حل ڪيو وڃي ته جيئن حدن جي خبر پوي ۽ ڪاغذ پٽ ٺهڻ لاءِ اپاءُ وٺي سگهجن جنهن سان هتان جو ڊوميسائل ۽ شناختي ڪارڊ جهڙا مسئلا هاڻوڪي ضلعي سجاول سان لاڳاپيل آهن هن وقت ماحولياتي تباهي، بيروزگاري، صحت جي حوالي سان ڪا به پرائيويٽ اسپتال ناهي ۽ سرڪاري به آهي ته ان جي حالت رحم جوڳي آهي. قائدي قانون، ۽ انهي کان وڌيڪ ڪميونٽيز جو سڀ کان وڏو مسئلو هر سطح تي برقرار آهي انهن سان گڏ صوبائي حڪومت کي جنگي بنياد تي هنن مسئلن تي ڪم ڪرڻ جي ضرورت آهي ۽ جيڪا هن وقت ضلعي سجاول ۾ عرب شاهي سان گڏ سگهارا سرڪاري ماڻهو جيڪي سرڪاري زمين تي قبضو ۽ موسمي پکين جي خونريزي ٿي رهي آهي انهن کي روڪڻ جي سخت ضرورت آهي.

ظفر مرتضيٰ ڌاريجو- سجاول

عورتن جا مسئلا کڻو!

آءَ “افيئر” رسالو گهڻو ته نه پر پڙهندي ضرور آهيان، ڇو جو ڪراچي ۾ هر هنڌ نه ٿو ملي ڪڏهن ڪڏهن سينٽر جي اڳيان هڪ اسٽال تي ملندو آهي. مون کي افيئر سنڌي رسالن ۾ سٺو ۽ معياري لڳو پر سچي ڳالهه ته مان ٻيا سنڌي رسالا گهٽ پڙهيا آهن. سنڌي عورتن جي مسئلن تي اخبارن ۽ رسالن ۾ گهٽ لکيو وڃي ٿو، انهن مسئلن کي شايع ڪيو ته ڏاڍو سٺو ڇو ته عورت سماج ۾ سڀ کان وڌيڪ ڀوڳي ٿي.

جميله ظفر، گذري- ڪراچي

below article banner

پنهنجو رايو ڏيو

توهان جو اي ميل پتو ظاهر نه ڪيو ويندو. گهربل معلومات تي هيءَ نشان لڳل آهي: *

*

You may use these HTML tags and attributes: <a href="" title=""> <abbr title=""> <acronym title=""> <b> <blockquote cite=""> <cite> <code> <del datetime=""> <em> <i> <q cite=""> <strike> <strong>

صفحي جي چوٽيءَ تي وڃو