Home / افيئر / نجم عباسي: سنڌ جي ضمير ۽ خمير مان ڳوهيل شخص!
above article banner

نجم عباسي: سنڌ جي ضمير ۽ خمير مان ڳوهيل شخص!

همسفر گاڏهي
هيءَ 1994ع جي ڳالهه آهي جڏهن آءُ ماهوار سنڌ سجاڳ جو ايڊيٽر هئس ۽ منهنجو سنگتي نصير ميمڻ، تڏهن ادبي ۽ صحافتي دنيا ۾ نصير سارنگ جي نالي سان سڃاتو ويندو هو. منهنجو حيدرآباد اچڻ وڃڻ اڪثر رهندو هو. ايئن هڪ ٻه ڀيرا سائين نجم عباسي سان سندس نسيم نگر واري گهر تي ڪچهريون پڻ ٿيون. پوءِ هڪ ڏينهن آءُ ۽ نصير سهي سنڀري انٽرويو وٺڻ سندس گهر پهچي وياسين، نجم عباسي تن ڏينهن ۾ انٽرويو ڏيڻ کان به گهڻي ڀاڱي بچڻ جي ڪندو هو پر اسان سان بنهه انڪار نه ڪيائين.
نجم عباسي جي انٽرويو کان اڳ مون وٽ ذاتي طور سندس شخصيت بابت خاڪو ڪجهه هن طرح جڙيل هو ته هو پڪو پختو قومپرست ۽ سائين جي ايم سيد جو مداح آهي پر پوءِ جيئن الجهيل سٽ کلندو ويو ته سندس شخصيت جا گهڻا لڪل پاسا ۽ رمزون سامهون اچي بيٺيون. ساهتي پرڳڻي سان تعلق رکندڙ هن کري شخص جڏهن ڳالهائڻ شروع ڪيو ته کوڙ اهڙيون ڳالهيون به ڪري ويو جيڪي عام طور تي ڪوئي ڪري به نه سگهي، جيئن سائين جي ايم سيد لاءِ سندس راءِ هئي ته : سائين جي ايم سيد عملي سياست ۾ ڪڏهن به عوام دوست نه رهيو آهي. هن تمام گهڻن موقعن تي عوام دشمني وارو ڪردار پڻ ادا ڪيو ۽ پنهنجي جاگيردار اَنا کي تسڪين ڏني” ايئن هو ذوالفقار علي ڀٽو کي به عوام دشمن سمجهندو هو، هن جي خيال ۾ : “ڀٽو به عوام دشمن هيو هن رڳو لفاظي طور سوشلزم جو نعرو هنيو، باقي هو پاڻ به سوشلسٽ ڪو نه هو”.
حقيقت ۾ نجم عباسي پاڻ به ڌرتيءَ سان پيار ڪندڙ، سوشلسٽ خيال رکندڙ ڪميٽيڊ قسم جو اديب هو، کيس جاگيردارن ۽ جاگيرداراڻي معاشري کان سخت نفرت ۽ چڙ هوندي هئي. سندس اها چڙ ڪٿي ڪٿي حقيقتن بدران جذبات تي به ٻڌل هوندي هئي. جيئن هو سائين جي ايم سيد تي رڳو جاگيردار پسمنظر رکڻ سبب چڙيل نظر ٿو اچي باقي هو سندس علمي ۽ فڪري ڪم جو ٻئي طرف مداح پڻ هو. مثال طور هن مون کي ڪيئي ڀيرا اهو ٻڌايو هو ته: سيد جو علمي ۽ فڪري ڪم عوام دوست ڪنٽريبيوشن آهي ته پوءِ ان شخص جي سياست ڀلا عوام دشمن ڪيئن ٿي سگهي ٿي . منهنجي خيال ۾ اهي ٻه متضاد ڳالهيون آهن جن کي نهايت باريڪ بيني سان سمجهڻ ۽ پروڙڻ جي ضرورت آهي.
هونئن نجم عباسي جو ڳاڻيٽو انهن سرموڙ اديبن ۾ ڪري سگهجي ٿو جيڪي ننڍي کنڊ جي ورهاڱي کان اڳ ئي ادب جي ٻيڙي ۾ سوار هئا، اهي ادب جي آبياري ڪندا رهيا هئا. هو انهن چند لکارين مان هو جن پنهنجي افسانن ۽ ڪهاڻين ۾ سنڌي قومپرستي، سنڌ جي ثقافت ۽ تهذيب کي اجاگر ڪيو.
نجم عباسي، عثمان ڏيپلائي کان ڪافي متاثر هو، اهو ئي سبب آهي جو سندس ڪيترين ئي ڪهاڻين ۽ افسانن ۾ پير پرستي ۽ وهم پرستي خلاف ڀرپور مواد پڙهڻ لاءِ ملي ٿو. ايئن چئجي ته قطعي طور واڌارو نه ٿيندو ته هو عثمان ڏيپلائي کانپوءِ اديبن ۽ دانشورن ۾ پير پرستي ۽ وهمي عقيدن خلاف جهاد ڪندڙ ٻيو کاهوڙي شخص هو. سندس ڪهاڻي “قلب اندر ڪعبو” ۽ “قدم ڄمائڻ لاءِ” ان سلسلي جون ٻه اهم ڪهاڻيون آهن، جيڪي مذهبي عقيدي پرستي ۽ نام نهاد پيري مريدي جا ڌاڃوڙا ڪڍڻ لاءِ ڪافي آهن. ٺٽي جي هڪ نام ڪٺئي پير جي ارگرد گهمندڙ ڪهاڻي “قدم ڄمائڻ لاءِ” جيڪڏهن ڪنهن ناهي پڙهي ته ان کي هاڻ به پڙهي ڏسي کيس يقين ٿي ويندو ته هڪ گذاري ويل شخص پنهنجي جيئري مشاهدن آڌار ڇا ته حقيقتون لکي ويو آهي، ٺٽو، لاڙ جو تر، توڙي سڄي سنڌ ۾ ماڻهو پير پرستي جي ان غير سائنسي تصور ۾ ڪيترو نه ڦاٿل آهن. اها خبر ان ڪهاڻي پڙهڻ سان ضرور پوي ٿي.
اها خبر شايد گهڻن ماڻهن کي نه هجي ته نجم عباسي منڍ ۾ ڪجهه جاسوسي ڪهاڻيون به لکيون، جيڪي اردو جاسوسي ڪهاڻين وانگر پرتجسس هونديون هيون. پوءِ اڳتي هلي هن تاريخي ڪردارن جو سهارو پڻ ورتو ۽ طبقاتي نظام خلاف لکيو. هو هيرو ور شپ جو پڻ قائل هو، تڏهن ته کيس محمد عثمان ڏيپلائي جو ناول “ سانگهڙ” ۽ سراج جو “ناول پڙاڏو سوئي سڏ” ڪردار نگاري ۽ هيروورشپ جي حوالي سان وڻن ٿا. هن چواڻي “ڏيپلائي ۽ سراج جي ناولن ۾ ڪردارن جي چونڊ شاندار آهي. اهي سنڌي ماڻهن کي آزادي ۽ انقلاب لاءِ اتساهين ٿا ۽ مان سمجهان ٿو ته ماڻهن کي اتساهيندڙ ڪردار غلط نٿا ٿي سگهن.”
حالانڪه سراج ۽ ڏيپلائي جا ذڪر هيٺ آيل ناول هيرو ور شپ سبب سنڌي ادبي کيتر ۾ جتي متضاد بڻيل آهن، اتي ناول جي دنيا ۾ مڃيل وصف تي انهن جي پوري نه لهڻ بابت به گهڻ پڙهيل ماڻهن وٽ هڪ الڳ راءِ موجود آهي.
نجم عباسي ٻين ليکڪن وانگر جنسيات جي موضوع کي معيوب نٿو سمجهي. اهو ئي ڪارڻ آهي جو هن جنس جي موضوع تي به قلم کنيو. سندس ڪهاڻي “دعا ۽ تاڙيون” ان پسمنظر ۾ لکيل آهي، جنهن ۾ هڪ شخص کي مذهب جو ايترو جنون هوندو آهي جو اهو جنسي جذبي کان هر وقت ڀڄندو آهي ۽ پاڪ دامني جي چڪر ۾ اچي پنهنجو مرداڻو عضوو به وڍي ڇڏيندو آهي ۽ پوءِ پاڪ دامن ته ٺهيو کدڙن جي محفل جو مور بڻجي ويٺو تاڙيون وڄائيندو آهي. اها ڪهاڻي ۾ به سماجي حقيقتن جو هڪ کليل پر ڪڙو اظهار آهي.
نجم عباسي جي ڪهاڻي “ ناچڻي” سنڌ جي ثقافت ۽ تهذيب جي پسمنظر ۾ لکيل هڪ شاندار ڪهاڻي آهي. مظهر جميل سنڌي ادب تي سهيڙيل پنهنجي ڪتاب ۾ نجم عباسي کي ڀيٽا پيش ڪندي سنڌي ناول، افساني ۽ ڪهاڻي جو سرموڙ ۽ قومپرست اديب قرار ڏنو آهي.
جئين پاڻ مٿي ذڪر ڪري آياسين ته نجم عباسي سوشلسٽ خيال رکندڙ اديب ۽ ڪهاڻيڪار هو، ان ڪري جتي به ۽ جنهن به محفل ۾ ڪو ماڻهو سوشلسٽ نظرئي تي تنقيد ڪندو هو پوءِ هو به روايتي سوشلسٽ ملي وانگر ان کي ڇتي تنقيد جو نشانو بڻائيندو هو، حالانڪه علمي ۽ فڪري تنقيد مثبت عمل هجي ٿو باقي رد عمل ۾ ڪيل تنقيد شخصي ۽ ڇسي به هجي ٿي. جيئن هو شيخ اياز بابت چوي ٿو ته: شيخ اياز جو نالو آهي مولوي شيخ اياز، ڇو ته ڪو به مُلو جيڪر سوشلزم جو مخالف نه هوندو ته ان جي ملائيت ڪيئن برقرار رهي سگهندي.”
منهنجي خيال ۾ شيخ اياز سنڌي شاعريءَ جو وڏو نانءُ آهي، هن جي علمي ڪنٽريبيوشين کان انڪار نٿو ڪري سگهجي. شخصي پسند ۽ ناپسند، هيٺ هن جي شخصي طور مڻيادار ماڻهو نه هجڻ جي ڳالهه ڪري سندس ادبي قدڪاٺ نٿو گهٽائي سگهجي. شخصي اوڻايون هرماڻهو ۾ هجن ٿيون. اياز جي اها سٽ “ سنڌڙي تي سر ڪير نه ڏيندو سهندو ڪير ميار او يار.” سنڌ تي جبر ۽ آمريت وارن ڏينهن ۾ اتساهيندڙ شاعري آهي. ان ڪري يڪسر ڪنهن جي علمي ۽ ادبي پورهئي کي منڌيئڙو ڏيڻ واري ڳالهه ٺيڪ نه آهي. نجم عباسي جو خيال پنهنجي جاءِ تي باقي شيخ اياز فڪري ۽ علمي لحاظ کان سنڌ جي جديد تاريخ جو وڏو ماڻهو هو.
ڊاڪٽر جنم عباسي جي قلمي پورهئي ۾ هڪ مختصر ڪتاب، بنگال ۾ 71-1969ع جي فوجي آپريشن بابت عالمي پريس ۾ حقيقت تي مبني ڇپيل خبرن جي سنڌي ترجمي تي ٻڌل آهي. گڏيل پاڪستان جون اخبارون ۽ رسالا تڏهن اسٽيبلشمينٽ جي مرضيءَ جون خبرون ڇاپيندا رهيا. اهو ڪتاب جنرل ضياءُ الحق جي آپيشاهي جي عروج واري زماني ۾ ڇپيو. تنهن دستاويز ۾ شامل ڪيل نيوز اسٽوريز مان هڪ ۾ تڏهوڪي ڪرنل ضياءُ الحق جي ڪلورن جو ذڪر پڻ آهي.
بهرحال ڊاڪٽر نجم عباسي جو علمي ۽ ادبي پورهيو تمام ڳڻپ جوڳو آهي. هو ڌرتيءَ سان ڪميٽيڊ شخص هو، ون يونٽ ۾ به سرگرم رهيو ته سنڌ جي حقن لاءِ ٿيندڙ هر جلسي جلوس ۾ پابندي سان شريڪ ٿيندو هو. پوءِ اها ٻي ڳالهه آهي ته هن آخر تائين پنهنجي سوشلسٽ نظريي کي هڙ ۾ اهڙو ته قابو ڪري ڇڏيو هو جو ان کان ترجيترو به غافل نه رهيو. جنت ۽ جهنم جي ڊپ ۽ آسري کان بي خوف ٿي زندگي گذاريندڙ شخص لاءِ اول آخر سنڌ وڏي وَٿ هئي ، هو سنڌ جي خمير ۽ ضمير مان ڳوهيل شخص هو.
تڏهن ته هن پنهنجي وصعيت ۾ چيو هو ته :“جڏهن به سنڌ آزاد ٿئي ته منهنجي بٺيءَ تي هڪ ڏيو ٻاري وڃجو” پڪ سان اهو ڏينهن ضرور ايندو، پوءِ جنهن به نسل اها آزادي ماڻي اهي سندس بٺيءَ تي ضرور ڏيئا ٻاريندا.

below article banner

پنهنجو رايو ڏيو

توهان جو اي ميل پتو ظاهر نه ڪيو ويندو. گهربل معلومات تي هيءَ نشان لڳل آهي: *

*

You may use these HTML tags and attributes: <a href="" title=""> <abbr title=""> <acronym title=""> <b> <blockquote cite=""> <cite> <code> <del datetime=""> <em> <i> <q cite=""> <strike> <strong>

صفحي جي چوٽيءَ تي وڃو