Home / اسپيشل افيئر / نواز سرڪار خلاف قومي حڪومت جو لنڊن پلان
above article banner

نواز سرڪار خلاف قومي حڪومت جو لنڊن پلان

aijzملڪ ۾ جلد هڪ وڏي ٻڙڌڪ جي تياري آهي. اها ٻڙڌڪ ڪئنڊا جي ڊاڪٽر طاهر القادري جي ان “لنڊن پلان“ جو حصو آهي، جنهن ۾ نواز شريف سرڪار کي گهر ڀيڙو ڪرڻ جو سوچيو ويو. لنڊن پلان جي تخليقڪارن مان هڪ اهم ماڻهو سان ڪجه ڏينهن اڳ مون ملاقات ڪئي. مون هن پلان ٺاهيندڙ کان پڇيو ته اوهان ڇا ٿا سمجهيو ته ڏکڻ وزيرستان ۾ شروع ٿيل آپريشن “ضرب عضب” جي باوجود اهڙو آپريشن ڪندڙ اوهان (لنڊن پلان) وارن سان گڏ هوندا.

هن ٻڌايو ته “جمالي صاحب صرف آڪٽوبر جو انتظار ڪيو پوءِ ڏسو ته ڇا ٿو ٿئي. ڇو ته آڪٽوبر، نومبر تائين ملڪ ۾ گهڻو ڪجهه تبديل ٿي چڪو هوندو.” لاهور جي ماڊل ٽائون ۾ منهاج القرآن جي دفتر تي ٿيل فائرنگ ۽ 8 ماڻهن جي قتل ٿيڻ کانپوءِ مون کي هن بااثر سياسي همراهه جي ڳالهه دل سان لڳي. ڇو ته هن ملڪ ۾ گذريل 22 سالن دوران اهڙا گهڻا واقعا ڏٺا آهن جن تي واقعو عمل ۾ اچڻ کان اڳ ڪڏهن به يقين نه پئي آيو. سرڪار ڊاهيندڙ جڏهن ڊاهڻ اچن ٿا ته پوءِ وزيراعظم جي سڳي ڀاءُ کي به سندس گهر آڏو قتل ڪرائي ڇڏيندا آهن ۽ سرڪار ڊاهيندڙ جڏهن سرڪار ڊاهڻ چاهيندا آهن ته پوءِ جهاز جي هائيجيڪنگ جو به پلان ٺهي ويندو آهي ۽ رات جي پيٽ ۾ وردي وارا جوان سڄو انتظام سنڀالي وٺندا آهن ۽ ملڪ کان ٻاهر ويل فوجي سربراهه واپس اچي رات پيٽ ۾ ئي اقتدار سنڀالي ڏيندا آهن. ان ڪري هن ملڪ ۾ اقتدار تبديل ڪندڙ ڪيڏي مهل ڪجهه به ڪري سگهندا آهن. هن ڀيري لنڊن پلان تيار ڪيو ويو آهي.

JUNE-15-2014   24

لنڊن پلان ڇا آهي؟ سرڪار جي تبديلي واري پلان ۾ شامل ذريعن جيڪا منظر ڪشي ڪئي آهي. يا سندن هن ۾ جيڪو ڪجهه آهي ان مطابق ته اصل واڳ ڌڻين جو جنرل ضياءَ الحق جي دور ۾ هڪ مدرسي مان نڪتل طاهر سيال (طاهر القادري) تي هاڻي مڪمل اعتماد ٿي چڪو آهي. ان ڪري اسٽيبلشمينٽ پنهنجي سمورن مهرن کي چئي چڪي آهي ته ڊاڪٽر طاهر القادري جي اڳواڻي ۾ منظم ٿين ۽ ملڪ ۾ تبديلي لاءِ ماحول تيار ڪن.

مون گذريل مضمون ۾ به لکيو هو ته هن ڀيري به پاڪستان ۾ اقتدار جي تبديلي کي “انقلاب” جو نالو ڏنو ويو آهي ۽ اسٽيبلشمينٽ جا حامي گڏجي جيڪو اتحاد ٺاهي رهيا آهن اهو انقلابي هوندو. ذريعن چواڻي ته هن اتحاد ۾ طاهر القادري سان گڏ مسلم ليگ(ق)، ايم ڪيو ايم ، تحريڪ انصاف، شيخ رشيد ۽ مذهبي جماعتون شامل هونديون. هن وقت تائين جي منظر نامي ۾ عمران اڃا تائين سامهون ڪو نه آيو آهي. ان بابت ذريعن جو چوڻ آهي ته عمران جو اسٽيبلمشنيٽ کي اهو چوڻ هئو ته سڄي اتحاد جي اڳواڻي کيس ڏني وڃي ڇو ته هن وقت مخالف پارٽين ۾ پارليامينٽ اندر سندس پارٽي، تحريڪِ انصاف، سڀ کان وڏي پارٽي آهي. پر عمران خان بابت خاڪي وردي جو خيال مختلف آهي. هنن کي مٿس اڃا تائين پورو اعتماد نه ڪونهي. هو چون ٿا ته عمران خان هڪ ته طالبان بابت پڻ منجهيل موقف رکندو آهي ۽ مٿس ڀروسو اهو به ناهي ته اڳتي هلي اسان جو به چوڻ وٺندو يا نه. مطلب ته اسٽيبلشمينٽ عمران خان کي پنهنجو دوست ضرور سمجهي ٿي پر عمران خان بي اعتماد دوست آهي. ان ڪري کيس تبديلي جي سٺي واڳ هٿ ۾ ڏيڻ لاءِ تيار ناهي.ان ڪري عمران خان جو ٺيڪو شيخ رشيد کي ڏنو ويو آهي. هو کيس اتحاد ۾ شامل ڪندو.

اتحاد جو سرواڻ طاهر القادري هوندو پر ان ۾ عمران خان جي حيثيت برابر وارو هوندو. ذريعن چواڻي ته لنڊن پلان جي پهرين مرحلي ۾ ته ڊاڪٽر طاهر القادري کي ملڪ پهچڻو هئو. جيتوڻيڪ طاهر القادري جو پروگرام به اڃا لٽڪيل هئو جو لاهور ماڊل ٽائون ۾ سندس گهر تي حملو ڪرايو ويو. ان ۾ ڳجهن هٿن سڄو ڪمال ڏيکايو. ان عمل سبب طاهر القادري لاءِ ملڪ ۾ رمضان جي عيد کانپوءِ اصل سرگرميون شروع ٿينديون. جنهن ۾ سڄي ملڪ ۾ جلسا ڪرايا ويندا. ان کانپوءِ انقلابي اتحادي عملي شڪل ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي ويندي. لنڊن ۾ هو طئي ڪيو ويو آهي ته آڪٽوبر ڌاري سڄي ملڪ ۾ ڌرڻا اهڙا هوندا جو سڄي ملڪ جي اهم شاهراهن تي ماڻهو ، ڌرڻو هڻي، ويهي روڊ بند ڪري، سڄي ملڪ کي مفلوج ڪندا.

شهرن ۾، اسلام آباد، لاهور، ڪراچي، پشاور، ڪوئيٽا ۾ وڏا وڏا ڌرڻا هوندا. اسلام آباد ۾ 5 لک ماڻهو گڏ ڪيا ويندا. طاهر القادري جو چوڻ هو ته عمران خان لاهور سنڀالي، ايم ڪيو ايم ڪراچي سنڀالي، باقي اسلام آباد ۾ هو پاڻ ڏهه لک ماڻهو گڏ ڪندو. پلان مطابق جڏهن سڄي ملڪ ۾ ڌرڻا لڳندا، ٽن ڏينهن لاءِ جيڪڏهن سڄو ملڪ جام ٿي ويو ته پوءِ فوج نواز شريف کي استعيفيٰ ڏيڻ تي مجبور ڪندي. سندس خيال آهي ته نواز شريف شرافت سان ان شرط تي اقتدار ڇڏيندو ته ٽن مهينن ۾ چونڊون ڪرايون وينديون. پر جيڪڏهن نواز شريف مزاحمت ڪئي ته فوج کيس اک به ڏيکاري سگهي ٿي ته ملڪ ۾ ڪو وڏو واقعو به ٿي سگهي ٿو. جهيڙي ريت 1996ع ۾ بينظير سرڪاري ختم ڪرڻ لاءِ ۽ 1999ع ۾ نواز سرڪار ختم ڪرڻ لاءِ واقعا ڪرايا ويا هئا.

واڳ ڌڻين جو خيال آهي ته نواز شريف وڏي ڌچڪي سبب اقتدار ڇڏي ويندو. ان کانپوءِ اقتدار کان ٻاهر ويٺل سڀ ڌريون هڪ نئين قومي حڪومت ۾ شامل ٿي وينديون. يعني پارليامينٽ اندر قومي حڪومت ٺاهي ويندي. سندس خيال آهي ته آخري مرحلي ۾ پيپلز پارٽي ان “قومي حڪومت“ ۾ شامل هوندي. يعني “مائنس نواز شريف قومي حڪومت”. پر سندسن خيال ۾ جيڪڏهن آخر ۾ به آصف زرداري نواز شريف جو ساٿ ڏئي ٿو ته خود پيپلز پارٽي اندر به لوٽا پيدا ڪيا ويندا ۽ ايم ڪيو ايم ذريعي سنڌ اسيمبلي ۾ تبديل آڻي پيپلز پارٽي جي سرڪار کي به گهر ڀيڙو ڪيو ويندو. ڄاڻايل قومي سرڪار هڪ سال تائين ملڪ ۾ چونڊون ڪرائيندي. پر اهي چونڊون لڳ ڀڳ 2002ع جهڙيون هونديون.

نين چونڊن ۾ ئي مٿي ڄاڻايل سمورن ڌرين سان گڏ پرويز مشرف جو به ڪردار هوندو. لنڊن پلان وارن جوخيال آهي ته ڀلا پيپلز پارٽي کي به ته نواز شريف کان حساب ڪتاب چڪتو ڪرڻو آهي. ان ڪري جيڪڏهن کيس ايندڙ عام چونڊن ۾ پنجاب ۾ سندس حق جيتريون سيٽون ڏندون وينديون ته هو نواز شريف جي خلاف بيهي رهندي. دعوا ڪندڙ جون ڳالهيون اڃا تائين هوا ۾ آهن. ان جي عملي شڪل ڪجهه وقت ۾ جڙندي .

تجزيو ڪرڻ وقت هتي اهي سوال ڪري سگهن ٿيو ته ملڪ جون ڪيتريون ئي وڏيون سياسي قوتون هن پلان کان ٻاهر آهن. مثال طور مسلم ليگ (ن) ۽ پيپلز پارٽي کانسواءِ جماعت اسلامي، جميعت علماءِ اسلام، عوامي نيشنل پارٽي، سنڌي قومپرست، بلوچ قومپرست، اهي سڀ ڌريون ڪنهن سان گڏ هونديون؟ جيڪڏهن اهي سڀ جمهوريت کي بچائن لاءِ نواز شريف جو ساٿ ڏين ٿيون ته پوءِ ڇا ٿيندو؟ ۽ طالبان خلاف هلندڙ آپريشن سبب عسڪري ادارن جو ڪردار ڇا هوندو ڇا اهو آپريشن ختم ٿي ويندو؟ آپريشن جو سوال تي ڪجهه عقل مند ماڻهو 1999ع ۾ ڪارگل آپريشن کي ياد پيا ڪن. ڪارگل آپريشن ۾ ئي وزيراعظم نواز شريف ۽ فوج جي سربراهه جنرل پرويز مشرف جا اختلاف شروع ٿيا هئا جن جو نتيجو نواز سرڪار جي خاتمي جي صورت ۾ نڪتو.

ڪجهه سياڻا اهوسوال ٿا ڪن ته ڇا آپريشن “ ضربِِ عضب” ڪارگل آپريشن جو ورجاءَ ته ثابت ڪو نه ٿيندو ۽ واقعي نواز شريف لاءِ وري سال 2015ع ڳرو ته ثابت ڪو نه ٿيندو؟ منظر عام تي صورتحال اها آهي ته ڪراچي ۾ حامد مير تي ٿيل حملي وقت نواز سرڪار ۽ وردي جي شروع ٿيل ڦڏو اڃا تائين ختم ڪو نه ٿيو آهي. بظاهر ته ايئن ٿو لڳي ته آپريشن “ضرب عضب” به نواز شريف لاءِ مجبوري کانسواءِ ڪجهه ناهي. نواز سرڪار جو وفاقي گهرو وزير چوڌري نثار منظر عام تان غائب ٿي آهي. نواز شريف جي سرڪار جي بچاءَ جو وزير خواجه آصف فوج جو ترجمان بڻجي ويو آهي. سرڪار کان سندس دل پنجاب ڪنٽرول ڪو نه پيو ٿئي. هن سڄي وايو منڊل ۾ صورتحال رخ کان سندس خلاف آهي. طاهر القادري جي انقلابي تبديلي سندسن پٺيان پيل آهي، جنهن ۾ اسٽيبلشمينٽ جا حامي سڀ گڏ آهن. لنڊن پلان تي عمل ٿيو ته جمهوريت جي تڏا ويڙهه ٿيندي.

aajizjamalijamali@yachoo.com

below article banner

پنهنجو رايو ڏيو

توهان جو اي ميل پتو ظاهر نه ڪيو ويندو. گهربل معلومات تي هيءَ نشان لڳل آهي: *

*

You may use these HTML tags and attributes: <a href="" title=""> <abbr title=""> <acronym title=""> <b> <blockquote cite=""> <cite> <code> <del datetime=""> <em> <i> <q cite=""> <strike> <strong>

صفحي جي چوٽيءَ تي وڃو