Home / افيئر / نوجوانن جو فڪري بحران
above article banner

نوجوانن جو فڪري بحران

نديم ايف پراچا
تمام گهڻا نوجوان پڙهيل لکيل پاڪستاني هڪ اهڙي ايماني ۽ مثالي، سياسي سماجي ۽ اقتصادي جنت جي ڳولا ۾ ڀٽڪي رهيا آهن، جنهن جو خواب کين پاڪستان جي شڪل ۾ ڏيکاريو ويو هو. اهي نوجوان، پاڪستاني قوميت ۽ مذهب بابت اسان جي نصابي ڪتابي ۽ عوامي ميڊيا تي پيش ڪيل تنگ نظري جي پئداوار آهن.
پنهنجي گذريل نسلن جي ابتڙ، هن نسل جي نوجوان مردن ۽ عورتن جو مسئلو اهو آهي ته اهي هن خيالي مذهبي رياست جي فريب تي مڪمل يقين ڪري ويٺا آهن ڇاڪاڻ جو سندن سوچ مطابق هن ملڪ جي بانيڪارن جو به اهو ئي نظريو هو ۽ اهو سڀ ڪجهه ان وقت ٿي رهيو آهي، جڏهن سندن وٽ اڳ جي ڀيٽ ۾ جديد تعليم ۽ معلومات حاصل ڪرڻ لاءِ تمام گهڻا موقعا موجود آهن.
اڄ ان نام نهاد “نئين نسل” انهن سمورين سچاين کي روڪڻ ۽ انهن جو رخ موڙڻ جو فيصلو ڪري ڇڏيو آهي، جيڪي پاڪستان جي وضاحت هڪ مذهب، قومپرستي ۽ سياسي وحدانيت جي منفرد تجربي جي ابتڙ پيش ڪرڻ جي ڪوشش ڪن ٿا. ان گومگو جي ڪيفيت جي ڪري اهو ٿيو آهي جو ڪيترن ئي نوجوانن کي اهو احساس ٿيڻ لڳو آهي ته سندن جديد طرز زندگي، ايمان جي نالي تي مثالي داستان جي اهم جُز هجڻ جي دعويدار انتهاپسند تنظيمن جي سفاڪ طريقئه ڪار ۽ روايتي مذهبي گروهن سان ڳانڍاپو ۽ رابطو ڪرڻ ۾ ناڪام آهي. ان ڪري ان ڏوهه جي احساس کي گهٽائڻ لاءِ، هن نسل ماڊرن نظر ايندڙ ٽيلي مبلغ اسلام ۽ تبليغن جي مدد سان فرار جا مختلف رستا تيار ڪري ورتا. انهن جي ويجهو اهڙي طرح اهي پنهنجو هڪ پير مذهبي دنيا ۾ جڏهن ته ٻيو پير ماڊرن مادي دنيا ۾ رکي ٿي سگهيا.
سياسي اسٽيج تي انهن مان ڪيترن همراهن اهڙن جوشيلن ليڊرن جي چونڊ ڪئي جيڪي پاڻ به ان نسل وانگر مونجهاري جو شڪار آهن. يعني ري ايڪٽو سياسي ۽ سماجي قدامت پسندي کي لڪائي حقيقي لبرل/ ڊيموڪريٽڪ قدرن سان مڪمل طور هم آهنگ ظاهر ڪرڻ (نام نهاد جعلي قدرن جي ابتڙ) ليڪن ڳڻتي جي ڳالهه اها آهي ته ڪجهه اهڙا به آهن جيڪي حزب التحرير (HT) جهڙي تنظيم جي ور چڙهي ويا، جنهن کي توهان مذهبي انتهاپسندي جي جديد شڪل چئي سگهو ٿا.
حزب التحرير، اخوان المسلمين (مسلم ڀائي بندي) جي هڪ اڳوڻي ميمبر 1993ع ۾ يروشلم ۾ ٺاهي. هن جو مقصد مسلم دنيا کي هڪ سياسي بئنر (خلافت) ۽ شريعت (سندس مرضي جي) جي ڇٽي هيٺ متحد ڪرڻ هو. 1950ع کان 1960ع جي وچ ۾ حزب التحرير گهڻو تڻو عرب ملڪن ۾ سرگرم رهي. سندن 1970ع ۾ اها تنظيم اردن، شام ۽ عراق اندر مختلف بغاوتن ۾ ملوث رهي. ان هوندي به اٽي ۾ لوڻ برابر دفاعي اداري جي ماڻهن ۽ سياسي عالمن جي اشاري تي ڪيل اهي بغاوتون سولائي سان چيڀاٽيون ويون.
انهن ناڪامين تي حزب التحرير جا ڪيترائي ليڊر يورپي ملڪن ڏانهن ڀڄي ويا، خاص طور برطانيا. هتي حزب التحرير جو رابطو برطانيا ۾ رهندڙ پاڪستانين، مسلمان هندستانين ۽ بنگالين جي ٻئي نسل سان ٿيو. جيتوڻيڪ حزب التحريرسان لاڳاپيل ماڻهو ڪٽر اولهه مخالف هئا ليڪن کين برطانيا ۾ ان ڪري برداشت ڪيو ويو جو اهي سوويت يونين خلاف به ڳالهائيندا هئا.
هي ئي اهو دور هو جڏهن حزب التحرير خلافت جي آئيڊيا تي ٻيهر ڪم ڪرڻ شروع ڪيو، جيئن ته هاڻي اها تنظيم يورپ ۾ سرگرم هئي، ان جي ميمبرن اولهه جي پوشاڪ پهرڻ، انگريزي ڳالهائڻ ۽ رابطي لاءِ جديد سياسي علامتن جو استعمال شروع ڪري ڇڏيو هو، اهو تقريبن عالمي نظام خلافت جو هڪ مثالي نظريو هو.
1991ع ۾ جڏهن سوويت يونين جو زوال آيو ته حزب التحرير، پنهنجا مهذب ڪارندا وچ ايشيائي ملڪن ۾ موڪلڻ شروع ڪيا، ليڪن هاڻي سندن پاڪستان ڏانهن ڌيان اڳ جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ هو. 1980ع ۾ افغان گهرو جنگ دوران سڀ کان وڌيڪ متاثر ٿيندڙ ملڪ (پاڪستان)۾ انتهاپسند ۽ فرقيوار تنظيمن ڪر کڻڻ شروع ڪيو.
جنگ جي اثرن دوران رياست جي سرپرستي ۾ پاڪستان جي “اسلامائيزيشن” سان گڏ نظرياتي ۽ مذهبي مونجهارو به شامل هو. ان مونجهاري شهري مڊل ڪلاس کي پنهنجي لپيٽ ۾ وٺي ڇڏيو. هڪ نئين شڪل جي قدامت پرستي سان اهو ڪلاس پنهنجي “ اسلامي پاڙن” جي تلاش ۾ نڪري پيو. (ظاهر آهي، جديد مادي خواهشن جو ساٿ ڇڏڻ کانسواءِ)
ڪجهه اهڙو ئي حال ملڪي فوج جي مخصوص حصي جو ٿيو. 1990ع جي شروعات تائين حزب التحرير پنهنجي همدرد پروفيسرن ۽ ٽيچرز جي مدد سان پرائيوٽ يونيورسٽين ۽ ڪاليجي ڪئمپسن (خاص طور لاهور) ۾ پنهنجو اثر رسوخ قائم ڪرڻ شروع ڪري ڇڏيو. ان ۾ جونيئر ۽ مڊليول دفاعي آفيسر به ڀرتي ٿيڻ شروع ٿي ويا. حزب التحرير دهشتگردي کي نظر انداز ڪري مڊل ڪلاس شاگردن، پيشيور ماڻهن ۽ دفاعي آفيسرن وٽ پنهنجي حمايت حاصل ڪرڻ تي وڌيڪ ڌيان ڏنو.
9/11 جي واقعي کانپوءِ حزب التحرير جي قيادت کي ان ڳالهه جي پڪ ٿي وئي هئي ته هاڻي پاڪستان عالمي خلافت لاءِ “لانچ پيڊ” لاءِ تيار آهي ۽ ان مقصد جي حاصلات لاءِ دفاعي اداري ۾ موجود فيڪٽر کي استعمال ڪرڻ جو منصوبو جوڙيو ويو. تشدد جو رستو هاڻي گهڻو پري نه هو.
2003ع ۾ حزب التحرير تي جنرل پرويز مشرف خلاف قاتلاڻي حملي ۾ ملوث هجڻ جو الزام لڳو ۽ پوءِ مذڪوره ڌر سان لاڳاپيل هڪ عملدار کي فوجي بغاوت جي منصوبابندي ڪرڻ جي الزام ۾ گرفتار ڪيو ويو.
2004ع ۾ حزب التحرير آرمي اسپيشل سروسز گروپ (SSG) جي تيرهن ڪمانڊرن سان رابطا قائم ڪيا، ٻه هزار نَوَ ۾ ليفٽننٽ ڪرنل تائين جي رينڪ وارن آفيسرن جو مذڪوره تنظيم سان لاڳاپيل هجڻ تي ڪورٽ مارشل ڪيو ويو، ٻه هزار يارنهن ۾ هڪ برگيڊيئر کي به اهڙي ئي الزام کي منهن ڏيڻو پيو.
آگسٽ 2012ع ۾ هڪ فوجي عدالت حزب التحرير سان رابطن تي برگيڊيئر علي خان، ميجر سهيل اڪبر، ميجر جواد بصير، ميجر عنايت عزيز ۽ ميجر افتخار کي ڏوهاري قرار ڏنو ۽ کين پنجن ورهين کان وٺي 18 مهينن تائين سخت قيد جي سزا ٻڌائي وئي. مذڪوره تنظيم جي هڪ اڳوڻي ڪارندي ماجد نواز موجب حزب التحرير“ خلافت جي نفاذ” لاءِ دفاعي آفيسرن جي مدد سان حڪومت ۽ اعليٰ فوجي قيادت جو تختو به اونڌو ڪري پئي سگهي. پنهنجو مقصد حاصل ڪرڻ لاءِ اهي تشدد جو سهارو به وٺي سگهن ٿا.
حالانڪه حزب التحرير تي پاڪستان ۾ پابندي لاڳو ٿيل آهي ليڪن ويجهڙ ۾ مليل رپورٽن موجب هينئر به ان جا دفاعي اداري ۽ يونيورسٽين ۾ همدرد موجود آهن. حقيقت ۾ حزب التحرير “سياسي اسلام” جي من گهڙت تصور کي هڪ جديد رنگ ۽ ڦهلاءُ ڏنو آهي. ان هڪ فاتح ۽ سونهري مستقبل لاءِ جديد اقتصادي ۽ سياسي علامت جو استعمال ڪندي وڏي حد تائين هڪ مثالي ۽ کل جوڳو ماڊل پيش ڪري ان تصور جي نئين سر اُڻت ڪئي آهي.
©Dawn sunday Mag

below article banner

پنهنجو رايو ڏيو

توهان جو اي ميل پتو ظاهر نه ڪيو ويندو. گهربل معلومات تي هيءَ نشان لڳل آهي: *

*

You may use these HTML tags and attributes: <a href="" title=""> <abbr title=""> <acronym title=""> <b> <blockquote cite=""> <cite> <code> <del datetime=""> <em> <i> <q cite=""> <strike> <strong>

صفحي جي چوٽيءَ تي وڃو