Home / افيئر / نيلسن منڊيلا… ۽ تاريخ کي ننڊ اچي وئي!
above article banner

نيلسن منڊيلا… ۽ تاريخ کي ننڊ اچي وئي!

يوسف سنڌي
“آئون چاهيندس ته ماڻهو چون ته آئون هڪ اهڙو شخص هئس، جنهن دنيا ۾ پنهنجو فرض نڀايو” اهي لفظ نيلسن منڊيلا پنهنجي هڪ انٽرويو ۾ چيا هئا. 5 ڊسمبر 2013ع تي 95سالن جي عمر۾ منڊيلا جي وفات کانپوءِ، جيڪڏهن اسين منڊيلا جي زندگي جو جائزو وٺنداسين ته بنا هٻڪ جي اهو چونداسين ته “ منڊيلا دنيا ۾ پنهنجو فرض نڀايو.”
1918ع ۾ جنم وٺندڙ نيلسن منڊيلا، جنهن جي تربيت پيءَ اهڙي نموني ڪئي ته جيئن هو اڳتي هلي، پنهنجي قبيلي جي چيف سردار جي صلاحڪار جي حيثيت سان پنهنجا فرض نڀائي، پر ڏکڻ آفريقا جي نسلي بنياد تي ٻڌل قانون ۽ حالتون کيس اهڙي راهه تي وٺي ويون، جو هو قبائلي معاشري جي سوڙهي گهٽي مان نڪري ڏکڻ آفريقا جي سياسي افق جو روشن ستارو بڻجي ويو، پر آزادي، جدوجهد ۽ نسلي متڀيد جي خلاف جدوجهد جو استعار بڻجي ويو.
11فيبروري 1990ع تي جڏهن هو ستاويهن سالن جي ڊگهي قيد کانپوءِ آزاد ٿيو ته ايندڙ سالن ۾ هن پنهنجي مخالفن کان بدلي وٺڻ جو رستو اختيار ڪرڻ جي بدران مفاهمت جو رستو اختيار ڪيو. هن سمجهيو ٿي ته ڏکڻ آفريقا کي بدلي جي سياست جو ميدان بڻائڻ بدران ماضي کي وساري سڄو ڌيان مستقبل ۽ ڏکڻ آفريقا جي نئين سر اڏاوت تي ڏيڻ گهرجي ۽ هن سامراج جي شڪست کي ئي ڪافي سمجهيو. درگذر ڪرڻ ۽ پنهنجي مخالفن کي معاف ڪرڻ جو سبب بيان ڪندي منڊيلا چيو“هاڻ اهو ممڪن ئي نه آهي ته هي ملڪ هڪ ٻي نسلي استحصال ۽ جبر جو تجربو ڪري سگهي. اسين ڪارا ۽ گورا ماضي جون تلخيون وساري، نئين ڏکڻ آفريقا جي اڏاوت لاءِ وک سان وک ملائي اڳتي وڌنداسين.”
درگذر ڪرڻ جومطلب اهو به ڪونهي ته رڳو ظلم برداشت ڪيو وڃي، پر ان جو مطلب اهو به آهي ته لڳاتار جدوجهد ذريعي دشمن کي شڪست ڏيو ۽ جيستائين منزل نٿي ملي، تيستائين دشمن کي سنڌائتا ڌڪ هڻندا رهو.اهو هڪ اهڙو سبق آهي، جيڪو منڊيلا جي سڄي زندگي مان ملي ٿو. هن اهو سبق هن عظيم آفريقي سورمن جي ڪهاڻين مان سکيو، جيڪي اولهائين پر مار جي خلاف جنگ وڙهندا رهيا هئا.
منڊيلا جي زندگي ۾ اهم موڙ تڏهن آيو، جڏهن جوهانسبرگ ويو ۽ وڪالت جي تعليم حاصل ڪيائين. جت هن جي ملاقات هڪ ڪاري وڪيل والٽر سيسولو سان ٿي، جيڪو پڻ اڳتي هلي ڏکڻ آفريقا ۾ نسلي متڀيد جي خلاف ويڙهه جو اهم اڳواڻ بڻيو، منڊيلا پنهنجي آتم ڪهاڻي، Long Walk To Fredom ۾ والٽر سيسلو جي ڏاهپ ۽ حڪمت عملين جي دل کولي واکاڻ ڪئي آهي.
والٽر سيسولو سان گڏ ئي منڊيلا، آفريقن نيشنل ڪانگريس جي جلسن ۾ شرڪت ڪرڻ شروع ڪئي ۽ پوءِ اي اين سي ۾ شامل ٿيو. اڳتي هلي منڊيلا ۽ ڪجهه ٻين نوجوانن، اي اين سي جي جهنڊي هيٺ يوٿ ليگ قائم ڪئي.
1946ع ۾ ڪجهه اهڙا واقعا ٿيا، جن منڊيلا جي سياسي شعور جي ارتقا ۽ آزادي جي جدوجهد ۾ مکيه ڪردار ادا ڪيو. انهن مان هڪ واقعو ريف جي علائقي ۾ کاڻين ۾ ڪم ڪندڙ ڪارڪنن جي هڙتال هئي، جنهن ۾ ستر هزار آفريقي نوجوانن حصو ورتو، جيڪي کاڻين ۾ ڪم ڪندا هئا. هڙتال جي ڪاميابي نيلسن منڊيلا کي گهڻو متاثر ڪيو. اهو ملڪي تاريخ جو منفرد واقعو هو جنهن ۾ ستر هزار، کاڻين ۾ ڪم ڪندڙ مزدور هڙتال تي رهيا. جيتوڻيڪ ان هڙتال کي چٿڻ جي سخت ڪوشش ڪئي وئي ۽ ان ۾ ڪيترائي مزدور، مارجي پڻ ويا، پر هڙتال پنهنجا گهربل مقصد ماڻڻ ۾ ڪامياب ويئي، ان کانسواءِ هڪ ٻي واقعي جنهن منڊيلا کي متاثرڪيو، اهو ڏکڻ آفريقا ۾ رهندڙ هندستانين جي پنهنجي حقن جي لاءِ هلايل سول نافرماني جي تحريڪ هئي.
سندن تحريڪ ان نوعيت جي احتجاج ۾ بدلي وئي، جهڙي يوٿ ليگ وارن چاهي ٿي. ان تحريڪ جي حوالي سان منڊيلا ڳالهائيندي چيو ته“ هنن اسان کي ياد ڏياريو ته آزادي فقط تقريرن، جلسن، قراردادان جي منظور ڪرڻ ۽ وفدن موڪلڻ سان نه ملندي، پر اهو ته بهترين تنظيم، ويڙهه عوامي عمل ۽ سڀني کان وڌيڪ اهو ته قرباني جي لاءِ تيار ٿيڻ جو نالو آهي.”
1947ع ۾ منڊيلا کي اي اين سي جي ايگزيڪيوٽو ڪميٽي ۾ شامل ڪيو ويو، اها پارٽي ۾ سندس پهرين باقاعده ذميواري هئي. منڊيلا چواڻي “منهنجي تنظيمي زندگي ۾ اهم موڙ هو. ان وقت تائين آزادي جي تحريڪ جي لاءِ منهنجو قربانيون وڌ ۾ وڌ اهي هيون ته آئون ويڪ اينڊز جي دوران پنهنجي زال ۽ ٻارن کان پري رهندو هوس ۽ شام جو دير سان گهر موٽندو هوس، آئون ڪنهن وڏي مهم ۽ سنئون سڌو شامل نه ٿيندو هوس.”
1949ع ۾ آفريقن نيشنل ڪانگريس جي قيادت هڪ غير رسمي ۽ تاريخي راهه اختيار ڪئي. هن پاڻ کي خالص عوامي تنظيم ۾ بدلائڻ جون ڪوششون شروع ڪري ڇڏيون. يوٿ ليگ ايڪشن پلان تيار ڪري ورتو، جنهن جو اهو نقطو عوامي جاڳرتا جي مهم هئي. ان مهم تحت بائيڪاٽ، هڙتالون، ڪم تي نه وڃڻ، احتجاجي مظاهرا ۽ عوامي ايڪشن جي ٻين صورتن تي عمل ڪرڻ جي اپيل ڪئي وئي. 1951ع ۾ منڊيلا کي يوٿ ليگ جو صدر چونڊيو ويو.
1951ع ۾ منڊيلا پهريون ڀيرو گرفتار ٿيو، ۽ کيس والٽر سيسولو ۽ ارڙهن ٻين آفريقي اڳواڻن سان گڏ نو مهينا سخت پورهئي سان ٽيپ ڏني وئي ۽ پوءِ قيد جي سزا جو اهو مدو ٻن سالن تائين وڃي پهتو. 1953ع ۾ هن اي اين سي جي مستقبل جي ڳجهن آپريشنز جي رٿابندي ڪئي، جنهن کي ايم پلان (منڊيلا پلان) چيو وڃي ٿو. ايم پلان جو تصور اهو هو ته اهڙي تنظيمي مشنري قائم ڪئي وڃي، جيڪا اي اين سي کي مٿين سطح تي اهڙا فيصلا ڪرڻ جو موقعو فراهم ڪري، جيڪي اجلاس گهرائڻ کانسواءِ ئي سڄي تنظيم تائين پهچائي سگهجن. ايم پلان تحت تنظيم نوان ڪارڪن ڀرتي ڪري ٿي سگهي. مقامي ۽ قومي مسئلن تي راءِ ڏئي ٿي سگهجي ۽ روپوش ڪارڪن جي وچ ۾ باقائده رابطو برقرار رکڻ هو.
وقت گذرڻ سان گڏ منڊيلا تي اها ڳالهه چٽي ٿيندي وئي ته نسلي حڪومت قانون جي دائري ۾ رهي ٿيندڙ جدوجهد کي ڪا به اهميت نه پئي ڏي ۽ اهڙي هر هلچل کي ڏاڍ جي زور تي چٿي ٿي ڇڏي. تنهن ڪري هو اي اين سي جي اڳواڻن کي ان ڳالهه تي قائل ڪندو رهيو ته عدم تشدد هاڻ بيڪار شئي آهي، ان سان گوري حڪومت کي بدلائي نٿو سگهجي ۽ آخر ۾ تشدد ئي اهو اڪيلو هٿيار آهي، جنهن سان نسلي متڀيد جو خاتمو ڪري سگهجي ٿو ۽ مستقبل ۾ اسان کي اهو هٿيار استعمال ڪرڻ جي لاءِ تيار رهڻ گهرجي. عدم تشدد تي ٻڌل مزاحمت ان وقت تائين اثرائتي رهي ٿي. جيستائين اوهان جو حريف به انهن اصولن جي پابندي ڪندو رهي، جنهن تي اوهين عمل ڪري رهيا هجو، پر جيڪڏهن عدم تشدد جو جواب تشدد سان ملي ته ان جي اهميت ختم ٿي وڃي ٿي. عدم تشدد هڪ اخلاقي اصول نه پر حڪمت عملي هئي. تنهن ڪري هڪ غير اثرائتي هٿيار کي استعمال ڪرڻ ۾ ڪا به چڱائي نه آهي. نيٺ هو ڪانگريس کي اها ڳالهه مڃائڻ ۾ ڪامياب ٿي ويو ته هٿيار بند جدوجهد جي راهه اختيار ڪئي وڃي. ان جي نتيجي ۾ هڪ نئين تنظيم امهونتو نسروي UMKHON WE SIZEWE (قوم جو ڀالو يا بڙڇي) قائم ڪئي وئي ۽ ان کي منظم ڪرڻ ۽ ڪاررواين جي ذميواري منڊيلا جي حوالي ڪئي ويئي. منڊيلا پنهنجي صلاحيتن کي استعمال ڪندي ايم ڪي منظم ڪيو ۽ 16 ڊسمبر 1961ع تي پهرين هٿياربند ڪارروائي ڪئي. منڊيلا چواڻي، ايم ڪي جي حڪمت عملي اها هئي ته فوجي هنڌ، پاور پلانٽس، ٽيلي فون لائينن ۽مواصلاتي نظام تي حملا ڪيا وڃن” حڪومت پهرين ته انهن ڪاررواين تي ڌيان نه ڏنو، پر پوءِ اهي ڪارروايون سندسن مٿي جو سور بڻجي ويو. هاڻ حڪومت هر حال ۾منڊيلا کي گرفتار ڪرڻ ٿي چاهيو. پر هن ويس بدلائي پنهنجون ڪارروايون جاري رکيون. حڪومت پاران سندس گرفتاري جي لاءِ “ڪارو جهنگلي” ڪوڊ ورڊ به استعمال ڪيو ويو هو. هيڏانهن منڊيلا “ ڊيوڊ موتسايامي” جو فرضي نالو اختيار ڪيو. ڪجهه وقت کانپوءِ هڪ “بلئڪ پمپرنل” جي ڏند ڪٿائي ڪردار طور مشهور ٿيو، جيڪو ڪارروائي ته ڪندو هو، پر ڪٿي به نظر نه ايندو هو. ان وچ ۾ حڪومت آفريقن نيشنل ڪانگريس تي پابندي وجهي ڇڏي. منڊيلا ملڪ کان ٻاهر هليو ويو، جتي هن آفريقي ملڪن جو دورو ڪيو، ايم ڪي جي گورين لاءِ فوجي سکيا ۽ فندن جو بندوبست ڪيو، هن ايٿوپيا ۾ ڇهن مهينن جي فوجي سکيا به ورتي.
ملڪ موٽي اچڻ کان ڪجهه وقت پوءِ کيس گرفتار ڪيو ويو، جنهن لاءِ چيو وڃي ٿو ته هڪ آمريڪي سفارتڪار سندس مخبري ڪئي هئي. حڪومت مٿس ڪيس هلايو ۽ کيس عمر قيد جي سزا ڏيئي “بدنام ٻيٽ“ رابن آئيلينڊ” ۾ قيد ڪري رکيو.
قيد جي ڊگهي عرصي دوران منڊيلا کي اهو سمجهڻ جو موقعو مليو ته هر جنگ جو نبيرو وريبه ڳالهين ٻولهين ۾ ئي آهي. کيس احساس ٿيو ته سياسي جدوجهد جي ڪاميابي لاءِ سچائي سان گڏ طاقت به ضروري آهي. هو مثالتت پسندي کان حقيقت پندي طرف سفر ڪري رهيو هو. ملڪ ۾ جيئن جيئن تشدد وڌندو ويو، تيئن ڳالهين جي اهميت وڌندي وئي. نيٺ حڪومت ۽ منڊيلا جي وچ ۾ پهرين ڳجهي ملاقات مئي 1988ع ۾ ٿي. گورن کي ڊپ هو ته جيڪڏهن ڪارن کي اقتدار مليو ته هو يا ته گوري اقليت کي قتل ڪري ڇڏيندا يا ملڪ مان تڙي ڪڍندا. منڊيلا گورن کي يقين ڏياريو ته ڏکڻ آفريقا تي جيترو ڪارن جو حق آهي، ايترو ئي گورن جو پڻ هن ڳورن کي يقين ڏياريو ته“ اسين اوهان کي سمنڊ ۾ ڦٽو ڪرڻ نٿا چاهيون.
منڊيلا ڳالهين مهاڙين ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو ۽ حڪومت ۽ اي اين سي جي وچ ۾ پل جو ڪردار ادا ڪيو. هن ٻنهي ڌرين کي ان ڳالهه تي راضي ڪيو ته ڏکڻ آفريقا ۾ هڪ ماڻهو هڪ ووٽ جي بنياد تي اڻ ڌريون چونڊون ڪرايون وڃن. منڊيلا جي خوش قمستي اها هئي ته کيس ڊي ڪلارڪ جهڙو فريق مليو، جيڪو اقتدار ۾ ڀاڱي ڀائيواري جي لاءِ تيار هو، ڊي ڪلارڪ جي صدارت گوري اقليت جي اقتدار جي خاتمي جي شروعات هئي. ڊگهين ڳالهين ٻولهين کانپوءِ 3 جون 1993ع تي ٻنهي ڌرين ۾ هڪ ٺاهه ٿيو ۽ ڏکڻ آفريقا جي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو هڪ فرد هڪ ووٽ جي بنياد تي چونڊن جو اعلان ڪيو ويو. اهي چونڊون 27 اپريل 1994ع تي ٿيون جنهن ۾ سڀني نسلن جي ماڻهن حصو ورتو. چونڊن ۾ اي اين سي ڪاميابي ماڻي ۽ منڊيلا 10 مئي 1994ع تي ڏکڻ آفريقا جي پهرنئين ڪاري صدر ۽ قومي حڪومت جي سربراهه جي حيثيت سان قسم کنيو. قومي حڪومت ۾ انهن سڀني پارٽين کي شامل ڪيو ويو، چونڊن ۾ پنج سيڪڙي کان وڌيڪ ووٽ حاصل ڪيا هئا. نائب صدر طور ايف ڊبليو ڊي ڪلارڪ حلف کنيو. ان موقعي تي نيلسن منڊيلا تقرير ڪندي چيو ته “ اسين عهد ٿا ڪريون ته اسين پنهنجي عوام کي غربت، ڏکن، نسل پرستي ۽ ٻين غير فطري فرقن کان ڇوٽڪارو ڏيارينداسين”
منڊيلا پنجن سالن تائين قومي حڪومت جي سربراهه جي حيثيت ۾ ڪم ڪيو ۽ 1999ع ۾ پنهنجو مدو پورو ڪري صدارت تان رٽائرڊ ڪري هڪ مثال قائم ڪيائين. صدر جو عهدو ڇڏڻ کانپوءِ هن عوام جي فلاح ۽ بهبود لاءِ “ منڊيلا فائونڊيشن ” قائم ڪئي. منڊيلا پنهنجي 89 سالگرهه جي موقعي تي سڄي دنيا جي اهم شخصيتن تي ٻڌل هڪ گروپ “ دي ايلڊرز” قائم ڪيو ته جيئن دنيا کي درپيش مسئلن کي منهن ڏيڻ لاءِ انهن جي مهارت مان رهنمائي حاصل ڪري سگهجي. ويجهڙ وارن سالن ۾ هن جو سڀ کان وڏو ڪم رهيو ته هن هڪ اهڙي ملڪ ۾ جتي ايڊز جهڙي موذي مرض جي باري ۾ ڳالهائڻ عيب سمجهيو ويندو هو، اتي منڊيلا اعلان ڪيو ته سندس پٽ ميپ گاٿو جو موت ايڊز سبب ٿيو آهي ۽ ڏکڻ آفريقا جي ماڻهن کي اپيل ڪئي ته هو ايڊز جي باري ۾ ايئن ڳالهائين جيئن ان کي عام بيماري سمجهيو وڃي.
سياسي سرگرمين سبب منڊيلا جي ذاتي زندگي تي پڻ وڏو اثر پيو، هن پهرين شادي 1944ع ۾ ايويلين سان ڪئي، جنهن مان کين چار ٻار پيدا ٿيا، سياسي مصروفيتين جي ڪري سندس زندگي سخت متاثر ٿي ۽ نيٺ ٻنهي ۾ طلاق ٿي وئي. منڊيلا جي ٻي شادي 1958ع ۾ وني سان ڪئي. جيڪا هڪ خوبصورت سماجي ڪارڪن هئي. جيتوڻيڪ ٻنهي جي وچ ۾ جذباتي لاڳاتو هو، پر سندس ازدواجي زندگي مختصر ثابت ٿي ۽ منڊيلا جي جيل وڃڻ کانپوءِ وني پويان نه رڳو گهر ٻار سنڀاليو پر اهم سياسي ڪردار پڻ ادا ڪيو. اڳتي هلي 1993ع ۾ ۾ هن وني کي طلاق ڏئي ڇڏي. نيسلن منڊيلا ٽين شادي 1998 ۾ پنهنجي 80 سالگرهه جي موقعي تي ڪئي. هن ڀيري سندس جيون ساٿياڻي گريڪا مشيل هئي، جيڪا موزمبيقي جي اڳوڻي صدر سامورا مشيل جي بيوهه هئي. ساموره مشيل 1986 ۾ جهاز جي هڪ حادثي ۾ گذاري ويو هو. سندس جهاز ڪيرائڻ جي پويان ان وقت جي ڏکڻ آفريقا جي نسل پرست حڪومت جو هٿ هو.
منڊيلا هڪ اهڙو اڳواڻ هو، جنهن جي جدوجهد صدين تائين ياد رهندي ۽ مظلوم قومن جي لاءِ مشعل راهه بڻيل رهندي. منڊيلا جي وفات تي آمريڪا جي اڳوڻي صدر بل ڪلنٽن کيس خراج تحسين پيش ڪندي چيو ته : “تاريخ منڊيلا کي انساني وقار، امن، آزادي ۽ مفاهمت جي فاتح طور سدائين ياد رکندي. اسين کيس هڪ غير معمولي وقار ۽ همدردي رکندڙ انسان حيثيت سان ياد رکنداسين، جنهن بدسلوڪي کي برداشت ڪيو ۽ پنهنجي مخالفن کي معاف ڪيو. اهو نه رڳو سندس سياسي طرح عمل هو، پر سندس زندگي گذارڻ جو طريقو به اهو ئي هو.”

below article banner

پنهنجو رايو ڏيو

توهان جو اي ميل پتو ظاهر نه ڪيو ويندو. گهربل معلومات تي هيءَ نشان لڳل آهي: *

*

You may use these HTML tags and attributes: <a href="" title=""> <abbr title=""> <acronym title=""> <b> <blockquote cite=""> <cite> <code> <del datetime=""> <em> <i> <q cite=""> <strike> <strong>

صفحي جي چوٽيءَ تي وڃو