Home / سنڌ افيئر / هاڻي مڪاني ادارا پارٽ ٽائيم آفيسرهلائيندا !
above article banner

هاڻي مڪاني ادارا پارٽ ٽائيم آفيسرهلائيندا !

هر اداري ۽ هر کاتي ۾ وقت ۽ حالتن مطابق تبديلون آنديون وينديون آهن، پر سنڌ حڪومت جو مڪاني ادارن وارو کاتو ته باقاعده تجربيگاهه (ليبارٽري) بڻيل آهي جنهن ۾” ڪنڊو لڳي پير ۾ ۽ کوٽجي گوڏو“ جي چوڻيءَ سان ملندڙ فيصلا ٿيندا رهيا آهن، هن اداريءَ کي سڌارڻ جا ذميوار ان کي سڌاري ته نه سگهيا آهن، پر ان کي بگاڙڻ ۾ ڪا به ڪسر نه ڇڏي اٿن. مثال طور لوڪل ڪائونسلن ۾ تمام وڏي تعداد ۾ ڀرتيون ڪرڻ، وڏن ماڻهن جا واسطيدار ۽ ويجها مائٽ آفيسر بڻائڻ جيڪي ڪنهن جو به چيو مڃڻ لاءِ تيار نه آهن ۽ ننڍن گريڊ وارن ۽ ايڪس ڪيڊر ملازمن کي اهو بهانو بڻائي وڏن گريڊن وارن جي مٿان ايڊمنسٽريٽر بڻائڻ ته ايڊمنسٽريٽر جي پوسٽ ان ڪلاسيفائيڊ آهي، ان ڪري هو جنهن کي چاهين ايڊمنسٽريٽر بڻائي سگهن ٿا، مطلب ته هو چاهين ته ڪلارڪ کي ايڊمنسٽريٽر جو لقب ڏئي18هين ۽ 19هين گريڊ جي ايس سي يو جي آفيسر مٿان رکي سگهن ٿا، اهو ته ايئن ٿيو ته ڊپٽي ڪمشنر هجي 19هين گريڊ جو ۽ ايڊشنل ڊپٽي ڪمشنر 20هين گريڊ ۾، ڪمشنر هجي 20هين گريڊ ۾ ۽ ايڊيشنل ڪمشنر هجي 21هين گريڊ ۾ ساڳئي ئي نموني سيڪريٽري هجي 20هين گريڊ ۾ ۽ ايڊيشنل سيڪريٽري 21هين گريڊ ۾. ان سان نقصان اهو ٿو ٿئي ته غير قانوني طرح ايڊمنسٽريٽر بڻيل کي اها پڪ ٿي ٿئي ته هو فلاڻي بااثر کي تمام ويجهو آهي، جنهن ڪري جائز ۽ ناجائز جي فرق کان بي نياز ٿي ويندو آهي. سنڌ حڪومت طرفان ايم پي ايز جي چوڻ تي هر مهيني ٻئي مهيني ٿيندڙ بدلين به انتظام خراب ڪيو آهي، ان ڪري لوڪل ڪائونسل جا آفيسر پنهنجي آفيسن بجاءِ ايم پي اي ۽ سندس نوڪرن چاڪرن جي خوش آمد ۾ پورا آهن.

سڄو انتظام بگاڙي جڏهن سنڌ حڪومت جا اعليٰ عملدار ڇرڪ ڀري اٿندا آهن ته وري مڪاني ادارن جي مرض جو اهو ئي علاج ڪندا آهن جيڪو بار بار ڪري چڪا هوندا آهن، جنهن ٻين مريضن کي مرڻينگ ڪيو هوندو آهي، منهنجو مقصد آهي روينيو عملدارن کي ايڊمنسٽريٽر بڻائڻ، سنڌ حڪومت انهن کي مالياتي اختيارين ڏئي هڪ سال ۾ ٽي دفعا آزمائي چڪي آهي، انهن جيڪو روينيو جو حال ڪيو آ اهو تپيدارن جي خوشحالي ۽ کاتيدارن جي جهيڙن ۽ ڪورٽن ۾ هلندڙ ڪيسن مان ظاهر آهي، ٻيو ته ڇا پر جنهن جا تپيدار، سپروائيزر ۽ وڏا منشي سڏائين ميان صاحب ۽ خان صاحب وغيره پوءِ ته ان جا مختيارڪار، اسسٽنٽ ڪمشنر ۽ ڊپٽي ڪمشنر ته راجا، مهاراجا، بادشاهه ۽ شهنشاهه ٿيا نه؟! اها ڳالهه ان مان به ظاهر آهي ته ڊپٽي ڪمشنر جهاز کانسواءِ ڪراچي ڪو نه وڃن! ڇا 18هين ۽ 19هين گريڊ جي پگهار ايتري آهي جيترو ڊپٽي ڪمشنرن جو ٺٺ ٺانگر آهي اهو صرف الزام نه پر هڪ عالم آشڪار حقيقت آهي جنهن ڪري ٽرانسپئرنسي انٽرنيشنل پنهنجي تازا رپورٽ ۾ ان کاتي کي ڪرپٽ ترين قرار ڏنو آهي.جيڪڏهن هنن پنهنجي بنيادي کاتي جنهن ۾انهن تي ڊسپلينري ايڪشن به کڄي سگهي ٿو ۽ کين پروموشن لاءِ گهربل اي سي آر (اينوئل ڪانفيڊينشل (رپورٽ) به ملندي آهي جو اهو حال ڪيو آهي ته پوءِ سمجهي سگهجي ٿو ته مڪاني ادارن جو ڪهڙو حشر ڪندا؟

JUNE-15-2014   34

امڪان آهي ته جيڪي چئن پنجن لکن جا ڪم ٿين ٿا سي به حصو پتي ٿي ويندا ۽ انهن جي ڪو مانيٽرنگ به ڪونه ڪري سگهندو، ان ڊپ کان ته متان اهي سندن کاتي جا ڊپٽي سيڪريٽري، ايڊيشنل سيڪريٽري، اسپيشل سيڪريٽري يا سيڪريٽري بڻجن، پر جيڪڏهن هنن مان ئي مانيٽرنگ آفيسر بڻايا ويا ته اهي اهڙي ئي مانيٽرنگ ڪندا جهڙي مختيارڪار تپيدارن جي، اسسٽنٽ ڪمشنر مختيارڪارن جي ۽ ڊپٽي ڪمشنر اسسٽنٽ ڪمشنرن جي ڪري رهيا آهن. قانوني لحاظ کان به ڏسبو ته مڪاني ادارن جي ٽن ڪيڊرن سپروائيزري، ايس سي يو جي ۽ لوڪل ڪائونسل سروس جا ملازم پنهنجي ڪيڊر کان ٻاهر بدلي ٿي نه ٿا سگهن ٻيو ته ڇا پر ايس سي يو جي چار برانچن ايڊمنسٽريشن، اڪائونٽس، ميڊيڪل ۽ انجنيئرنگ جا ملازم به پنهنجي برانچ کان ٻاهر مقرر نه ٿا ٿي سگهن ته پوءِ ٻئي کاتي جا ملازم ڀلي اهي سروس ،جنرل ايڊمنشريشن ۽ ڪوآرڊينيشن کاتي جا هجن. سي مڪاني ادارن جا ايڊمنسٽريٽر ڪيئن ٿا ٿي سگهن؟ ٻيو ته جيڪڏهن انهن جو انتظامي سيڪريٽري، سيڪريٽري سروسز آهي ۽ لوڪل گورنمينٽ جو پنهنجو جدا انتظامي سيڪريٽري آهي ته پوءِ اهي مختلف کاتا نه ٿيا ته ٻيو ڇا؟ پوءِ انهن جي ايڊمنسٽريٽر طور مقرري ديپوٽيشن نه ٿي ته ٻيو ڇا ٿيو، عجيب ڳالهه آ ٻئي کاتي وارو هنن ڏانهن وڃي ته ڊيپوٽيشن پر هي ڪاڏي به وڃن ته اها ڊيپوٽيشن نه آهي؟ اها ڳالهه به قابلِ غور آهي ته انهن جو بنيادي ڪم روينيو جا معاملا، پروٽوڪول ۽ ڪوآرڊينيشن آهي، انڪري مڪاني ادارن جي ايڊمنسٽريٽري انهن لاءِ پارٽ ٽائيم جاب هوندي ته پوءِ هو سواءِ چيڪ ڪڍڻ جي ٻيو ڇا ڪري سگهندا؟! ڀلا جيڪڏهن هنن جو خدمت ۽ محنت تي ايمان آهي ته پوءِ کين ڪنهن اسڪول جو هيڊ ماستر يا ڪاليج جو پرنسپال بڻائي ڏسو ته خبر پوندي ته ڪيئن ٿا ان پوسٽنگ کي غير قانوني ڄاڻائڻ لاءِ دليلن جا درواز کولين. افسوس ته سنڌ حڪومت جو آ جو اها کاتي جو مانيٽرنگ سسٽم مضبوط ڪرڻ بجاءِ وتن ٿا ٻين کي منٿون ڪندا ته اچو ۽ اسانجو کاتو سڌاري ڏيو، اڙي بابا ڊپٽي ڪمشنر ۽ اسسٽنٽ ڪمشنر روينيو جا عملدار آهن، اهي بلديات جي وزير ۽ سيڪريٽري جي ميٽنگ ۾ به ڪو نه ايندا ۽ چيو به پنهنجي کاتي جي اعليٰ عملدار جو مڃيندا ته پوءِ وزير بلديات ۽ سيڪريٽري بلديات جي ڪهڙي ضرورت ۽ پوءِ هن کاتي کي ڊپارٽمينٽ سڏائڻ جو ڪهڙو حق آهي؟ اها ته عملي طور روينيو کاتي جي ونگ بڻجي چڪي آهي، پوءِ به جيڪڏهن وزير بلديات ۽ سيڪريٽري بلديات ڪرسين کي چنبڙيل به رهيا ته به انهن جي حيثيت صرف علامتي هوندي. مطلب ته ان عمل سان بلديات کاتي جي انڊپينڊنس يا وجود تي سواليا نشان اچي ويو آهي.

انڪري مڪاني ادارن کي لاوارث سمجهي ٻين جي جهوليءَ ۾ اُڇلڻ بجاءِ هيٺين تجويزن تي عمل ڪيو وڃي :

سفارش تي ڀرتي ڪيل اڻ تجربيڪار ۽ ان ٽرينڊ آفيسرن کي ڪنهن به ڪائونسل جو سربراهه نه بڻايو وڃي.

هر ملازم جي مقرري سندس گريڊ ۽ ڪيڊر مطابق ڪئي وڃي.

روز روز ٿيندڙ بدلين ۽ مقررين تي ضابطو آندو وڃي.

سڀني ڪائونسلن ۽ بئنڪن کي پابند بڻايو وڃي ته ڪا به پيمينٽ بغير ڪراس چيڪ جي نه ڪن.

پگهارن ۽ پينشن کانسواءِ باقي خرچن لاءِ ڪو آفيسر هڪ ئي وقت ڪيترو خرچ ڪري سگهي ٿو انجي حد مقرر ڪئي وڃي جيئن 1980ع ۾ ڪيو ويو هو ۽ بئنڪن کي به انجو پابند بڻايو وڃي.

سنڌ بئنڪ جي اڪثر مئنيجرن خلاف غير قانوني عملن جون شڪايتون رپورٽ ٿينديون رهيون آهن، انڪري مڪاني ڪائونسلن جا اڪائونٽ نيشنل بئنڪن ڏانهن منتقل ڪيا وڃن.

روينيو سميت سڀني کاتن جا عملدار هٽايا وڃن، ڇو ته اهو وقت ثابت ڪيو آهي ته هو هن کاتي کي دبئي ۽ سعودي سمجهي ڪمائڻ ايندا آهن ۽ انهن کي هي کاتو ڪجهه به نه ڪري سگهندو آهي.

مڪاني ڪائونسلن کي پابند بڻايو وڃي ته هو پنهنجي ماهوار آمدني ۽ خرچن جا تفصيل هر مهيني مانيٽرنگ آفيسرن کي پهچائن، جڏهن ته بئنڪن کي بئنڪ اسٽيٽمنٽ ڏيڻ جو پابند بڻايو وڃي.

اها عام شڪايت رهي آهي ته مڪاني ڪائونسلن جا آفيسر بدلي ٿيڻ وقت ڪائونسل جو رڪارڊ گم ڪري ڇڏيندا آهن، انڪري کين پابند بنايو وڃي ته اهي سندن جڳهه تي ايندڙ آفيسرن کي مڪمل رڪارڊ هينڊ اوور ڪري رسيد حاصل ڪن. ٻي صورت ۾ انهن تي قدم کنيو وڃي.

جنهن به ملازم خلاف ڪو قدم کنيو وڃي ٿو ته اهو هڪدم ڪورٽن ۾ هليو ٿو وڃي جتي مناسب پيروي نه ٿيڻ سبب سرڪار کي منع ناما جاري ڪيا وڃن ٿا ۽ منع ناما حاصل ڪندڙ ملازم ڇڙواڳ بڻجي وڃن ٿا، انڪري سنڌ سطح تي ڊپٽي سيڪريٽري ۽ ٽن چئن سيڪشن آفيسرن جي سربراهي ۾ خصوصي سيل قائم ڪيو وڃي، جيڪو صرف ۽ صرف کاتي خلاف داخل ٿيندڙ ڪيسن جا معاملا ڏسي. اهڙو سيل ايڊووڪيٽ جنرل سنڌ جي آفيس ۾ به قائم ڪيو وڃي.

سنڌ لوڪل گورنمينٽ بورڊ ختم ڪيو وڃي ڇو ته ان جي موجودگيءَ ۾ مانيٽرنگ آفيسرن جي ڪو به نه ٿو ٻڌي، جيڪڏهن ٻئي ڪنهن کاتي ۾ اهڙو بورڊ ناهي ته صرف لوڪل گورنمينٽ کاتي ۾ڪهڙي ضرورت؟!

مانيٽرنگ ڪندڙ آفيسر جا اختيار ٻين کاتن جي سندن هم رتبا آفيسرن برابر بڻايا وڃن.

مانيٽرنگ ڪندڙ آفيسرن جا گريڊ وڌايا وڃن ۽ انهن کي گاڏيون، پنهنجو آفيسون ۽ ٻيون سهوليتون ڏنيو وڃن.

مانيٽرنگ آفيسرن جي رپورٽن تي عمل ڪندي ڪوتاهي ڪندڙ آفيسرن تي سخت قدم کنيو وڃي، جيڪو هاڻي نه ٿو ٿئي جنهن ڪري مانيٽرنگ آفيسر ڪا به رپورٽ ڪرڻ لاءِ تيار نه آهن. انڪري پهريائين انهن جي رپورٽن کي اهميت ڏني وڃي ۽ بعد ۾ انهن جي حدن ۾ ٿيندڙ بدانتظاميءِ جي لاءِ انهن کي به ذميوار قرار ڏئي قدم کنيو وڃي.

ڀلا جيڪڏهن اهڙو خواب لڌو ويو آهي ته جون مهيني کان وٺي روينيو وارن کي ايڊمنسٽريٽر بڻائن سان سڌارو ايندو ته پوءِ مڪاني ادارن جو کاتو ختم ڪري بورڊ آف روينيو ۾ هڪ ميمبر رکيو وڃي، ڪمشنر آفيسر ۾ ايڊيشنل ڪمشنر III ۽ ڊپٽي ڪمشنر آفيسر ۾ ايڊشنل ڊپٽي ڪمشنر III رکي ۽ ڊئريڪٽرن، اسسٽنٽ ڊئريڪٽرن ۽ ڊولپمينٽ آفيسرن کي گهر جو رستو ڏيکاريو وڃي.

below article banner

پنهنجو رايو ڏيو

توهان جو اي ميل پتو ظاهر نه ڪيو ويندو. گهربل معلومات تي هيءَ نشان لڳل آهي: *

*

You may use these HTML tags and attributes: <a href="" title=""> <abbr title=""> <acronym title=""> <b> <blockquote cite=""> <cite> <code> <del datetime=""> <em> <i> <q cite=""> <strike> <strong>

صفحي جي چوٽيءَ تي وڃو