Home / افيئر / هم ڪو ان سي هي وفا ڪي اميد….! لاپتا بلوچن جي گهر ڀاتين جو اسلام آباد ڏانهن لانگ مارچ
above article banner

هم ڪو ان سي هي وفا ڪي اميد….! لاپتا بلوچن جي گهر ڀاتين جو اسلام آباد ڏانهن لانگ مارچ

حبيب بلوچ

نيٺ اهو ئي ٿيو جنهن جو خوف هو. بلوچستان جي لاپتا ماڻهن جي آزادي لاءِ جدوجهد ڪندڙ تنظيم وائيس آف بلوچ مسنگ پرسنز، عدليه ۽ حڪمرانن جي ڪوڙن دلاسن، سياسي جماعتن جي اڳواڻن جي فوٽوسيشن ۽ اسٽيبلشمينٽ جي بدتر سلوڪ ۽ روئي کان تنگ ٿي ان مسئلي کي عالمي سطح تي اجاگر ڪرڻ لاءِ ڪراچي کان اسلام تائين مارچ جي شروعات ڪري ڇڏي آهي. اردو جي هن شعر وانگر ته: “هم ڪو ان سي وفا ڪي اميد جو نهين جانتي وفا ڪيا هي”
ويجهڙ ۾ ئي ٻه هفتا اڳ بلند حوصلو رکندڙ ماما قدير بلوچ جي اڳواڻي ۾ ٻارڙن ۽ عورتن تي ٻڌل لاپته ماڻهن جي ڪٽنبن جو قافلو ڪوئيٽا کان لڳ ڀڳ ساڍا ست سئو ڪلو ميٽرن جو پنڌ ڪري 27 ڏينهن کانپوءِ ڪراچي پهتو هو. ڪراچي پهچڻ تي لانگ مارچ ڪندڙن جو شاندار آڌر ڀاءُ به ڪيو ويو هو، مٿن گل به نڇاور ڪيا ويا هئا. لانگ مارچ ڪندڙن سان يڪجهتي جو اظهار ڪندڙن تصويرون ڪڍرائي ميڊيا ۾ به شايع ڪرايون پر نتيجو اهو ئي نڪتو معنيٰ ڪُڪڙ جي هڪ ٽنگ!
خطرناڪ ۽ بدتر حالتن باوجود لاپتا ماڻهن جا گهر ڀاتي، ڪوئيٽا کان ڪراچي جو مفاصلو جيئن تيئن ڏوري ڪراچي پهتا. ان دوران کين ڌمڪيون به مليون، لانگ مارچ ختم ڪرڻ لاءِ مختلف هٿڪنڊا پڻ استعمال ڪيا ويا، ليڪن قافلي جي پرعزم ماڻهن همت نه هاري.
ڪوئيٽا کان ڪراچي تائين جو مڪمل سفر بلوچستان جي اندر هو، واقفڪار ماڻهو هئا، ثقافت ۽ زبان به هڪجهڙي هئي. رستا خطري وارا پراڻڄاتل نه هئا. قافلي جو پيڇو ڪندڙن جا هٿ ڊگها ته هئا پر حوصلو وڌائيندڙ به گهٽ نه هئا. ليڪن هن ڀيري گهڻو ڪجهه مختلف ٿيندو. پنڌ مارچ جو هڪ حصو سنڌ ۾ جڏهن ته ٻه حصا پنجاب ۾ ٿيندو. رستا نوان هوندا. ثقافت ۽ ٻولي به ساڳي نه هوندي. ڊسمبر جي سخت ٿڌ هوندي. بلوچستان جي عوام کي…. عام تاثر اهو ئي آهي… محروم، محڪوم ۽ مجرماڻي حد تائين کين پوئتي رکندڙن جون جاگيرون هونديون. اسلام آباد جي سول ۽ دفاعي اسٽيبلشمينٽ جي چوڌرين… هتي چوڌرين مان مراد بالادست طبقو آهي… جو جي ٽي روڊ هوندو. هاڻي باقي سنڌ ۽ ڏکڻ پنجاب جي ماڻهن جا مسئلا ۽ ڏک ڪافي حد تائين هڪجهڙا هوندا.
ڪوئيٽا کان ڪراچي تائين سفر دوران مارچ ۾ شرڪت ڪندڙن جو ڪڏهن عام سياسي ڪارڪنن ته ڪڏهن قبائلي وڏڙن آڌر ڀاءُ ڪري حوصلو وڌايو انهن کي پناهه ڏني، رات ترسائڻ لاءِ ڪمرن جو بندوبست به ڪيو.
لانگ مارچ جي قافلي ۾ شريڪ پنجاب جي حڪمرانن ۽ اسٽيبلشمينٽ مان نه بلڪه عام ماڻهن مان سندن حوصلا وڌائڻ جي اميد ضرور رکن ٿا. ڇو ته بلوچستان جي ماڻهن کي هميشه پنجاب جي روئي جي شڪايت رهي آهي. اهڙيون شڪايتون ڪڏهن وسيلن تي غاصباڻي قبضي جون آهن ته ڪڏهن کين بنيادي انساني حقن کان محروم رکڻ جون آهن. ليڪن هن ڀيري پنجاب جي عوام کي هڪ زبردست موقعو آهي ته اهي بلوچستان سان تعلق رکندڙ لاپتا ماڻهن جي گهر ڀاتين، جن ۾ عورتون ۽ ٻار به شامل آهن، جو ساٿ ڏئي سندن آواز سان آواز ملائين ته جيئن بلوچستان جي عوام جي دلين ۾ موجود پنجاب بابت شڪايتن جو ازالو ڪرڻ ۾ مدد ملي سگهي.
هاڻي ڪجهه ذڪر ٿي وڃي عدليه جو، ملڪ جي چوٽي جي سياستدانن، اشرافيه وانگر بلوچستان جي ڊوميسائيل تي سپريم ڪورٽ جو چيف جسٽس بڻجندڙ رٽائرڊ جسٽس افتخار محمد چوڌري به بلوچستان جي عوام کي مايوس ڪيو. پنهنجي سموري جڊيشل ايڪٽوازم، سوموٽو ايڪشنز، شنواين دوران پنهنجي توريل تڪيل ريمارڪس وسيلي هو ٽي وي چينلز لاءِ بريڪنگ نيوز جو ذريعو ته بڻيو، پر نه بڻجي سگهيو ته بلوچستان جي مظلوم ۽ معصوم ماڻهن جي ڪٽنبن لاءِ درد جي دوا.
هو پنهنجي مبينه سخت روئي جي ڪري ملڪ جي پهرين متفقه وزيراعظم کي توهين عدالت ڪرڻ جي ڏوهه ۾ گهر ڀيڙو ڪرڻ ۾ ته ڪامياب رهيو پر جسٽس چوڌري ايڪويهين گريڊ جي هڪ آءِ جي ۽ ايف سي ۽ اڻويهين، ويهين گريڊ جي ڪجهه آفيسرن کان پنهنجا حڪم نه مڃرائي سگهيو ۽ رڳو وارننگ تي گذاريو ڪندي آخرڪار پاڻ به گهر ڀيڙو ٿي ويو. اهڙي ريت بلوچستان جو عوام جسٽس جاويد اقبال ڪميشن رپورٽ کان به خفا آهي ڇو ته ان سان به سندن داد رسي نه ٿي سگهي.
ٻئي طرف ڏينهن رات بلوچستان جي محرومين جو روئڻو روئيندڙ ۽ ماضي جي حڪمرانن جي روين تي نوحه خواني ڪندڙ هاڻوڪو وزيرعظم ميان نواز شريف به بلوچستان جي لاپتا ماڻهن جي مسئلي تي بلڪل گوشه نشين آهي. ان خدشي جي پيش نظر ته ڪٿي سپريم ڪورٽ کيس.. وزيراعظم کي … بچاءُ جي وزير طور…. بچاءُ جي وزير جو عهدو وزيراعظم وٽ هو…. عدالت نه گهرائي، ان ڪري هو پاڻي ۽ بجلي واري وفاقي وزير خواجه آصف کي اهو اضافي عهدو ڏئي پنهنجو دامن بچائي ويو.
سپريم ڪورٽ جي پيشي ۽ معزز ججن جي پڇا ڳاڇا، اها پڇا ڳاڇا گهڻو ڪري سياستدانن کان ٿيندي آهي… ان کانپوءِ پاڻي ۽ بجلي جو وفاقي وزير لاپتا ماڻهن جي گهر ڀاتين سان ملڻ ڪراچي پريس ڪلب ٻاهران بک هڙتالي ڪئمپ تي به پهتو ۽ ماما قدير چواڻي ته: “اسان کي ڪوڙا دلاسا ڏنا”
دلاسا ڏيندڙن ۾ بلوچستان جي حڪمران ڌر نيشنل پارٽي جو قائم مقام صدر سينيٽر حاصل بزنجو به شامل هو، جنهن طرفان بلوچستان ۾ چٿيل لاش موڪلڻ جو سلسلو بند ڪرڻ جي اعلان سان گڏ ان ئي ڏينهن سندس اباڻي شهر مان ٻن ماڻهن جا لاش مليا. لاپتا ماڻهن جي بک هڙتالي ڪئمپ تي ميڊيا سان ڳالهائيندي سينيٽر حاصل بزنجو کي اهو مڃڻو پيو ته: بلوچستان ۾ سندس جماعت کي اقتدار ضرور مليو آهي پر اختيار ناهي مليو.
“پڪڙي جاتي هين فرشتون ڪي لکي پر ناحق آدمي ڪوئي همارا دم تحرير ڀي ٿا”
وائيس آف بلوچ مسنگ پرسنز جو لاپتا ماڻهن جي بازيابي خاطر احتجاج گذريل چئن ورهين کان جاري آهي. لاپتا ماڻهن جا گهر ڀاتي ڪڏهن ڪراچي ته ڪڏهن اسلام آباد جو رخ ڪن ٿا. عدالت جا درکڙڪائين ٿا، شنواين تي وڃن ٿا، پريس ڪلبن اڳيان احتجاج ڪن ٿا، ٽربيونلز ۽ ڪميشنز اڳيان پيش ٿين ٿا. ڪڏهن ڪوڙا دلاسا ته ڪڏهن ڌمڪيون وصل ڪن ٿا، ليڪن پوءِ به حوصلو نٿا هارين. اڃا ڪوئيٽا کان ڪراچي پنڌ مارچ سبب سندن پيرن ۾ پيل لڦون به ٺيڪ نه ٿيون هونديون، انهن هڪ نئين عزم سان لڳ ڀڳ 17 سئو ڪلو ميٽرن جي ڊگهي لانگ مارچ جي شروعات ڪري ڇڏي آهي.
گذريل ڪجهه مهينن دوران سپريم ڪورٽ به لاپتا ماڻهن جي ڪيس ۽ بلوچستان ۾ امن امان ڪيس جي شنواين دوران ايف سي ۽ سگهارن ادارن جي ڪجهه اهلڪارن کي لاپتا ماڻهن جي ڪيسن ۾ ملوث ۽ ذميوار قرار ڏئي سندن سرزنش ڪئي هئي پر مجال آهي جو ڪوئي هيڏانهن هوڏانهن چُري. سون تي سهاڳو اهو ٿيو جو ويجهڙ ۾ ئي سپريم ڪورٽ عدالت ۾ پيش نه ٿيندڙ ايف سي بلوچستان جي انسپيڪٽر جنرل کي عدالت جي توهين ڪرڻ تي نوٽيس جاري ڪيو ليڪن موصوف عدالت ۾ پيش ٿيڻ بدران بيماري جو بهانو ڪري اسپتال ڀيڙو ٿي ويو.
ملڪ ۾ آزاد ميڊيا ۽ متحرڪ عدليه جي هوندي به قانون لاڳو ڪندڙ ۽ سگهارن ادارن جو اهڙو رويو ان ڳالهه جو مظهر آهي ته اهي پاڻ کي ڪنهن قانون يا اداري اڳيان جوابده نٿا سمجهن.
گذريل ڪجهه هفتن دوران سپريم ڪورٽ ۾ لاپتا ماڻهن جي ڪيس جو وڏو چرچو رهيو آخرڪار ستن لاپتا ماڻهن کي عدالت اڳيان پيش ڪيو ويو پر بدقسمتي سان انهن مان ڪنهن به ماڻهو جو تعلق بلوچستان سان نه آهي. نه وري انهن 35 ماڻهن جي لسٽ ۾ بلوچستان سان تعلق رکندڙ ڪوئي لاپتا شامل آهن.
ايئن ته سموري ملڪ مان هزارين ماڻهن جي لاپتا ٿيڻ جون خبرون آهن پر بلوچستان ۽ ملڪ جي ٻين علائقن سان تعلق رکندڙ لاپتا ماڻهن ۾ هڪ واضح فرق اهو آهي ته ٻين علائقن جا لاپتا، لاپتائي رهن ٿا ليڪن بلوچستان سان تعلق رکندڙن جا چچريل لاش سندس وارثن حوالي ڪيا وڃن ٿا.
جنرل پرويز مشرف جي دور کان شروع ٿيندڙ اهو سلسلو پ پ جي حڪمتي دور ۾ به جاري رهيو ۽ هاڻي حڪومت جي تبديلي جي باوجود ان جي شدت ۾ گهٽتائي ناهي آئي، جنهن ڪري ان تاثر کي وڌيڪ سگهه ملي ٿي ته ملڪ ۾ جمهوريت لاڳو ٿيڻ باوجود اختيار بلوچستان وانگر وفاق ۾ به مڪمل طور سولينز حوالي ناهي ڪيو ويو ۽ ملڪ کي اڄ به هڪ سيڪيورٽي اسٽيٽ وانگر هلائي اينٽي اسٽيبلشمينٽ سوچ رکندڙ شهرين کي ملڪ دشمن سمجهيو وڃي ٿو ۽ ساڻن اهو ئي سلوڪ ڪيو وڃي ٿو جيڪو ستر ۽ اسي جي ڏهاڪي ۾ چلي ۽ ارجنٽائن ۾ عوام سان رکيو ويندو هو.

below article banner

پنهنجو رايو ڏيو

توهان جو اي ميل پتو ظاهر نه ڪيو ويندو. گهربل معلومات تي هيءَ نشان لڳل آهي: *

*

You may use these HTML tags and attributes: <a href="" title=""> <abbr title=""> <acronym title=""> <b> <blockquote cite=""> <cite> <code> <del datetime=""> <em> <i> <q cite=""> <strike> <strong>

صفحي جي چوٽيءَ تي وڃو