Home / افيئر / هي سال دنيا لاءِ ڪيئن هوندو؟ پاڪستان ۾ چونڊن جي نتيجن جي باري ۾ امڪان ۽ اڳڪٿيون
above article banner

هي سال دنيا لاءِ ڪيئن هوندو؟ پاڪستان ۾ چونڊن جي نتيجن جي باري ۾ امڪان ۽ اڳڪٿيون

اظهار سومرو

اولهه جي سرمائيداري نظام جو گذريل ٻن صدين کان ڀرپور بچاءُ ڪندڙ هفتيوار رسالو دي اڪانامسٽ جيڪو نه رڳو سيرهپڪارن کي رستو ڏيکاري ٿو پر انهن اسريل ملڪن کي پنهنجو معاشي نقشو ٺاهڻ ۾ به ڀرپور مدد ڪري ٿو، ان رسالي کي صحافت کان گهڻي مٿانهين اهميت ڏني وڃي ٿي، ڇاڪاڻ ته ان ۾ ڏنل انگ اکرن کي مدد سان ڪيتريون ئي ڪمپنيون ۽ حڪومتون پنهنجي معاشي پاليسين جا فيصلا ڪن ٿيون۔

جيتوڻيڪ اڳڪٿيون ڪرڻ نجومين ۽ طوطي کان فال ڪڍائيندڙن جو ڪم آهي پر اهو هميشه کان انسان جو محبوب مشغلو پئي رهيو آهي، غيب جي علم جي تلاش، مستقل جي باري ۾ اڳواٽ ڄاڻڻ ، هٿ جي لڪيرن يا ستارن جي علم ذريعي سڀاڻ جو سچ تلاش ڪرڻ جي ڪوشش انسان جو ازلي شوق آهي، جيڪو شايد ابد تائين ان سان گڏ رهندو۔ پر هاڻي جديد انداز ۾ مختلف سياسي ۽ معاشي معاملن کان وٺي عوامي راءِ جي باري ۾ به اڳڪٿيون ٿين ٿيون،دلچسپ ڳالهه وري اها آهي ته اهو سڀ ڪجهه پٺتي پيل ملڪن ۾ نه پر اسريل ملڪن ۾ ٿئي ٿو جتي سائنس جي ترقي ڪافي وهمن کي رد ڪري چڪي آهي، پر انسان پنهنجي فطرت جي هٿان مجبور آهي، انهن اسريل ملڪن ۾ انهن اڳڪٿين کي مختلف نالا ڏنا وڃن ٿا، جڏهن ته اهي نتيجا ڪڍڻ لاءِ جديد سائنسي انداز اختيار ڪيو وڃي ٿو جنهن ڪري اهي اندازه ڪافي حد تائين درست به ثابت ٿين ٿا، ڇاڪاڻ ته ان عمل دوران جذبات جي بدران حقيقتن کي سامهون رکي نتيجا ڪڍيا وڃن ٿا ۽ ان عمل ۾ وڏي احتياط کان ڪم ورو وڃي ٿو۔ تجزيئي جي ان عمل مان گذرڻ کان پوءِ نتيجا يا اڳڪٿيون ڏيڻ مهل اها ڳالهه واضح ڪئي وڃي ٿي ته اهي نتيجا سو سيڪڙو درست ثابت نه ٿيندا بلڪي انهن ۾ پنج يا ڏهه سيڪڙو فرق جي  به اميد آهي، آمريڪا ۾ پري پول سروي جا نتيجا ان حوالي سان ڪافي ڪارائتا ۽ حيران ڪندڙ حد تائين درست ثابت ٿيندا رهيا آهن۔

دي اڪانامسٽ ان حوالي سان گذريل ٻن سالن کان پاڪستان ۾ جنگ گروپ سان گڏجي اهڙين اڳڪٿين تي ٻڌل ساليانو رسالو جاري ڪري ٿو، جنهن ۾ دنيا سان گڏ پاڪستان جي باري ۾ به ڪافي اڳڪٿيون هونديون‌ آهن،پاڻ ان رسالي جي انٽرنيشنل ايڊيشن ۾ دنيا جي مختلف ملڪن جي باري ۾ ڏنل اهم اندازن جي باري ۾ هتي ڳالهائينداسين۔

آمريڪا جيڪو دنيا جو لٺ سردار‌آهي، ان جي باري ۾ چيو پيو وڃي ته ان جو ٻيهر چونڊيل صدر باراڪ اوباما هن سال پنهنجي پرڏيهي پاليسي تي وڌيڪ ڌيان ڏيندو، جيتوڻيڪ ان جي پرڏيهي وزير هيلري ڪلنٽن بيماري جي بستري تي هجڻ جي ڪري عهدي تان موڪلائي رهي آهي ان جي جاءِ تي سينيٽر جان ڪيري کي اها ذميواري ملڻ واري آهي جيڪو ڪافي سمجهدار ماڻهو‌آهي، پاڪستان جي باري ۾ هو خاص همدردي رکي ٿو، هتي اها ڳالهه ذهن ۾ رکڻ گهرجي ته اوباما پرڏيهي پاليسي کي گهٽ اهميت ڏيندڙ آمريڪي صدر رهيو آهي  پر افغانستان سميت مختلف معاملن جي ڪري ان کي پرڏيهي پاليسي تي ڏيان ڏيڻو پوندو۔

يورپ ۾ جرمني جيتوڻيڪ انتهائي اهم ملڪ سمجهيو وڃي ٿو پر اتي صدر مسز ميرڪل لاءِ هي سال ڪافي ڳرو ثابت ٿيڻ جي اڳڪٿي ڪئي وئي آهي۔

دنيا ۾ معيشت جو جيڪو بحران ڇهه سال اڳ آيو هيو ان جي ختم ٿيڻ جا هن سال به امڪان گهٽ نظر اچي رهيا آهن ، پر ان ۾ بهتري جا آثار به نظر اچي رهيا آهن جيتوڻيڪ اها خوشخبري اسريل ملڪن لاءِ آهي ڇاڪاڻ ته دنيا مجموعي طور تي ۽ اسرندڙ ملڪن خاص طور تي ان حوالي سان ڪافي پوئتي هوندا۔

اولهه ۾ مذهبي رجحان وڌيڪ ڪمزور ٿيڻ جا امڪان آهن ڇاڪاڻ ته اتي عيسائيت جي ڀيٽ ۾ سيڪيولر ۽ لبرل سوچ وارن ماڻهن جو اثر اڃان وڌيڪ پر ڦهلائيندو نظر پيو اچي۔ خاص طور تي اتي هم جنس پرستن جي شادي خلاف چرچ جي سوچ کي شڪست ملندي۔

هڪ کل ڏياريندڙ حقيقت اها آهي ته دنيا ۾ ٿلهن ماڻهن جي انگ ۾ هن سال اڃان به وڌيڪ اضافو ٿيندو، ٿولهه ۾ واڌ جو هڪ وڏو سبب ڪولڊ ڊرنڪس آهن ان حوالي سان مختلف ملڪن ۾ انهن مشروبات تي وڌيڪ ٽيڪس لڳڻ جا به امڪان ڏيکاريا ويا آهن ان کان سواءِ ” جنڪ فوڊ” تريل شين يا وري ميڪڊونلڊ ٽائيپ شين جي واهپي ۾ واڌ جي ڪري به ان ۾ واڌ ايندي۔

وهم جو علاج لقمان حڪيم وٽ به ڪونه هيو سو اولهه جي اسريل سماج ۾ 13 جي انگ کي نحوست جي نشاني سمجهندڙ ماڻهو هن سال کي به نحوس سمجهي رهيا آهن پر هتي حقيقت ته اها آهي ته بي پهچ ماڻهن لاءِ هر سال نحوس ۽ پهچ وارن لاءِ هر گهري ڀاڳ واري آهي۔

پاڪستان ۾ پيپلز پارٽي جي ڪاميابي جا امڪان گهٽ:

دي اڪانامسٽ جي پاڪستان جي باري ۾ دلچسپ اڳڪٿي آهي ته پيپلز پارٽي جا ايندڙ چونڊن ۾ ڪاميابي جا امڪان نه آهن، ان جي ڀيٽ ۾ نواز شريف جي اقتدار ۾ اچڻ جا وڌيڪ امڪان آهن، نواز شريف جي ٻيهر اقتدار ۾ نه اچڻ جو جيڪر هڪ سبب ٿي سگهي ٿو ته اهو فوج جي مداخلت ٿي سگهي ٿي۔ اڪانامسٽ عمران خان کي نوجوانن ۾ مقبول قرار ڏئي ٿو پر ان جي باري ۾ ڪنهن ڪاميابي جي اڳڪٿي کان پاسو ڪري ٿو۔

هن سال ٿيندڙ چونڊن جي سڀ کان اهم ڳالهه بلوچستان ۾ قومپرستن جي واپسي هوندي، ڇاڪاڻ ته انهن گذريل چونڊن جو اڪبر بگٽي جي قتل جي ڪري بائيڪاٽ ڪيو هيو۔ ( هاڻي سوچيو ته پي پي جي ڀيٽ ۾ اتي نواز شريف جي پوزيشن بهتر آهي ته پوءِ ان جو ايندڙ حڪومت سازي تي ڪهڙو اثر پوندو، خاص طور تي مرڪز ۾ ۔۔۔)

خيبر پختونخواهه ۾ ايندڙ چونڊون خوني ٿيڻ جا امڪان‌ آهن جڏهن ته نتيجا ڪنهن به هڪ ڌر جي اڪثريت وارا نه هوندا، اتي پي پي ۽ اي اين پي مقامي سطح تي هڪ ٻئي کان پري ٿي رهيون آهن جنهن جو فائدو مذهبي ڌرين ۽ عمران خان کي ٿيندو۔

سنڌ ۾ ايندڙ چونڊن ۾ حڪمران پيپلز پارٽي ٻهراڙي ۽ ايم ڪيو ايم شهري علائقن ۾ مشڪل صورتحال کي منهن ڏيندي، سنڌي قومپرستن جي عمليت پسندي به پيپلز پارٽي لاءِ مسئلا پيدا ڪندي۔

ايندڙ چونڊن ۾ اصل مقابلو پنجاب ۾ ٿيندو جتي سينٽرل پنجاب ۽ اتر پنجاب ۾ پيپلز پارٽي جي ڪاميابي جا امڪان گهٽ آهن، نواز ليگ پنجاب مان سو سيٽون کٽڻ جي خواهش کڻي ميدان ۾ لهندي۔ جيڪر ان کي اهي نتيجا ملي ويا ته اها مرڪز ۾ ننڍين پارٽين جي مدد سان حڪومت ٺاهي وٺندي۔

هن سال پاڪستان ۾ ڪرڪيٽ سميت راندين جي عالمي مقابلن جي واپسي جا به امڪان آهن۔

جيتوڻيڪ چيو ويندو آهي ته جواري ڪڏهن به سائو نه ٿيندو آهي، اها ڳالهه فردن جي لاءِ ته درست آهي پر ملڪن لاءِ نه آهي، هن سال دنيا ۾ جوا جي حوالي سان مشهور ملڪن مڪائو ۽ سنگاپور جي آمدني آمريڪا کان به وڌي ويندي، واهه ڪسينو واهه۔۔۔۔۔۔

ايشيا ۾ معاشي طور تي چين ۽ ڀارت جا قدم پوئتي ٿيندا نظر اچن پيا جڏهن ته انهن جي جاءِ تي فلپائن ۽ انڊونيشيا ٻيهر اسري رهيا آهن۔ دنيا جي معيشت ۽ سياست تي وڏو اثر رکندڙ تيل جي پيداوار جي حوالي سان هي اهم هوندو، هن سال تيل جي ڳولها جو ڪم تيز ٿيڻ ۽ ان جي نتيجي ۾ پيداوار وڌڻ جا امڪان آهن، آمريڪا ان حوالي سان پاڻڀرو ٿيڻ جي ويجهو پهچي ويندو۔

عرب اسپرنگ جو ڇا ٿيندو؟

هن سال عرب اسپرنگ جو نشانو اردن جو‌شاهي خاندان هوندو، هاڻوڪي بادشاهه عبدالله ۾ پنهنجي والد شاهه حسين جيتري ڪشش نه‌ آهي، ملڪ ۾ سياسي بحران وڌي رهيو آهي جنهن ڪري اردن ۾ بادشاهت پنهنجي پڄاڻي تي پهچي سگهي ٿي۔ سعودي عرب ۽ الجزائر جون حڪومتون تيل جي دولت جي ڪري في الحال ڪنهن وڏي خطري کان بچيل آهن۔ هي سال شام جي اسد خاندان جي اقتدار لاءِ به‌آخري ثابت ٿي سگهي ٿو جڏهن ته شام سميت بحرين ۾ شيعا سني اختلاف به تيز ٿيڻ جا امڪان‌ آهن۔ ايران جا آمريڪا سميت اولهه سان واسطا مڪمل طور تي بهتر نه ٿيندا ڇاڪاڻ ته داخلي دٻاءَ جي ڪري ايراني حڪومت ان معاملي کي حل ڪرڻ بدران اولهه سان تڪرار کي برقرار رکڻ چاهيندي۔

اسامه جي موت ۽ يمن، عراق ۽افغانستان ۾ تبديل ٿيل صورتحال کان پوءِ آمريڪا جي دشمن القائده آفريڪا جو رخ ڪندي ڇاڪاڻ ته اتي جون حالتون ان کي اهڙو موقعو ڏئي رهيون آهن۔ آفريڪا کنڊ ۾ ماڻهو ٻهراڙين مان شهرن ڏانهن رخ رکندا جنهن ڪري شهرن جي آبادي وڌندي جڏهن ته تيل جي پيداوار جي حوالي سان پاڻڀري ملڪ نائيجيريا جي معيشت به ڏکڻ‌ آفريقا کان گوءِ کٽي ويندي۔

دي اڪانامسٽ جي هن سلسلي ۾ دلچسپ رپورٽ اها آهي ته ” ڪٿي پيدا ٿيڻ گهرجي”، ان حوالي سان پيدا ٿيڻ جي حوالي سان بهترين ملڪ سوئٽزرلينڊ کي قرار ڏنو ويو آهي، جڏهن 80 ملڪن جي لسٽ ۾‌آخري نمبر نائيجيريا جو آهي، پر پاڪستان به ان کان صرف پنج ڏاڪا پوئتي يعني 75 نمبر تي آهي، هي سوچڻ جو مقام آهي ڇاڪاڻ ته جنهن ملڪ جو ماحول جيترو بهتر هوندو ان جو نمبر مٿي ويندو، هن لسٽ ۾ آمريڪا جو نمبر 16، چين جو 49 هون، آسٽريليا جو ٻيون آهي۔ هاڻ جيڪر پيدا نه ٿي سگهيو آهي ڪوئي ته وڃي ڀلا پنهنجي ڀونگي ته اتي آباد ڪري سگهي ٿو جتي امن ۽ سڪون آهي۔

انٽرنيٽ جي دنيا ۾ گوگل جو نين سرچ انجن سان سخت مقابلو ٿيندو، سمارٽ فون جو وڪرو هڪ ارب کان وڌي ويندو، ٿري ڊي پرنٽنگ جهري نئين ٽيڪنالاجي ميدان ۾ اچي ويندي۔ بالي ووڊ سو سال پورا ڪندي، اکين تي چشمي وانگر پائڻ وارا ڪمپيوٽر اچي ويندا، ٻيو ڀلا ڇا گهرجي؟؟؟؟

izharsoomro@yahoo.com

Top of Form

below article banner

پنهنجو رايو ڏيو

توهان جو اي ميل پتو ظاهر نه ڪيو ويندو. گهربل معلومات تي هيءَ نشان لڳل آهي: *

*

You may use these HTML tags and attributes: <a href="" title=""> <abbr title=""> <acronym title=""> <b> <blockquote cite=""> <cite> <code> <del datetime=""> <em> <i> <q cite=""> <strike> <strong>

صفحي جي چوٽيءَ تي وڃو