Home / افيئر / هي صورتحال گهرو ويڙهه ڏي اشارو ڪري ٿي
above article banner

هي صورتحال گهرو ويڙهه ڏي اشارو ڪري ٿي

Naseer Memonڇهين جون تي روزاني ڊان اخبار جي اسلام آباد ميٽرو پوليٽين ڇاپي ۾ هڪ دلچسپ خبر ڇپي. ان خبر ۾ انڪشاف ڪيو ويو ته اسلام آباد جي سيڪيورٽي جو معيار چڪاسڻ لاءِ پوليس جي اسپيشل برانچ پاران هٿيارن، ڌماڪيدار مادي ۽ باورد سان ڀريل ٽي گاڏيون شهر ۾ گهمايون ويون. شهر ۾ ڪنهن به چيڪ پوسٽ تي انهن گاڏين ۾ ڀريل مواد جو پتو نه لڳايو ويو. ريڊ زورن ۾ واقع هڪ لگزري هوٽل جي چيڪ پوسٽ وٽ رڳو ڊگي ۽ بانٽ کولي جهاتي پاتي وئي. نوسيندڙ ڪتن، گارڊن جي اوزان سميت ڪنهن به ذريعي انهن گاڏين ۾ موجود مواد جي نشاندهي نه ڪئي. بعد ۾ پوليس پاران چيڪ پوسٽن تي سيڪيورٽي عملي کي ٻڌايو ويو ته انهن گاڏين ۾ خطرناڪ مواد آهي، اوهان ان کي ڳولي ڏيکايو پر ڪنهن کي به پتو نه پيو.

11 جون جي دان ۾ هڪ ٻي اهڙئي ٽي خبر ڇپي، جنهن ۾ اسلام آباد هوائي اڏي جي سيڪيورٽي چڪاس بعد رپورٽ ۾ انڪشاف ڪيو ويو ته 90 مان 20 ڪلوز سرڪٽ ڪيمرائون ناڪاره آهن. ڪارگو واري حصي ۾ مقرر اهلڪارن وٽ 12 بور جي شاٽ گن ۽ 30 بور جا پستول آهن. پي آءِ اي ڪارگو شيد جي سيڪيورٽي انتهائي خراب حالت ۾ آهي. خانگي ايجنسين ۽ ايجنٽن پاران آندل سامان کي ڪنهن اسڪيننگ ۽ سيڪيورٽي چيڪنگ بجاءِ رڳو هڪ سرٽيفڪيٽ جي آڌارا ڪليئر قرار ڏئي. جهاز ۾ لوڊ ڪيو وڃي ٿو.

12 هين جون جي “ڊان” ۾ ان ئي نوعيت جي هڪ ٻي ڇرڪائيندڙ خبر ڇپي. ان خبر موجب ڪراچي هوائي اڏي تي سيڪيورٽي عملو هڪ برطانوي ڪمپني کان خريد ڪيل بم ڊڪٽيٽر استعمال ڪري رهيو آهي. ان ڪمپني جي مالڪ تي برطانيه جي عدالت ۾ فراڊ جو ڪيس هلندڙ آهي.هي سيڪيورٽي جو معيار آهي هڪ اهڙي ملڪ ۾ جيڪو جنگ جي حالت ۾ آهي. ان صورتحال ۾ ملڪ اندر دهشتگردن جي پکڙيل منظم نيٽ ورڪ کي رياست جو سيڪيورٽي ڍانچو ڪيئن منهن ڏئي سگهندو. ڪراچي ايئرپورٽ تي حملي ۽ ٻين اهڙن واقعن ۾ دهشتگرد گروپن وٽ جديد ترين موتمار هٿيار موجود هئا ۽ سندن مخبري جو نظام به نهايت سگهارو هيو.

JUNE-15-2014   20

انهن واقعن جي جاچ ڪندڙ ادارن جو چوڻ آهي ته دهشتگردي جي انهن واقعن ۾ هميشه اندريان هٿ به ملوث ملوث هوندا آهن. ظاهر آهي ته جيڪڏهن اندريان هٿ ملو ث نه هجن ته ازبڪستان جي ماڻهن کي ڪراچي هوائي اڏي مان داخل ٿيڻ جي ڪمزور لنگهن ۽ حساس هنڌن جي خبر ڪئين پئجي سگهي ها. ماضي ۾ ٿيل اهڙن وڏن واقعن ۾ هميشه اندرين هٿين جي ملوٽ هجڻ جي نشاندهي ٿيندي رهي آهي. پر حيرت انگيز طور تي انهن جون جاچ رپورٽون ڪڏهن به منظر عام تي نه آنديون ويون آهن جن مان اهو معلوم ٿي سگهي ٿو ته اندريان ملوث ماڻهو ڪير هئا، سندن عهدا ڪهڙا هئا ۽ ساڻن ڪهڙو ورتاءُ ڪيو ويو. ممڪن آهي ته مٿن ڪي سخت ڪارروايون به ٿيون هجن پر انهن کي عوام آڏو پڌرو نه ٿو ڪيو وڃي. ماضي جي واقعن جيان ڪراچي هوائي اڏي جي جاچ رپورٽ به ساڳي طرح دفتر داخل ٿي ويندي ۽ وري ڪنهن ٻئي وڏي سانحي کانپوءِ اهو واقعو به ماضي جو، هڪ سٽ جو حوالو بڻجي ويندو.

افغانستان ۾ نئين حڪومت جي قيام، ايندڙ مهينن ۾آمريڪي فوجين جي افغانستان مان روانگي ۽ اتر وزيرستان ۾ وڏي آپريشن کان پوءِ دهشتگردي جي انهن واقعن ۾ وڌيڪ شدت اچڻ جو امڪان آهي. ويجهڙ ۾ عراق اندر انتهاپسندن پاران اهم شهرن موصل ۽ تڪريت تي جهڙي طرح قبضو ڪيو ويو آهي، ان سان شام ۽ ازبڪستان ۾ رياست سان ٽڪرائيندڙ ويڙهاڪن کي نئون ولولو مليو آهي ۽ امڪان آهي ته افعانستان ۾ آمريڪي فوجن جي نڪرڻ کانپوءِ ساڳي قسم جي اڳرائي ڪئي وڃي. جيڪڏهن 90 واري ڏهاڪي جيان ڪابل دهشتگردي آڏو گوڏا کوڙيا ته پوءِ پاڪستان به ان اڳرائي کان محفوظ نه رهي سگهندو.

پشاور ، اسلام آباد، لاهور، ڪوئيٽا ۽ ڪراچي اندر انهن وڳوڙين جو ڄار انسان جي اندازي کان وڌيڪ سگهارو آهي. سولين فورسز ته انهن جو مقابلو ڪرڻ جي سگهه نه ٿيون رکن پر خود فوج اندر به نظرياتي ورهاڱو ڪنهن کان ڳجهو ناهي. ان حوالي سان رڳو هڪ مثال سمجهڻ لاءِ ڪافي آهي.

ڪجهه عرصو اڳ جڏهن جماعت اسلامي جي امير مولانا منور حسين فوج خلاف سخت جملا ڳالهايا (طالبان سان وڙهندي پارجي ويل سپاهي کي شهيد سڏڻ کان انڪار ڪيو) ته فوج جي ترجمان اداري آءِ ايس پي آر ان تي سخت رد عمل ظاهر ڪيو ۽ مطالبو ڪيو ته منور حسين غير مشروط معافي وٺي. جواب ۾جماعت اسلامي فوج خلاف خط لکيو ته هنن اهڙو مطالبو ڪري پنهنجي حدن کي اورانگهيو آهي. اهو ادارو جنهن جيو ٽي وي کي (حامد مير واقعي بعد ٽي وي تي آءِ ايس آءِ سربراه تي الزام هڻڻ کانپوءِ) معافي گهرڻ کانپوءِ به کين بخش نه ڪيو آهي، اها جماعت اسلامي جي جوابي بيان کانپوءِ ائين ماٺ ٿي وئي ڄڻ ڪجهه ٿيو ئي نه هجي. اهو رويو ظاهر ڪري ٿو ته خود فوج اندر ان جمائتي نظرياتي سوچ واريون ڌريون سگهاريون آهن جو آءِ ايس پي آر وري مڙي ورندي به نه ڏني ته سندن غير مشروط معافي وارومطالبو ڪيڏانهن ويو.

ان مان اندازو لڳائي سگهجي ٿو ته جيڪڏهن ڪا انتهائي نوعيت واري صورتحال پيدا ٿئي ته شايد عسڪري ادارا به اندروني ڏڦيڙ جو شڪار ٿي وڃن. انتهاپسند ڌرين کي سگهارن ادارن جي حمايت ۽ ڪن حلقن ۾ مدد حاصل هجڻ کان ڳجهي ڳالهه ناهي. هيئنر به ڪن انتهاپسندن ڌرين ۽ شخصيتن مٿان پابندي لاڳو هجڻ جي باوجود کين هر طرح جي چرپر، تقرير تحرير ۽ ميڙاڪن ڪرڻ جي کلي ڇوٽ آهي. سڀاڻي جڏهن صورتحال ڪنهن فيصلائتي مرحلي ۾ داخل ٿئي ته ملڪ دفاع اسٽيبلشمينٽ به ساڳي پيج تي نه رهندي.

ماضي ۾ اڳوڻي آرمي سربراهه پرويز مشرف تي ٿيل قاتلاڻي حملي ۾ به دفاعي ادارن جا اهلڪار ملوث نڪتا هئا. اها ڄار هرطرح تي پکڙيل آهي ۽ اهو ڪنهن به وقت ڪا خطرناڪ صورتحال پيدا ڪڻ جي صلاحيت رکي ٿو. خودانتهاپسند ڌرين ۾ اندروني گروهه بندي به ڪا نظر انداز ڪرڻ جهڙي ناهي. ان صورتحال ۾ انديشو آهي ته جيڪڏهن افغانستان ۾ ڪا خطرناڪ صورتحال پيدا ٿئي ته ان جو نتيجو پاڪستان اندر گهرو ويڙهه ۽ رتو ڇاڻ جي شڪل ۾ نڪرندو.

18 ڪروڙ آبادي جي ملڪ ۾ گهرو ويڙهه ٿيڻ جو نتيجو انساني تاريخ جي بدترين ڪوس ۽ رتوڇاڻ جي شڪل ۾ نڪرندو. دنيا هڪ نيو ڪليئر طاقت کي ائين هٿياربندن ٽولن جي رحم ڪرڻ تي ڇڏڻ جي رسڪ نه کڻي سگهندي ۽ اها صورتحال پرڏيهي مداخلت لاءِ به راهه هموار ڪري سگهي ٿي.

ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته دفاعي اسٽيبلمينٽ ۽ سياسي قيادت دهشتگردي کي منهن ڏيڻ، طالبان کي چٿڻ تي هڪ راءِ پيدا ڪن نه ته ملڪ جو آئيندو ۽ خطي جو گڏيل آئيندو هڪ خطرناڪ بحران جي ور چڙهي ويندو.

nmememon2004@yahoo.com

below article banner

پنهنجو رايو ڏيو

توهان جو اي ميل پتو ظاهر نه ڪيو ويندو. گهربل معلومات تي هيءَ نشان لڳل آهي: *

*

You may use these HTML tags and attributes: <a href="" title=""> <abbr title=""> <acronym title=""> <b> <blockquote cite=""> <cite> <code> <del datetime=""> <em> <i> <q cite=""> <strike> <strong>

صفحي جي چوٽيءَ تي وڃو