Home / اسپيشل افيئر / هڪ ٽرڙو ڪالم آريا سنڌ ۾ ڪڏهن تشريف فرما ٿيا؟
above article banner

هڪ ٽرڙو ڪالم آريا سنڌ ۾ ڪڏهن تشريف فرما ٿيا؟

هاري ڪميٽيءَ جي جلسن ۾ حيدر بخش جتوئي جڏهن پنهنجي زال سان گڏ ايندو هو ته تقرير ڪرڻ وقت ماڻهن کي هيئن مخاطب ٿيندو هو: ”دوستو، ساٿيو، ڀائرو، ڀينرو……. ۽ منهنجي زال!“ جيئن ته منهنجي زال هي ڪالم توهان سڀنيءَ کان اڳ پڙهندي آهي ۽ هوءَ هن ڪالم جي فيڪٽ چيڪر (هي پوسٽ سنڌي اخبارن اڃا دريافت نه ڪئي آهي) ۽ ايڊيٽر به آهي، تنهنڪري اوهان سڀنيءَ کي آئون جتوئيءَ وانگر مخاطب ٿيندس:سو، دوستو، ساٿيو، ڀائرو، ڀينرو……. ۽ منهنجي زال! هيٺ ڄاڻايل انتهائي اڻ وڻندڙ پر اڻٽر سببن جي ڪري هن ڪالم ۾ ڪنهن سيريئس مواد کي ڳولڻ جي ڪوشش نه ڪجو!

سمورا سيريئس قسم جا ليک قوم لاءِ لکيا ويندا آهن. ياد رهي ته هتي قوم مان مراد ”سنڌي قوم“ آهي ۽ سنڌي قوم مون کي مجبور نه ڪري ته آئون سيريئس قسم جا قومي ليک لکندڙن جي نالن جي لسٽ به هتي پيش ڪيان. قوم پنهنجي انهن سڀني محسنن کان چڱيءَ ريت واقف آهي.اها ڳالهه روز روشن جيان عياڻ آهي ته سنڌي قوم کين وساري نٿي سگهي. ۽ اها ڳالهه به اظهر من الشمس آهي ته قوم انهن جا ٿورا ان ڪري ڳائي رهي آهي جو انهن جا ٿورا لاهڻ ان جي وس کان ٻاهر آهي.

اوهان کي پاڻ ئي اهو احساس ٿي ويو هوندو ته هن قسم جي پيراگراف کان پوءِ اهو شعر بنا ڪوشش جي پاڻ ئي لکجي ويندو آهي ته ”ٿورا نه ٿورا، مون تي ماروئڙن جا،“ پر آئون جيئن ته قومي سيرئيس ليک لکندڙن جي قوم ۾ مشهوري عرف مقبوليت تي شديد ساڙ ۾ مبتلا آهيان تنهنڪري مون اهو پاڻهي لکجي ويل شعر هينئر هينئر ڊاهي ڇڏيو آهي.

JUNE-15-2014   14

هتي مون کي اهو ڪمال جو خيال به اچي رهيو آهي، جيڪو دراصل خيال بدران سوال آهي ته: جيڪڏهن ڪمپيوٽر جي ڪي بورڊ ۾ backspaceجي چاٻي (key)نه هجي ها ته نتيجوڇا هجي ها! صاف ظاهر آهي ته مرزا قليچ بيگ ايڏا شاندار سيريئس قسم جا قومي ليک ۽ قومي ڪتاب ان ڪري لکي سگهيو جو هو جنهن ڪمپيوٽر تي ڪم ڪندو هو تنهن جي ڪي بورڊ ۾ backspace جي چاٻي اڃا شامل ڪانه ٿي هئي. ان جو مطلب اهو ٿيو ته منهنجي زوال۽ سنڌي ادب جي عروج تي پهچڻ جو سبب ڪمپيوٽر جي ڪي بورڊ جي اها منحوس backspaceواري چاٻي آهي. هتي منهنجي ذهن ۾ اهو ڪمال جو سوال اچي رهيو آهي جيڪو دراصل سوال بدران خيال آهي ته جيڪڏهن مرزا قليچ بيگ ڪمپيوٽر جون چاٻيون هلائڻ بدران هارمونيم جون چاٻيون هلائي ها ته ڪيڏا نه سٺا سُر نڪري سگهيا ٿي! پر اهو سوال يا خيال بذات خود سنڌي قوم خلاف سازش آهي ڇو جو مرزا قليچ بيگ جيڪڏهن لکڻ بدران ڳائڻ شروع ڪري ها ته سنڌي قوم هڪ تمام وڏي علمي ادبي خزاني کان محروم ٿي وڃي ها. پوءِ نڪولائي گوگول جي ڪاميڊي ڊرامي ”انسپيڪٽر جنرل“ کي ڪير ”انڪوائري آفيسر“ جي سنڌي ٽائٽل ۽ پنهنجي نالي سان ڇپرائي ها؟ ۽ پوءِ اسين ڪنهن تي ”شمس العلماءُ“ جو نالو رکون ها؟ (غلط بيانيءَ لاءِ معافيءَ جو طلبگار آهيان. هاڻي مون کي احساس ٿيو آهي ته هي هڪ نه پر ٻه سوال آهن! پر مون کي backspace جي چاٻيءَ سان ايڏي نفرت ٿي وئي آهي جو هاڻي جملو ڊاهي ٻيهر ڪير اهو لکي ته منهنجي ذهن ۾ هڪ نه پر ٻه سوال اچي رهيا آهن.

هيءَ جيئن ته هڪ نان سيريئس ليک آهي جنهن کي سنڌيءَ ۾ ”ٽرڙو ليک“ چيو ويندو آهي، (خبردار جو ليکڪ کي ڪو ”ٽرڙو ليکڪ“ چوي!) تنهنڪري پاڻ تي ڪاپابندي ڪانهي ته هڪڙي ڳالهه سان لاڳاپيل ٻي ڳالهه ان قسم جي گهربل ترتيب سان ڪريون جنهن جي سمجهاڻي پاڻ کي سنڌيءَ جي سمورن عالمي شهرت يافته اديبن جي لکڻين ۾ ملي ٿي. هاڻي ڏسو، اسان جنهن ڳالهه کان شروعات ڪئي هئي، تنهن کان بنا ڀاڙي ڪيڏو پري اچي ويا آهيون. ڪچهريءَ ۾ جڏهن هن قسم جي صورتحال پيدا ٿي پوي ته سنڌي ماڻهو ريورس گيئر هيئن هڻندا آهن: ”ها…سو ڳالهه پئي ڪيم ته….“ سمورا سيريئس قسم جا ليک قوم لاءِ لکيا ويندا آهن. مون کي نه ته قومي ڪم ڪرڻ اچن ٿا ۽ نه ئي اهڙا نازڪ ڪم مون جهڙي گهٽ عقل ماڻهوءَ جي ذمي ٿيڻ گهرجن جيڪو قوم پرست بدران پاڻ پرست هجڻ ڪري فقط پاڻ لاءِ ئي ڪم ڪري ٿو. هاڻي اوهان کي اها پڪ به ٿي وئي هوندي ته سمورا قومي ڪم ان ڪري ئي ايڏي شاندار نموني سرانجام ڏنا پيا وڃن جو اهي ڪم ڪندڙن ۾ مون جهڙو نااهل ۽ نڪمو ماڻهو شامل ڪونهي. جيئن ته قومي جدوجهد جا سمورا هدف حاصل ڪري ورتا ويا آهن تنهن ڪري هاڻي قوم به آرام سان هوٽل تي ويهي شمن ميرالي ٻڌي سگهي ٿي:

هوگا ڪسي ديوار ڪي سائي تلي مير

ڪيا ڪام محبت سي اس آرام طلب ڪو

منهنجي دل مون کي مجبور ڪيو ته شعر جي پوئين سٽ جتي ختم ٿئي ٿي اتي آئون سواليه نشان (؟) هڻان. اتي ئي منهنجي ذهن مون کي مجبور ڪيو ته اتي آئون سنڌي ماستر جي سيکاريل ”عجب جي نشاني“ (!) هڻي ڇڏيان. ٻنهيءَ کي پاڻ ۾ ”دست وگريبان“ ڇڏي آئون اڳتي هليو آيو آهيان ڇو جو هي مير تقي مير جو شعر آهي ۽ مون کي ٽريفڪ سگنلز سان نفرت آهي.

ان ۾ شڪ جي ڪا گنجائش موجود ڪانهي ته سنڌي ٻولي هن وقت جيڪو آب تاب حاصل ڪيو آهي تنهن ۾ حيدرآباد جي سنڌي اخبارن جو وڏو ڪردار آهي. ان کان پوءِ منهنجي زال جو به وڏو اهم ڪردار آهي جنهن جنيوا ۾ يو اين ڪامپليڪس ويجهو هڪ گيسٽ هائوس جي مالڪ آنٽيءَ جي درخواست تي کيس وڏن اکرن ۾ ”ڀلي ڪري آيا“ لکي ڏنو جيڪو ان آنٽيءَ لائونج جي ان ديوار تي لڳائي ڇڏيو جتي ست اٺ ٻين ٻولين ۾ به ساڳي ڀليڪار لکيل هئي. هن ڀيري آئون جنيوا جي ان گيسٽ هائوس جو چڪر هڻي اهو چيڪ ڪندس ته سنڌيءَ واري ڀليڪار اڃا تائين اتي لڳل آهي يانه. ”دوستو، ساٿيو، ڀائرو، ڀينرو……. ۽ منهنجي زال!“ اوهين اهو چڱيءَ ريت سمجهي ويا هوندا ته اهو آخري جملو بلڪل فضول ۽ غير ضروري آهي ۽ فقط ان ڪري لکيو ويو آهي ته جيئن اوهان کي اها خبر پوي ته آئون سوئٽزرلينڊ وڃي رهيو آهيان. هاڻي اوهين چڱيءَ ريت سمجهي ويا هوندا ته ان آخري بلڪل فضول ۽ غيرضروري جملي جو ”سماجي ڪارج“ ڇا آهي. آخر ماڻهن کي خبر ته پوي ته آئون ڪيڏي لئه ڪري رهيو آهيان!

”ها…سو ڳالهه پئي ڪيم ته….“ ان ۾ شڪ جي ڪا گنجائش موجود ڪانهي ته سنڌي ٻولي ڪيڏو نه آب تاب حاصل ڪيو آهي. اسان جا قومي ليڊر ۽ ليکڪ بلڪل صحيح فرمائين ٿا ته سنڌي ٻوليءَ کي جياريندڙ سنڌي ماڻهو پاڻ آهن. اسان جي قومي ليڊرن ۽ ليکڪن جي چيل ان ڳالهه ۾ شڪ جي جيڪڏهن ڪا گنجائش هئي به ته اها نڪري وئي آهي جو سنڌين پنهنجو پاڻ مڃائي ڏيکاريو آهي. مثال طور پنهنجي ڪرم فرمائن ۾ سڀنيءَ کان گهڻو تعداد سنڌي ماڻهن جو ڏسي، مري بريـئـوريءَ هاڻي پنهنجي بوتلن تي سنڌيءَ ۾ به لکڻ شروع ڪيو آهي ته ”استعمال کان پوءِ بوتل ڀڃي ڇڏيو.“

منهنجي خيال ۾ سنڌ يونيورسٽيءَ جي سنڌي ”محڪمي“ کي بنا دير جي ان موضوع تي مقالا لکرائڻ گهرجن: ”سنڌي ٻولي ــ پاساريءَ جي دڪان کان مري بريئوريءَ تائين!“ نارائڻ شيام وانگر مونکي اهو خيال ايندو هو ته الا ايئن نه ٿئي جو ٻارن کي سنڌي ٻولي پڙهائڻ لاءِ پاساريءَ جي دڪان تي وٺي وڃڻو پوي جتي دٻلين تي سنڌيءَ ۾ نالا لکيل هوندا آهن: ”جر ڦل“، ”ڪيسو ڦل“، ”چيلهه چاڪ“، ”ساٿر“، ”رس ــ ول“، ”ڪمال پٽ“، ”پلاءُ جيري“ ۽ ”جوانتري“ وغيره. منهنجي خيال ۾ سنڌي ٻوليءَ جي ”ريگيوليٽري“ اٿارٽيءَ کي ان ڳالهه جو نوٽيس وٺڻ گهرجي ته آخر ڇو مري بريئوريءَ، اٿارٽيءَ جي اجازت بنا سنڌي ٻولي استعمال ڪرڻ شروع ڪري ڏني آهي. ان ڳالهه جو نوٽيس وٺڻ ته ظاهر آهي ته غير ضروري هوندو ته بوتل تي لکيل جملي جي گرامر ڪيتري درست آهي. اٿارٽيءَ کي البته اهو ٻڌي ڏاڍو صدمو ٿيندو ته سنڌي ماڻهن کي بوتل تي لکيل سنڌي جملي جي گرامر بدران بوتل اندر پيل ”سامان“ جو وڌيڪ فڪر رهي ٿو ته اهو درست آهي يا نه. پر اٿارٽي آخر اٿارٽي آهي، ان کي ڪجهه ته ڪرڻ گهرجي. ان کي ڪجهه ڪندو رهڻ گهرجي. ان کي ڪجهه ڪندي نظر اچڻ گهرجي. منهنجي خيال ۾ آخر وارا سڀ جملا غلط آهن. درست جملو نهايت مختصر آهي: ”اٿارٽيءَ کي نظر اچڻ گهرجي!“

سنڌي ٻوليءَ جا علمي، ادبي، ثقافتي ادارا آرين جي سنڌ اچڻ تي تمام گهڻي تحقيق ڪري چڪا آهن. جن موضوعن تي تحقيقي ڪم مڪمل ٿي چڪو آهي تن ۾ آريا آيا، آريا پهتا، آريا تشريف وٺي آيا، آريا پڌاريا، آريا اچي ويا۽ آريا ويهي رهيا وغيره شامل آهن. اهي سڀ موضوع نهايت اهم آهن، پر اسان کي اڃا تائين اها خبر ڪانه پئجي سگهي آهي ته پيپلز پارٽي دراوڙن جي ٺاهيل پارٽي هئي يا آريا وچ ايشيا مان اها پاڻ سان گڏ کڻي آيا هئا. ان کان علاوه محقق ان ڳالهه جو به فيصلو ٻڌائين ته آرين جي اچڻ جو سال مهينو ڪهڙو هو ته جيئن شاگردن کي درست تاريخ پڙهائي سگهجي. اصل ۾ ٿيو ايئن آهي ته جڏهن کان قائم علي شاهه تخت تي ويٺو آهي، لڳي ايئن رهيو آهي ته آريا 2008ع ۾ سنڌ آيا هئا.

below article banner

پنهنجو رايو ڏيو

توهان جو اي ميل پتو ظاهر نه ڪيو ويندو. گهربل معلومات تي هيءَ نشان لڳل آهي: *

*

You may use these HTML tags and attributes: <a href="" title=""> <abbr title=""> <acronym title=""> <b> <blockquote cite=""> <cite> <code> <del datetime=""> <em> <i> <q cite=""> <strike> <strong>

صفحي جي چوٽيءَ تي وڃو