Home / افيئر / ورسي جي موقعي تي ڀيٽا مير مرتضيٰ ڀٽو ، جيئن مون ڏٺو!
above article banner

ورسي جي موقعي تي ڀيٽا مير مرتضيٰ ڀٽو ، جيئن مون ڏٺو!

حريف چانڊيو

سنڌ ڌرتي پنهنجي ڪک مان ڪيترن ئي اڙٻنگ بهادر سرويچ ۽ سورهيه ۽ بهادرن کي جنم ڏنو آهي. اهڙن انمول هيرن مان شهيد مير مرتضي ڀٽو به هڪ آهي. اڻويهين صدي ۾ سنڌ جيڪي تاريخ ساز ڪردار پيدا ڪيا انهن ۾ سائين جي ايم سيد، ذوالفقار علي ڀٽو، حيدربخش جتوئي ۽ رسول بخش پليجو سر فهرست آهن. ملڪ جي اندر 60 جي ڏهاڪي ۾ ذوالفقار علي ڀٽو ملڪي سياست ۾  پير پاتو، ايوب خان جي حڪومت جو حصو رهيو. 67ع ۾ هالا ۾ پيپلز پارٽي جو بنياد رکي جمهوري سياست جا نوان ٽرينڊ متعارف ڪرايا. 70ع جي اليڪشن ذريعي هو ملڪ جو وزيراعظم ٿيو. وزيراعظم هوندي جولاءِ 1977ع ۾ گرفتار ڪري جيل موڪليو ويو. ان دوران قيد مان پنهنجي پٽن مرتضيٰ ۽ شاهنواز کي ملڪ ڇڏي وڃڻ لاءِ چيو. پنهنجي پيءُ جي حڪم تي ٻئي ڀائر جلاوطن ٿي ويا. ميرمرتضيٰ ۽ شاهنواز جلاوطني دوران دنيا جي ڪيترن ئي ملڪن جا دورا ڪندي مخلتف ملڪن جي سربراهن سان ملاقاتون ڪري کين اپيلون ڪيون ته سندن والد کي آزادي ڏياري وڃي ۽ پاڪستان مان فوجي حڪومت جو خاتمو آندو وڃي. ٻنهي ڀائرن ضيا ئي مارشلا جي خاتمي لاءِ ٻاهرين دنيا ۾ ماحول ٺاهڻ جي ڪوشش ڪئي ۽ بيگم نصرت ڀٽو، بينظير ڀٽو ۽ ٻين جمهوري قوتن گڏجي ذوالفقار علي ڀٽو جي آزادي ۽ ملڪ مان ضيائي مارشل لا جي خاتمي ۽ جمهوريت جي بحالي لاءِ سول نافرمانيءَ جون تحريڪون هلايون. بهرحال ماڊل ڊڪٽيٽر جنرل ضيا اپريل 1979ع تي ذوالفقار علي ڀٽو کي ڦاسي جي تختي تي چاڙهي ڇڏيو. ڀٽو جي ڦاسي چڙهڻ خلاف پوري ملڪ ۾ احتجاج ٿيا، جڏهن ته ملڪ کان ٻاهر مير مرتضيٰ ۽ شاهنواز پنهنجي پيءَ جي ڦاسي چڙِهڻ ۽ ملڪ ۾ضيا جي ماشل لا خلاف مزاحمتي تحريڪ جو آغاز ڪري ڇڏيو.  ان مزاحمتي تحريڪ دوران مير مرتضيٰ ۽ شاهنواز ڀٽو مٿان الذوالفقار تنظيم ٺاهڻ جو الزام لڳو. پاڪستان مان پي آءِ اي جو جهاز اغوا ٿي ڪابل لهي ٿو ۽ مطالبو ٿو ٿئي ته پاڪستان جي مختلف جيلن ۾ قيد سياسي اڳواڻ آزاد ڪري ڪابل پهچائڻ عيوض جهاز کي ڇڏيو ويندو.ان کان پوءِ آمر ضيا، مير مرتضيٰ  ۽ شاهنواز جي خون جو پياسو بڻجي وڃي ٿو. 1981ع ۾ پئرس ۾ شاهنواز ڀٽو کي زهر ڏياري شهيد ڪيو ويو. ننڍي ڀاءُ جي شهادت تي مرتضيٰ ڀٽو مايوس ٿيڻ بجاءِ مزاحمت جاري رکڻ جو اعلان ڪيو.

راجا انور پنهنجي ڪتاب ۾ لکيو آهي ته: افعانستان جي قيد ۾ هڪ دفعو ضياءَ پنهنجي ايجنٽن جي معرفت حملو ڪرايو، مرتضيٰ ڀٽو جي ڄنگهه زخمي ٿي  پر هو معجزانه طور بچي ويو، پوءِ  به هن جا جذبا هماليه کان وڌيڪ مضبوط هيا.

ضيا جي مارشل لا جي خاتمي لاءِ شهيد نظير عباسي، شيد فاضل راهو، اياز سمون، ناصر بلوچ، ادريس طوطي، رزاق جهرنا کان ويندي لاکاٽ ميهڙ، وارهه، خيرپور ناٿن شاهه، طيب ٿهيم، پنهون خان چانڊيو ۽ سنڌ جي مختلف شهرن ۽ ڳوٺن ۾ سوين ماڻهن پنهنجي جانين جا نذرانا ڏئي جمهوريت  جي تحريڪ کي مضبوط ڪيو.

ضيا جي مارشل لا جي خاتمي لاءِ ايم آر ڊي جي سول نافرماني جي تحريڪ کي مضبوط ڪيو ان تحريڪ دوران سنڌ ۽ ملڪ جي تمام وڏن سياستدانن کي جيل ۾ بند ڪيو ويو ۽ ڪيترن تي ڪوڙا ڪيس هنيا ويا. نيٺ 17 آگسٽ 1987ع  تي ضياءَ ۽ سندس ساٿي جهاز جي حادثي ۾ فوت ٿي ويا ۽ پوري ملڪ جي عوام شڪراني جا نفل پڙهيا. 1988ع  جي اليڪشن ۾ پ پ وڏي اڪثريت سان ڪاميابي ماڻي، بينظير ڀٽو وزيراعظم بڻي، 18 مهينن دوران بينظير حڪومت جو خاتمو ٿيو، ٻيهر اليڪشن ٿي جنهن ۾ مسلم ليگ ڪامياب ٿي ۽ نواز شريف وزيراعظم بڻيو جنهن جي ٻه سال حڪومت هلڻ کانپوءِ  زبردستي حڪومت جو خاتمو آندو ويو ۽ ملڪ ۾ نئين سر اليڪشن ٿي ان دوران مير مرتضيٰ ڀٽو پنهنجي امڙ، پارٽي جي چيئرپرسن نصرت ڀٽو جي صلاح سان لاڙڪاڻي واري سيٽ تان اليڪشن وڙهڻ جو فيصلو ڪيو، جنهن ۾ هو ڪامياب ٿي ويو ۽ ملڪ ۾ بينظير ڀٽو جي حڪومت قائم ٿي. آڪٽوبر 93ع ۾ مير مرتضيٰ ڀٽو پنهنجي 16 سالا جلاوطني ختم ڪري ڏيهه ورڻ جو فيصلو ڪيو. حافظ الاسد جي ڏنل خصوصي جهاز ذريعي ڪراچي ايئرپورٽ پهتو ته ان جي جهاز کي ايئرپورٽ تي لهڻ نه ڏنو ويو ۽ واپس دبئي هليو ويو  ۽ اتان عام جهاز ذريعي ڪراچي ايئرپورٽ تي لٿو. ياد رهي ته مير صاحب جي استقبال لاءِ آيل ماڻهن تي تشدد ڪري کين واپس موٽايو ويو، صرف بيگم ڀٽو، مخدوم خليق زمان، احترام الحق  ٿانوي، سبڪ مجيد ۽ ڪجهه ٻين اڳواڻ کي ايئرپورٽ تي ڇڏيو ويو. بيگم پنهنجي موڀي پٽ کي پنهنجي سرزمين تي پهچڻ تي چمي ڏني ۽ امام  ضامن ٻڌو تنهن کانپوءِ پوليس جي وڏي نفري مرتضيٰ کي گرفتار ڪري لانڍي جيل پهچايو.

مير سان پهريون ملاقاتون ۽ مليل ذميواري

1990ع ۾ عوامي تحريڪ ٻن حصن ۾ ورهائجي چڪي هئي ۽ 1992ع تائين عوامي تحريڪ راهو گروپ جو قيام ٿي چڪو هو. ان دوران مان عوامي تحريڪ راهو گروپ جي شاگرد ونگ جو صدر هيس، جڏهن اسماعيل راهو مسلم ليگ (ن) ۾ شامل ٿيڻ جو فيصلو ڪيو ته اسان 5 دوستن تي مشتمل ڪميٽي ٺاهي اڳتي جو لائحه عمل جوڙڻ جو فيصلو ڪيو. صلاح مشوري کانپوءِ ٺٽي جي محمد جمن سوڀاڻي (جيڪو مير جو ويجهو ساٿي هيو)  جي معرفت 70ڪلفٽن تي هڪ گڏجاڻي ٿي. جنهن ۾ اهو طئي ٿيو ته ڊسمبر 1993ع جي آخر ۾ هڪ اجلاس ڪيو ويندو جنهن ۾ اسين ايس ايس ٽي جا سمورا دوست ۽ مرتضيٰ ڀٽو رهائي ڪميٽي جا اڳواڻ مولا بخش مشوري، خالد سيف الله، محمد علي جکراڻي، غلام مصطفيٰ ڪورائي ۽ ٻيا شرڪت ڪندا، جنهن بعد بلاڪ هاسٽل تي ايس ايس ٽي راهو گروپ کي مرتضيٰ گروپ ۾ ضم ڪيو ويو. جنوري 1994ع ۾ مرتضيٰ ڀٽو کي لانڍي جيل مان اينٽي ٽيررسٽ ڪورٽ پيشي لاءِ آندو پئي ويو. ملاقات لاءِ بيگم نصرت ڀٽو، ميڊم غنويٰ ڀٽو،فاطمه، جونيئر ذاولفقار ، علي  محمد هڱورو ۽ ٻين اڳواڻن سان گڏ قافلي جي صورت ۾ عدالت پهتاسين. مرتضيٰ سڀني سان وڏي پاٻوهه سان مليو. ان دوران سجاد گاگڙي، يار محمد بلوچ منهنجو تعارف ڪرائيندي چيو ته هي دوست پنهنجي گروپ سميت شامل ٿيا آهن، مير ڀاڪر پائيندي انتهائي پيار وچان مون  کي مخاطب ٿيندي چيو ته توهان جي شموليت جون خبرون مون اخبار ۾ پڙهيون آهن. مير کي جڏهن مون کيس ٻڌايو ته مان لاڙڪاڻي جو آهيان. ان دوران هن مون کان پنهنجو پروفائل پڇيو ۽ سياسي صوررتحال تي ڳالهه ٻولهه ڪئي. مير سان منهنجي ٻي ملاقات سنڌ اسيمبلي جي اجلاس دوران ٿي. مرتضيٰ کي لانڍي جيل مان قسم کڻڻ لاءِ آندو ويو.  بيگم نصرت ڀٽو معرفت سنڌ اسيمبلي جون پاسون مليون. ان وقت اهو منظر به ڏسڻ وٽان هو جو چونڊيل نمائندا، عام ماڻهو اسيمبلي سيڪريٽريٽ جا ملازم پنهنجاسڀ ڪم ڇڏي مرتضيٰ جي هڪ جهلڪ ڏسڻ لاءِ منتظر هيا.

ان ئي ملاقات ۾ مير صاحب مون کي ذميواريون ڏيڻ لاءِ سينيئر ساٿين کي مشاورت لاءِ چيو، مير مرتضيٰ کي جڏهن به پيشي لاءِ عدالت آندو ويندو هو ته لانڍي کان ميرئٽ هوٽل تائين سمورن رستن کي سيل ڪيو ويندو هو ته جيئن سندس ڪارڪن نه پهچي سگهن پر پوءِ به سون جي تعداد ۾ ڪارڪن پهچندا هئا. هڪ شنوائي کانپوءِ جڏهن مير کي لانڍي جيل روانو ڪيو ويو ته ان دوران پوليس جي وڏن اٽالن پهچي ڪورٽ جي سمورن رستن کي بند ڪري ڇڏيو ۽ مختلف گاڏين ۾ ويٺل دوستن علي محمد هڱورو، خالد سيف الله، مولا بخش مشوي، سجاد گاگڙو، يار محمد بلوچ، محمد علي جکراڻي، علي سونارو، علي احمد پليپوٽو، مجيد سيال، مير منظور ٽالپر، ناصر حسين ۽ ٻياشامل هئا، ايتري ۾ پوليس علي محمد هڱوري کي هڪ گاڏي مان لاهي گرفتار ڪيو، سڀ دوست گاڏين مان لٿاسين، احتجاج ٿيو،  پر ايس ايس پي ٻڌايو ته اسان کي مٿان کان حڪم آهي ان ڪري مان کيس آزاد نٿو ڪري سگهان. اهو اطلاع بيگم ڀٽو کي ڪيو ويو ته اها به رستي تان واپس اچي وئي ۽ ايس ايس پي کي دڙڪا ڏيندي علي هڱوري جي آزادي جو مطالبو ڪيو. ايس پي ايس جي انڪار تي دروازي کي لتون هڻندي کيس ڌڪا به ڏنا ۽ کيس چيو ته هي منهنجو پٽ آهي کيس فوري طور آزاد ڪيو وڃي. ان ڇڪتاڻ واري صورتحال دوران وڏو جذباتي ماحول پيدا ٿي ويو. ان دوران ئي 70 ڪلفٽن ۾ پارٽي جي ورڪنگ ڪميٽي ٺاهي وئي ۽ مير مرتضيٰ جي هدايت تي مون کي بنا مقابلي پيپلز يوٿ جو جنرل سيڪريٽري چونڊيو ويو. مير جي جيل واري ڏينهن دوران ڪيتريون ئي ملاقاتون ٿيون پر مون ڪڏهن به کيس مايوس يا پريشان نه ڏٺو نه ئي وري ڪارڪنن جي گرفتارين کيس ڊيڄاريو. هو هميشه پر جوش ۽ بااعتماد نظر ايندو هو.

مير مرتضيٰ جي آزادي ۽ سنڌ جا دورا

9 مهينا جيل ۾ رهڻ کانپوءِ مير صاحب جيل مان آزاد ٿيو ته سڀ کان پهريان 70 ڪلفٽن پهتو، رستي توڙي هائوس تي هر هنڌ مٿس گل نڇاور ڪيا ويا. ڪراچي کان قافلي جي صورت ۾ ڳڙهي خدا بخش لاءِ روانا ٿياسين ته رستي ۾ ڪو هنڌ اهڙو نه هيو جتي ماڻهو مير جي هڪ منظر ڏس لاءِ منتظر نظر نه آيا. هو سترنهن سالن کانپوءِ المرتضيٰ هائوس پهتو، پيءُ ۽ ڀاءُ جو تڏو وڇائي تعزيتون وصول ڪيون. ملازمن سان مليو، ڀٽو فارم جي زمين تي دورو ڪيا ۽ سکر مان ٽرين وسيلي ڪراچي روانو ٿيو. سنڌ جي هر اسٽيشن تي جلسي جو منظر هيو.

مير عام ماڻهن ۽ ڪارڪنن جي مدد ڪيئن ڪندو هو؟

مير مرتضيٰ ڪنهن به مسئلي کي پينڊنگ ۾ رکڻ بجاءِ ان جو ان وقت ئي حل ڏيڻ جو عادي هيو. ڪنهن به ڪارڪن يا عام ماڻهو جو مسئلو هوندو هو ته هو ان وقت ئي نڪري پوندو هو ۽ تيستائين چپ نه رهندو هو جيستائين اهو مسئلو حل نه ٿئي، ڪيترائي قصا اڄ به ماڻهن جي زبان تي آهن ته مير ڪنهن جو مسئلو ڪيئن حل ڪيو. پراڻي پارٽي ورڪر اڪبر ميراڻي جي دڪان ڊاهڻ وارو مسئلو هجي يا مجيد لهڙي جي دڪان ڊاهڻ جو اشو يا وري رائيس ڪئنال جي ڪپ تي ويٺل ماڻهن جا گهر ڊاهڻ وارو پلان مير لاڙڪاڻي هوندي ان وقت جي انتظاميه سان ڳالهيون ڪري هزارين اجها ڊاهڻ کان بچايا.

مير مرتضيٰ جا اوچتا دورا ۽ انتظاميه جي پريشاني

انتظاميبديانتي ۽ سرڪاري ادارن ۾ ماڻهن جي واهر نه ٿيڻ مير کي ڪاوڙائي وجهندي هئي سلسلو شروع ڪيو. مير ڪيترن ئي ٿاڻن تي ڇاپا هڻي ڪيئي بيگناهه آزاد ڪرايا ته وري سرڪاري اسپتالن ۾ مريضن کي دوائون ۽ رت به ڏياريو. هڪ دفعي جڏهن هو چانڊڪا اسپتال پهتو ته اتي جي صورتحال ڏسي کيس سخت صدمو رسيو، مريضن سان ملڻ دوران کيس مريضن ٰ ٻڌايو ته سائين هتي نه ڊاڪٽر ٿا اچن نه اسپتال جي صفائي سٿرائي آهي، اسپتال ۾ ڪو به پرسان حال نه آهي، ايڪسري مشينون، ليبارٽريون سڀ خراب آهن ان ڪري هو پرائيوٽ اسپتالن مان علاج ڪرائي ڳرا خرچ برداشت ڪري رهيا آهن. مير صاحب ايم ايس اڪبر حيدر سومري کي گهرائي کيس ڇنڊ پٽيندي چيو ته ماڻهن جي مدد ڪر ۽ پنهنجو قبلو درست ڪر نه ته توکي رائيس ڪئنال ۾ اڇلائي ڦٽو ڪندس.

1994ع جي برسات، لاڙڪاڻي جي تباهي ۽ مرتضيٰ جي ڪاوش

1994ع جي آخر ۾ تيز برساتن جي ڪري لاڙڪاڻي ۽ ڀرپاسي جي علائقن ۾ تمام گهڻي تباهي آئي، مير صاحب لاڙڪاڻي شهر ۾ گهڻي پاڻي بيهڻ جو  نه صرف نوٽيس ورتو پر عملي طور ڪم به ڪيو. لاڙڪاڻي جي ڪمشنر سان ڳالهائڻ لاءِ مير فون ڪيو ته ان اٽينڊ نه ڪيو، مير صاحب پاڻ ڪمشنر هائوس وڃڻ جو فيصلو ڪيو . اهڙي خبر پوڻ تي ڪمشنر لاڙڪاڻو انور حيدر پوئين دروازي کان فرار ٿي ويو. جڏهن ته ڊپٽي ڪمشنر شمس جعفراڻي وچ ۾ پيو ۽ ٻن ڏينهن اندر پاڻي ڪڍرائڻ جو واعدو ڪيو  جنهن بعد مير واپس المرتضيٰ آيو. انهن ئي برساتن دوران مرتضيٰ جي ايم پي اي ڪوٽا مان 10 لک رپيا متاثرن ۾ ورهايا ويا. مير ڪراچي مان 4 ٽرڪون سامان جون گهرايو جن مان ٻه المرتضيٰ هائوس ۽ 2 ڪچي پل کان ساروهه ڍنڍ ۽ حمل ڍنڍ وارهه تائين مير پنهنجي نگراني ۾ پاڻ ورهايون.

ڪڪري گرائونڊ جو جلسو

مير مرتضيٰ جڏهن پنهنجي گهر 70 ڪلفٽن مان نڪري گرائونڊ لاءِ ٻاهر نڪتو ته ان جي استقبال لاءِ پوري ڪراچي ۽ لياري مان هزارين ماڻهو سندس گاڏي سان گڏ روانا ٿيا. جلاوطني کانپوءِ مرتضيٰ ڀٽو جو هي پهريون تاريخي جلسو هو. لياري جي شيدائين 20 فوٽ ڊگهي تلوار مير صاحب کي پيش ڪئي. مير پنهنجي جذباتي خطاب ۾ چيو ته؛ منهنجو بابا ۽ ڀاءُ ۽ سوين ڪارڪن بيگناهه ماريا ويا، مان شهيدن جو پلاند ڪرڻ خاطر نڪتو آهيان ۽ مرڻ گهڙي تائين مزاحمت ڪندو رهندس. ان موقعي تي هن وڌيڪ چيو ته مان اڄ پاڻ کي عوام جي عدالت ۾ پيش ٿو ڪريان جيڪڏهن مون توهان جو ڪو ڏوهه ڪيو هجي ته لياري جي عوام کي حق ٿو پهچي ته مون کي سزا ڏئي. ان موقعي تي پنهنجي سيني جا بٽڻ ٽوڙيندي جذباتي انداز ۾ هن چيو ته مون جيڪڏهن اوهان جو واقعي گناهه ڪيو آهي ته منهنجي سيني ۾ گولي هڻي ڇڏيو. هزارين ماڻهو ڏهن منٽن تائين جيئي ڀٽو جا نعرا هڻندا رهيا.

 شادين، غمين ۽ ٻين پروگرامن ۾ شرڪت

مير مرتضيٰ پنهنجي ڪارڪنن سان بيپناهه محبت ڪندو هو اهو ئي سبب آهي جو هو ڪارڪنن جي شادين ۽ غمين ٻنهي ۾ شريڪ ٿيندو هو. ڪنهن جي فوتگي جي خبر پوندي هئس ته وڃي وٽس پهچندو هو. ڪيترائي ڪارڪن ته پنهنجي شادين جو شيڊيول به مير کان طئي ڪرائيندا هئا ته جيئن ان جي شرڪت ٿي سگهي.

70 ڪلفنٽن تي جڏهن مان کيس پنهنجي شادي جي دعوت ڏيڻ لاءِ پهتس ته انتهائي خوشي جو اظهار ڪندي پنهنجي سيڪريٽري ڪوثر زيدي کي ڊائري کڻي اچڻ لاءِ چيائين ۽ شيڊيول ڏسي 27 آڪٽوبر تاريخ ڏنائين. واعدي موجب هو نه صرف شادي تي آيو پر مون لاءِ شادي جا تحفا به وٺي آيو.

ايتروئي نه پر جڏهن منهنجو ماسات سنڌ يونيورسٽي جو شاگرد هادي بخش چانڊيو بيماري سبب فوت ٿيو ته مير صاحب منهنجي ڳوٺ نهال تنيو  ۾ مخدوم خليق، سڪندر جتوئي، نجم ابڙو، مير مٺل مغيري، فاروق ڀٽو، علي حيدر شاهه، مجيد لهڙي ۽ ٻين ڪيترن ئي اڳواڻن سان گڏ عذر خواهي لاءِ پهتو. ايئن ئي تقريبن سنڌ جي سڀني شهرن ۾ پنهنجي ورڪرن ڏانهن وڃڻ مير صاحب جي روٽين ۾ شامل هوندو هو.

مير مرضيٰ جو پوڙهو عاشق

گاسليٽ ڊپو لاڙڪاڻي جو رهواسي چاچو علي اڪبر وڳڻ جنهن جي عمر تقريبن 70 سال هئي، مير صاحب جڏهن به لاڙڪاڻي ايندو هو چاچو پهچي ويندو هو، جيئن ئي مير صاحب گاڏي مان لهندو ته چاچو جيئي مير بابا جا نعرا هڻي مير صاحب کي چنبڙي پوندو هو ۽ مير جا هٿ چمي چوندو هو ته مون سان فوٽو ڪڍرايو ۽ ايئن هر دفعي ڪندو هو. هڪ ڀيري مير لاڙڪاڻي آيو ته چاچو نظر نه آيو. مير مرتضيٰ پڇا ڪئي ته چاچو ڪٿي آهي؟ ايتري دير ۾ چاچو اچي ويو. مان کيس اينڪسي ۾ ملائڻ لاءِ مير ڏي وٺي ويس ته هو اٿي بيٺو ۽ چاچي کان خيريت معلوم ڪيائين ۽ کيس صوفي تي ويهڻ لاءِ چيائين ته هو صوفي تي ويهڻ بجاءِ پٽ تي ويهي رهيو ۽ رڙيون ڪرڻ لڳو، مير اٿي کيس ڀاڪر ۾ ڀري صوفي تي ويهاريو ۽ پڇيو ته ڇا مسئلو آهي جنهن تي چاچي روئيندي ٻڌايو ته هڪ هفتي کان اسان جي پاڙي جو ٽرانسفارمر سڙي ويو آهي مان آفيس جا چڪر ڪاٽي ٿڪجي پيو آهيان، پر ڪو به وارثي ڪرڻ وارو ناهي. اڄ مان واپڊا جي انجنيئر سان مليس کيس ٻڌايم ته مان مرتضيٰ ڀٽو جو سچو سپاهي آهيان مهرباني ڪري ٽرانسفارمر ٺاهي ڏيو ته مون کي دڙڪا ڏئي آفيس مان ڪڍي ڇڏيائين، مان کيس چئي آيو آهيان ته منهنجو مير بابا اچي پيو توکان اڄ جو اڄ ٽرانسفارمر وٺندس، هاڻي منهنجي واهر ڪريو. مير صاحب فوري طور تي انجنيئر سان ڳالهائڻ جو چيو. فون تي خبر پئي ته هو آفيس ۾ ناهي سندس پي اي کي مير صاحب جو نياپو ڏنو ويو ته چاچي علي اڪبر کي موڪليان ٿو. اڄ رات تائين سندس  پاڙي جو ٽرانسفارمر لڳائي چاچي کان معافي وٺو نه ته سڀاڻي توهان جي آفيس جو گهيراءُ  ڪيو ويندو. ايئن ئي ٿيو راتو رات ٽرانسفارمر لڳائي انجنيئر چاچي کان معافي ورتي. ان کانپوءِ چاچو اڪبر پنهنجي پاڙي جا سوين ماڻهو وٺي دهلن شرناين سان گڏ پهتو. اڄ به نادر هوٽل رائل روڊ تي چاچي جون مير مرتضيٰ سان تصويرون ديوارن تي لڳل آهن.

مير ايم پي اي جي پگهار “ايڌي ٽرسٽ” حوالي ڪئي!

مير مرتضيٰ ڀٽو ايم پي اي جو حلف کڻڻ کانپوءِ ستت ئي اعلان ڪيو ته ايم پي اي طور مون کي جيڪا پگهار ملي ٿي سان مان عبدالستار ايڌي جي ٽرسٽ جي حوالي ٿو  ڪيان ته جيئن انهن پيئسن جو غريب ۽ نادار ماڻهن کي فائدو ٿئي. سنڌ ۾ تمام وڏا مالدار شخص هئا ۽ آهن پر والنٽيئر ازم جي ڪيڏي کوٽ آهي ۽ بي حسي ڏسو جو ڪنهن به سنڌي شاهوڪار خاندان کي اها زحمت نه ٿي ٿئي جو هو پنهنجي يا پنهنجي وڏن جي نالي سان عوامي ڀلائي واسطي ڪا ٽرسٽ جوڙين، غريب، شاگردن کي اسڪالرشپ ڏيئي سگهن، ڪا ايمبولينس سروس اسپتال، ڪاليج، يونيورسٽي جوڙائين حرام جي ڪمائي مان ميڙيل دولت عياشين تي خرچ ڪري ڇڏيندا يا محل ۽ بنگلا اڏائڻ تي خرچ ڪندا. رڇ ۽ ڪتي جي بڇ ۽ ملاکڙن، وڏين گاڏين ۽ ڪپڙن تي خرچ ڪندا پر عوامي سرگرميون ڪندي کين تپ چڙهيو وڃي. ان ڪري مير مرتضيٰ پنهنجي جذباتي انداز ۾ کين چوندو هو ته رشوت خورن کي جيل ۾ بند ڪري چاٻيون سمنڊ ۾ اڇلائي ڇڏيندس ۽ کانئن پائي پائي جو حساب ورتو ويندو. بهرحال مير مرتضيٰ ڀٽو پنهنجي پگهار ايڌي حوالي ڪري اهو ثابت ڪيو ته خيراتي ادارا قائم ڪرڻ هن جي مقصدن ۾ شامل هو. اڃا وقت ويو نه آهي سنڌي سماج ۾ موجود شاهوڪار خاندانن کي هن ڪم بابت  اڳڀرائي ڪرڻ گهرجي.

پي ايم هائوس اسلام آباد ۾ ڀاءُ ۽ ڀيڻ جي ملاقات

مير مرتضيٰ ڀٽو ڀيڻ جي دعوت تي پي ايم هائوس پهتو ۽ پاڻ ۾ ڪيترائي ڪلاڪ مذاڪرات ٿيا ۽ گڏجي ماني به کاڌائون، اسلام آباد ياترا کانپوءِ مير صاحب لاڙڪاڻو هائوس تي پهتا جتي ملاقات جي باري ۾ ٻڌائيندي چيو ته بي بي سان ملاقات تمام سٺي رهي ۽ سٺي موڊ ۾ گڏجي ماني کاڌي سين، بي بي مون کي تحفي ۾ تلوار ڏني ۽ ٻارن لاءِ به تحفا ڏنا. ان موقعي تي بي بي منهنجي 60 ڪارڪنن جي لسٽ پيش ڪئي جنهن لسٽ لاءِ بي بي ٻڌايو ته ادارن مون کي ٻڌايو آهي ته اهي ماڻهو بي بي کي قتل ڪندا. جنهن تي منهنجا ساڻس اختلاف هئا. مون بي بي کي قائل ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ته جن ڪارڪنن لاءِ اوهان چئي رهيا آهيو، اهي توهان جا جانباز آهن، اهي ڪڏهن به اهڙو ڪم نه ٿا ڪري سگهن ۽ توهان کي ڳجها ادار غلط رپورٽون ڪري رهيا آهن. بهرحال ڳالهيون اتي ئي رهيون موڪلائي واپس هليا آياسين. ان کانپوءِ مير صاحب لاڙڪاڻي مان ڪراچي روانو ٿو .

علي سوناري جي گرفتاري ۽ يوسف ڳوٺ جو خطاب

ڪجهه ڏينهن کانپوءِ ڪراچي ۾ بم ڌماڪا ٿيا جنهن جي الزام ۾ علي سوناري کي گرفتار ڪيو ويو. علي جي گرفتاري کانپوءِ مير مرتضيٰ ڀٽو علي کي ڳولڻ لاءِ مختلف ٿاڻن ۽ سي آءِ سينٽر تي پهتو پر علي سوناري سان کيس ملڻ نه ڏنو ويو. ان دوران مير صاحب يوسف  ڳوٺ ۾ عام جلسو رکيو جلسي تي وڃڻ کانپوءِ 70 ڪلفٽن تي پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته بم ڌماڪن سان اسان جي پارٽي جو ڪو به واسطو نه آهي. علي سوناري کي بيگناهه گرفتار ڪيو ويو آهي. اسان گرفتارين کان نٿا ڊڄون اسان جيل وڃڻ لاءِ تيار آهيون، بغير وارنٽن جي مون کي گرفتار ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي ته مان مزاحمت ڪندس. ان کانپوءِ مير صاحب پنهنجي ساٿين سان گڏ يوسف ڳوٺ ۾ جلسو ڪرڻ لاءِ روانو  ٿي ويو جلسي کي خطاب ڪندي مير صاحب سخت لهجي ۾ سنڌ حڪومت تي ڇوهه ڇنڊيا، وڌيڪ چيو ته علي سونارو بيگناهه آهي ان کي فوري طور آزاد ڪيو وڃي، منهنجي صبر کي ڪمزوري نه سمجهيو وڃي سنڌ حڪومت باهه سان کيڏي رهي آهي، تنهن جا ان کي سخت نتيجا ڀوڳڻا پوندا. مان موت کان نه ٿو ڊڄان،موت مون کان ٿو ڊڄي، مان گدڙ جي سَوِ سال واري زندگي کان موت کي ترجيح ڏيان ٿو ۽ جتي به موت آيو مان ان کي خوش آمديد چوندس.

خطاب ڪرڻ کانپوءِ مير صاحب قافلي سان گڏ 70 ڪلفٽن ڏانهن روانو ٿيو. پنهنجي گهر کان چند قدم اڳتي مير جي قافلي کي پوليس روڪيو. بي بي سي مطابق پوليس پاران سڌيون گوليون هڻي مير مرتضيٰ، عاشق جتوئي، سجاد گاکڙي، يار محمد بلوچ وجاهت جوکيو، ستار راڄپر ۽ رحيم بروهي کي شهيد ڪري ڇڏيو ۽ ڪيترائي زخمي ٿي پيا ۽ سنڌ جي اندر قيامت صغريٰ جو منظر هو، هر اک آلي هئي ۽ هر ماڻهو سڪتي ۾ ورتل هيو. هن ملڪ ۾ اهڙن وڏن ماڻهن جا قتل ڳجهارت بڻيل رهندا آهن. پر هڪ ڏينهن ايندو جڏهن مير صاحب سميت سڀئي ماڻهو جيڪي بيدردي سان خاموش ڪيا ويا آهن تاريخ اهڙن ڳجهن قاتلن کي نروار ڪندي ۽ شهيدن جي خون سان انصاف ٿيندو.

ڪالا باغ ڊيم بابت مير مرتضيٰ جو موقف

تڏهوڪي وفاقي وزير غلام مصطفيٰ کر بار بار پئي بيان ڏنا ته ڪالاباغ ڊيم ضرور ٺاهيو ويندو ۽ ڊيم ٺاهڻ لاءِ مان شهيد ٿيڻ لاءِ به تيار آهيان. مير مرتضيٰ پريس ڪانفرنس ڪرڻ جو اعلان ڪيو ته ڪالاباغ ڊيم ٺاهڻ هرگز نه ڏينداسين. جيڪڏهن مون کي بندوق کڻڻي پئي ته به کڻندس جي غلام مصطفيٰ کر کي جيڪڏهن ايڏو شهيد ٿيڻ شوق آهي ته ڪشمير ۾ وڃي جهاد ڪري شهيد ٿئي پر اسان جي جان ڇڏي.

مير مرتضيٰ ڀٽو پنهنجي سياست جو محور سنڌ جي گادي واري شهر ڪراچي کي بڻايو، ڪراچي جي سمورن ٽائونز، محلن، پاڙن ۽ ڪالونين ڳوٺن ۾ يونٽ کوليا ۽ پوري ڪراچي ۾ پنهنجا يونٽ کولڻ ۾ ڪامياب ٿيو.

ڪراچي جي قبضا گير ڌري لاءِ مير جون اهڙيون سرگرميون خطري جو باعث بڻجي ويون هيون ڇو ته مير صاحب پنهنجي تقريرن ۾ چوندو هو ته ڪراچي تي قبضو ڪرڻ جو خيال ذهن ۽ دل مان ڪڍي ڇڏيو، جيڪو  منهنجي شهر کي ميري اک سان ڏسندو ان جون اکيون ڪڍي ڇڏبيون.

پيءُ، ڀاءُ ۽ ڀيڻ جا ڪيس التوا جو شڪار ۽ مفاهمتي سياست

هڪ وزيراعظم جو پٽ ۽ هڪ وزيراعظم جو ڀاءُ پنهنجي گهر جي ڀرسان چند قدمن تي سڌي فائرنگ جي نتيجي ۾ شهادت ماڻي ٿو ۽ بي بي سي مطابق تنهن وقت جو ڊي آءِ جي شعيب سڊل چوي ٿو ته مير پوليس جي فائرنگ ۾ مارجي ويو آهي، سڊل، دراني، شاهد حيات، شعيب قريشي ڪيس ۾ سڌي ريت نامزد ڪيا ويا. پر هو پ پ جي اڳواڻي حڪومي ۾ مسلسل پروموشن وٺندا ۽ رعايتون ماڻيندا رهيا.

مير مرتضيٰ پنهنجي شهيد والد ۽ شهيد ڀاءُ جا ڪيس ٻيهر هلائڻ جا مطالبا ڪندي وڃي ساڻن ڳڙهي جي مٽيءُ ۾ دفن ٿيو ۽ سندس وڏي ۽ لاڏلي ڀيڻ پنهنجي پيارن جي خون جو انصاف ڏيارڻ ۾ ناڪام ٿيندي پنهنجي قاتلن جا نالا ظاهر ڪري ڳڙهي ۾ دفن ٿي پر سندس قاتلن کي به مفاهمتي سياست ۾ ڀاڱي ڀائيوار ڪيو ويو. ڀٽن جي بي گناهه خون سان آخر انصاف ڪير ڪندو؟ تاريخ بيگناهي تان پردو کڻي سگهندي. ۽ کين انصاف ڏياريندي.

مان وڏو خوشنصيب ان ڪري آهيان جو زندگي مون کي مير مرتضيٰ جهڙي بهادر ۽ سورهيه سپوت سان نه رڳو ملڻ جو موقعو مليو پر 3 سال گڏ ڪم ڪرڻ جو موقعو فراهم ڪيو.

هو کير ۽ چنڊ جهڙو اڇو اجرو من رکندڙ، سج جهڙو روشن ۽ پنهنجن لاءِ ماکي کان مٺو شخص هو ۽ دشمنن لاءِ وڄ ۽ تلوار هو. هماليه جبل جيڏو حوصلو رکندڙ ۽ سنڌ جي تاريخ جو امين هو. هن جي نظرياتي سياست سان ڪيترن ئي پهلوئن تي گهڻن ماڻهن کي اختلاف هئا پر هن جي سچائي ۽ بهادري بابت ڪنهن وٽ به ٻه رايا نه آهن.

قومي سوال ۽ مير مرتضيٰ

مير مرتضيٰ هڪ انٽرويو دوران سوالن جا جواب ڏيندي سنڌ جي وحدت جي حفاظت بابت چيو ته سنڌ پاڪستان جو خالق صوبو آهي تنهن ڪري، سنڌ ڌرتي جي ورهاڱي يا جناح پور جو خواب، يا ڪراچي کي ڌار حيثيت ڏيڻ جو مطالبو ڪريل ذهنيت جو مظاهرو آهي. سنڌ هئي ۽ هميشه رهندي جنهن به ميري اک سان سنڌ کي ڏٺو ته ان جو اکيون ڪڍيون وينديون ۽ ڪا ٻانهن اڳتي وڌي ته اها ٻانهن ڪپي ويندي. سنڌ جي حفاظت لاءِ جي بندوق کڻڻ جي ضرورت پئي ته پهريون ماڻهو مان هوندس جيڪو بندوق کڻي مزاحمت ڪندس. اهڙي طرح مير مرتضيٰ ڀٽو پنهنجي پارٽي جو هيڊ ڪواٽر، 70 ڪلفٽن رکيو ۽ ڪراچي جي شهر ۾ تنظيم سازي ڪرڻ، هر پاڙي، محلي ۽ علائقي ۾ يونٽ کولڻ، دورا ڪرڻ ۽ عوام سان سڌي رابطي جي ڪري ميٽروپوليٽن سٽي ۾ سندس مقبوليت ۾ اضافو ٿيڻ لڳو، هن جو مزاحمتي ڪردار، طوفاني دورا، بهادرانه ڳالهه ٻولهه ڪارڪنن توڙي غريب ماڻهن سان ٿيندڙ زيادتين خلاف آواز بلند ڪرڻ جي ڪري سامراجي قوتون، لساني ڌر ۽ سنڌ دشمن توڙي عوام دشمن قوتن جي منصوبي جي ڪڙي طور تي مير مرتضيٰ کي رستي تان هٽايو ويو! ڇو ته هن جي وفادري سنڌ، عوام ۽ عالمي انسانيت سان هئي، جيڪا  ڳالهه مخالف قوتن کي پسند نه ٿي. ڇو ته مير مرتضيٰ هڪ سچو، کرو ۽ نه وڪرو ٿيڻ وارو وکر هو.

جنهن پنهنجي ڪارڪنن توڙي عوام سان گڏجي بغير ڪنهن خوف ۽ ڊپ جي بيورو ڪريسي توڙي مردار جاگيردار ذهنيت جي خلاف مزاحمت پئي ڪئي. هو پنهنجي عمل  ذريعي ظالم قوتن جي مٿان حملا ڪندو هو ۽ اهو چوندو هو ته مان گدڙ جي سئو ساله زندگيءَ کان شينهن جي هڪ ڏينهن واري زندگي کي ترجيح ڏيندس.

اهڙا ئي آدرشي انسان هوندا آهن جيڪي دنيا کي تبديل ڪندا آهن، جيئن دنيا جي ويڙهاڪن، باغي ۽ مزاحمتي عوام  ۽ قومي آزادي جي پوئلڳن لاءِ چي گويريا آئيڊيل آهي تيئن ئي مير مرتضيٰ ڀٽو جي ڪمري ۾ چي جي تصوير لڳل هوندي هئي ۽ چوندو هو ته مان چي گويريا کي پنهنجو آئيڊيل سمجهان ٿو. مير مرتضي ڀٽو جيل مان آزاد ٿيڻ کانپوءِ مختصر عرصي ۾ سنڌ جي ته تقريبن هر ننڍي وڏي شهر ۾ جلسا، گڏجاڻيون، رابطا عذر خواهيون ڪيون ۽ پهتو پر بلوچستان ۽ پنجاب ۽ (سرحد) ڪي پي ڪي جا ٻه دورا ڪيا. هن ڪوشش پئي ڪئي ته مائو جي قول تي ته “دشمنن کان اقتدار ڦڙو ڦڙو ڪري کسي وٺجي.

هن ان مختصر عرصي ۾ ٿاڻن، اسپتالن، روڊن ۽ رستن تي احتجاجي تحريڪن جي اڳواڻي ڪئي ۽ پنهنجن سان ڪلهو ڪلهي ۾ ملائي ڌرتي جي مالڪي جو حق ادا ڪيو. جنهن مالڪي جي سزا طور کيس جام شهادت نصيب ٿيو.

سنڌ جي نئين نسل کي اها ڳالهه ٻڌائڻ گهرجي ته مير مر تضيٰ سنڌ جي وسيلن جي مالڪي، درياءَ جي حفاظت سڀ کان وڏي ڳالهه ته سنڌ جي وحدت جي دفاع لاءِ هٿيار کڻي مزاحمت جا اعلان ڪيا ۽ واقعي اهڙي طاقت ۽ ارڏائي جي ڪري ظالم قوتون هن کان خائف رهنديون هيون.

below article banner

پنهنجو رايو ڏيو

توهان جو اي ميل پتو ظاهر نه ڪيو ويندو. گهربل معلومات تي هيءَ نشان لڳل آهي: *

*

You may use these HTML tags and attributes: <a href="" title=""> <abbr title=""> <acronym title=""> <b> <blockquote cite=""> <cite> <code> <del datetime=""> <em> <i> <q cite=""> <strike> <strong>

صفحي جي چوٽيءَ تي وڃو