Home / افيئر / ويهين صدي، ايڪويهين صدي !
above article banner

ويهين صدي، ايڪويهين صدي !

ارشاد ميمڻ
پوئين پندرهن سالن ۾، گذريل صديءَ تي ايترو لکيو ۽ ڳالهايو ويو آهي جو ورجاءَ مان پڙهندڙ کي ضرور ڪرڀ وٺندي. اسان جو مؤڪل ڇاڪاڻ ته سنڌي ماڻهو آهي. ساڻس لازمي طرح گفتگو ڪجي ته وٽس ايندڙ ڏهاڪن ۾ ڪهڙو پروگرام، ڪهڙي رٿابندي آهن. آهنس به يا مورڳوئي بند تي ويٺو آهي. هتي اين جي اوز جي روايتي ڊيٽا بازي کان پاسائتو وات چورجي ته چڱو ٿيندو. عاليشان ڪمرن ۾ ويٺل ڊيولپمينٽ جي ماهرن کي پڻ ويهارو ٽيهارو ورهيه لنگهي چڪا آهن. خلق کي لنگهڻ کان بچائڻ خاطر باسمتي جي بل تي ڪِنا، ڪنهن نه ڪم جا اِري چانور پيا تاڙيندا وتن. پُڄين ته ايئن. ٻي صورت ۾ آفتن سان مقابلو ۽ پوئتي پيل سماج جو چارو فقط ڪاڳرن تي نهاري سگهجي ٿو. سياسي اڳواڻن ۽ خاص طور تي قومي سياست جي گاڏي کي ڌڪو ڏيڻ جي هام هڻڻ وارن قائدن ۽ ڪارڪنن کي لک واڌايون ته ڌرتي جي آجپي بدران، شخصي چاڙهي جا ڏاڪا تيزي سان برابر لتاڙيندا پيا وڃن. مانواري عام ماڻهو هيڏانهن هوڏانهن بشن گيريءَ جي ڌنڌي کي وڌندو ڏسي، پاڻ به تنهن بدبودرا دُٻي ۾ ڪاهي پوڻ لاءِ سندرو ٻڌو ۽ گوڏن تائين گند ۾ ڀرجي چڪو آهي، باقي لڱن ۾ ڪيترو پوتر آهي سو وري ڌار سوال آهي.
رواجي احوال کوٽبا ته ويهين صدي انساني اوسرجي عروج جو زمانو ۽ سائنس، ٽيڪنالاجي جي ميدانن ۾ ترقيءَ جي ڪمال جو وقت هئو. اها ڪٿا ايئن آهي جيئن مغل بادشاهن جي دؤر جو ذڪر ايندو ته دستاويزن ۾ هيئن تحرير ٿيل ملندو- شهنشاهه سلامت کوهه کوٽرايا، ٽپال جو سرشتو لاڳو ڪيائين، نوان سڪا جاري ٿيا. ٿي سگهي ٿو ته سندس سمئه اهي ڪم معجزي کان گهٽ نه هجن. اهڙن ڪارنامن جا ڳيچ ڳائڻ جو هڪڙو مقصد پر، ٻه ٻه چار چار سئو سالن جي سياسي، سماجي بربادي تي ڍَڪُ وجهڻ آهي. ماڻهپي جي هڪ وڏي قاتل تيمور لنگ ۽ هن جي اولاد جي زماني ۾ ايئن ٿيو. مغلن کان اڳ به تنهن ريت ٿيو ۽ بعد ۾ پڻ.
پهرين ڳالهه ته گذريل هڪ، سوا صدي منجهه ٿيل ترقيءَ جو ڪريڊٽ گهڻي قدر انسان جي انفرادي، شخصي پتوڙ ڏانهن وڃي ٿو. آئن اسٽائن، اسٽيفن هاڪنگ ياڪو ٻيو محسن آخر به ڪنهن اڪبر بادشاهه جا نورتن ڪين هئا. درٻار ۾ حاضرين ۽ نوازشن، خرچ کاٻاري وٺڻ جي عادتن ۾ مبتلا بلڪل به نه. رياستن جيڪڏهن علم ۽ حرفت کان ڪم ورتو ته سوپڻ هٿيارن کي وڌيڪ جديد ڪرڻ ۽ جنگي تيارين کي اڃا موتمار ٺاهڻ جي نيت هيٺ. طبي مهارت کي بيمارين سان اثرائتو مقابلو ڪرائڻ کان وٺي، خوراڪ جي کوٽ کي پورو ڪرڻ جا جهد- نهايت ويجهي کان نهاربو ته گهڻي ڀاڱي سڌارو اڪيلن، مجذوب انسانن جو نور نچوڙڻ جي داستانن جي انجام طور سامهون ايندو. باقي دنيا ڇا ڪيو؟ اخبارون پڙهيون، ٽي وي ڏٺي، ڊيٽنگ تي ويا ۽ پڄي سگهين ته ڪن. ڌاتوئن مان جوڙيل تمغا، شيلڊز کڻي تن چرياڻ ارواحن وٽ وڃي واهه واهه ڪري آيا.
چاليهه ڪروڙ آدم- ويساهه ۾ ايندڙ مامرو نه آهي، پر اندازي موجب ايترا ماڻهو آهن جن کي ويهين صديءَ جي رياست ۽ سياست ڳڙڪائي وئي. جنگ، سياسي اختلافتن جي نتيجي ۾ موت ۽ انسانن کي گروهن جي شڪل يا ماس مرڊر جي صورت ۾ پورو ڪرڻ – مکيه سبب آهن. تاريخ جي ورن وڪڙن تي روئجي يا کلجي. اڃا ڪالهه ئي (6 سيپمٽبر) نئين ايراني صدر، يهودي پبلڪ ڏانهن سندن نئين سال شروع ٿيڻ تي مبارڪباد جو پيغام موڪليو! اهو ايران جنهن جي اڳوڻي صدر فقط ٽي چار ورهيه پهريائين فرمايو ته هولوڪاسٽ ڊرامو هئو. اهڙي ڪا واردات ڪڏهن ٿي ئي نه هئي. سنڌ جا اهي نوجوان، ايڊولف هٽلر جن جو هيرو صاحب آهي، تن کي کاڏيءَ تي هٿ رکي عرض ٿو ڪجي ته ڪاوير ئي سهي هسٽري جي ويجهو اچن. توهان جي پياري، دلبر ۽ محبوب هٽلر (رحمتون جنهن تي وسنديون رهن) عام يهودي شهرين کي مال گاڏين ۾ سٿي، ٽولن جي صورت ۾ موت حوالي ڪيو. ان واقعي کي هولو ڪاسٽ ٿو سڏجي. پورا سٺ لک ماڻهو هڪ ئي ڌڪ ۾ فنش، چٽ ڪري ڇڏيائين. اونها کڏا کوٽي لاش لٽرائي ڇڏيائين. ٻيهر ٿو لکجي ته سٺ لک يهودي، جن جو ڪو به ڏوهه نه هئو. ويهه لک تن ۾ عورتون هيون. ڏهه لک ٻار، سائين، معصوم ٻارڙا. انهن ڏينهن ۾ سينيما ريڪارڊنگ ڪئميرا هئي. اعتبار نه اچيو ته يوٽيوب تي وڃي هولو ڪاسٽ جا فوٽيج ته ڏسو، کوڙ پيا آهن.
ديسي گيهه ۽ بيدن تي پليل انيڪ متارا آهن. ٿلها ٿنبرا. اسان جا نوجوان. گهر، مال متاع جي ڪم مهل ڪک ڀڃي ٻيڻو نه ڪن. جڳاڙي سڳاڙي مئٽرڪ، انٽر پاس. ڪلارڪن، تپيدارن جون حرفتون، ٺٺ نهاري وات ۾ پاڻي آڻيندڙ. قوم پرستي جي هوا لڳن ته ديشي لڳا پيا گهمن. سنڌ جي ڇوٽڪاري جي چنتا ۾ ڄڻ ننڊ ئي نه اچين. ڪنهن حوالي ليڊر، ڪمرشل ڪامريڊ کان ٻڌن ته هٽلر تي لک رحمتون وسن. لک ڇو، چيائون ته ڪروڙين ڀلايون هجن ايڊولف هٽلر تي. حوالو ڪنهن جو ڏيندا؟ ڪهڙي به وڏي، وچولي يا ننڍي اڳواڻ عرف قومي فڪر جي مهان دانشور جو. ڪتاب ناهي پٽڻو. تاريخ ناهي اٿلائڻي، خبرون ٻڌبيون. خبرون اڳتي وڌائبيون، ايئن حياتي جي ٺيڪ مانجهاندي جو ٺڙڪ ٺڳيءَ جي ڪنهن مانڊاڻ ۾، قبضو ڪندي، ڀتو وٺندي، ڌاڙو هڻندي، ليڊر صاحب جي حڪم هيٺ ڪلٽي ٿي وڃبو، شهيد جو لقب ملي ويندو. قاتلن سان فيصلو ٿيندو. ويهارو لک روپين ۾ معاملو نبيرجي ختم. پاڻ واري نوجوان شهيد جي مائٽن کي پوليس، ڪورٽ آڏو بيان ڦيرائڻ لاءِ چئبو. کين رپيا پنجاهه هزار ڏبا. باقي آٿت ۽ ڦوڪون ته ديسي گيهه ۽ بيدا کارائي وڏو ڪيل سندن پُٽ ساڻيهه تان قربان ٿي ويو. وٺي هر هر جنم وربو، مٺا مهراڻ ۾ ملبو. ٻيا ڏوڪڙ ليڊر صاحب کيسي ۾ وجهي، اهو ٿو وڃي. عزت لائق پڙهندڙن کي مٿين ڪٿا سچ نه لڳي ته راوي هنن آڏو مثال سجائي رکڻ لاءِ تيار آهي. ڪروڙين رحمتون مرهيات هٽلر تي جنهن اسان کي نيشنلزم جي واٽ لڳايو. سٺ لک يهودي مرد، عورتون، ٻار ماري ٻڌايائين ته مڙس ماڻهپو ڇا ٿيندو آهي. ويهين صدي جي هڪڙي اها برڪت پاڻ سنڌي ماڻهن کي پلئه سا ضرور پئي آهي.
چاليهه ڪروڙ انسانن جي نڙيءَ ۾ ۾ چڪ هڻي رت پيئندڙ ڳور پٽ جهڙي ويهين صديءَ ۾ جيڪڏهن ڪمپيوٽر ايجاد ٿيو ته واهه واهه ڪبي. هوائي جهاز ۽ راڪيٽ اڏاڻا ته واهه واهه ڪبي. پهرين مهاڀاري جنگ لڳي، ٻي عالمي ويڙهه ٿي، جنهن کي سرد جنگ ٿو ڪوٺجي. تنهن جو زمانو آيو. ننڍيون وڏيون ٻيون الاهي جنگيون لڳيون، ڦڏا ٿيا. ماڻهو ڪسبا رهيا. اهڙي ماتمي منظر کي تاريخ جو منطقي نتيجو سڏبو. جڳ ۾ غريب وڌيا، جڳ ۾ امير وڌيا. ڏڪار، وبا، سيلاب، زلزلا آيا.تن جا احمقائپ تي مبني سائنسي ڪارڻ ڳولهيا ويا. بي حسي ۾ اضافو ٿيو. اربنائزيشن کي ڏوهه ڏنو ويو. ويندي آخري ٻن ڏهاڪن ۾ ڏتڙل ملڪن جي ڏتڙيل پر چالاڪ دماغن پنهنجي ڦاٽل گوڏ جو نظارو ڪري، پِن جي پئسن مان گهر ڀريا. اين جي او، مين جي او ڪلچر جو لقاءُ سڀني پسيو، پورن هڪ سئو سالن ۾ انسانيت بجنس اجائي ڳياڙي هڻي، طبلا وڄائي ايڪويهين صدي ۾ داخل ٿي. چون ٿا ته لوڪ وٽ ايندڙ سئو ورهين ڪاڻ مثالي پروگرام آهن. ٻار ڄڻڻ گهٽايا ڪو نه اٿن. هر روز نيون ويريون اڀيون ٿينديون پيون وڃن. باقي منجهن سڌارو ايندو سو وري ايندڙ نسلن جا رواي سونهري اکرن ۾ تحرير ڪندا.
ڪم جي ڳالهه ته، جن ترقي ڪئي. آمريڪا، برطانيه، فرانس، جرمني، تن جي وات مان گڦ پئي وهي. آدم بوءِ، آدم بوءِ ڪندا پيا وتن، هٿيارن جا ڪارخانا هڻي هر ڏيهاڙي ويڙهه، ڦڏي، اختلاف، جنگاڻ جانوارن ميدان پيا ڳولهين، اوهان هر آمريڪي صدر، برطانوي وزيراعظم، جرمن چانسلر جي شڪل ته ڏسو. ڇتي کاڌل موڳاٽ ۾نهاربا. انتظاري هوندا ته ڪوئي کين وجهه ڏئي ته هو پنهنجا زهريلا ڏند سندس پيٽ ۾لاهين. اها آهي اوهان جي ترقي سائين! نظريا! اصول، متا ضرورت جي دروازي تي پلجندڙ گلر آهن. پونءِ ڀريل ويهين صدي اسان کي هڪڙو سبق اهو به ڏئي رهي آهي، جي پاڻ ۾ ڪو لُلُ هجي، ڌرمي توڻي اڌرمي ٿيوري ۽ پرئڪٽس پرمار جا ٽول آهن. ويهين صدي ءَ مان سو به نه پرايوسين. پوءِ ڇا ڪيوسين؟
عظيم سنڌي پاٺڪ! ايڪويهين صدي ڪيئن گذارڻ جو ارادو آهي؟ مليريا جو علاج ڳولهبو يا هٽلر پير کي واگرو، واگرو پيو ڪوٺبو. واڻئي واري، شهيدن جي قرض جي گپ ۾ ته گهڻو اڳ کان ڦاٿل آهين. سڄي عمر انگريزي پڙهئين. اچئي هڪ جملو لکڻ به ڪو نه ٿو. ڳالهائڻ پري جي ڳالهه آهي. جو ڪٿي ٻاهريون همراهه گڏ جي ويندئي ته ٽودي هيڊماسٽر، ٽو دي هيڊماسٽر پئي پوندئي. جيڪي چار ڌنڌوڙي توکي قومي ڪاڄ ۾ ڌڪي، ڇڏڻ لاءِ آتا آهن. سي پياراپاڻ به ڪٿان جا پگهارو آهن. نه وسار ته ڌرتي، وطن، قوم لاءِ پيار ۽ اڻ تڻ جدا، سگهارا ۽ معصوم احساس آهن، تن خاطر ويهين صدي جي نهلزم ٻڌل ديشي ٿيڻ کان وڌيڪ صالح ۽ سدورو منش ٿيڻ جي گهرج آهي. خود ۾ علم، ڄاڻ جا سلا پوکڻا آهن. سخت مشق ئي توکي دنيا جي چالبازين کان ڌار، ڪارائتو انسان ڪري سگهي ٿي. وڌيڪ ڇا چئجي.

below article banner

پنهنجو رايو ڏيو

توهان جو اي ميل پتو ظاهر نه ڪيو ويندو. گهربل معلومات تي هيءَ نشان لڳل آهي: *

*

You may use these HTML tags and attributes: <a href="" title=""> <abbr title=""> <acronym title=""> <b> <blockquote cite=""> <cite> <code> <del datetime=""> <em> <i> <q cite=""> <strike> <strong>

صفحي جي چوٽيءَ تي وڃو