Home / افيئر / ٻه روڊ- پنج نالا
above article banner

ٻه روڊ- پنج نالا

اختر بلوچ

توهان کي اهو پڙهي حيرت ٿيندي ته ڪراچي ۾ ٻه روڊ اهڙا آهن جيڪي پنجن شخصيتن جي نالن سان منسوب آهن، انهن شخصيتن ۾ صوفي بزرگ، مذهبي، روحاني پيشوا ۽ ورهاڱي کان اڳ هڪ انگريز ڪمشنر به شامل آهن.
شروعات ڪريون ٿا پهرئين روڊ کان اهو روڊ صدر جي علائقي ۾ موجود آهي، ان روڊ جا ٽي الڳ الڳ نالا آهن، جيڪي هتي جي دڪانن تي لڳل بورڊن تي لکيل آهن. جن اڪابرن يا شخصيتن جي نالن سان اهو روڊ منسوب آهي. جيڪڏهن توهان انهن جو نالو وٺي معلوم ڪندا ته شايد ڪو ماڻهو هن روڊ جو ڏس پتو توهان کي ٻڌائي پر جيڪڏهن توهان زاهد نهاري واري جو پڇندا ته صدر ته ڇا ڪراچي جي اڪثر حصن ۾ رهندڙ ان روڊ جو ڏس پتو توهان کي سولائي سان ٻڌائي ڇڏيندا. هاڻي ان روڊ جي شهرت جو سبب نهاري جو اهو دڪان آهي.
جيڪڏهن توهان ڪورنگي جي بس تي سوار آهيو ته لڪي اسٽار جي ويجهو هڪ روڊ ايمپريس مارڪيٽ تائين وڃي ٿو. ان روڊ تي گهڻو تڻو هٿيار کپائڻ وارن جا دڪان آهن. دڪانن تي لڳل بورڊن تي دڪان جي نالي سان ايڊريس جي جاءِ تي روڊ جو نالو “ مينسفيلڊ اسٽريٽ” لکيل آهي.
محموده رضويه پنهنجي ڪتاب “اوڀر جي راڻي” ۾ مينسفيلڊ جي حوالي سان لکي ٿي ته: هو 1862ع کان 1866ع تائين ڪراچي جو ڪمشنر رهيو. هن جي دور ۾ سماجي ڀلائي جا تمام گهڻا ڪم ٿيا. ڪراچي جو “امپورٽ يارڊ” ٺهيو. محمد عثمان دموهي پنهنجي ڪتاب “ڪراچي تاريخ جي آئيني ۾” مينسفليڊ جي حوالي سان لکي ٿو ته: سندس دؤر ۾ ڪراچي ۽ انگلينڊ جي وچ ۾ پهريون ڀيرو ٽيليگرافڪ رابطو قائم ٿيو ۽ ان کي 1865ع ۾ عام ماڻهن لاءِ کوليو ويو. ان سهولت سبب ڪراچي اندر واپاري سرگرمين ۾ زبردست واڌ آئي. ڪراچي بندرگاهه به ان دور ۾ ڪافي ترقي ڪئي. ان ئي دور ۾ ڪراچي بندرگاهه کي سمنڊ جي سرڪش لهرن کان محفوظ رکڻ لاءِ منهوڙي ويجهو سمنڊ ۾ هڪ بند ٺهرايو ويو. 1864ع ۾ ڪراچي ۾ سنڌ جو پهريون هاءِ اسڪول قائم ٿيو. 1865ع ۾ فريئر هال جي اڏاوٽ مڪمل ٿي.
هن هال جي اڏاوت مسٽر فريئر جي دور ۾ 1859ع ۾ شروع ٿي هئي. ليڪن فنڊن جي کوٽ سبب ڪم جي رفتار تمام گهڻي سست هئي. مينسفليڊ جي ڪوشش سان 1865ع ۾ ان هال جي تعمير مڪمل ٿي. مينسفيلڊ اسٽريٽ تي ڪاروبار ڪندڙ اڪثر ماڻهن جو تعلق دائودي بوهري برادري سان آهي. ان اسٽريٽ ۾ سندن هڪ وڏي مسجد به آهي، جنهن جو نالو طاهري مسجد آهي. محموده رضويه پنهنجي ڪتاب “اوڀر جي راڻي” ۾ بوهره جي عنوان سان لکي ٿي ته: بوهرين جا ٽي فرقا آهن، دائودي بوهري (2) سليماني بوري (3) سني بوهري، آخري فرقي سان گهڻو ڪري اعليٰ پائي جا ڪٽنب لاڳاپيل آهن. حالانڪ انهن جو تعداد تمام ٿورو آهي. بدرالدين طيب جي جسٽس، سراڪبر حيدري، حاتم جي، طبيب جي جسٽس ڪراچي ۽ لقماني خاندان وغيره سني بوهري آهن.
ڪراچي ۾ گهڻو تڻو دائودي بوهري آهن سمورا بوهري پنهنجي مذهبي پيشوا سيدناسف الدين طاهر جي حڪم تي هلن ٿا ۽ سندس ارشاد برزبان ياد رکن ٿا. سيد ناسيف الدين طرفان عامل، شيخ ۽ ملا مقرر آهن، ڪافي شائسته ۽ مهذب ماڻهو آهن، سندن پنهنجو وڏو ٽرسٽ آهي. اسڪائوٽ، بينڊ ۽ جماعت خانا موجود آهن.
دائودي بوهرين جو هڪ مسافر خانو فيض حسين جي نالي سان نيپيئر روڊ تي آهي. هڪ جماعت خانو فريئر روڊ تي، هڪ صدر ۾، مدرسه حسين، اڪيڊمي هاءِ اسڪول، مورس والا گرلز هاءِ اسڪول سندن تعليمي ادارا آهن.
اولهه جي تهذيب ڪجهه خاندانن Ex-Comuunicate جماعت مان ڪڍيا ويا آهن. ڪروڙ پتي سيٺ طيب علي خاندان والا آهي. شيخا ڪٽنب، علوي خاندان، ٽپال خاندان، سيٺ موسيٰ ڀائي ڪريم جي، سيٺ عبدالحسين، نور ڀائي لوٽيا ۽ فيروز پور والا، خوشحال شخص ۽ ڪٽنب آهن. حسين ڀائي بندوق والا به صاحب حيثيت آهي.
هن ڪميونٽي جا شاهوڪار ماڻهو ڏوڪڙ پنهنجي قوم تي خرچ ڪري ڄاڻين. نماز جا مڪمل طور پابند آهن ۽ مذهبي تعليم کان به چڱي ريت واقف آهن. سيدنا طاهر سيف الدين کانپوءِ سيدنابر هان الدين بوهري جماعت جو سربراهه بڻيو.
موسيٰ رضا آفندي مارچ 2013ع ۾ پنهنجي هڪ مضمون ۾ لکي ٿو: بوهري دائودي ڪميونٽي جو روحاني پيشوا ۽ عالمي طور تي انتهائي باوقار سيدبرهان الدين 102 ورهين جو ٿي چڪو آهي. سموري دنيا ۾ پکڙيل بوهري ڪميونٽي جا ماڻهو ان سلسلي ۾ خوشيون ملهائي رهيا آهن. سيدنابرهان الدين سڄي ڄمار الله تعاليٰ جي عبادت ۽ خدمت خلق ۾ گذاري آهي. فيض عام آهي، جيڪو سندس شخصيت مان جاري آهي ۽ جاري رهندو. اڻ ڳڻين ملڪن بهترين اعزازن سان کيس نوازيو آهي. ڪيترائي ملڪ سندس عزت ۽ وقار کي نظر ۾ رکندي پروٽوڪول ڏيندا آهن.
هاڻوڪي دور ۾ بوهري ڪميونٽي سان لاڳاپو رکندڙ ٻن شخصيتن اهم مقام حاصل ڪيو. انهن ۾ هڪ فخرالدين جي ابراهيم (فخرو ڀائي) جيڪو اڳوڻو جسٽس، اٽارني جنرل، سنڌ جو گورنر ۽ اليڪشن ڪميشن آف پاڪستان جو چيئرمين رهيو.
ٻي شخصيت جسٽس رٽائرڊ زاهد قربان علوي جي آهي، جيڪو سنڌ جو نگران وڏو وزير به رهيو آهي. مينسفيلڊ اسٽريٽ جو هاڻي سرڪاري رڪارڊ ۾ نالو سيد نابرهان الدين روڊ آهي ليڪن ان روڊ تي سمورن دڪانن جي ايڊريس ۾ مينسفيلڊ اسٽريٽ ئي لکيل آهي. جڏهن ته طاهري مسجد سان گڏوگڏ بوهرين جي هڪ شاپنگ سينٽر وٽ روڊ جو نالو سيد نابرهان الدين روڊ ۽ ڏنگي ۾ مينسفيلڊ اسٽريٽ لکيل آهي.
بوهري برادري جيئن ته پاڪستان ٺهڻ کان اڳ هتي آباد آهي. روڊ جو نالو سندن روحاني پيشوا جي نالي سان منسوب ٿيڻ تي اهي خوش ته ضرور ٿيا هوندا ليڪن بريڪيٽ ۾ مينسفيلڊ اسٽريٽ لکي انهن سموئل مينسفيلڊ جي خدمت جو به اعتراف ڪيو آهي.
ليڪن ان روڊ تي هڪ بورڊ ٻيو به آهي جنهن تي مينسفيلڊ اسٽريٽ سان گڏ شاهه عبدالعليم صديقي به لکيل آهي. شاهه عليم صديقي هڪ وڏو مذهبي اڳواڻ هو، سندس پٽ مرحوم شاهه احمد نوراني به پاڪستاني سياست ۾ وڏو نالو ڪمايو.
سيدنابرهان الدين ۽ شاهه عبدالعليم صديقي ۾ فرق رڳو ايترو آهي ته برهان الدين شيعا مسلڪ سان تعلق رکي ٿو جڏهن ته شاهه عبدالعليم صديقي بريلوي فقهه سان تعلق رکندو هو.
هاڻي هلون ٿا ٻئي روڊ ڏانهن، اهو روڊ ڪلفٽن جي علائقي ۾ موجود آهي، اهو روڊ نامياري فارسي شاعر ابو القاسم فردوسي جي نالي سان منسوب هو. حڪيم ابوالقاسم حسن پور علي طوسي معروف فردوسي ڏهين صدي عيسوي، چوٿين صدي هجري جو ناليوارو ۽ مشهور فارسي شاعر هو، جيڪو 940ع ۾ ايران جي علائقي خراسان جي هڪ شهر طوس ويجهو هڪ ڳوٺڙي ۾ پيدا ٿيو ۽ 1020ع ۾ 80 ورهين جي ڄمار ۾ اتي ئي لاڏاڻو ڪري ويو. ڪجهه روايتن ۾ سندس لاڏاڻي جو سال 1025ع ۽ عمر 85 ورهيه به ڄاڻائي وئي آهي. سندس شاهڪار “شاهنامو” آهي، جنهن ڪارڻ هن شاعري جي جهان ۾ لازوال مان ۽ مرتبو حاصل ڪيو. “شاهه نامو” جنهن جو لفظي مطلب شاهه بابت يا ڪارناما ٿئي ٿو. فارسي ادب ۾ اهم رتبو رکندڙ شاعراڻو ڪتاب آهي، جيڪو فردوسي تقريبن 1000ع ۾ لکيو.
هن شعري مجموعي ۾ عظيم فارس جي تهذيب ۽ ثقافتي تاريخ تي روشني وڌي وئي آهي، اهو مجموعو تقريبن 60 هزار کان وڌيڪ شعرن تي ٻڌل آهي، جن ۾ ايراني داستان ۽ ايراني سلطنت جي تاريخ بيان ڪئي وئي آهي. اهي واقعا شاعراڻي انداز سان بيان ڪيا ويا آهن ۽ ان ۾ عظيم فارس کان وٺي اسلامي سلطنت جي قيام تائين جا واقعا، تهذيب ۽ ثقافت جو احاطو ڪيو ويو آهي. ايراني تهذيب ۽ ثقافت ۾ “ شاهنامي” کي هاڻ به اهم حيثيت حاصل آهي، جنهن کي اهل دانش اڄ به فارسي ادب ۾ لاجواب ادبي خدمتن ۾ ڳڻين ٿا.
مشهور ڪالم نگار ۽ صحافي وسعت الله خان مونکي ٻڌايو ته ايران ۾ شهنشاهه ايران رضا شاهه پهلوي جي حڪومت جي خاتمي کانپوءِ ايران ۾ نصب ڪيل سمورا مجسما يا ته ڊاٺا ويا يا هٽايا ويا هئا. ليڪن فارسي ٻولي جي عظيم شاعر جو مجمسو هاڻي به تهران يونيورسٽي ۾ لڳل آهي، نه رڳو اهو پر فردوسي جو مجسمو روم ۾ به لڳل آهي ۽ هڪ چوڪ سندس نالي سان منسوب آهي.
اهو ئي روڊ سنڌ جي صوفي بزرگ عبدالله شاهه غازي جي نالي سان به منسوب آهي، عبدالله شاهه غازي جي مزار ڪلفٽن جي علائقي ۾ آهي، جتي هر سال سندس عرس ملهايو ويندو آهي. عبدالله شاهه غازي “ڊاٽ ڪام” تي سندس حوالي سان ڏنل معلومات مطابق پاڻ حسني حسيني سيد هو، سندس جنم ڪربلا واري واقعي کانپوءِ 28 ورهيه پوءِ سن 98 هجري ۾ مديني منوره ۾ ٿيو.
عبدالله شاهه غازي جي سنڌ اچڻ جي حوالي سان لکيل آهي ته: هو اسلام جو پرچار ڪرڻ لاءِ سنڌ ۾ آيو هو ۽ ٻيو اهو ته هو علم خلافت جي نقيب جي حيثيت سان واپاري جي روپ ۾ آيو هو. سندس سنڌ ۾ رهڻ دوران سنڌ جي گورنر کي خبر ملي ته سندس والد مديني ۾ ۽ سندس ڀاءُ حضرت ابراهيم بصره ۾ عباسين خلاف خلافت بغاوت ڪري رهيا آهن.
145 هه ۾ اهو اطلاع آيو ته سندس والد حضرت محمد نفص کي مديني ۾ ۽ سندس چاچي کي بصره ۾ قتل ڪيو ويو آهي. منصور جي خليفي سندس گرفتاري جا حڪم جاري ڪيا. ليڪن سندس گرفتاري نه ٿي سگهي. آخر ڪار عباسين جي حڪومتي دور ۾ جنگ دوران سن 51هه ۾ کيس شهيد ڪيو ويو.
اها ته هئي انهن ٻن شخصيتن جي معلومات، اهو روڊ ڪلفٽن جي ڪوٺاري پريڊ کان شروع ٿئي ٿو. فيڊريشن آف پاڪستان چئمبرز آف ڪامرس اينڊ انڊسٽري به ان روڊ تي ئي آهي. فيڊريشن جي آفيس جي بلڪل سامهون رستي تي سيمينٽ جو ٺهيل هڪ بورڊ لڳل آهي، جيڪڏهن توهان پهرين نظر ۾ بورڊ پڙهندا ته عبدالله شاهه غازي روڊ لکيل آهي، جڏهن ته غور سان ڏسندا ته ان بورڊ تي شاهراه فردوسي به اڪريل آهي. اهو ڪمال صدر ٽائون جو آهي، روڊن جي نالي جي تبديلي جي جيڪڏهن تاريخ مرتب ڪئي وڃي ته مونکي پڪ آهي ته صدر ٽائون جو نالو نه رڳو سونهري اکرن ۾ لکيو ويندو بلڪه شايد پاڪستان ۾ ان حوالي سان پهريون نمبر پڻ ڏنو ويندو.

below article banner

پنهنجو رايو ڏيو

توهان جو اي ميل پتو ظاهر نه ڪيو ويندو. گهربل معلومات تي هيءَ نشان لڳل آهي: *

*

You may use these HTML tags and attributes: <a href="" title=""> <abbr title=""> <acronym title=""> <b> <blockquote cite=""> <cite> <code> <del datetime=""> <em> <i> <q cite=""> <strike> <strong>

صفحي جي چوٽيءَ تي وڃو