Home / افيئر / ٿر جا قيمتي وڻ افغان پناهگيرن جي رحم ڪرم تي!
above article banner

ٿر جا قيمتي وڻ افغان پناهگيرن جي رحم ڪرم تي!

اعجاز راهمون
سنڌ جون لوڪ چوڻيون آهن ته جڏهن ماڻهو ڇتا ٿيندا آهن. تڏهن وڻن ۾ وات وجهندا آهن. اهي چوڻيون ۽ پهاڪا اڄ سچا ٿيندي نظر اچن ٿا.. جيڪي ٿرپارڪر جي 50 کان وڌيڪ سيڪڙو ماڻهو زندگي جي مختلف سببن جي ڪري قديم ۽ قيمتي وڻ وڍي کورن ۽ بٺن ۾ جلائي ڪوئلو ٺاهي رهيا آهن. ٿر جا اهي ئي ماڻهو ان چوڻي جا به پيروڪار رهندا آيا ته “ڀلي بک ڀرم جي، شال م وڃي شان” ڪافي سالن کان وٺي ڏڪار توڙي بک، بيروزگاري، تنگ دستي جي چڪي ۾ پيسجندڙ عوام ڪڏهن به ڪو به اهڙو ڪم ڪونه ڪيو، پرموجوده حالتن سبب هر ناجائز ۽ نقصانڪار ڪم اڄ ٿر جي ڳوٺن ۾ ٿيندي نظر اچن پيا. ڪنهن ڏاهي چواڻي جڏهن پورهيت جي مزدوري کان ماني مهانگي هجي ته پوءِ ان معاشري ۾ ڏوهه وڌي وڻ ٿي وڃن ٿا. بهرحال وڻ جيڪي قدرتي نعمت آهن. انسان توڻي حيوانن لاءِ آسائش ۽ آرام جو هڪ ذريعو به آهن ته جهنگلي جيوت لاءِ خوراڪ پڻ آهن، هن وقت اهي ئي وڻ، جن ۾ ڪنڊي، ڄار، ڪوڀٿ، روهيڙو ۽ ٻيا سوين قميتي وڻ هن وقت ماڻهو وڍي باهه جي کورين ۾ جلائي پنهنجي پيٽ جي بک اجهائي رهيا آهن. ٿرپارڪر ضلعي جي خاص ڪري ڏيپلو ۽ رڻ ڪڇ جي ساحلي ڳوٺن ۽ علائقن ۾ هزارن جي تعداد ۾ اهڙا “کورا” ٺاهيا ويا آهن، جن ۾ روزاني جي حساب سان هزارين مڻ قيمتي وڻن جو ڪاٺ ساڙيو وڃي پيو. ان ڪاٺ کي ٻارڻ کانپوءِ ڪوئلو ٺهي ٿو، جيڪو لوڪل مارڪيٽ ۾ 5 روپيه في مڻ وڪامجي ٿو. ٻهراڙي جي علائقي ۾ بي شمار وڻ اڄ ڪهاڙين جي نظر آهن. انهن وڻن جي تحفظ واري کاتي کي خبر هوندي به انهن وڻن کي بچائڻ جي ڪابه همت ۽ جرئت ڪونهي.
ٿرجي مذڪوره علائقن ۾ وڻن جي واڍي ۽ ڪوئلي ٺاهڻ جو ڪڌو ڪم ان وقت کان شروع ٿيو. جڏهن افغان پناهگير سنڌ کان ٿيندي بدين ضلعي جي مختلف شهرن ۽ ڳوٺن ۾ اچي پناهه ورتي ۽ اتان کان پوءِ آهستي آهستي نوي جي ڏهاڪي کانپوءِ ٿر جي علائقن تائين پهچڻ ۾ ڪامياب ٿي ويا. انهن جي اچڻ کانپوءِ اهو ڪم شروع ٿي ويو. جيڪو اڄ تائين بنا ڪنهن ڊپ، روڪ ۽ ٽوڪ سان سرعام هلندڙ آهي. انهن افغاني پٺاڻن ٿر جي وڏيرن معرفت ڪاٺ جو ڪاروبار شروع ڪيو، لالچ ۽ لوڀ ۾ وڏيرن ڀڳڙن مٺ تي ٿر جا قيمتي وڻ انهن حوالي ڪري ڇڏيا آهن. ان کانپوءِ انهن وڏيرن معرفت روينيو کاتي جي عملدارن به سڪاري زمين ۾ بيٺل وڻن جي واڍي جا ٺيڪا به افغاني پٺاڻن حوالي ڪيا. اڄ اهي افغاني پٺاڻ بدين ضلعي جي ڇيڙي وارن علائقن پراڻ، علي بندر، پيرو ۽ ٻين ڳوٺن جي ڀرپاسي ۾ بيٺل ڄار جي وڻ جي واڍي شروع ڪرائي جيڪا پوءِ مقامي غير سرڪاري تنظيمن جي مداخلت ۽ اڻٿڪ ڪوششن سبب ضلعي حڪومت بند ڪرائي قلم 144 لاڳو ڪري ڇڏيو. پر هيڏانهن ٿرپارڪر ۾ نه ڪا غير سرڪاري تنظيم مداخلت ڪئي نه سياسي پنڊتن نه وري عوام جي محبوب اڳواڻن وڻن جي واڍي روڪڻ لاءِ چپ جو روزو ٽوڙيو. نتيجو اهو وڃي نڪتو جو ان ڪڌي ڪم کي ماڻهن روزي جو ذريعو ۽ جائز ڪم سمجهي بي خوف ٿي ڪري رهيا آهن.
کورن جي پيٽ ۾ جلندڙ قميتي وڻن جو ڪاٺ عارضي طور تي ٿر جي غريب ماڻهن جي بک ته اجهائي سگهي ٿو. پر انهن ئي کورن مان نڪرندڙ دونهون هميشه لاءِ انهن غريب پورهيتن کي موتمار بيمارين ۾ مبتلا ڪري ڇڏي ٿو. هڪ کوري تي ڪم ڪندڙ مزدور سال جي اندر ٽي بي، دم، ساهه ۽ الرجي جهڙن موذي مرضن ۾ مبتلا ٿي وڃي ٿو. اڄ ٿر جي ٻهراڙي وارن علائقن ۾ هزارين ماڻهو انهن بيمارين ۾ مبتلا ٿي گهرن ۾ موت ۽ زندگي جي ڪشمڪش ۾ جڪڙيل آهن. ٿر جي ڏڪار سٽيل غريب ماڻهن ۽ سندن معصوم ٻچا توڙي عورتون روزگار جا ٻيا ڪي به ذريعا نه هئڻ ڪري مقامي وڏيرن جي چوڻ تي ڪاٺ جي واڍي وارو ڪم ڪرڻ تي مجبور ٿيندا آهن. جيڪي مسلسل ڪم ڪار سبب پاڻ ۽ ٻچا انهن موذي مرضن ۾ مبتلا آهن. هڪ ته انهن کورين تي ڪم ڪندڙ ماڻهو انهن مرضن ۾ وڪوڙيل آهن ته ٻيو وري انهن علائقن ۽، ڳوٺن ۾ رهندڙ هزارين ماڻهو به سخت مبتلا آهن. جتي وڻن جي واڍي سبب ويران ٿيندڙ ٿر جون ڀٽون بي زيب آهن. اتي وري رهندڙ خلق خدا به سخت متاثر آهي. علي بندر کان ڏيپلو مٺي روڊ جي ٻنهي پاسن کان بنا روڪ جي وڍجندڙ ڄار، ڪنڊي ۽ ڪوڀنٽ جا وڻ تحفظ ۽ بچاءَ جا منتظر آهن. وقت جي حڪمرانن توڙي مقامي ذميوار ادارن جي نااهلي سبب ٿر جون ڀٽون هميشه لاءِ ويران ٿي وينديون ۽ ڪوئلي جي کورن ۽ ڀرپاسي ۾ موذي موتمار مرض پکڙجي ويندا ۽ سڪن سان گڏ آلا به سڙي ويندا. ان لاءِ سنڌ سرڪار ٿر جي وڻن جي ٿيندڙ واڍي ۽ ڪوئلي جي روڪٿام لاءِ هنگامي قدم کڻي، ته جيئن وڻ به بچي سگهن ۽ انساني جانيون به مختلف بيمارين کان بچي سگهن.

below article banner

پنهنجو رايو ڏيو

توهان جو اي ميل پتو ظاهر نه ڪيو ويندو. گهربل معلومات تي هيءَ نشان لڳل آهي: *

*

You may use these HTML tags and attributes: <a href="" title=""> <abbr title=""> <acronym title=""> <b> <blockquote cite=""> <cite> <code> <del datetime=""> <em> <i> <q cite=""> <strike> <strong>

صفحي جي چوٽيءَ تي وڃو