Home / افيئر / ٿر جا ناياب وڻ، مافيا جي نشاني تي!
above article banner

ٿر جا ناياب وڻ، مافيا جي نشاني تي!

اعجاز راهمون
سنڌ صوبي جو پکيڙ ۽ ايراضي جي لحاظ کان وڏو ضلعو ٿرپاڪر، جيڪو وڏين وارياسي ڀٽن ۽ مختلف قيمتي ناياب وڻن سان سينگاريل آهي. ٿر جي ڌرتي جي زينت بڻيل اهي قدرتي وڻ هن وقت قسمت سان آيل مهمانن وانگر مهمان بڻجي چڪا آهن. 1999ع کانپوءِ ٿر جي ڪجهه فطرت دشمن عنصرن خوبصورت منظر رکندڙ وڻن، جنهن ۾ “گگرال” جي وڻ کي ڪيميڪل هڻي، پنهنجي پيٽ ڀرڻ لاءِ کنئور ڪڍي ڪراچي جي مارڪيٽ ۾ وڏي رقم ۾ وڪرو ڪري، وڻن جي هميشه لاءِ نسل ڪشي ڪئي وئي. نوي جي ان ڏهاڪي کان وٺي هيل تائين وڻن کي هميشه لاءِ ختم ڪندڙ اهو ڪم گهٽجڻ بدران سموري ٿر ۾ پکڙيل آهي. جنهن جي روڪٿام لاءِ ڪي به ڪارائتا اپاءَ ۽ قدم نه کنيا ويا آهن جو ٿر جي ناياب نسل وڻ گگرال کي تباهه ٿيڻ کان بچايو وڃي. وڻ جيڪي ٿر جي سونهن سان گڏ جهنگلي جيوت توڙي انساني وسندين جون بهترين پناهه گاهون پڻ آهن. نوي جي ڏهاڪي دوران ڇاڇرو تعلقي سان لاڳاپيل ڪجهه ماڻهن جيڪي ڏيپلي جي لالچي ۽ ويڪائو وڏيرن جي همدردي سان رڻ ڪڇ جي ساحلي پٽي تي بيٺل وڏي تعداد ۾ گگرال جي وڻن کي هٿرادو زهريلي ڪيميڪل جي ڳار جو ٽڪو هڻي کنئور ڪڍيو ويو.
واضح رهي ته گگرال جو وڻ، جيڪو چوپائي مال لاءِ بهترين خوراڪ آهي ۽ انساني مختلف بيمارين جي پڻ دوا آهي. ان سان گڏ وڏي ڳالهه اها ته اهو وڻ مدامي طور کنئور ڏيندو آهي.جيڪا کنئور ٿر جا غريب ۽ بي پهچ ماڻهو مذڪوره وڻن مان لاهي پنهنجو گذر سفر ڪندا آهن. پر لالچي وڏيرن ۽ انهن جي ڪمداري ڪندڙ رونيو کاتي جي عملدار جي ملي ڀڳت سان ٿر جي انهن علائقن کي وڻن جي نسل ڪشي ڪندڙ ٺيڪيدارن کي ڀڳڙن مٺ تي اهي علائقا باقاعده وڪرو ڪري ڏنا. جن گذريل عرصي کان پنهنجو ڪم بنا ڪنهن روڪ جي اڄ تائين جاري رکيو آهي. ڪجهه ڏينهن جي مقامي ماڻهن جي دانهن ڪوڪن تي ضلعي انتظاميه قلم 144 لاڳو ڪيو، پر عمل ڪجهه به نه ٿيو، جنهن ڪري وڏي تعداد ۾ اهي وڻ سڪي ويا. گگرال جو وڻ، جيڪو ڪيترائي سال ڏڪار هجي، پر اصل نه سڪندو آهي. پر زهريلي ڪيميڪل ان کي هميشه لاءِ ختم ڪري ڇڏيو آهي. ان وڻ جي نسل ڪشي کانپوءِ رهيل وڻ، ڪوينٽ، روهڙيو، ڪنڊي ۽ ڄار وغيره به هاڻي نشاني تي آهن. ديوي جي وڻ، جنهن تي انتظاميه ڪا به بندش نه وڌي آهي. ان ديوي جو وڻ جي آڙ ۾ ٻيا مذڪوره وڻ به ٿر جي لالچي ماڻهن وڍڻ شروع ڪيا آهن.
علي بندر کان ڏيپلو مين روڊ جي ٻنهي پاسن کان بيٺل وڻن ۾ هن وقت اهڙا مقامي مزدور نظر ايندا جيڪي صبح سوير ڪهاڙا کڻي ٿر جي فطرت جي رنگت قيمتي وڻن کي وڍڻ ۾ مصروف هوندا آهن. ڄار جو وڻ هن وقت وڏي تعداد ۾ وڍجي رهيو آهي، جنهن جي روڪٿام لاءِ مقامي ماڻهن ضلعي عملدارن اڳيان پڪاريو پر اڃا تائين وڻن جي بچاءَ جي ضمانت ڪنهن به ذميوار عملدار نه ڏني آهي. ٿر جتي ڪجهه عرصو اڳ وڻن جي وڍڻ کي ڏوهه سمجهيو ويندو هو. مقامي ۽ ذميوار عملدارن کان علاوه ٿر جا مقامي ماڻهو وڻن جي حفاظت لاءِ ذميوار هوندا هئا، اهي پاڻ انهن قيمتي ووڻن جي حفاظت ڪندا هئا. پر اڄ اهي اڳوڻا حفاظتي ماڻهو هن وقت وڻن جا دشمن بڻيل آهن.
حڪومتي ادارن اڄ تمر جا لکين ٻوٽا پوکي عالمي رڪاڊ قائم ڪيو آهي، پر ٿرپاڪر ۾ قدرتي طور بيٺل وڻن جي تحفظ لاءِ ڪي به قدم نه کنيا ويا آهن. سنڌ حڪومت ڪجهه سال اڳ وڻن جو سال ته ملهايو، پر وڻن جي واڍي کي روڪڻ لاءِ ڪي به قدم نه کڻي سگهي. مطلب ته جڏهن کان ڏنو پٽ ڇٽي جو دور شروع ٿيو ته ان ڏينهن کان وڻڻ جي واڍي شروع ٿي وئي، جيڪڏهن ٿر جو ڪو نيڪ ماڻهو وڻن جي واڍي خلاف ڪجهه هاءِ گهوڙا ڪري ٿو ته رشوت ان ڪارخير کي هميشه لاءِ وڻن کي ختم ڪرڻ جيان ان ڪم کي به ختم ڪري ڇڏيو.
ٿر جي ڀارت واري بارڊر جي علائقي ۾ رڻ ڪڇ جي پٽي تي وڻڻ جا ٻيلا هوندا هئا. جيڪي ٿر ۽ ملڪ جي بچاءِ لاءِ مضبوط مورچا هئا. جيڪي اختيارين جي عدم لچسپي سبب اهي وڻن جا ٻيلا مقامي ماڻهن وڍي ختم ڪري ڇڏيا آهن. ٿر جي وڏين عمرين جي ماڻهن جي چوڻ موجب 1971ع جي جنگ دوران اسان وڻن جي ٻيلن ۾ پناهه ورتي هئي. جيڪي اسان لاءِ بچاءُ مورچا بڻيل رهيا هئا. اڄ انهن علائقن ۾ سڀ وڻ وڍجي ڪوئلي جي کورين ۾ ڪوئلو بڻجي ويا ۽ بڻجي رهيا آهن. هيل تائين وڻن جي واڍي کي روڪڻ لاءِ نه چونڊيل نمائندن ڪي قدم کنيا، نه مقامي ماڻهن نه وري ٿر ۾ ورهين کان ڪم ڪندڙ مقامي غير سرڪاري ادارن ڪو تحرڪ ورتو آهي. اسان سنڌ حڪومت توڙي مقامي ضلعي انتظاميه کان اهو مطالبو ڪريون ٿا ته ٿر جي رڻ ڪڇ ۽ بارڊر وارن علائقن مان وڻن جي واڍي کي فوري طور روڪڻ لاءِ هنگامي بنيادن تي قدم کنيا وڃن ته جيئن فطرت جا حسين منظر هميشه لاءِ قائم ۽ دائم رهن. اسان سڀئي گڏ جهنگلي جيوت ۽ ٿر جو پاڻي، مال جي کاڌ خوراڪ جا قميتي وڻ تباهه ٿيڻ کان بچائي سگهون ٿا. وڻن جي واڍي ۾ ملوث ماڻهن ۽ روينيو کاتي جي اعليٰ عملدارن خلاف قانوني ڪارروائي ڪئي وڃي جيڪي ان ڪڌي ڪم ۾ سرگرم هئڻ سان گڏ بنا ڊپ ۽ خوف جي وڻن جي واڍي جا ٺيڪا ۽ ليزون ڏئي رهيا آهن.

below article banner

پنهنجو رايو ڏيو

توهان جو اي ميل پتو ظاهر نه ڪيو ويندو. گهربل معلومات تي هيءَ نشان لڳل آهي: *

*

You may use these HTML tags and attributes: <a href="" title=""> <abbr title=""> <acronym title=""> <b> <blockquote cite=""> <cite> <code> <del datetime=""> <em> <i> <q cite=""> <strike> <strong>

صفحي جي چوٽيءَ تي وڃو