Home / افيئر / ڀارت: عام آدمي پارٽي جو دهلي کي ٻهارو!
above article banner

ڀارت: عام آدمي پارٽي جو دهلي کي ٻهارو!

سلام ڌاريجو

جيتوڻيڪ اهو چوڻ وقت کان اڳ آهي ته هاڻي شهنشاهن جي شهر دهلي تي “عام آدمي جو راڄ هوندو” پر اها حقيقت آهي ته تبديلي پسندن جي ٻهاري ڪانگريس کي ڌوڙ ڪري BJP کان تخت دهلي کسڪائي ورتو آهي.
هاڻي هندستان جي گادي واري شهر ۾ هڪڙو وڏو سياسي ٻڙڌڪ متو آ، ڊسمبر وارين چونڊن کانپوءِ ان سياسي تماشي نه رڳو ڀارت واسين کي ڏندين آڱريون ڏنيون آهن پر ڀرپاسي جي سڀني ملڪن ۾ عام آدمي جي چمتڪار روايتي سياست لاءِ هڪڙو نئون محاذ کولي ڇڏيو آهي.
تازو دهلي ۾ ٿيندڙ 70 سيٽن لاءِ چونڊون ٿي گذريون جنهن ۾ هڪ سال کان به ننڍي ڄمار واري عام آدمي پارٽي 28 سيٽون کڻي نه صرف ڪانگريس کي گهر ويهاري ڇڏيو پر چونڊن ۾ يقيني فتح تصور ڪندڙ BJP کي پڻ في الحال تخت دهلي کان پري ڪري ڇڏيو آهي.
ڪرپشن ۽ روايتي سياست کي چيلينج ڪندڙ اروند ڪيجريوال جيتوڻيڪ گذريل ڏهن سالن کان روڊن تي گهوڙا گهوڙا ڪندو رهيو. پر سندس ان فيصلي ته حقيقي تبديلي ايوانن ذريعي آڻي سگهجي ٿي نه صرف سندس ويجهي ساٿي انا هزاري کي مايوس ڪيو پر هندستانين به ان کي سنجيدگي سان نه ورتو. پر هڪ سال کان به گهٽ عرصي ۾ جيڪا زبردست حمايت ٻهاري واري عام آدمي پارٽي کي پلئه پئي تنهن چڱن ڀلن جون اکيون کولي ڇڏيون آهن.
اروند ڪيجروال پارٽي ٺاهڻ کان پهريائين ڏهن سالن تائين دهلي جي گهٽين ۾ سرڪاري ۽ غير سرڪاري ادارن ۾ ٿيندڙ ڪرپشن خلاف ماڻهن کي جاڳائيندو رهيو هو. شايد ڪرپشن خلاف سندس ڪاوڙ يا سرڪاري ادارن جي ڪرپشن جي ڄاڻ کيس انڪم ٽيڪس ۾ نوڪري ڪندي معلوم ٿي پر هن مڙس ڪرپشن خلاف ايڏي ته گهوڙا گهوڙا ڪئي جو نيٺ وڃي Right to information Act جهڙو وڏو بل منظور ڪرايائين. ايئن اروند سرڪاري ادارن ۾ ٿيندڙ ڪرپشن کي وائکو ڪرڻ لاءِ ايڪٽ کي استعمال ڪيو ۽ عوام کي آگاهه ڪيو ته ڪيئن نه توهان جي ڏنل ٽيڪس کي حڪمران ۽ سرڪاري آفيسر پنهنجي عياشين تي خرچ پيا ڪن. اها ڪرپشن خلاف بيزاري ئي هئي جنهن خلاف انا هزاري بک هڙتال تي ويٺو ۽ سڄي دهلي جا ماڻهو نعرا هڻي هن جي حمايت ۾ گڏ ٿيا. انا هزاري واري مهم ۾ اروند ڪيجريوال ڀرپور شرڪت ڪئي ۽ اهو طئي ڪيو ته هاڻ ماڻهن کان ووٽ وٺي ايوانن تائين پهچجي.
چون ٿا ته اروند ۽ سندس ساٿي رضاڪاراڻي طور تي دهلي جي مختلف علائقن ۾ ڪرپشن ۽ بدعنوانين خلاف مسلسل جدوجهد ڪندا رهيا خاص طور تي غريب علائقن ۾ هن جي ڪمن کي وڏي عوامي حمايت ملي. اهو ئي سبب هو جو عام آدمي پارٽي ٽڪيٽون به عام ماڻهن کي ڏنيون جن جي علائقي ۾ سٺي ساک هئي.
عام آدمي پارٽي جي زبردست ڪاميابي تي ڪيئي رايا آهن پر جيڪو اهم سبب ڄاڻايو پيو وڃي سو آهي دهلي جي شهرين جي وڌندڙ ڪاوڙ ۽ روايتي سياست خلاف نفرت. گذريل ڪجهه سالن کان دهلي سماجي تحريڪن جو ڳڙهه رهيو آهي. گذريل سال بس ۾ نوجوان عورت سان جنسي زيادتي ۽ قتل خلاف سڄي دهلي جون مايون نه صرف روڊن تي نڪري آيون پر پوري هندستان ۾ عورتن جي عدم تحفظ واري نڪتي تي هڪڙي زبردست تحريڪ هلي. جنهن نه صرف عوام کي متحرڪ ڪيو پر پارليامينٽ کي به مجبور ڪيو ته عورتن جي تحفظ لاءِ ڪي خاطر خواهه اپاءُ وٺي.
اهڙي طرح انا هزاري پاران ڪرپشن خلاف اٿاريل سوال تي دهلي جي عوام پرجوش موٽ ڏني. ان ڪري اهو چيو پيو وڃي ته Charged عوام لاءِ اليڪشن هڪڙو بهترين موقعو هو جنهن ۾ هو روايتي سياست خلاف پنهنجو آواز اٿاري سگهن ۽ اروند ڪجريوال ان موقعي کي خوب ڪيش ڪيو.
دهلي ۾ رهندڙ ٻين رياستن جي خلق خاص طور تي UP، بهار ۽ مسلمان ووٽرن جو رجحان پڻ عام آدمي لاءِ هو. ڇاڪاڻ ته دهلي ۾ ڪانگريس ۽ BJP جا اميدوار Satus quo جا حامي هئا. عام آدمي جي پارٽي ۾ رضاڪارن جو وڏو هٿ هو. جيئن جيئن پارٽي منظم ٿيندي وئي اهڙي طرح نه صرف دهلي جا رهندڙ بلڪه هندستان کان ٻاهر رهندڙ پڙهيل لکيل هندستانين دهلي اچي رضاڪارنه طور تي چونڊ مهم ۾ حصو ورتو چون ٿا ته لڳ ڀڳ 50 کن رضاڪار يورپ، آمريڪا ۽ ٻين ملڪن کان اچي ڪري مهم جو حصو ٿيا. اهو ئي سبب هو جو عام آدمي جي پارٽي سوشل ميڊيا کي غير روايتي انداز سان عوام تائين پهچائي ڇڏيو. Voice Massege ،فيس بڪ، ٽئٽئر ۽ موبائل مسيجيز جو نه اڻکٽ سلسلو هو جنهن دهلي وارن کي يقين ڏياريو ته واقعي همراهه فيلڊ ۾ موجود آهن.
اها به هڪڙي دلچسپ حقيقت هتي ته عوامي مهم ۾ انتهائي گهٽ خرچ ڪندڙ پارٽي اليڪشن ۾ وڏي ڪاميابي حاصل ڪئي. دهلي تي 15 سال حڪومت ڪندڙ شيلاڊڪشٽ خلاف اروند گجريوال اليڪشن وڙهي ۽ 25000 جي واضح برتري سان ڪامياب ٿيو. عام آدمي پارٽي مطابق اروند گجريوال فقط 3 لک خرچ ڪيو جڏهن ته مخالفن مطابق سندن 16 لک خرچ ٿيا پر هو ٻڌائين ڪو نه ٿا. اهو ئي سبب هو جو اليڪشن ڪميشن انڪوائري به ڪئي.
چون ٿا ته دهلي ۾ هرو ڀرو ڪا بيڪار حڪومت نه هئي، دهلي جي 15 سالن کان وزيراعليٰ رهندڙ مائي شيلا ڊڪشٽ دهلي شهر تي ايترو خرچ ڪيو هو جو انکي ورلڊ ڪلاس شهرن ۾ شمار ڪيو پيو وڃي. خاص طور تي روڊ رستن، فلاءِ اورز ۽ ميٽرو سروس جهڙيون عاليشان ترقياتي اسڪيمون هن مائي جي ئي دور ۾ ٿيون. ان کان سواءِ روزگار جا ذريعا ۽ نوجوانن لاءِ لاتعداد سماجي ۽ معاشي پروگرامن تي اربين روپيا خرچ ڪيا ويا. اهو ئي سبب آهي جو دهلي جي في ڪس آمدني پوري ملڪ کان بهتر آهي ۽ هن رياست ۾ GDP جو تناسب 10 سيڪڙو رهيو جيڪو پوري هندستان ۾ ساڍا 8 سيڪڙو آهي،.
پر پڙهيل لکيل ماڻهن جي هن شهر ۾ ڪرپشن جو ٽڪو به لڪل نه رهيو خاص طور تي گذريل سال اولمپڪ وارين راندين ۾ غضب جي ڪرپشن دهلي وارن حڪمرانن کي سڱن تي کڻي ڏنو. چون ٿا ته شيلا ڊڪشٽ کي جيڪا شڪست آئي آهي ان ۾ ٻين سمورن سببن سان گڏ ٽماٽن ۽ سائي ڀاڄي جي اگهن ۾ اضافو مکيه ڪارڻ هو. ياد رهي ته اهو ٽماٽن جو وڌندڙ اگهه ئي هو جنهن 1998ع ۾ BJP جي دهلي ۾ حڪومت کي گهر ڀيڙو ڪيو هو.
باوجود ان جي ته شيلا ڊڪشٽ دهلي جي ترقي ۾ وڏو ڪردار ادا ڪيو پر عام آدمي پارٽي جي اليڪشن مهم ۾ هن مائي کان وٺي پريانڪا گانڌي جي مڙس رابرٽ واڌوا تائين سڀني جا ڪرپشن جا ڪچا چٺا دهلي وارن سامهون کوليا. اهو ئي سبب هو جو دهلي وارن جي ڪاوڙ ڪانگريس جي اڳواڻ پريم سنگهه کان سيٽ کسي ورتي جيڪو 1958ع کان مسلسل ڏهون ڀيرو اليڪشن کٽيندو آيو هو.
چون ٿا ته عام آدمي پارٽي کي سڀ کان وڌيڪ حمايت انهن ماڻهن جي به هئي جن کي سرڪار شهر ۾ ترقي جي نالي تي نيڪالي ڏني ۽ هزارن جي تعداد ۾ ماڻهو بي گهر ٿيا. عام آدمي پارٽي جا رضا ڪار انهن Slums ۾ رهيا. ئي ۽ اليڪشن مهم هلائي ۽ اليڪشن کٽي نڪتا جيتوڻيڪ دهلي ۾ حڪومت سازي وارو عمل رڪيل آهي ڇاڪاڻ ته BJP کي به سادي اڪثريت مليل ناهي. ان ڪري اهو پڻ چيو پيو وڃي ته دهلي ۾ ڊيڊ لاڪ شايد گورنر راڄ سان ختم ٿئي ۽ وري نئين اليڪشن جو شيڊيول سامهون اچي. جيڪڏهن واقعي به نئين اليڪشن جو اعلان ٿئي ٿو ته پوءِ عام آدمي پارٽي لاءِ يقينن وڏو چيلينج هوندو. ڏسجي ته لال قلعي تي ٻهاري وارو جهنڊو جهولي ٿو يا عام آدمي وري ٿو دهلي جي ٺڳن جي ور چڙهي.

below article banner

پنهنجو رايو ڏيو

توهان جو اي ميل پتو ظاهر نه ڪيو ويندو. گهربل معلومات تي هيءَ نشان لڳل آهي: *

*

You may use these HTML tags and attributes: <a href="" title=""> <abbr title=""> <acronym title=""> <b> <blockquote cite=""> <cite> <code> <del datetime=""> <em> <i> <q cite=""> <strike> <strong>

صفحي جي چوٽيءَ تي وڃو