Home / سنڌ افيئر / ڀلاڙي بديڻا، تنهنجا ڀاڳ! بجيٽ ۾ هن سال به بدين ضلعو نظر انداز
above article banner

ڀلاڙي بديڻا، تنهنجا ڀاڳ! بجيٽ ۾ هن سال به بدين ضلعو نظر انداز

Allah Bachayoجون 2014ع تي سنڌ جي وڏي وزير سيد قائم علي شاهه، سنڌ اسيمبلي جي هڪ خصوصي اجلاس ۾ سنڌ جي نئين مالي سال 15-2014 جي 686 ارب 17 ڪروڙ 94 لک روپين جي ڪاٿي جي بجيٽ ايوان ۾ منظوري لاءِ تاڙين جي گونج ۾ پيش ڪئي. هي بجيٽ ڪيتري عوام دوست آهي يا مورڳو عوام دشمن بجيٽ آهي، هن بجيٽ سان سنڌ ۾ ڪيتري ترقي ٿيندي، غربت گهٽجندي يا مورڳو وڌندي، مهانگائي جو جن بوتل ۾ بند ٿيندو يا مورڳو مهانگائي جي جنِ جي جاءِ ڪو ڪارو مها ديو اچي والار ريندو؟ ڪا خبر ناهي!

سنڌ جون هر سال جون جي مهيني ۾ عوام جي چونڊيل ايوان ۾ پيش ٿيندڙ بجيٽون واقعي ڪي دنيا جي سڌريل ملڪ ۾ هر سال پيش ٿيندڙ سچين سالياني ملڪي، صوبائي بجيٽ جهڙيون آهن يا رڳو هر سال انگن اکرن جي ڪوڙي راند ڪري هن هڪ ڏتڙيل ۽ بنهه غريب ملڪ جي عوام کي حڪمران بي وقوف پيا بڻائين. اصل ۾ جيئن هاٿي جا ڏند ڏيکارڻ جا هڪڙا ۽ کائڻ جا ٻيا هوندا آهن ۽ تيئن هن ملڪ جا حڪمران پڻ هر سال ڪوڙن، ڪاغذن جا پيٽ ڀري ايوان ۾ ڪلاڪن تائين ڊگهيون تقريرون ڪري هر سال اهڙا تماشا ڪندا رهن ٿا ۽ هتان اسان جا چونڊيل عوامي نمائندا انهن ايوانن جي عزت ۽ وقار جي بي حرمتي ڪري يا ته ويٺا اسيمبلين ۾ ننڊون ڪندا آهن يا حڪمران ڌر جا جيالا، ميزون ۽ ڊيسڪون وڄائي ته ڪڏهن ڪڏهن وڏا رانڀاٽ پڻ ڪندا رهندا آهن.

انهن مٿين سڀني ڳالهين تي ڪو خاص تبصرو ڪرڻ کانسواءِ اڄ اسان هتي هر سال جي سنڌ جي پيش ٿيندڙ انگن اکرن جي راند عرف سالياني بجيٽ واري ٿيندڙ تماشي بدين ضلعي کي سري سان نظرانداز ڪرڻ تي حڪمرانن کان ڪجهه سوال پڇڻ چاهيون ٿا ته آخر بدين ضلعي جي عوام کي ڪهڙن ڏوهن جي سزا ڏني پئي وڃي؟ پيپلز پارٽي جي موجوده چونڊيل عوامي حڪومت بدين ضلعي سان ڇو ماٽيلي ماءُ وارو سلوڪ ڪري ان کي اڃا وڌيڪ تباهه ۽ برباد ڪرڻ گهري ٿي؟ ان جو اصل بنيادي ڪارڻ ڪهڙو آهي. سنڌ اسيمبلي جي ايوان ۾ پيش ڪيل نئين سال جي مٿين ڄاڻايل کربين روپين جي بجيٽ ۾ بدين لاءِ ڪو به عوامي ڀلائي واري وڏي ترقياتي رٿا ڇو شامل نه آهي.

وڏي وزير سيد قائم علي شاهه جي انگريزي ۾ ڪيل ڊگهي بجيٽ تقرير ته اسين ٻڌي نه سگهيا سين نه ئي هن وقت اسان وٽ سنڌ جي نئين سال جي بجيٽ جي ڪا ڪاپي آهي البته 14 جون جي اخبارن ۾ بجيٽ جا جيڪي تفصيل شايع ٿيا آهن انهن ۾ ڪٿي به بدين جو ڪو نالو نشان نه آهي . بجيٽ ۾ سنڌ جي تخت گاهه واري شهر ڪراچي، حيدرآباد، سکر، لاڙڪاڻو، نوابشاهه، ميرپور خاص، سانگهڙ، دادو، ٿرپاڪر، ٺٽو، ڪشمور، جيڪب آباد سان به ٻه اکيائي صاف ظاهر آهي. نوابشاهه کي هڪ ارب 53 ڪروڙ 16 ڪروڙ 92 لک، ڪراچي کي ٻه الڳ لڳ جيڪي ترقياتي پيڪيج ڏنا ويا آهن. جڏهن ته ڪشمور- ڪنڌڪوٽ، دادو، جيڪب آباد جي ضلعن کي هر هڪ لاءِ فقط 40 ڪروڙ سانگهڙ کي فقط 50 ڪروڙ ۽ ڀيانڪ ڏڪار جي سٽيل ٿرپاڪر ضلعي سان پڻ بي حسي ۽ ٻه اکيائي جو مظاهرو ڪندي هن مظلوم ٿرين جي غريب ٿرين ضلعي جي ترقي لاءِ پڻ فقط 40 ڪروڙ روپين جي رقم رکي ويئي آهي. جڏهن ته ٿرين جي علاج لاءِ صحت کاتي جي هڪ خصوصي رٿا لاءِ 11 بسترن جي هڪ موبائيل هيلٿ يونٽ قائم ڪرڻ واسطي هڪ ارب 20 ڪروڙ روپين جي بجيٽ ۾ جيڪي رقم رکي وئي آهي تن منصوبن جي ڪاميابي به سواليه نشان آهي.

بدين جو دنگائي، ڏتڙيل ۽ ڪنگال بڻايل هٿرادو ۽ قدرتي آفتن جي سٽيل تاريخي ضلعو ٺٽو جنهن کي ٽوڙي تازو ٻيو ضلعو سجاول ٺاهيو ويو آهي. ضلعن جي هن خصوصي پئڪيج ۾ هن دفعي ضلعي ٺٽي کي پڻ شامل ڪيو ويو آهي، جنهن جي ترقي لاءِ به پئڪيج هڪ 40 ڪروڙ روپين جو ۽ ٻيو 50 ڪروڙ روپين جو ڊولپمينٽ پلان جي نالي واري منصوبي لاءِ پئڪيج ڏنو ويو آهي. انهن 40 ۽ 50 ڪروڙن مان ضلعي ٺٽي جي ڪهڙي ترقي ٿيندي پوءِ به هن سال جي بجيٽ ۾ ٺٽو ضلعو حڪمرانن جي نور نظر وارن ضلعن ۾ شامل ٿي ويو آهي، جو کيس خصوصي پيڪيج مليو آهي.

جڏهن ته اڳ ۾ بدين ۽ ٺٽي جا ڀاڳ تقريبن هڪ جهڙا ئي رهيا آهن. پر هاڻ شايد نئين ڀنڀور ڊويزن ۽ ذوالفقارآباد جهڙن تڪراري پرسرار منصوبن جي ڪري ضلعي ٺٽي جا ڀاڳ کلي رهيا آهن ۽ ٿي سگهي ٿو ته انهن ڀاڳن جي پويان اويس مظفر ۽ بحريه واري ملڪ رياض جا ڀاڳ پڻ شامل هجن. ٿرپارڪر ضلعي به اسان وارن ساڳي بنا ڀاڳ وارن ضلعن جي قطار ۾ سدائين شامل رهيو آهي. اسان وارن لاڙ جي ٻنهي تاريخي ضلعن بدين ٺٽي کان به ٿر جا لکين مظلوم ماروئڙا وڌيڪ ڏکويل آهن.

افسوس جو بدين ضلعو خصوصي پئڪيج وارن ضلعن جي قطار ۾ شامل ٿي نه سگهيو آهي پر شامل ڪيل ضلعن جي ترقياتي رقمن ۾ حڪمران ڌر جي اليڪشني تڪ وارن اباڻن ضلعن ۽ ڏتڙيل انتهائي غريبن ترين ضلعن جي ترقياتي خاص پئڪيج لاءِ مختص ڪيل رقمن جي انگن اکرن ۾ ڏينهن رات جي فرق ڪيل ۽ تفاوت واري ٻه اکيائي صاف نظر اچي رهي آهي جيڪا نه هئڻ گهرجي.

هونئن ته مجموعي طور تي سڄي سنڌ جا ڪراچي کان سواءِ سڀئي ضلعا تباهه ڪيا ويا آهن. اسان کي سنڌ ۾ ترقي يا خوشحالي ڪٿي به نظر نٿي اچي. هٿرادو آندل مهاٻوڏ ۾ سنڌو جي ٻنهي پاسن وارا اٽڪل سڀئي ضلعا ، ڪشمور کان ڪيٽي بندر تائين ۽ ڪمون شهيد کان ڪڍڻ تائين ٻوڙائي تباهه ڪيا وڃن ٿا. هن وقت به سنڌ جي ڪروڙين ماڻهن جي جياپي جو دارو مدار اڪيلو زرعي معيشت تي آهي. شينهن درياهه سنڌو آبڪلاڻي جي هنن جون ۽ جولاءِ جي مهينن ۾ سنڌ جي حدن ۾ سڪل آهي. ڪوٽڙي کان هيٺ پاڻي جو ڦڙو نه پيو وڃي. مٺو پاڻي نه ملڻ ڪري مست سنڌي مهاساگر مڇرجي وڻجارن ۽ سامونڊي پٽي تي حملا ڪري رهيو آهي. هي سٽون لکڻ وقت ٺٽي ۽ بدين جي سامونڊي پٽي ۾ قيامت جو منظر آهي. سمنڊ ختم ٿي ويل گهٽ شدت واري سنڌي سمنڊ ۾ پيدا ٿيل طوفان نانوڪ جي بهانو ڪري سامونڊين تي ڪاهي آيو آهي.

ٻنهي ضلعي جا سوين وڻجارن جا ڳوٺ کاري پاڻي هيٺ اچي ويا آهن. سامونڊي ويرن تباهي مچائي ڇڏي آهي. هزارين ڳوٺاڻا پنهنجا سر بچائي لڏ پلاڻ ڪرڻ تي مجبور ٿي ويا آهن. متاثرين جي ڪو به سار لهڻ وارو ناهي. 14 جون تي سنڌ جي وڏي وزير سيد قائم علي شاهه ميڊيا تي ڪيل هاءِ گهوڙا بعد متاثر علائقي جو دورو ڪيو ۽ متاثرن جي امداد لاءِ فقط ٻه ڪروڙ روپين جو اعلان ڪيو. متاثرن تائين مٺو پاڻي ۽ کاڌ خوراڪ پهچائڻ ۾ ضلعي ٺٽي جي انتظاميه ناڪام ثابت ٿئي آهي. هزارين معصوم انسان اڃ ۽ بک ۾ پاهه ٿي رهيا آهن. چونڊيل عوامي نمائندن جن ڪري کي نئين ڀنڀور ڊويزن ٺاهڻ جي تمام گهڻي تڪڙ هئي اهي هن ڏکئي وقت ۾ گم ٿي ويا آهن. سرڪاري ڪامورا اعلانيل امدادي رقم هڙپ ڪرڻ لاءِ ڪروڙيون رليف ڪئمپون ڏيکاري ڪوڙا رڪارڊ ٺاهڻ ۾ مصروف آهن. هن وقت سنڌ خاص طور تي لاڙ ۽ ٿر جا لکين ماڻهو پيئڻ جي مٺي پاڻي کان محروم آهن ۽ سنڌن جي زراعت سڪرات واري حالت ۾ آهي جنهن کي بچائڻ ۽ ان کي ترقي ڏيارڻ لاءِ واهن ۾ پاڻي فراهم ڪري ڀاڻ ۽ ٻج سستا ڪرڻ سميت حڪومت هن پيش ڪيل مالي سال جي بجيٽ ۾ هارين ۽ آبادگارن لاءِ ڪنهن خصوصي پئڪيج جو اعلان نه ڪيو آهي. بجيٽ ۾ آبادگارن کي هزارين ٽريڪٽرن جي رعايتي قيمت تي فراهمي جو اعلان ڪيو ويو آهي. روايتي طور اهي ٽريڪٽر پڻ ڪنهن حقدار ننڍي آبادگارن کي هر گز ملي نه سگهندا. اهي ٽريڪٽر پڻ حڪمران ڌر جا بااثر ڀوتار وڏيرا ۽ وڏا جاگيردار ٻهاري کڻي ويندا.

هن پيش ڪيل بجيٽ ۾ سنڌ جي جن 8 ضلعن ۾ نوان ڪيڊٽ ڪاليج ٺاهڻ جو اعلان ڪيو ويو آهي. انهن اٺ خوشنصيب ضلعن ۾ پڻ بدين جو نالو ڪٿي نظر نه ٿو اچي. واضع رهي ته هيل تائين بدين ضلعي ۾ نه ميڊيڪل ۽ نه انجنيئرنگ جو ڪو ڪاليج آهي ۽ نه ئي ڪو ڪيڊيٽ ڪاليج ۽ نه ئي ڪا هڪ به يونيورسٽي آهي. بدين ۾ سنڌ يونيورسٽي جي هڪ لاڙ ڪيئمپس آهي. جيڪا پاڻ بنيادي مسئلن جو شڪار آهي. نه گهڻا شعبا آهن ۽ نه ئي گهربل استاد ۽ نه ئي ڪئمپس جي ڪا عمارت آهي. گذريل ڪيترن ئي سالن کان نالي ماتر هلندڙ بدين ڪيمپس، بدين ڊگري ڪاليج ۽ ٻين کاتن جي اڌاري زبون ۽ خسته حال عمارتن ۾ هلي رهيو آهي. لاڙ ڪئمپس جي پنهنجي عمارت ٺهرائڻ لاءِ ڪيترائي سال اڳ زمين پڻ خريد ڪئي وئي هئي. زمين جي خريداري ۽ ڪئمپس جي نئين عمارت ٺهرائڻ سنڌ حڪومت طرفان مختص ڪيل اربين روپين جي رقم جو ڪو به ڏس پتو ڪونهي. يقينن لاڙ ڪئمپس جي عمارت جي تعمير لاءِ جاري ڪيل اربين روپين جي رقم ڪرپشن جي ور چڙهي بااثرن ۽ سرڪاري ڪامورن جي پيٽ ۾ هلي وئي آهي ۽ اهي پڻ رپورٽون آهن ته بدين تي راڄ ڪندڙ بااثر ماڻهو ڪمئپس لاءِ خريد ڪيل اربين روپين جي ماليت جي زمين جو پلاٽ ڦٻائڻ لاءِ ننهن چوٽي جو زرو لڳائي رهيا آهن. بدين ضلعو جيڪو ايل بي او ڊي سبب گذريل اٽڪل 20 سالن کان مها خوني ٻوڏن جي ور چڙهي تباهه ٿي رهيو آهي. جنهن کان بدين واسين کي ڇوٽڪارو ڏيارڻ ۽ برساتي ٻوڏن واري پاڻي جو متبادل ڇوڙ ڪرائڻ مٿين ضلعي کان ايندڙ ٻوڏن واري پاڻي کي روڪڻ ۽ سامونڊي ٻوڏ جي روڪٿام لاءِ سنڌ جي هن پيش ڪيل نئين بجيٽ ۾ ڪا به رٿا شامل نه آهي.

هڪ اخبار ۾ سنڌ جي وڏي وزير سيد قائم علي شاهه جي بجيٽ تقرير جي حوالي سان مورڳو اها خبر رپورٽ ٿي آهي ته گذريل مالي سال دوران ايل بي او ڊي سميت آبپاشي ۽ ڊرينج جون رٿائون مڪمل ڪيون ويون آهن ۽ 15 ارب روپين جي لاڳت سان ڍورو پراڻ فيز ون سميت ايل بي او ڊي ۽ ڪوٽڙي ڊرينج نيٽ ورڪ سسٽم جي بحالي ڪيو ويو آهي. وڏي وزير جي حوالي سان اها رپورٽ جيڪڏهن درست آهي ته پوءِ بدين جو الله واهي آهي. ڇاڪاڻ ته پاڻي جي سمنڊ ۾ نيڪال جا سمورا رستا بند آهن. ايل بي او ڊي جا سمورا خوني تباهه ٿيل سم نالا ساڳي خطرناڪ حالت ۾ آهن. مٿان سانوڻي برساتن جي مند سر تي چڙهي آئي آهي.

15 ارب روپين جي رقم سرڪاري ڪامورا، وزير ۽ بااثر هڙپ ڪري ويا آهن. ٿڏي تي ڪو به ڪم ٿيل ناهي ۽ سنڌ جو وڏو وزير چوي ٿو ته برساتي ٻوڏ واري پاڻي جي نيڪال جا منصوبا گذريل مالي سال ۾ مڪمل ٿي ويا آهن. ان کان وڌيڪ انڌير نگري ڪهڙي ۽ ڪٿي ٿيندي آهي؟ بدين ضلعن سان اها ڪار گذريل ڊگهي عرصي کان جاري آهي. بدين کي رڳو هن سال جي بجيٽ ۾ نظر انداز نه ڪيو ويو آهي. ساڳي پيپلز پارٽي جي اڳواڻن وفاقي ۽ سنڌ حڪومت جي ڪنهن به سالياني مالي بجيٽ ۾ بدين ضلعي لاءِ ڪو به هڪ قابل ذڪر ترقياتي منصوبن شامل نه ڪيو ويو.

هن بجيٽ ۾ هي ضلعن جا اهڙا وڏا روڊ تعمير ڪرائڻ جا منصوبا شامل ڪيا ويا آهن بدين ضلعي ۾ ڪنهن هڪ به اهڙي سٺي روڊ جو منصوبو بجيٽ ۾ شامل نه ڪيو ويو آهي. بدين ضلعو جيڪو تيل گئس ۽ قدرتي وسيلن جي پيداوار ۾ سڄي ملڪ جو شاهوڪار ترين ضلعو آهي. جيڪو بدنصيبي سان هن وقت سڄي ملڪ جو غريب ترين ڏتڙيل ضلعو بڻجي ويو آهي.

بدين کي ڪنهن غريبن ضلعو بڻايو ويو آهي، بدين کي آخر ڇو بدين کي نظر انداز ڪيو پيو وڃي؟ اهڙن سوالن جي جواب لاءِ “افيئر” طرفان قومي عوامي تحريڪ ضلعي بدين جي بزرگ اڳواڻ ڪامريڊ نور محمد پنهور سان ربطو ڪيو ويو. هن چيو ته ، “بدين ضلعي کي تباهه ۽ غريب بڻائڻ وارا عوام جا چونڊيل نمائندا آهن جن جو تعلق پيپلز پارٽي سان آهي. اهي چونڊيل نمائندا پاڻ ڪک پتي مان ارب پتي ٿي ويا آهن ۽ بدين جي امير ترين ضلعو تباهه ٿي ڪنگال ٿي ويو آهي.” هن چيو ته بدين جي تباهي ۽ بربادي جو هڪ حد تائين ذميوار بدين جو عوام آهي جيڪو 1970ع کان وٺي هر اليڪشن ۾ هڪ ئي پارٽي جي نااهل ۽ بدعنوان اميدوار کي پنهنجا قيمتي ووٽ ڏيئي رهيو آهي.

بدين جي سماجي اڳواڻ ڪفايت سنڌي چيو ته جيسيتائين بدين جا ماڻهو ساڳي آزمايل سياسي پارٽي ۽ ساڳين نااهل اميدوارن کي پنهنجا ووٽ ڏيندا رهندا تيستائين بدين ۾ ڪا به ترقي نه ٿيندي. هن چيو ته بدين جا چونڊيل عوامي نمائنده ئي اصل ۾ بدين جي ترقي جا دشمن آهن.

below article banner

پنهنجو رايو ڏيو

توهان جو اي ميل پتو ظاهر نه ڪيو ويندو. گهربل معلومات تي هيءَ نشان لڳل آهي: *

*

You may use these HTML tags and attributes: <a href="" title=""> <abbr title=""> <acronym title=""> <b> <blockquote cite=""> <cite> <code> <del datetime=""> <em> <i> <q cite=""> <strike> <strong>

صفحي جي چوٽيءَ تي وڃو