Home / افيئر /   ڊاڪٽر موتي پرڪاش: خاص کي خون بڻائڻ وارو سنڌي!
above article banner

  ڊاڪٽر موتي پرڪاش: خاص کي خون بڻائڻ وارو سنڌي!

نصير اعجاز

 انٽرنيٽ جي جديد زماني ۾ ٽپال رستي خط پٽ موڪلڻ بند ٿي ويو آھي، پر اڳي ٽپال رستي آيل خط وڏي اھميت رکندا ھئا. مان پنھنجي ويجھن يارن دوستن، اديبن، سياسي ۽ قومي ڪارڪنن ۽ ليڊرن جا موڪليل خط پاڻ وٽ سنڀاليندو ويندو ھئس. ڊاڪٽر تنوير عباسي، گل محمد کتري، انعام شيخ، عبدالواحد آريسر، ڊاڪٽر قادر مگسي، قمر ڀٽي، حفيظ ڪنڀر، عزيز رانجھاڻي ۽ ٻين ڪيترن ئي دوستن جا خط اڃا به مون وٽ سنڀالي رکيل آھن. وڏو وقت گذرڻ جي ڪري انھن خطن جي حالت زبون آھي. ھڪ زماني ۾ برساتن دوران مسواڙي گھر جي ڇت ٽمڻ جي ڪري انھن خطن کي وڏو نقصان پھتو، پر مون وري به ڪجھه خط بچائي ورتا. منھنجي لاءِ اھي بچي ويل خط وڏي خزاني جي حيثيت رکن ٿا.

مون ھن ڀيري سنڌ جي ھڪ عظيم آرٽسٽ گل محمد کتريءَ تي لکڻ ٿي چاھيو جنھن لاءِ  اوجھا سينيٽوريم مان مون ڏي لکيل سندس حياتيءَ جو آخري خط ڳوليندي ڦوليندي سائين ڊاڪٽر موتي پرڪاش ۽ سندس گھر واري ڪلا موتي پرڪاش جو خط ھٿ اچي ويو جيڪو سندن ھٿ اکرن سان لکيل آھي. اھو خط ھنن 1984 ۾ سنڌ جي دوري کانپوءِ واپس وڃي لکيو ھو. ساڻس سندس گھرواري دادي ڪلا پرڪاش به گڏ ھئي، جيڪا پاڻ به ناليواري ليکڪا آھي ۽ ڪيترائي ايوارڊ حاصل ڪري چڪي آھي. انڊين ھاءِ اسڪول دُبئي جي پرنسيپال واري ليٽرھيڊ تي موڪليل خط جا اکر به سائين موتي پرڪاش وانگر موتيءَ داڻا آھن. سنڌ کان پري ھوندي به سندن لکڻيءَ ۾ ڦير نه آيو ھو. ايتري ته صاف ۽ وڻندڙ لکڻي جو شايد سنڌ ۾ رھندڙ اسان جھڙن گھڻن ئي سنڌين جي لکڻيءَ کان سئو ڀيرا وڌيڪ بھتر آھي.

خط تي 6 ڊسمبر 1984 جي تاريخ لکيل آھي. ھو لکن ٿا: ڀاءُ، اسانجي چوڏھن ڏينھن جي سنڌ جي سفر ۾ اوھانجي سنگ، قرب ۽ سڪ جيڪا سُرھاڻ ڀري، تنھن لاءِ اسين توھان جا ٿورائتا آھيون. اسين توھان ڏانھن پنھنجي دوستيءَ جو ھٿ وڌايون ٿا ۽ توھانجي ۽ توھانجي عيال جي آسودگيءَ لاءِ دعا مڱون ٿا.

ٽڙي پوندا ٽاريئين جڏھن ڳاڙھا گل، تڏھن ملنداسين (اياز)

توھانجا ڪلا موتي ۽ موتي پرڪاش

ورھاڱي وقت سورھن ورھين جي ڄمار ۾ ميرپور بٺوري، ضلعي ٺٽي مان اباڻا ڪک ڇڏڻ کانپوءِ سنڌ گھمڻ جو سندن شايد اھو پھريون موقعو ھو، جو ساڻن آيل ھڪ ٻئي دوست (سندن نالو ياد نٿو اچي) ڪراچي پريس ڪلب ۾ سندن مان ۾ ڏنل دعوت ۾ تقرير ڪندي چيو ھو؛“ ممبئي کان ڪراچي، سنڌ اچڻ لاءِ (ھوائي جھاز ۾) فقط ڏيڍ ڪلاڪ لڳي ٿو، پر اسان کي اھو فاصلو طئي ڪرڻ ۾ 37 سال لڳي ويا آھن.”

ڪراچي پھچڻ تي ھو ڪجھه ڏينھن صدر واري علائقي جي ھوٽل جبيس ۾ ترسيا ھئا، جتي ساڻن ملي اسان کين پريس ڪلب ۾ آجياڻي جي دعوت ڏني ھئي. پريس ڪلب جي آجياڻي ۾ مون سائين موتي پرڪاش کي ڪپڙي تي ڀرت سان ٺھيل سنڌ جو نقشو يادگار سُوکڙيءَ طور پيش ڪيو ھو.

سائين ڊاڪٽر موتي پرڪاش دنيا جي ڪُنڊ ڪُڙڇ ۾ رھندڙ ھر سنڌيءَ لاءِ، ويندي پنھنجي ڌرتي ماتا سنڌ ۾ جياپي جي ڪشمڪش ۾ ڦاٿل سنڌين لاءِ به، ھڪ آدرش ۽ مثالي ڪردار آھي، جنھن سنڌ مان بي گھر ٿي ڌاري ڌرتيءَ تي ڏکين حالتن ۾ وقت جي ھر طوفان جو نه رُڳو  پاڻ مقابلو ڪيو ۽ ڳاٽ اُوچو ڪري منزلون طئي ڪندو، ترقيءَ جون ڏاڪڻيون چڙھندو ويو، پر ھر سنڌيءَ کي ھمٿايو. سندس سموري حياتي ان مقصد سان گذري آھي ته سنڌي ھڪ عظيم قوم طور اُڀرن، ڪنھن جي آڏو ھٿ نه ٽنگن ۽ پنھنجي پيرن تي بيھن.

1980 واري ڏھاڪي ۾ اِلسٽريٽيد وِيڪلي آف انڊيا Illustrated Weekly of India  رسالي جي ٽائيٽل اسٽوري انھن سنڌين متعلق ھئي، جيڪي ننڍي کنڊ جي ورھاڱي وقت ھندستان لڏي ويا پر بي گھر، لُٽجي، تباھه ٿي ڌاري ڌرتيءَ تي پھچڻ جي با وُجود ھنن ڪنھن کان خيرات نه گھري. ھنن بک ڪاٽڻ کي پنڻ تي ترجيح ڏني ھئي. انڊين رسالي لکيو ھو ته سنڌين جي ننڍڙن ٻارن به پنڻ بدران ٿالھين ۾ کٽمٺڙا کڻي وڪڻڻ شروع ڪيو ھو. ھڪ واقعي جو ذڪر ڪندي لکيل ھو ته ريلوي اسٽيشن تي کٽمٺڙا وڪڻندڙ سنڌي ٻار تي رحم ڪندي ڪنھن ماڻھوءَ ڪجھه کٽمٺڙا وٺي اصل قيمت کان وڌيڪ پئسا ڏنا، پر ھن ٻارڙي ھڪدم باقي پئسا واپس ڪندي چيس ته ھو خيرات ڪونه وٺندو.

پُونا ۾ ساڌو واسواڻي مشن جو پيشوا دادا جشن پي واسواڻي به ڊاڪٽر پرسو جيسرام گدواڻيءَ جي ڪتاب Glimpses of Sindhi Language    جي مُھاڳ ۾ لکي ٿو ته: سنڌ ۾ به ڪڏھن سنڌي ھندوءَ کي ڪنھن پنندي ڪونه ڏٺو ۽ انڊيا ۾ به ھنن عزم ڪيو ھو ته فاقه ڪڍبا پر ڪنھن آڏو ھٿ نه ڊگھيربو. ٻارڙا ڏينھن جو اسڪول ويندا ھئا ۽ شام جو رستن، ريلوي اسٽيشنن تي ۽ ٽرينن ۾ شيون وڪڻندا ھئا.

سائين موتي پرڪاش ۽ سندس گھراڻي بهايئن ئي خُودي ۽ عزتِ نفس کي مٿانھون رکي جيئڻ جو عزم ڪيو ھو.  انڊيا ۾ ھڪ سنڌي صحافڻ منيڪا شيوداساڻيءَ کي انٽرويو ڏيندي سائين موتي پرڪاش پنھنجي ڪھاڻي ھن ريت ٻڌائي ٿو: “15 مئي 1931 تي منھنجو جنم ٿيو ۽ جڏھن مان اڃا سورھن ورھين جو ھئس ته ورھاڱي جي نتيجي ۾ ھندستان لڏڻو پيو. بابا سُکرامداس شرما سنڌ ۾ ننڍو کاتيدار ۽ ڳوٺ جو پوسٽ ماسٽر ھو. بابا پنھنجي ڳوٺ جو پھريون شخص ھو جنھن ممبئي يونيورسٽيءَ مان مئٽرڪ ڪئي ھئي. ورھاڱي کانپوءِ اسان کي جواھر ڪئمپ ديولالي ۾ ھڪ ننڍڙي بئرڪ الاٽ ڪئي وئي جتان پوءِ اسان ممبئي لڏي وياسين ۽ اتي ھڪ ننڍڙي ڪمري ۾ ڏھه ڀاتي رھندا ھئاسين. ان وقت تائين بابا کي نوڪري نه ملي سگھي ھئي پر پوءِ نيٺ مدراس ويجھو سيواڪاسي ۾ نوڪري ملي وئي. تڏھن بابا منھنجي ھٿ تي ڏھه رُپيا رکي چيو ھو ته ھاڻي گھر ڀاتين جي سڄي ذميواري مون تي آھي.”

“مون 1951 ۾ ايس ايس سي بورڊ پُونا مان ايس ايس سي امتحان پاس ڪيو ۽ جلد ئي ماستري شروع ڪيم. نوڪريءَ سان گڏ پڙھڻ به چاھيم پر ڪلاس ۾ وڃي نه سگھندو ھئس. 1956 ۾ بي اي آنرس پاس ڪيم ۽ ان وچ ۾ بابا به واپس ممبئي اچي ويو پر اسان اڃا به انھيءَ ننڍڙي ڪمري ۾ رھندا ھئاسين. اسان کي جياپي لاءِ وڏي جاکوڙ ڪرڻي ٿي پئي. منھنجا ننڍڙا ڀائر اسڪول جي في ڀرڻ لاءِ گلاب ڄمون وڪڻندا ھئا.”

سائين موتي پرڪاش غيرمعمولي صلاحيتن جو مالڪ آھي. ھو ھڪ ئي وقت شاعر، ناول نگار، ڪھاڻيڪار، سنڌيڪار، ڊراما ليکڪ، براڊڪاسٽر،  اداڪار، صحافي ۽ تعليمي ماھر آھي. ھن بي ايڊ ۽ سنڌيءَ ۾ پي ايڇ ڊي به ڪئي ۽ اسڪولن ۾ استاد طور نوڪري به ڪندو رھيو. استاد طور ھن سڀ کان پھريائين سنڌ ڪاسموپوليٽن اسڪول ممبئيءَ ۾ نوڪري شروع ڪئي ھئي جتان ٽن ورھين کانپوءِ ممبئيءَ ۾ ئي ڪي جي کلناڻي ھاءِ اسڪول ۾ وڃي لڳو ۽ ترقي ڪندي پرنسيپال جو عھدو ماڻيائين. 1977 تائين ھو اتي رھيو جڏھن کيس دبئيءَ ۾ سنڌين جي قائم ڪيل انڊين ھاءِ اسڪول جي پرنسيپال طور چونڊيو. نار وارين رياستن ۾ ان اسڪول جي وڏي اھميت ھئي جو ان وقت به اتي 600 کان وڌيڪ ٻار پڙھندا ھئا. سائين موتي پرڪاش ان اسڪول جو پھريون پرنسيپال ھو ۽ سن 2000 تائين ان عھدي تي رھي رٽائر ٿيو پر وري کيس ٻن سالن لاءِ اتي ريڪٽر ڪري رکيو ويو، جنھن کانپوءِ ھو واپس ھندستان ھليو آيو. کين سنڌي ٻارن جي تعليم جو تمام گھڻو اُونو رھيو آھي. ھن وقت به ھواديپور ۾ انڊين انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجي ۽ ساڌو ھيرانند نولراءِ اڪيڊميءَ جي بورڊ ۽ ٽرسٽ جو ميمبر آھي ۽ سنڌي ٻولي، ادب ۽ ثقافتَ جي واڌ ويجھه لاءِ جاکوڙي رھيو آھي.

جياپي جي جنگ، ادب ۽ فن سان سندس لگن کيس بيچين ڪري سدائين سرگرم رکيو. ان بيچينيءَ جو اظھار سندس ھنن لفظن مان ٿئي ٿو؛ “تاريخي طور سنڌين جي اندر ۾ عدم سلامتيءَ جو احساس موجود رھيو آھي ڇوته خيبر پاس کان سدائين سنڌ تي ڌارين جون يلغارون ٿينديون رھيون آھن. ڌاريا جارح سدائين شاھوڪار سنڌ تي ڪاھون ڪري لُٽي برباد ڪري ويندا ھئا، تنھنڪري عدم سلامتيءَ جو احساس ڄڻ ته سنڌين جي رت ۾ سمايل آھي.”

سائين موتي پرڪاش اسڪولن ۾ پڙھائڻ سان گڏوگڏ آل انڊيا ريڊيو تي به ڪم ڪيو جتي 1956 کان 1967 تائين ھو ممبئي ۾ سنڌي سيڪشن جو انچارج رھيو. 1967 ۾ ئي ھو ريڊيو جي سنڌي خبرن واري شعبي جو به انچارج ھو. آل انڊيا ريڊيو، ممبئي لاءِ ان عرصي ۾ ھن اڍائي سئو کان وڌيڪ ڊراما ۽ فيچر تيار ڪيا. انڊيا جي وزارتِ اطلاعات ۽ نشريات جي فلم ڊويزن ۾ ھن ڪمينٽيٽر طور به ڪم ڪيو.  ٽيلي فلم “پنھنجا پراوا” ۾ ھن لِيڊ رول ۾ ڪم ڪري پنھنجا اداڪاريءَ جا جوھر به ڏيکاريا. ھن سنڌي سنگت تنظيم لاءِ سنڌي ٽيلي فلمن جا ڪيترائي اسڪرين پلي ۽ اسڪرپٽ به لکيا. سنڌي ٻولي ۽ ثقافت جي واڌاري لاءِ ھن اسٽيج ڊرامن جو به سھاري ورتو ۽ نه رُڳو ڊراما لکيائين پر انھن ۾ اداڪاري به ڪيائين. ان مقصد لاءِ قائم ڪيل “سنڌو ڪلا مندر” جو ھو پھريون سيڪريٽري ھو. آل انڊيا ريڊيو ۽ اسٽيج لاءِ لکيل ڊراما “رات ھڪ طوفان جي” ۽ “اڃا ته مان ننڍڙي آھيان” سندس مشھور ڊرامن ۾ ڳڻيا وڃن ٿا.

ڪيترن ئي ادبي ۽ تعليمي ادارن ۽ تنظيمن سان سندس وابستگي رھي. ھو سنڌي ساھت منڊل جو وائيس چيئرمين، سنڌو ڪلا نڪيتن جو بنياد وجھندڙ سيڪريٽري، اکل ڀارت سنڌي ٻولي ۽ ساھت سڀا سيڪريٽري ۽ ڪلچرل سيڪريٽري، انڊيا جي وزارتِ تعليم طرفان جوڙيل سنڌي ادب جي واڌاري واري ايڊوائيزري ڪاميٽيءَ جو ميمبر، مھاراشٽرا رياست جي درسي ڪتابن ۽ ڪريڪيولم واري بيورو جو ميمبر، مھاراشٽرا سيڪنڊري ۽ ھائر سيڪنڊري بورڊ آف ايجوڪيشن پاران يارھين ۽ ٻارھين درجي جي درسي ڪتابن جو ايڊيٽر، ساھتيا اڪيڊمي نئين دھليءَ جي سنڌي ايڊوائيزري بورڊ جو ڪنوينر، ان جي جنرل ڪائونسل ۽ ايگزيڪيوٽو ڪاميٽيءَ جو ميمبر ۽ نار وارين رياستن ۾ سينٽرل بورڊ آف سيڪنڊري ايجوڪيشن دھليءَ سان لاڳاپيل ا سڪولن جي ڪائونسل جو باني ۽ چيئرمن به رھيو. ھو 2003 ۾ ڀارتيه وديا ڀون نيويارڪ پاران ڪوٺايل ھندستاني ادب بابت ڪانفرنس ۾ به شريڪ ٿيو ھو.

ڳالھه اتي ئي نٿي کُٽي. سائين موتي پرڪاش ھڪ صحافيءَ جي حيثيت ۾ اخبارن لاءِ ڪالم لکيا. سندس ڪتابن جي لسٽ به وڏي آھي جن ۾ شاعريءَ جو ڳٽڪو “آءُ ته چوريون چنگ”، ناول “انڌيرو اُجالو”، مضمونن جو ڳٽڪو “ادبي گل”، ڊرامو “رات ھڪ طوفان جي”، ڊرامو “پردي اڳيان، پردي پٺيان”، ساروڻيون “دل جون ڳالھيون”، شخصيتن تي لکيل ساروڻين وارا خاڪا “ڏٺي ڏينھن ٿيام”، سنڌ جو سفرنامو “سي سڀ سانڍيم ساھه سين”، ممبئي يونيورسٽيءَ ۾ پي ايڇ ڊيءَ لاءِ “شاعريءَ ۾ سنڌي عورت” بابت ٿيسز، شاعريءَ جو ڳٽڪو “چڻنگ وِچ چولي”، ڪالمن جو مجموعو “جيءَ اندر جھاتيون”، شاعريءَ جو ڳٽڪو “تنھنجي ڳلِيءَ جون ڳالھڙيون”، ڪالمن ۽ مضمونن جو مجموعو “منھنجو وس واڪا”، ٻارن لاءِ شاعريءَ جو ڳٽڪو “گلڙن جا گيت” ۽ ٻيا ڪيترائي ڪتاب شامل آھن. ھن ٻين ٻولين جي ادب مان به ڪتاب سنڌيءَ ۾ ترجمو ڪيا جن ۾ تراشنڪر بينرجيءَ جو ناول “ڪليندي”، صدرالدين عيني جو ڪتاب Three men in a boat ، روميش مھتا جو ھندي ڊرامو “انڊر سيڪريٽري” شامل آھن.

تعليمي، ادبي ۽ ٻين اڻ ڳڻت خدمتن جي مڃتا طور سائين موتي پرڪاش کي ڪيترائي ايوارڊ ڏنا ويا. ذڪر جوڳن ايوارڊن ۾ تعليم واري وزارت پاران ٻارن لاءِ شاعريءَ واري ڪتاب “گلڙن جا گيت” تي ايوارڊ، آل انڊيا ريڊيو پاران قومي نغمن جي مقابلي ۾ پھريون انعام، اکل ڀارت سنڌي ٻولي ۽ ساھت سڀا پاران ادب ۾ غيرمعمولي ڪردار تي روڪ انعام وارو ايوارڊ، مھاراشٽرا سنڌي ساھت اڪيڊمي ايوارڊ، سنڌ جي سفرنامي “سي سڀ سانڍيم ساھه سين” تي ساھت اڪيڊمي ايوارڊ، نيشنل ايوارڊ فار ٽيچرس، پروفيسر رام پنجواڻي ادبي ايوارڊ، سھيوڳ فائونڊيشن ايوارڊ، ايشورٻائي جي بخشاڻي ادبي ايوارڊ، پريادرشن ادبي ايوارڊ، سنڌي اڪيڊمي نئين دھليءَ پاران لائيف ٽائيم اچيومينٽ ايوارڊ، سنڌي ٻوليءَ جي واڌاري واري نيشنل ڪائونسل پاران “تنھنجي ڳلِيءَ جون ڳالھڙيون” لاءِ سال 2006 جي بھترين ڪتاب جو ايوارڊ، اُتم ادبي ايوارڊ ۽ ٻيا شامل آھن.

ادب لاءِ چاھه سائين موتي پرڪاش کي ننڍپڻ کان ئي ھيو. “ورھاڱي کان اڳ ڳوٺ ۾ مان ۽ منھنجو دوست گل وسڻمل ٻرڙن جو رسالو ڪڍندا ھئاسين. گل جيئن ته 18 سالن جي عمر جو ھو تنھنڪري ھو ايڊيٽر طور پنھنجو نالو لکي ٿي سگھيو. اسان 6 مھينا کن رسالو ھلايو پر مٿان ورھاڱو ٿي ويو ۽ سڀ ڪجھه اڌ ۾ رھجي ويو“، ھن پنھنجي انٽرويوءَ ۾ ٻڌايو.

ورھاڱي سنڌين کي جيڪي عذاب ڏنا، تن سائين موتي پرڪاش جي اندر ۾ ٻرندڙ باھه کي ڀڀڙ جي شڪل ڏئي ڇڏي ھئي. سندس اندر ۾ ويٺل ليکڪ ڪنھن انقلاب ۽ تبديليءَ لاءِ بيچين ھو. “ممبئيءَ ۾ حياتي ڏاڍو ڏکين حالتن ۾ گذري رھي ھئي، پر تڏھن به اسان ترقي پسند اديب ھر ھفتي گڏبا ھئاسين. گڏجاڻين جو انتظام سنڌي ساھت منڊل جو صدر پروفيسر ايم يُو ملڪاڻي ڪندو ھو. اسان ڪھاڻيون ۽ شاعري لکي گڏجاڻين ۾ پڙھندا ۽ ان تي تبصرا ڪندا ھئاسين. ڪي اديب نوجوان ھئا جن انگريزن کي ھندستان مان ڪڍڻ واري تحريڪ ۾ حصو ورتو ھو. گوبند مالھي ۽ اي جي اُتم جھڙا شخص ترقي پسند ادب جا اھم ٿنڀا ھئا. اسان اھڙي شاعري ڪندا ھئاسين جنھن ۾ انقلاب ۽ تبديليءَ جو سڏ ڏنل ھوندو ھو. اسان ورھاڱي جو عذاب ڀوڳيو ھو تنھنڪري ممبئيءَ جي ڪلياڻ ڪئمپ ۾ وڃي شاعري ۽ ڪھاڻيون پڙھندا ھئاسين. ماڻھو وڏي تعداد ۾ گڏ ٿي اسان جي شاعري ۽ ڪھاڻيون ٻڌندا ھئا ۽ اھا ڳالھه اسان لاءِ اُتساھيندڙ ھئي”، ھو چوي ٿو.

ھندستان ۾ لکين سنڌي آھن پر اھي ٽڙيل پکڙيل آھن ۽ سنڌي ٻولي ۽ ثقافت تباھه ٿي رھيا آھن. ان ڳالھه جو احساس سائين موتي پرڪاش کي پريشان ڪري رھيو آھي. “اسان جي برادري ھندستان جي ڪنڊ ڪڙڇ ۽ سڄي دنيا ۾ ٽڙيل پکڙيل آھي. پنھنجي ڌرتي وڃائڻ سان اسان کي پنھنجي ٻولي ۽ ثقافت کان به محروم ٿيڻو پيو آھي. ممبئيءَ کانسواءِ ڪٿي به سنڌي اسڪول ڪونھن. جيڪي اسڪول ممبئيءَ ۾ ھئا سي به بند ٿي رھيا آھن. اڄ سنڌي اسڪول ڪاٿي آھن؟” ھن پنھنجي روحاني پِيڙا جو اظھار ڪندي چيو.

سنڌي ٻوليءَ کي انڊيا جي آئين ۾ قومي ٻوليءَ جو درجو ڏيارڻ واري تحريڪ جو حوالو ڏيندي سائين موتي پرڪاش چوي ٿو: “اسان ان جدوجھد ۾ ڪامياب ٿياسين، پر سنڌي ٻوليءَ لاءِ ديوناگري لِپي اختيار ڪرڻ لاءِ ھڪ ٻي تحريڪ ھلي پئي جنھن سنڌين لاءِ ھڪ ڀيرو وري ورھاڱو پيدا ڪري ڇڏيو. مون ۽ ٻين اديبن جو خيال ھو ته ديوناگري لِپي اختيار ڪرڻ سان اسان عربي لِپيءَ واري سموري سنڌي ادب کان ڪٽجي وينداسين ۽ اھو به ممڪن ڪونھي ته اھو سمورو ادب ديوناگري ٻوليءَ ۾ ترجمو ڪري سگھجي. شاعري ۽ ڪھاڻيون ته ٺھيو پر ڪي ٻيا ڪارائتا ڪتاب به ترجمو ڪونه ٿي سگھندا. ”

“ديوناگري لِپي اختيار ڪرڻ سان اسان پنھنجون پاڙون ڪپي ويٺا آھيون ۽ پنھنجي جنم ڀوميءَ کان ڪٽجي ويا آھيون،” ھن چيو.

ديوناگري لِپيءَ جي حامين جا دليل ٻڌائيندي سائين موتي پرڪاش چوي ٿو؛“سندن خيال موجب ان سان سنڌي سکڻ ۾ سولائي ٿيندي، پر حقيقت ۾ ان جي نتيجي ۾ سنڌي اسڪول ھندي ٻولي اختيار ڪري رھيا آھن. اسان انھيءَ ڪري ئي اصل سنڌي لِپي اختيار ڪرڻ جي حمايت پي ڪئي.”

“اڄ ھمعصر سنڌي ادب ڪوما جي حالت ۾ آھي. اسان جھڙا ڪي ٿورا ماڻھو انڊين انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجي قائم ڪري سنڌي ٻولي، ادب ۽ ثقافت کي بچائڻ جي ڪوشش ڪري رھيا آھن. اسان سمجھون ٿا ته سنڌي ٻولي ڳالھائڻ سان به سڄي دنيا ۾ پکڙيل سنڌين کي ھڪ ٻئي جي ويجھو آڻي سگھجي ٿو. اڄ سنڌي پڙھندڙ بنھه گھٽ آھن. اسان ھڪٻئي لاءِ لکون ٿا، پر جيڪڏھن ڪي ٿورا ماڻھو به ان کي ساراھين ته اھو اسان لاءِ گھڻو آھي،” سندس ھنن لفظن گھڻو ڪجھه چئي ڇڏيو.

سائين موتي پرڪاش 1984 کانپوءِ به شايد سنڌ آيو ھجي، پر ڏھه ورھين کانپوءِ 1994 ۾ کيس سنڌ گريجوئيٽس ائسوسيئيشن پاران ڪوٺيل “شاھ، سچل، سامي” انٽرنيشنل ڪانفرنس ۾ شرڪت لاءِ ھندستان جي 32 سنڌي اديبن سان گڏ اچڻ جو موقعو مليو ھو. ان وفد ۾ لڇمڻ ڀاٽيا ڪومل، سريش ڪيسواڻي، چيتو لالواڻي، نند جويري، ڊاڪٽر ستيش روھڙا ۽ ٻيا شامل ھئا. ھنن ڄامشوري ۾ انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجي، سنڌي ادبي بورڊ، سنڌ ٽيڪسٽ بُڪ بورڊ، سيوھڻ ۾ قلندر شھباز جي مزار ۽ ڀٽ شاھه ۾ ڀٽائيءَ جي درگاھ تي حاضري ڀرڻ سان گڏ پنھنجي جنم ڀومين جو به دورو ڪيو ھو. سائين موتي پرڪاش پنھنجي ليکڪ پٽ شريڪانت صدف سان گڏ بٺوري ويو ته ڪي اديب دڙي ۽ چوھڙ جماليءَ وڃي پھتا ھئا. افسوس ته تن ڏينھن ۾ مان ڪراچيءَ کان ٻاھر ھئس ۽ ڪنھن سان به نه ملي سگھيس.

سائين موتي پرڪاش وڏي ڄمار جي باوجود اڄ به پنھنجي مشن کي جاري رکيو اچي. ھن ٻين ڪن اديبن وانگر پنھنجي لکڻين ۾ صرف ڏک ۽ پِيڙا جو اظھار ڪرڻ بدران ان احساس کي پنھنجو ھٿيار بنايو ۽ سنڌين جي ھمت ۽ حوصلو وڌائڻ لاءِ “آنڌين ۾ جوت جاڳائڻ وارا سنڌي ۽ خاڪ کي سون بنائڻ وارا سنڌي” جھڙي لافاني شاعري ڏني، جيڪا اڄ انڊيا توڙي دنيا جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ رھندڙ سنڌين لاءِ قومي تراني جي حيثيت رکي ٿي. سندن ھر پروگرام ان قومي تراني کانسواءِ اڻپورو سمجھيو وڃي ٿو. ھاڻ ته سنڌ ۾ به سنڌين جي فنڪشنن ۾ اڪثر اھو گيت گونجي ٿو.

below article banner

پنهنجو رايو ڏيو

توهان جو اي ميل پتو ظاهر نه ڪيو ويندو. گهربل معلومات تي هيءَ نشان لڳل آهي: *

*

You may use these HTML tags and attributes: <a href="" title=""> <abbr title=""> <acronym title=""> <b> <blockquote cite=""> <cite> <code> <del datetime=""> <em> <i> <q cite=""> <strike> <strong>

صفحي جي چوٽيءَ تي وڃو