Home / افيئر / ڊاڪٽر نريندرا جو قتل عقيدي ۽ عقل جو ٽڪراءُ!
above article banner

ڊاڪٽر نريندرا جو قتل عقيدي ۽ عقل جو ٽڪراءُ!

نصير ميمڻ

20 هين آگسٽ 2013 تي صبح جو سوير هندو انتهاپسندن ڀارت جي هڪ عظيم شخصيت ڊاڪٽر نريندرا دڀولڪر کي ان وقت گوليون هڻي ماري ڇڏيو جڏهن هو پنهنجي گهر ويجهو صبح جو پسار ڪري رهيو هو. ڊاڪٽر دڀولڪر ڀارت اندر عقليت پسندي کي عام ڪرڻ ۽ وهم وسونن، ڪاري جادو، ٽوڻي ڦيڻي وغيره جي خلاف سالن کان هڪ وڏي مهم هلائي رهيو  هو. سندس خيال هو ته ڪاري جادو ۽ وهم پرستي هندستاني معاشري کي انتهاپسندن جي حوالي ڪري ڇڏيو آهي ۽ معاشي ترقي توڙي جمهوريت جو ڦل معاشري ۾ صحيح معنيٰ ۾ تيستائين نه پهچي سگهندو جيستائين سماج مان وهم پرستي جو انت نه ايندو. هو هندو مذهب جي ان رسم جي به خلاف هو ته مردن کي ساڙي سندن رک پاڻي ۾ لوڙهي وڃي. سندس خيال هو ته ايئن ڪرڻ سان ندين ۾ ماحولياتي گدلاڻ پيدا ٿئي ٿي. هو ڪيترن ئي سالن کان ڪاري جادو ۽ وهم پرستي خلاف قانون سازي جي مهم هلائي رهيو هو. انهن خيالن ۽ سوچن سبب انتهاپسند هندو سندس خلاف هئا ۽ نيٺ کيس صبح سوير گوليون هڻي قتل ڪري ڇڏيائون.

مهاراشٽرا جي رياستي حڪومت سندس شهادت جي ٻئي ڏينهن تي کيس خراج عقيدت پيش ڪرڻ لاءِ ان بل کي قانوني طور منظور ڪري ورتو. مهاراشٽرا جي وڏي وزير ڊاڪٽر دڀولڪر جي آخري رسمن ۾ شرڪت ڪئي ۽ سندس قتل کي مهاتما گانڌي جي شهادت سان ڀيٽيائين.

ڊاڪٽر دڀولڪر ساهه ڏئي ويساهه ڏئي ويو ته سماج کي بدلائڻ لاءِ اڃا به جان جو نذرانو ڏيندڙ ماڻهن جي اڻاٺ ناهي. ڊاڪٽر دڀولڪر سچ ته انساني تاريخ جي انهن مهان هستين ۾ شامل ٿي ويو آهي، جن انساني سماجي کي انڌي عقيدي جي ڌٻڻ مان ڪڍي عقليت جي راهه تيل لڳائڻ لاءِ زندگي قرباني ڪري ڇڏي .

عقليت پسندي ۽ انڌي عقيدي جي اها جنگ ڪا نئين ناهي، انساني معاشري اندر ان ٽڪراءَ جي تاريخ صديون آڳاٽي آهي. هر دور ۾ عقيدي جي انڌي لٺ سان سماج کي هڪليندڙ طاقتن جي ڪوشش رهي آهي ته اهي عقل ۽ شعور پهچڻ نه ڏين. هر مذهب جي انتهاپسندن عقيدي جي هٿيار کي پنهنجي طاقت ۽ اقتدار لاءِ استعمال ڪيو آهي.

ٻارهين صدي ۾ اسپين جي مسلمان انتهاپسندن دور جي نامور مسلمان  عالم، فلاسافر، سياست، عربي موسيقي ۽ ٻين ڪيترن شعبن جي غير معمولي ڄاڻو شخصين ابن رشد خلاف فتوائون جاري ڪيون. ابن رشد جو چوڻ هو ته قرآن جي بهترين تشريح ان جي رڳو لفظن جي معنيٰ بيان ڪندڙ مولوين بجاءِ فلاسافر ڪري سگهن ٿا ڇو ته اهي قرآن شريف کي منطق جي اک سان پڙهڻ ۽ سمجهڻ جي صلاحيت رکن ٿا. ابن رشد جون عقليت پسندي واري فلسفي تي ٻڌل لکڻيون اسپين مان يورپ تائين وڃي پهتون جنهن تي عيسائي مذهبي انتهاپسند به مڇرجي پيا. مسلمان توڙي عيسائي انتهاپسندن کيس ڪافر قرار ڏنو.

ساڳي دور ۾ ابن رشد جي هڪ يهودي دوست موسيٰ ابن مئمن کي يهودي انتهاپسندن ننديو ڇو ته هن جو چوڻ هو ته جيڪڏهن ڪنهن وٽ هڪ لالٽين ڏيڻ جي سگهه آهي ۽ کيس ڪنهن گهر ۽ يهودين جي مذهبي ڏڻ وچ مان هڪ جي چونڊ ڪرڻي پوي ته کيس گهر کي اوليت ڏيڻ گهرجي، يهودي انتهاپسندن سندس خلاف  مڇرجي فتوائون جاري ڪيون ۽ سندس لکڻين کي سرعام ساڙيو ويو.

اڳتي هلي يورپ ۾ جڏهن نئين سجاڳي جو دورو آيو ته يورپي عالمن ۽ مفڪرن يورپ مٿان عيسائيت پاپائيت جي هڪ هٽي کي للڪاريو. مارٽن لورلڙ، ڪا پرنيڪس  ۽ برونو عقيدي جي هڪ هٽي کي للڪاريو ۽ کين به دڀولڪر جيان ان جي قيمت ڀرڻي پئي.

ڪاپرنيڪس جيڪو رياضي ۽ فلڪيات جو ماهر هو، تنهن ڌرتي بدران سج کي ڪائنات جو محور قرار ڏنو. عيسائي انتهاپسند ۽ ڪليسا مٿس ڏمرجي پئي ڇو ته سندن خيال هو ته اها ڳالهه بائيبل جي ابتڙ آهي. اٽلي جي فلاسافر برونو ڪائنات جي تسلسل جي ڳالهه ڪئي ۽ چيو ته ان جي اندر ڪيئي دنيائون موجود آهن، جن ۾ انتهائي ذهين مخلوق آباد آهي. ڪليسائن جي مذهبي عدالت کيس مجرم قرار ڏيئي جيئري ساڙائي ڇڏيو. گئٽبرگ جڏهن جديد پرسي وسيلي 15 هين صدي ۾ بائيبل کي ڇاپيو ته ڪليسيا ان کي غير شرعي عمل قرار ڏنو اهڙي طرح يورپ ۾ عقل ۽ عقيدي جي جنگ ۾ ڪيئي عظيم هستين قربانيون ڏنيون ۽ يورپي معاشري کي عقيدي جي انڌ کان آجو ڪرايو. ايئن ڪرڻ سان يورپ ۾ عسيائيت يا يهوديت ختم ته نه ٿي وئي ليڪن ريساتي معاملن ۾ مذهب جو ڪردار ختم ٿي ويو. فرانس جي انقلاب ڪييسيا، اشرافيه ۽ بادشاهت جي ناپاڪ اتحاد جو انت آندو ۽ فرانسيسي عوام کي صدين جي جبر کان آجو ڪرايو. درحقيقت انساني تاريخ ۾ مظلوم طبقن جي ڦرلٽ لاءِ حاڪم طبقن هميشه مذهب کي استعمال ڪيو آهي. پنهنجي هر ڪني ڪرتوت کي خدا جي خوشنودي ۽ مذهبي عقيدي سان ڳنڍي ماڻهن کي صدين جي غلامي هيٺ رکي سندن انساني حقن جي توهين ۽ تذليل ڪئي آهي. اهو ئي سبب آهي جو حاڪم طبقا هميشه پنهنجن مفادن خاطر عقيدي کي سگهه ڏيڻ جي ڪوشش ڪندا آهن ۽ عقل توڙي انساني شعور جي ڳالهه ڪندڙن کي ظلم ۽ بربريت جو نشانو بڻائيندا آهن.

ايشيا توڙي آفريقا، عرب دنيا ۽ وچ اوڀر ۾ هن وقت جيڪي هزارين انسان مذهبي حڪمراني ۾ جهاد جي نالي ۾ مارجي رهيا آهن ان جي پٺيان به مختلف اقتدار پرست طاقتون آهن، جن لاءِ عقيدو ۽ جوابي عقيدو وسيلن  ۽ اقتدار تي قبضي جو هٿيار آهي.

مذهبي  رياستون قائم ڪرڻ وارو اهو جنون اربين ماڻهن جي زندگين کي برباد ڪري رهيو آهي. انهن ملڪن ۾ ڪروڙين شهري بنيادي انساني سهولتن کان محروم آهن. سندن، انساني، آئيني ۽ جمهوري حق سرعام لتاڙجن ٿا پر عقيدي جي نالي تي قابض قوتون کين آخرت جا آسرا ڏئي کين جنگين جو ٻارڻ بنائي رهيون آهن، تاريخ ثابت ڪيو  آهي ته عقيدي جي آڌار رياستي معاملا هلائڻ جو نتيجو سواءِ رتو ڇاڻ جي ٻيو ڪجهه به ناهي نڪرندو. پاڪستان اندر به مذهب جي نالي تي عوام جي ڦرلٽ ۽ سندن آئيني ۽ شهري حقن تي ڌاڙي جي تاريخ پراڻي  آهي.

ملڪ ٺهڻ شرط اسلامي رياست جي آڌار ۾ سنڌين ۽ بلوچن جي وسيلن تي قبضو ڪري کين ٽئين درجي جو شهري بڻايو ويو ملڪي آئين ۽ انساني حقن جي آڌر پنهنجا حق گهرڻ جي موٽ ۾ کين ڪافر ۽ هندن جو ايجنٽ قرار ڏنو ويو.  جنهن مذهبي انتهاپسندي ۽ ان جي رياست سان ڳانڍاپي جي مخالفت سنڌين ۽ بلوچن ان وقت ڪئي، اڄ ثابت ٿي چڪو آهي ته سندن موقف ان معاملي تي ٺيڪ هو. ساڍا ڇهه ڏهاڪا مذهبي جنونيت کي پالي مواڙ ڪرڻ کان پوءِ هاڻي طاقت ذريعي ان کي ختم ڪرڻ جو ڏيکاءُ واريون ڪوششون ان ڌٻڻ مان ملڪ کي ڪڍندي نظر نه ٿيون اچن. پاڪستان اندر عقيدي  جي جنونيت هاڻي رياستي ادارن مان نڪري گهٽي گهٽي ۾ پکڙجي چڪي آهي ۽ ان کي هاڻي رڳو بندوق جي زور تي ختم ڪرڻ ممڪن ناهي رهيو. عالمي طاقتن جي مفادن جي پورائي ۽ ڊالر ڪمائڻ جي چڪر ۾ حڪمران ٽولن جهڙي طرح مذهب کي ويڪو وکر ڪري استعمال ڪيو، اهو هاڻي سندن ڳچي ۾ پئجي ويو آهي. اها باهه جيڪا هنن پراون گهرن کي لڳائڻ لاءِ ٻاري هئي، اها هاڻي اقتداري ايوانن تائين اچي پهتي آهي. جديد معاشرن جي ترقي جو بنيادي راز هڪ ئي آهي ۽ اهو آهي علقيت پسندي کي عقليت کان اتم رکڻ ۽ عقيدي کي رياستي نه پر انفرادي معاملو بڻائڻ، جديد يورپ ان جو چٽو مثال آهي. جيڪڏهن ملڪ جا حڪمران هن ملڪ جي آئيندي سان تر جيتري به سچائي رکن ٿا ته کين سڀ کان پهرين اهو طئي ڪرڻو پوندو ته مذهب خدا ۽  بندي جو معاملو آهي ۽ رياست جو ان سان ڪو به  واسطو نه هجڻ گهرجي. رياست ۽ سماج جا معاملا عقل، منطق، قانون ۽ آئين هيٺ هلائڻ گهرجن ۽ انهن سان عقيدي جو ڪو به تعلق نه هجڻ گهرجي، پاڪستان جهڙن ملڪن جو رياستي سياسي آئيندو ان اصول هيٺ ئي محفوظ بڻائي سگهجي ٿو.

nmemon2004@yahoo.com

below article banner

پنهنجو رايو ڏيو

توهان جو اي ميل پتو ظاهر نه ڪيو ويندو. گهربل معلومات تي هيءَ نشان لڳل آهي: *

*

You may use these HTML tags and attributes: <a href="" title=""> <abbr title=""> <acronym title=""> <b> <blockquote cite=""> <cite> <code> <del datetime=""> <em> <i> <q cite=""> <strike> <strong>

صفحي جي چوٽيءَ تي وڃو