Home / افيئر / کيڏ اڙدر کيڏاڙ !
above article banner

کيڏ اڙدر کيڏاڙ !

                        سنڌ يونيورسٽي ۾ هاڻوڪي صورتحال جو ذميوار ڪير آهي ؟ ڇا هي شاگرد جن جي تعليم جي ٻيڙي هٿ سان ٻوڙي پئي وڃي ؟ يا اهي سيوا جا اڳواڻ جيڪي پنهنجي مطالبن خاطر هرروز ڌرڻا ۽ مارچ ڪري اي سي ٽو بلڊنگ آڏو اچي احتجاج رڪارڊ ٿا ڪرائين ؟ يا وري استاد جيڪي پنهنجي ڄاڻ جي سمنڊ مان شاگردن کي اڃ اجهائن ٿا؟ يا وري اها ايڊمينسٽريشن جيڪا پنهنجي هوڏ تي بيٺل آهي يا وري فرد واحد جيڪو اداري جو زوري سربراهه بڻجي ڏنڊي جي زور تي ادارو پيو هلائي ؟ ليڪن هتي اها ته خبر سڀني سڄاڻ ڌرين کي آهي ته يونيورسٽي جي موجوده صورتحال جو زميوار ڪير آهي ۽ انه هٿن جو مقصد ڇا آهي جو روز ڪيئمپس اندر هڪ نئون تماشو ڪيو پيو وڃي.

                        جتي روز جي استادن توڙي ملازمن جي احتجاجن جي ڪري شاگردن جي تعليم متاثر ٿئي ٿي ته ساڳي جاءِ تي اداري جي ساک پڻ خرب ٿيند پئي اچي. جنهن جي سربراهه جي مٿي تي جونءَ ٿ نه چري. هڪ طرف اداري ۾ ڪيل نئين ڀرتين ۾ ڪيل ميرٽ جي لتاڙ، غير قانوني طور تي ڀرتيون، رٽائرڊ ملازم وري رکڻ اهي به صرف اهي جيڪي سندن جا پراڻا پيالي ڀائي آهن، باقي اهل ڪو استاد يا ملازم آهي به ته وڃي گهر ننڊ ڪري..

تازو ئي اهڙين ڪيترن ئي ڪرپشن جي خبر تڏهن پئي جڏهن ملازمن ۽ استادن جا اي سي ٽو وارن سان مفاد فائنل ٿي نه سگهيا ۽ ڦٻي اهي ويا جيڪي شروعات ڏهاڙن ۾ حتجاجن طور تي پنهنجا مطالبا مڃرائي ويا جن ۾ اهي 19 کان 20 ۽ 21 گريڊ ۽ رهيل انڪريچمينٽ وٺي پاسيرا ٿي ويا ۽ ڳالهه ڪندا انساني حقن جي، مگر اڄ سائين وارا سندس گروپ سميت ننڊ ۾ آهن.

                        باقي ڳالهه ڪجي ته هاڻوڪي احتجاجن جي ته آخر سڀ ڳالهيون جنهن ماضي وارن احتجاجن ۾ نڪام ٿي ويون ته آخر وري انهن احتجاجن ٻيهر منهن ڇو ڪڍيو ۽ انهي جي ضرورت آخر ڇو پئي ؟

                        هڪڙي پاسي سنڌ يونيوسٽي جوموده رجسٽرار جيڪو پاڻ نه ته رجسٽرارشپ جي قابل آهي ۽ نه ئي سندس پروفيشنل مئنيجمينٽ جي ڪاسند آهي. مٿان وري سائين جن پنهنجن پٽن مان هڪ جي ته اسسٽنٽ ڪنٽرولر ته ٻئي کي وري سيڪيورٽي انچارج  جهڙيون نوڪريون ڏياريون جيڪي بنا ڪنهن اخباري اشتهار جي ڀريون ويون جيڪو غير قانوني عمل آهي. نه رڳو اهو پر هن ادري جي اڳواڻ جي  سفارش تي علائقي جي بااثر شخصيت جي اولاد کي پڻ يونيورسٽي جي اندر اعليٰ عهدن ت نوازيو ويو ۽ ڇهن مهينن جي اندر ڪچي ملازمت مان پڪو پڻ ڪو ويو، نه صرف ايترو بلڪ هاڻوڪي رجسٽرار ڪئمپس اندر هاڻوڪي وائيس چانسلر جي گهر جو به خرچ  هلائي ٿو مگ ساڳي جاءِ تي سندس جي ڪراچي واري گهر جو به خرچ سڌو سنئون ادار جو خزاني مان ڀري سندس جي پورٽ ڪري ٿو ۽ ڪڏهن ڪڏهن انهي کان به اڳتي گورنر هائسو ۾ ويٺل سائين جا به خرچ هن اداري مان پيا ڀرجن جن ۾ انهن اعليٰ آفيسرن جي ٻاهرين مڪن جا خرچ ٽڪيٽ هوٽلن جي بڪنگ وغيره سڀ اداري جي خزاني مان پيو ٿئي. هڪ پاسي جتي اداري کي اڳوڻن سربراهن لٽيو ۽ ڦريو ۽ سڄو ڏينهن پيا مذهبن ۽ وڏن اسڪالرن جي ڳالهه ڪندا هيا ته ساڳي جاءِ تي رهيل ڪثر وري هنن اچي ڪڍي.

                        هڪ طرف اي سي ٽو انتظاميا هي الزام پئي هڻي ته سيوا ملازم بليڪ ميلنگ ڪري ناجائز مطالبا پئي پورا ڪري ۽ نه صرف مطالبا پر نوڪرين ۾ به پنهنجا مٽ ۽ مائٽ ڀرتي پئي ڪرائڻ چاهي، جڏهن انهن جا اهي مطالبا اي سي ٽو انتظاميا ان شرط تي رد ڪيا ته نوڪريون ميرٽ تي ملنديون ۽ حقدارن کي ۽ انهي کان وڌيڪ ڪجهه ڳالهيون اهڙيون آهن جيڪي اڇا واڳن جي وات ۾ ڦاٿل آهن جيڪي شايد ڪڍڻ تي وڏو ڌماڪو ٿي سگهي ٿو. اهو ئي سبب آهي جو هاڻوڪي احتجاجن وري زور ورتو آهي هاڻ ڏسڻو اهو آهي ته هاڻوڪي احتجاجن ۾ واڳو شڪار ٿين ٿا يا وري هڪ ڀيرو ٻيهر اٺ درياهه پار ٿو واڳو کي ڪيرائي وڃي.

شاهده ظفر شورو / ٽنڊو آدم

below article banner

پنهنجو رايو ڏيو

توهان جو اي ميل پتو ظاهر نه ڪيو ويندو. گهربل معلومات تي هيءَ نشان لڳل آهي: *

*

You may use these HTML tags and attributes: <a href="" title=""> <abbr title=""> <acronym title=""> <b> <blockquote cite=""> <cite> <code> <del datetime=""> <em> <i> <q cite=""> <strike> <strong>

صفحي جي چوٽيءَ تي وڃو