Home / افيئر / ڪارونجهر، هڪ تحقيقي جرنل !
above article banner

ڪارونجهر، هڪ تحقيقي جرنل !

اڀياس: طارق عزيز شيخ

“ڪارونجهر” تحقيقي جرنل، وفاقي اردو يونيورسٽي آف آرٽس، سائنس اينڊ ٽيڪنالوجي، ڪراچي پاران 2009 کان جاري ڪيو پيو وڃي. هي تحقيقي جرنل سنڌي ڊپارٽمينٽ پاران تيار ٿئي ٿو. تمام خوشيءَ جي ڳالهه آهي ته اردو يونيورسٽي سنڌي ٻولي ۽ ادب کي ايتري اهميت ڏئي ٿي جو تفصيلي تحقيقي مقالن تي ٻڌل هيءَ جرنل پابنديءَ سان جاري ڪري رهي آهي. 126 صفحن تي مشتمل“ ڪارونجهر” تحقيقي جرنل ۾ سنڌي، اردو ۽ انگريزي ٻولين ۾ مقالا ڏنل آهن، هي ڇهون شمارو ڊاڪٽر ڪمال ڄامڙي جي ادارت ۾ جاري ٿيو آهي نه ته ان کان اڳ جرنل جو ذمو ڊاڪٽر عنايت حسين لغاري جي سپرد هو. ڊاڪٽر ڪمال ڄامڙو، سنڌي ڊپارٽمينٽ جو ايڊيٽوريل بورڊ جو سرپرست اعليٰ وائس چانسلر اردو يونيورسٽي ڊاڪٽر محمد قيصر آهي، سرپرست ڊين، آرٽس فيڪلٽي ڊاڪٽرسيمي نعمان طاهر آهي.

“ڪارونجهر” ۾ جو پهريون مقالو“ لطيف ۽ ڪبير” جي عنوان سان ڊاڪٽر عاشق حسين بدوي جو لکيل آهي جنهن ۾ شاهه لطيف ۽ ڪبير داس جي پاڻ ۾ ڀيٽ ڪئي وئي آهي،ٻنهي جي ڪلام کي الڳ الڳ پرکيو ويو آهي پر مقالي جو نچوڙ ٻنهي شاعرن کي هڪ فلسفي ۽ فڪر وارو نڪري ٿو. مثال ٻنهي عظيم شاعرن پنهنجي پنهنجي دور ۾ مقامي ٻوليءَ کي سنواري جو هريءَجيان نکاريو. ڪبير پنڊتن، پروهتن، سنياسين ۽ سوامين خلاف هو، شاهه لطيف مُلن، پيرن، قاضين، مفتين خلاف هو، سماج ۾ ٿيندڙ ڌاڍ خلاف ٻنهي کليل طور ڳالهايو، مقالو ساراهه جوڳو آهي ۽ لطيفيات جي موضوع لاءِ اهم پڻ.

ٻيو مقالو، ڪارونجهر” جي ايڊيٽر ڊاڪٽر ڪمال ڄامڙي جو “ شمشير الحيدري: ترقي پسند تحريڪ جو اهم ڪمانڊر” جي عنوان سان آهي، مقالي ۾ نامياري شاعر، اديب ۽ صحافي شمشير الحيدري جي علمي ادبي پورهئي جو تفصيل ڏنو ويو آهي. سندس زندگي ۾ سنڌي ادب جي بهتري لاءِ جيڪي تحريڪون هليون انهن جو پڻ ذڪر آهي. ڊاڪٽر ڪمال ڄامڙي جو تعلق ريڊيو هن مقالي ۾ اهو واضح نظر اچي ٿوته شمشير الحيدري جيڪو ڪجهه به لکيو اهو سڀ ڪجهه ترقي پسند ۽ روشن خيالي آهي. هن جي هر لکڻي معياري ۽ وزني آهي. هو جاکوڙي عالم اديب هو جنهن جو خال ڀرجڻ ناممڪن آهي.

“ڪارونجهر” جو ٽيون مقالو، ڊاڪٽر بلوچ جو ڪتاب “مناظرا ۽ ان جي خلاف واويلا” جيڪو محمد علي ڏيپلائي لکيو آهي. مقالي  ۾ ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ جي شخصيت جو جائزو ورتل آهي. مخالفت ڪندڙن جو احوال آهي ۽ ان حوالي سان ڊاڪٽر بلوچ جو رد عمل پڻ ڏنل آهي. نهايت معلوماتي ۽ ساراهه لائق مقالو آهي. مقالي ۾ لوج ادب اسڪيم جي ڏهين ڪتاب “ مناظر” جي باري ۾ ٿيل تنقيد جو احوال آيل آهي. 1961ع ۾ هي ڪتاب “ مناظرا” ادبي بورڊ پاران ڇپيو هو ۽ انهي کانپوءِ انگريزي اخبار“ سنڊي پوسٽ” جي ايڊيٽر امين ترين جيڪو پاڻ غير سنڌي هو ۽ سنڌي ڪتاب تي اختلافي ۽ تڪراري تبصرو هلايائين. هيءُ سنڌي ادب خلاف هڪ سازش هئي انهي ڪري هن متعصب انسان اهڙو نمونو اختيار ڪيو هو جيڪڏهن ڳالهه ڪتاب “ مناظرا” تي تنقيد جي هجي ها ته پوءِ ڊاڪٽر بلوچ جي ڪردار ڪشي نه ڪئي وڃي ها. امين ترين ڪتاب تي تبصري لاءِ گهڻو ڪجهه لکيو جنهن مان فقط هڪ سٽ هتي ڏجي ٿي جنهن مان اندازو ٿي ويندو ته سندس اندر ۾ ڪيترو حسد هو :“مناظرا” جي عنوان هيٺ 750 صفحن ۾ سنڌ ۾ زير زمين وهندڙ گندين نالين ۾ هلندڙ سمورو فحش مواد گڏ ڪيو ويو آهي.”

تبصري جي پڇاڙي ۾ امين ترين لکيو ته “ لازم آهي ته ڊاڪٽر بلوچ جهڙي شخصيت کي اهم تعليمي اداري ( سنڌ يونيورسٽي) جي عهدي تان هڪدم هٽايو وڃي.”

هن جي تبصري جي جواب ۾ مولانا غلام محمد گرامي تمام تفصيلي مضمون لکيو جنهن ۾ امين ترين کي سنڌي شاعرن ۽ ٻوليءَ جي خلاف غليظ زبان اختيار ڪرڻ تي معافي گهرڻ لاءِ به چيو ويو هو، بعد ۾ امداد حسيني، غلام حسين جلباڻي ۽ محمد عثمان ڏيپلائي به “ مناظرا” جي حق ۾ شاهدي ڏني. ان ڏس ۾ امين ترين تي ڪيس داخل ڪرايو  ته ڪتاب تي پابندي مڙهي وڃي ۽ مجرمن کي سز ڏني وڃي پر ڪيس اٺ ورهيه هلڻ بعد ايڊيٽر جيڪو حاسد هو، ان جي خلاف بڻجي ويو جو سمورن علمي ادبي ماهرن ۽  مذهبي اسڪالرن ڪتاب جي حق ۾ بيان ڏنا. جڏهن ڊاڪٽر بلوچ کي امين ترين منٿون ڪيون، تڏهن هن شريف انسان ايتري گهٽتائي ٿيڻ باوجود سنڌين جي مزاج جيان معاف ڪري ڇڏيو.

محمد علي ڏيپلائي جو هي مقالو تمام اهم آهي. تاريخي حوالي سان توڙي ادبي رڪارڊ جي حوالي سان  چوٿون مقالو:“ شاهه لطيف جا نفسياتي رجحان ۽ تصور” احمدسومري جو لکيل آهي. مقالي جو مقصد شاهه جي ڪلام کي نفسياتي طور ڀيٽڻ آهي جنهن ۾ هن دنيا جي ناليواري نفسياتدان سگمڊفرائيڊ جي فلسفي کي آڏو رکندي شيڪسپيئر کي مونجهاري جو شڪار ڏيکاريو آهي جڏهن ته شاهه لطيف کي عام انسان جي جذبن جو عڪاس.

“ڪارونجهر” جو پنجون مقالو ستار پيرزادي جو“ ساميءَ جي شاعري ۽ ڏاتار” سنڌ جي وڏي شاعر ساميءَ جي ڪلام جو جائزو آهي. مقالي ۾ سندس دور جي لحاظ کان وٺي ڌرم تائين مختلف موضوعن تي قلم آرائي ٿيل آهي. ليکڪ هن جي شاعريءَ کي وقفي وقفي سان پيش ڪري سامي کي ايندڙ دورن جي نسل جو رهبر قرار ڏنو آهي.

تحقيقي جرنل ۾ ڇهون مقالو: ، سنڌي، ادب ۾ ترجمي نگاريءَ جو مختصر جائزو” جي سري هيٺ عابده گهانگهرو جو لکيل آهي. هيءُ سنڌي ادب جي اهم صنف آهي جنهن سان سنڌي ادب کي وڏي هٿي ملي آهي.

“ڪارونجهر” جو ستون مقالو: “ فيض ڪي شاعري ۾ سماجي انصاف ومساوات ڪا پرچار” فوزيه پروين جو اردو ۾ لکيل آهي. مقالي ۾ فيض جو مختصر پروفائيل ۽ پوءِ شاعري تي نظر وڌل آهي. هن جي ڪالم کي سياسي، سماجي ۽ نفسياتي حوالي سان جاچيو ۽ پرکيو ويو آهي. فيض جي شاعري جا مثال پيش ڪري ان جو فلسفو ظاهر ڪيو ويو آهي.

تحقيقي جرنل جو آخري مقالو ڊاڪٽر آسيه خاتون جو انگريزي ۾ “Effect of Parental Communication in Development of  Parent – Child Relationship ”جي عنوان سان ڏنو ويو آهي.ٻارن جو والدين سان ڪيئن سلوڪ هجڻ گهرجي. هن هڪ وڏي نفسياتدان ڊاڪٽر هائم گائنوٽ جي ڪتاب جو حوالو ڏيندي ڄاڻايو آهي ته معاشري ۾ ٻارن جو مقام بلند ڪرڻ لاءِ والدين کي ڪردار ادا ڪرڻو پوندو آهي. ماءُ پيءُ جو ٻارن سان اهڙو تعلق هجڻ گهرجي جو ٻارن ۾ اعتماد پيدا ٿئي. والدين ۽ اولاد ڪو به مسئلو پيش اچڻ تي هڪٻئي جو ساٿ ڏئي سگهن ۽ ايئن ئي مشورو ڪري سگهن.

“ڪارونجهر” ۾ مختلف موضوعن تي نهايت ڪارائتا مقالا آهن. تمام پرک پروڙ سان ۽ سٺي ترتيب سان معلوماتي آهن. اهڙن معياري تحقيقي جرنلن جي ڪوشش سنڌي جي ٻين يونيوسٽي کي به وٺڻ گهرجي.

below article banner

پنهنجو رايو ڏيو

توهان جو اي ميل پتو ظاهر نه ڪيو ويندو. گهربل معلومات تي هيءَ نشان لڳل آهي: *

*

You may use these HTML tags and attributes: <a href="" title=""> <abbr title=""> <acronym title=""> <b> <blockquote cite=""> <cite> <code> <del datetime=""> <em> <i> <q cite=""> <strike> <strong>

صفحي جي چوٽيءَ تي وڃو