Home / افيئر / ڪراچي ڊسٽرڪٽ ڪائونسل، سنڌين جا مفاد ۽ پيپلز پارٽي
above article banner

ڪراچي ڊسٽرڪٽ ڪائونسل، سنڌين جا مفاد ۽ پيپلز پارٽي

عبدالخالق جوڻيجو

جنرل پرويز مشرف جي حڪومت کي سنڌ ۾ هڪ سنڌ دشمن حڪومت سمجهيو ۽ مڃيو وڃي ٿو. ان جو اهو مطلب هرگز ناهي ته پاڪستان جون ٻيون حڪومتون ڪو سنڌ دوست رهيون آهن. هن وقت تائين ته ڪا به حڪومت اهڙي ڪا نه آئي آهي ۽ نه ئي اچڻ جو ڪو امڪان نظر اچي ٿو. ڇاڪاڻ ته جڏهن هڪڙي رياست جي بناوٽ ۽ ڪردار ئي سنڌ دشمني وارو هجي ته پوءِ ان جي نمائندگي ڪندڙ حڪومتون سنڌ دوست ڪيئن ٿي ٿيون سگهن.
پر جنرل مشرف جي حڪمراني جي طريقي مان ايئن محسوس ٿيندو هو ڄڻ هن سنڌ کي نقصان پهچائڻ پنهنجي زندگي جو مقصد ٺاهي ڇڏيو هجي. ايئن نظر ايندو هئو ته هو سنڌ ۽ سنڌين کي نقصان پهچائڻ جا موقعا ڳولهيندو ٿو رهي. سندس اهڙي سڃاڻپ ڪا هرو ڀرو ڪان ٺهي هئي، هن اهڙا ڪافي ڪارناما سرانجام ڏنا هئا. انهن منجهان هڪڙو سندس طرفان لاڳو ڪيل مڪاني نظام هئو. ان نظام منجهان سنڌ کي ٻيا به ڪيترائي نقصان پهتا پر سڀ کان وڌيڪ سنڌ جي گادي جو شهر ڪراچي متاثر ٿيو. جنرل مشرف جي مڪاني نظام سان ڪراچي جي بيهڪ، بناوٽ ۽ سڃاڻپ کي ئي تبديل ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ويئي ۽ ان ۾ سنڌي ماڻهن جي حيثيت ۽ انهن جي ڪردار کي گهٽ کان گهٽ ڪرڻ جو هر حربو استعمال ڪيو ويو.
انهن حربن مان هڪ ڪراچي جي ٻهراڙي جي نمائندگي ڪندڙ ڊسٽرڪٽ ڪائونسل کي ختم ڪرڻ هئو. ان عمل سان ڳوٺن ۾ رهندڙ اڪثريت سنڌي ماڻهن کي ڪراچي جي شهري علائقن تي قابض ڌارين ماڻهن جي هٿ هيٺ ڪيو ويو (اهو هڪ جدا سوال آهي ته ڇا سنڌين کي ٻهراڙين سان منسوب ڪرڻ اسانجي فائدي جي ڳالهه ۽ ڇا اسان سدائين پنهنجي سڃاڻپ ٻهراڙي واري رکنداسين؟ انهن سوالن تي منهنجو الڳ نقطه نگاهه آهي پر ان لاءِ هڪ جدا مضمون کپي)
ڪراچي ڊسٽرڪٽ ڪائونسل کي جنرل مشرف طرفان ختم ڪرڻ تي سنڌي ماڻهن تمام سخت اعتراض ۽ احتجاج ڪيو هئو جنهن ۾ سنڌي ميڊيا به گهڻو سرگرم هئي. سنڌي ماڻهن جي نمائندگي جي دعويدار پيپلز پارٽي به ان اعتراض ۽ احتجاج ڪرڻ ۾ اڳري هئي. ڪجهه وقت اڳ ۾ پيپلز پارٽي جي حڪومت لوڪل باڊيز جي قانون ۾ ترميم ڪري ڪراچي ڊسٽرڪٽ ڪائونسل کي بحال ڪيو. ان تي واهه واهه ٿي وئي. پيپلز پارٽي به فخريه طور ان جو اعزاز کڻندي اهو چيو ته “اسان هڪڙو ٻيو واعدو پورو ڪيو” پر ڪجهه ڏينهن پهرين اوچتو پيپلز پارٽي وارن مڪاني نظام جي قانون ۾ هڪ دفعو وري ترميم ڪندي ڪراچي ضلعي ڪائونسل کي ختم ڪري ڇڏيو ۽ ٻهراڙي جي علائقي کي نئين ٺهندڙ ڪورنگي ضلعي سميت ڪراچي جي مختلف ضلعن ۾ ٽڪرن جي صورت ۾ شامل ڪيو ويو. دلچسپ ڳالهه اها آهي ته جيڪا پيپلز پارٽي جنرل مشرف ۽ ايم ڪيو ايم طرفان ڪراچي ضلعي ڪائونسل ختم ڪرڻ کي سنڌين جي مفادن تي وار قرار ڏئي ان جي مخالف ڪري رهي هئي. اها ساڳي پيپلز پارٽي هاڻي پاڻ وري ساڳيو ڪم اهو چوندي ڪري رهي آهي ته شهري علائقي ۾ اچڻ سان ڳوٺن جي ترقي ٿيندي. حيرت ان تي به ٿئي ٿي ته ميڊيا ۾ مشرف/ايم ڪيو ايم دور جي ڀيٽ ۾ ڪو خاص شور ناهي.
ان صورتحال هڪ دفعو وري پيپلز پارٽي بقمابله سنڌ جا مفاد وارو سوال سامهون آڻي بيهاريو آهي. ان جماعت جي ٺهڻ کان وٺي خاص طور سنڌ ۾ ان جي ڪردار بابت ٻه مختلف بلڪه متضاد رايا رهيا آهن. هڪڙو خيال اهو آهي ته پيپلز پارٽي سنڌ جي جماعت آهي ۽ اها سنڌ ۽ سنڌي ماڻهن جي مفادن جي لاءِ ڪم ڪري رهي آهي. ٻيو خيال اهو آهي ته پيپلز پارٽي بنيادي طور تي اقتدار حاصل ڪرڻ لاءِ ٺاهيل جماعت آهي ۽ ان جو مقصد هر طريقي سان ۽ هر قيمت تي اقتدار جي ڪرسي تائين پهچڻ آهي ۽ ڪرسي تائين پهچي وڃجي ته پوءِ هر صورت ۾ ڪرسي کي بچائجي جي پوءِ ان لاءِ ڪهڙي به ڳالهه، ڪهڙا به رشتا ۽ ڪهڙا به ۽ ڪنهن جا به مفاد قربان ڪرڻا ڇو نه پون.
پهرئين خيال وارا جيڪي چون ٿا ته پيپلز پارٽي سنڌ کي “ڏنو” آهي اهي صرف نوڪرين جي ڪجهه انگ کانسواءِ ڪجهه به پيش نٿا ڪري سگهن. نوڪريون به ڪهڙيون ٿا ڏين، ڪنهن کي ٿا ڏين ۽ ڪهڙي طريقي سان ٿا ڏين اها سڀ ڪنهن کي خبر آهي ان جي تفصيل ۾ وڃڻ جي ضرورت ناهي. ان جي ڀيٽ ۾ ٻئي خيال وارا جن جو چوڻ آهي ته پيپلز پارٽي اقتدار جي جماعت آهي ۽ اقتدار جي اڏي تي سنڌ ۽ سنڌي قوم کان گهڻو ڪجهه کسيو ويو آهي، انهن وٽ سنڌ جي تاريخي، ثقافتي، سياسي ۽ اقتصادي حقن جي حوالي سان هڪ وڏي لسٽ آهي.
هن وقت سنڌ جو مسئلو چند نوڪريون ناهي. هن وقت سنڌ سنڌين جي سڃاڻپ، نجات ۽ بقا سڀ کان وڏو چئلينج آهي. ان لحاظ کان ڏسجي ته سنڌ جي ٻولي، سنڌ جو ڪلچر، سنڌ جون زمينون. سنڌي جو پاڻي، سنڌ جا قدرتي وسيلا، ڌاري آبادڪاري، سنڌ جو ناڻو ۽ سڀ کان وڌيڪ سنڌ جي سياسي خودمختياري، انهن سڀني معاملن ۾ پيپلز پارٽي سنڌ جي مفادن جو سودو ڪيو آهي. جڏهن به اهڙو ڪو معاملو اٿاريو ويندو آهي ته پيپلز پارٽي وارا ۽ انهن جا حامي ليکڪ ۽ صحافي چوندا آهن ته اها انهن (پ،پ وارن ) جي مجبوري هئي/آهي. هاڻي سوال ٿو پيدا ٿئي ته ڪهڙي مجبوري ۽ ڇاجي مجبوري ۽ ڪنهن جي آڏو مجبوري، ته ان جو هڪ ئي جواب آهي ته هن ملڪ جي اصلي ۽ حقيقي اقتدار ڌڻين جي آڏو مجبوري ۽ اقتدار ۾ رهڻ جي مجبوري. ان جو مطلب اهو ٿيو ته اقتدار ۾ اچڻ ۽ اقتدار ۾ رهڻ خاطر سنڌ ۽ سنڌي ماڻهن جي مفادن جو سودو ڪبو رهجي ۽ سنڌي ماڻهن کي اهو چئجي ته توهان اهو سڀ ان لاءِ برداشت ڪيو ته جيئن سنڌ سان واسطو رکندڙ هڪڙو خاندان ڪرسي جا مزا ماڻي سگهي.
سياست ۾ اقتدار وٺڻ ڪا خراب ڳالهه ناهي. بلڪه سياسي جدوجهد جو هڪڙو حصو آهي. پر سوال هميشه اهو هوندو آهي ته اقتدار ڇا جي لاءِ، ڪنهن جي لاءِ ۽ ڪهڙي قيمت تي؟ ڪا به محب وطن ۽ عوام دوست جماعت اقتدار حاصل ڪندي آهي پنهنجي سياسي پروگرام جي نفاذ ۽ پنهنجي حامي ماڻهن جي حقن جي حاصلات ۽ مفادن جي تحفظ لاءِ، جيڪڏهن اهو سڀ ڪجهه حاصل نه ٿئي ته اها اقتدار کي لت هڻي ڇڏيندي آهي، جيئن بنگالي ماڻهن جي مقبول پارٽي عوامي ليگ ڪيو. مطلب ته اقتدار عوام جي مفاد لاءِ وٺبو آهي ۽ مفادن خاطر قربان ڪبو آهي پر هتي معاملو ابتڙ آهي. پيپلز پارٽي اقتدار وٺڻ لاءِ عوام جي مفادن ۽ حقن جي ڳالهه ڪندي آهي ۽ اقتدار ۾ رهڻ خاطر عوام، خاص ڪري سنڌي ماڻهن، جي مفادن کي قربان ڪندي آهي.
ڪراچي ۾ ڊسٽرڪٽ ڪائونسل کي ختم ڪرڻ به ان ئي ڪردار جو ڪارنامو آهي. (نه ته ڀلا جيڪو ڪم ڇهه مهينا اڳ تائين سنڌ دشمن هئو اهو ساڳيو هاڻي اوچتو سنڌ دوست ڪيئن ٿي ويو) يعني اقتدر خاطر سنڌين جي مفادن کي اڏي تي رکڻ. اقتدار ته ايئن ئي قومن جي بقا جي ڀيٽ ۾ خسيس شيءِ آهي پر هتي ته اقتدار جي به خسيس سطح جو سوال آهي… ڪراچي جي ميئر شپ.
پهرين جڏهن پ پ، جي موجوده حڪومت (جنهن ۾ ايم ڪيو ايم شامل نه ٿي باوجود پ پ وارن جي منٿون ڪرڻ جي) ضلعي ڪائونسل بحال ڪئي ته اهو طئي ڪيو ويو ته جيئن ته شهري آبادي ڳتيل آهي تنهن ڪري هڪڙي يونين ڪميٽي 40 کان 50 هزار آبادي تي مشتمل هوندي ۽ ٻهراڙي جا ڳوٺ ننڍا ننڍا ۾ گهڻي فاصلي تي آهن تنهن ڪري اتي هڪ يونين ڪميٽي 10 کان 15 هزار ماڻهن تي مشتمل هوندي. ايم ڪيو ايم واران ان تي پاسا وٽيا ۽ ڪنجهيا ڪرڪيا پر انهن کي گهڻي اهميت نه ملي سگهي، ڇاڪاڻ ته معاملي جا عملي ۽ اخلاقي بنياد وزندار هئا.
اوچتو پيپلز پارٽي جي ليڊر جي ذهن ۾ هڪ حرفت آئي (اهڙين حرفتن جي ڪري ئي هن جي سڃاڻپ ۽ مشهوري آهي) ٻهراڙي ۾ آبادي پري پري ٽڙيل پکڙيل ۽ سٺن روڊ رستن کان محروم هجڻ ڪري اتي شهري علائقن جي ڀيٽ ۾ ننڍي تڪ تي ٻڌل يونين ڪميٽين جو قيام معقول محسوس ٿئي پيو، پر جيئن تاريخ ٻڌائي ٿي ته پيپلز پارٽي وارا ڪائنات جي هر شيءِ کي اقتدار جي عينڪ سان ڏسندا آهن سو انهن سوچيو ته هن معاملي کي به اقتدار جي ڪرسي تائين پهچڻ جي ڏاڪڻ ٺاهجي. ان لاءِ انهن ڊسٽرڪٽ ڪائونسل کي ختم ڪري ان جي ٿوري آبادي تي ٺهيل گهڻين يونين ڪميٽين کي شهري علائقو قرار ڏيئي ڇڏيو. ان لاءِ ته جيئن انهن وڌيل يونين ڪميٽين جي بنياد تي ڪراچي جي ميئر جي چونڊ کٽي سگهجي. باقي رهيا ٻهراڙي ۾ رهندڙ سنڌين جي ترقي جا معاملا سو مڙئي خير آهي اهي ڀٽو- زرداري خاندانن جي اقتدار کان وڌيڪ اهم ناهن. هونئن به سنڌي ماڻهو ان خاندان کي اقتدار تائين پهچائڻ لاءِ وڏيون وڏيون قربانيون ڏيندا رهيا آهن ته پوءِ جيڪڏهن “ ننڍڙي” قرباني سان اقتدار جو هڪڙو وڌيڪ مرحلو طئي ٿئي ٿو ته سودو مهانگو ناهي.
دنيا جي سڌريل ملڪن ۾ ايئن ٿيندو آهي ته ڳوٺن کي سموريون شهري سهولتون ميسر ڪرڻ جي باوجود انهن کي ڳوٺ ئي چيو ويندو آهي. انهن جي جدا حيثيت ختم ڪا نه ڪئي ويندي آهي پر هتي معاملو ابتو آهي. بنا ترقي، بنا سهولتن جي ڳوٺن کي شهر قرار ڏيئي ڇڏيو يا شهر جو حصو بنائي ڇڏيو. اهو آهي پاڪستان ۽ اها آهي پيپلز پارٽي.
پيپلز پارٽي جي ليڊرن اها حرفت ته ڏيکاري پر شايد وسري وين ته سندن واسطو ايم ڪيو ايم سان آهي جيڪا هنن کان وڌيڪ حرفت باز آهي. سو ايم ڪيو ايم فوري طور ميدان ۾ اچي ويئي ۽ رڙيون ڪرڻ شروع ڪيون ته اهو ڪهڙو انصاف آهي ته 10 هزارن واري يونين ڪميٽي کي40 هزار واري يونين ڪميٽي جي برابر ڪيو ٿو وڃي ۽ شايد ايم ڪيو ايم چوٿائي صدي جي عرصي ۾ پهريون دفعو ڪا اهڙي ڳالهه ڪئي آهي جنهن ۾ اخلاقي طور وزن آهي ۽ جنهن کي ماڻهو معقول چئي سگهن ٿا ۽ انهن جي ان ڳالهه کي به ماڻهو وزن ڏين ٿا ته اهو سڀ ڪجهه ميئر جي اليڪشن کٽڻ لاءِ ڪيو پيو وڃي. ان ئي بنياد تي ايم ڪيو ايم عدالت ۾ به وئي آهي.
گذريل ساڍن پنجن سالن جي تاريخ ٻڌائي ٿي ته پيپلز پارٽي وڏي طمطراق سان ڪي فيصلا ڪندي آئي آهي جن لاءِ چيو ويندو آهي ته اهي“سنڌ، جمهوريت ۽ عوام جي مفاد ۾” ڪيا ويا آهن. پر پوءِ وري ٿوري ئي وقت کانپوءِ يا ته ايم ڪيو ايم جي داٻي ۾ اچي يا ته عدالت جي فيصلن جي نتيجي ۾ اهي واپس ورتا ويا آهن. هن معاملي ۾ جڏهن ايم ڪيو ايم ۽ عدالت ٻئي گڏ هوندا ته پوءِ پيپلز پارٽي وارن جو حال ڇا هوندو. ڇا پيپلز پارٽي وارا اتي به پويان پير نه ڪندا؟ ان سوال جي جواب کان وڌيڪ اهم ڳالهه اها آهي ته جيڪڏهن ايم ڪيو ايم ۽ عدالت دٻاءَ ۾ اچي همراهه پوئتي هٽيا ۽ اهو فيصلو واپس ورتو ويو ۽ چيو اهو ويندو ته اهو اسان سنڌي ماڻهن جي مفادن خاطر ڪيو آهي.
مطلب ته ڇهن مهينن ۾ جيڪڏهن هڪ معاملي تي ٽي دفعا فيصلو تبديل ٿئي ته اهو ٽي دفعا “سنڌ ۽ سنڌي ماڻهن جي مفادن ۾” پهرين ڪراچي ڊسٽرڪٽ ڪائوسنل جي بحالي، پوءِ خاتمو ۽ پوءِ وري بحالي (جنهن جي امڪان کي رد نٿو ڪري سگهجي). ان ڪري ئي چيو وڃي ٿو ته پيپلز پارٽي اقتدار کي، اقتدار تائين پهچائيندڙ سنڌي ماڻهن جي مفادن لاءِ استعمال ڪرڻ بجاءِ سنڌ ۽ سنڌين جي مفادن کي اقتدار لاءِ استعمال ڪندي آهي.
junejolaw@gmail.com

below article banner

پنهنجو رايو ڏيو

توهان جو اي ميل پتو ظاهر نه ڪيو ويندو. گهربل معلومات تي هيءَ نشان لڳل آهي: *

*

You may use these HTML tags and attributes: <a href="" title=""> <abbr title=""> <acronym title=""> <b> <blockquote cite=""> <cite> <code> <del datetime=""> <em> <i> <q cite=""> <strike> <strong>

صفحي جي چوٽيءَ تي وڃو