Home / افيئر / ڪراچي کان گوانٽانامو تائين!
above article banner

ڪراچي کان گوانٽانامو تائين!

زوفين ٽي ابراهيم

آمريڪا جي ٽريڊ ٽاور تي ٿيل 11 سيپمٽبر جي خطرناڪ حملي کانپوءِ عالمي سطح تي ٿيندڙ آفٽر شاڪس کان غافل، محمد احمد غلام رباني جي چوڏنهن سالن جي ڪنوار فوزيه، نهايت خوش شادي شده زندگي گذاري رهي هئي. هن کي اها خبر نه هئي ته 10 سيپٽمبر واري رات سندس زندگي هميشه لاءِ تبديل ٿي ويندي. جڏهن شادي جي صرف هڪ مهيني کانپوءِ اهلڪار سندس مڙس کي بهادرآباد واري گهر مان کنڀي ويا. اڄ ان واقعي کي پورا 11 سال ٿي رهيا آهن.

فوزيه چواڻي ته چئن سالن کانپوءِ اها خبر ٻڌڻ ۾ آئي ته سندس مڙس ڪيوبا جي گوانٽانامو حراستي ڪئمپ ۾ قيد 779 قيدين مان هڪ آهي فوزيه جنهن جي ان واقعي کانپوءِ زندگي هڪ هنڌ بيهجي وئي آهي. هوءَ چوي ٿي ته “مون کي ته اها به خبر نه آهي،ته ڪيوبا ڇا ۽ ڪٿي آهي؟ مون زندگي ۾ پهريون ڀيرو اهو نالو ٻڌو هو. پوليس اهلڪارن اڌ رات جو اسان جي گهر تي ڇاپو هنيون، لتون ۽ مُڪون هڻي سوال ڪيا ۽ احمد کي پاڻ سان گڏ وٺي ويا.”

واقعي کي ياد ڪندي هوءَ روئڻهارڪي ٿي وڃي ٿي ۽ ٻڌائي ٿت ته :“ منهنجي زندگي ان رات کانپوءِ هميشه لاءِ تبديل ٿي وئي، مان صرف 14 سالن جي ۽ اميد سان هئس، هنن مون کي چماٽون هنيون، مون زندگي ۾ ڪڏهن به ايتري اذيت ۽ بيوسي محسوس نه ڪئي هئي”.

“مان صرف ايترو ڄاڻان ٿي ته منهنجو مڙس هڪ ٽيڪسي ڊرائيور هو جيڪو ٻين مردن جيان صبح جو ڪم جي ڳولها ۾ نڪري ويندو هو ۽ شام جو گهر واپس ايندو هو. هن سان گهاريل هڪ مهيني دوران جهڙي طرح هن زندگي گذاري مون کي ڪڏهن به اهو محسوس نه ٿيو ته هو ڪو ڏوهاري به ٿي سگهي ٿو، هو ان جي باري ۾ ڪجهه به چون چئي سگهن ٿا باقي مان ايترو ڄاڻان ٿي ته منهنجو مڙس دهشتگر ناهي”.

آمريڪي دفاعي کاتي پاران جاري ڪيل هڪ رپورٽ مطابق احمد رباني برما جو شهري ۽ ويڙهاڪ تربيت حاصل ڪيل آهي، هو سعودي عرب ۾ پيدا ٿيو ۽ اتي پنهنجي زندگي جا 30 سال گذارڻ بعد 1991ع ۾ پاڪستان آيو.

فوزيه ان ڳالهه جي ترديد ڪئي ته سندس مڙس 1994ع ۾ خوست جي انتهاپسند ڪئمپ مان 7 مهينا ۽ پوءِ خلدان ٽريننگ ڪيمپ مان ٽي مهينا ٽريننگ ورتي، يا ان کي پاڪستان ۾ 1995،96ع يا 1997ع ۾ قيد ڪيو ويو هو يا هن اسامه بن لادن سان ملاقات ڪئي هئي ۽ پوءِ القاعده جو صلاحڪار مقرر ٿيو. رپورٽ مطابق احمد رباني القاعده جي ماسٽر مائينڊ خالد شيخ محمد سان گڏ ڪم ڪري رهيو هو. حڪومت جو اسرار آهي ته پاڪستان مان گذريل ڪجهه سالن اندر گرفتار ڪري آمريڪا حوالي ڪيل ساڍا ڇهه سئو کان وڌيڪ دهشتگردن مان هڪ به پاڪستاني شهري نه آهي.

ان هوندي به ريپريو نالي هڪ قانوني صلاحڪار گروپ آمريڪا جي اها دعويٰ تسليم ڪرڻ کان انڪار ڪيو آهي، ڄاڻايل گروپ گوانٽانامو ۾ قيد ڪيترن ئي قيدين جي نمائندگي ڪري ٿو.

ريپرو سان تعلق رکندڙ سلطانه نور جو چوڻ آهي ته “اهڙن ٻين قيدين لاءِ به اهو چيو ويندو آهي ، پر ان ڳالهه جو ڪو ثبوت ناهي ته احمد ڪڏهن اسامه سان مليو هو ۽ نه ئي انهن وٽ ان ڳالهه جو ثبوت آهي ته احمد ڪڏهن دهشتگرد به هو. گذريل ڏهن سالن جي عرصي ۾ ڪڏهن به ان تي ڪنهن قسم جو ڏوهه ثابت نه ٿيو آهي، اهي جيڪو ڪجهه به ڪن ٿا اهو صرف بدنام ڪرڻ کانسوءِ ٻيو ڪجهه نه آهي ۽ گهڻو ڪري اهو ئي ٿيندو آهي، اهڙين ئي هٿ ٺوڪين ڪهاڻين جي بنياد تي تشدد ذريعي قيدين جي وات مان نڪتل لفظ يا انهن سان مختلف قسم جا واعدا ڪري بيان ورتا ويندا آهن.

ريپريو مطابق، احمد رباني پنهنجي وڪيل کي 2009 ۾ ٻڌايو هو ته هو هڪ ٽيڪسي ڊرائيور هيو، ڇاڪاڻ ته هو عربي ڄاڻندو هو ان ڪري ڪيترن ئي مسافرن کي ايئرپورٽ تان کڻي پنهنجي منزل تي پهچائيندو هو. هن ٽيڪسي هلائڻ سان گڏ ضرورت وقت کاڌو پچائڻ کانسواءِ ٻيو ڪم نه ڪيو،. ٿي سگهي ٿو ته ڪڏهن عرب مجاهدن منهنجي ٽيڪسي ۾ سفر ڪيو هجي پر ان باري ۾ مونکي ڪا ڄاڻ نه آهي ته هو ڪير هئا.

هونئن به پاڪستان هميشه مجاهدن جي مدد ۽ حمايت ڪئي هئي ۽ ٻيا ڪيترا ئي ادارا اسڪول ۽ اخبارون مجاهدن جي ڪاز کي ترجيح ڏيندا هيا، ان عرصي دوران مون ڪڏهن به قانون جي ڀڃڪڙي نه ڪئي.

فوزيه ڳالهه ٻولهه دوران وڏي بهادري جو مظاهرو ڪيو ۽ هڪ وڏو ٿڌو ساهه کنيو جنهن مان ان جي ڏک جو اندازو لڳائي سگهجي ٿو. هن پڇيو “ڇا ڪنهن کي اندازو به آهي ته جڏهن توهان جو گهر اک ڇنڀ ۾ ڀڄي ڀور ٿي وکري وڃي ته ڪيئن لڳندو؟ منهنجو سهرو پٽن جي انتظار ۾ هن دنيا ۾ لاڏاڻو ڪري ويو. هن جو ڏک ايترو گهرو هو جو نماز دوران دل جو دورو پوڻ سبب فوت ٿي ويو”. ِياد رهي ته احمد جو هڪ ڀاءُ، عبدل رباني به گوانٽانامو ۾ آهي.

احمد جو وڪيل ڪلوي اسٽيفورڊ سمٿ، جيڪو ريپيو جو ڊائريڪٽر به آهي، چوي ٿو بدقسمتي سان پاڪستاني ماڻهن گوانٽانامو ۾ قيد، قيدين جي حق ۾ ڪڏهن مظاهرو به نه ڪيو آهي، جنهن سبب پاڪستاني حڪومت ان معاملي کي ايتري اهميت نه ٿي ڏئي ۽ ڪڏهن ان سلسلي ۾ آمريڪي حڪومت جي اڳيان سخت موقف نه رکيو.

فوزيه ۽ سندس 11 ورهين جو پٽ جواد، جنهن ڪڏهن پنهنجي پيءُ جي شفقت محسوس نه ڪئي، آمريڪا جي اڻ ڄايل مدي تائين غير قانوني حراست جي پاليسي جا متاثر آهن.

هنيئر گوانٽانامو ۾ قيد 164 ماڻهن مان 6 جو تعلق پاڪستان سان آهي، جنهن ۾ احمد رباني، ان جو ڀاءُ عبدل رباني، سيف الله پراچه، عمار البلوچ، خالد شيخ محمد ۽ ماجد خان شامل آهن. ليڪن اتي قيد ۾ سڙندڙ 84 ماڻهن کي آزادي ملي چڪي آهي، تنهن هوندي به اهي اڃا اتي ئي قيد آهن. باراڪ اوباما صدارتي عهدو سنڀالڻ دوران گوانٽانامو کي بند ڪرڻ جو واعدو ڪيو هو، جيڪو اڄ ڏينهن تائين ايئن پورو نه ٿي سگهيو آهي. فوزيه ٻڌايو ته جيڪڏهن مون کي مسلسل ڀائرن ۽ ماءُ پاران مالي مدد نه ملي ها ته منهنجي زندگي خطرناڪ موڙ تي هجي ها. هوءَ ڪورنگي ۾ هڪ ڪمري جي ننڍي فليٽ ۾ پنهنجي بيواه ماءُ سان گڏ رهي ٿي.

هن ٻڌايو ته ان عرصي دوران منهنجو مڙس مون کي ٻي شادي ڪرڻ لاءِ مشورو ڏيندو. رهيو پر مون کي احمد جهڙو مڙس ٻيو ڪٿي ملندو؟ هن چيو ته سندس پٽ جواد جا مهانڊا هو بهو پنهنجي پيءُ جهڙا آهن ۽ هو بلڪل پيءُ جهڙو لڳي ٿو.

احمد رباني جنهن جي ڄمار هن وقت 43 ورهيه آهي، هن تي اڄ ڏينهن تائين نه ڪا چارج لڳائي وئي ۽ نه ئي ڪنهن ڪيس ۾ سندس پيشي ٿي آهي ۽ هو انهن 35 ماڻهن ۾ شامل آهي جيڪي فيبروري ۾ هن سال بک هڙتال تي ويٺل هئا، سرڪار مطابق احمد انهن 31 ماڻهن مان هڪ هو جن کي زبردستي کاڌو کارائڻ تي مجبور ڪيو ويندو آهي.

ريپريو مطابق احمد چواڻي ته منهنجو وزن هن وقت 118 پونڊ آهي جيڪو مان وڌائي به سگهان ٿو، 2005 ۾ ٿيندڙ بک هڙتال دوران منهنجو وزن 103 پونڊ گهٽجي ويو هو. ليڪن ان وقت مون کي زبردستي کاڌو کائڻ لاءِ مجبور نه ڪيو ويو هو. ريپريو جي سلطانه نور مطابق “ حڪومت جي اعلان ڪيل تعداد جي ڀيٽ ۾ اصل تعداد تمام گهڻو آهي ۽ جولاءِ ۾ عروج وقت اهو تعداد 106 هو.

قيدين جي حوالي سان جولاءِ ۾ شايع ٿيندڙ ريپريو جي رپورٽ مطابق حڪومت پاران زبردستي کاڌو کارائڻ جي تجربي دوران قيدين رت جو الٽيون، جسماني ڪمزوري ۽ تشدد جو ذڪر ڪيو.

مسٽرسمٿ جي خيال ۾ زبردستي کاڌو کارائڻ نه رڳو قيدين جي حوالي سان بدترين شين مان هڪ آهي بلڪه طبي پيشي جي اخلاقيات جي به خلاف آهي. هن ٻڌايو ته 1975ع جي ٽوڪيو ڊڪليئريشن مطابق هڪ پرامن احتجاجي مظاهرو ڪندڙ کي به اهو حق حاصل آهي ته هو سوچي سمجهي کاڌو کائڻ جو فيصلو ڪري.

اميد سان جنگ سان وڙهندڙ فوزيه ۽ ان جي پٽ جي ڪٿا ان ڳالهه جي ياد ڏياري ٿي ته حراست ۾ ورتل قيدين کي عام قانوني حق نه ڏيڻ جا نتيجا ڪيترا ته ڀيانڪ نڪري سگهن ٿا.

 

below article banner

پنهنجو رايو ڏيو

توهان جو اي ميل پتو ظاهر نه ڪيو ويندو. گهربل معلومات تي هيءَ نشان لڳل آهي: *

*

You may use these HTML tags and attributes: <a href="" title=""> <abbr title=""> <acronym title=""> <b> <blockquote cite=""> <cite> <code> <del datetime=""> <em> <i> <q cite=""> <strike> <strong>

صفحي جي چوٽيءَ تي وڃو