Home / افيئر / ڪمدار ٿنڪ ٽئنڪون….!
above article banner

ڪمدار ٿنڪ ٽئنڪون….!

شوڪت لوهار

جنگون ڪيترن ئي قسمن جون ٿين ٿيون، جن ۾ هر قسم جا هٿيار استعمال ٿين ٿا، پر اسان کي صرف اها خبر آهي ته جنگ انهيءَ کي چئبو آهي جيڪا جنگي جهاز سان وڙهي وڃي، جنهن ۾ وطن جا سپاهي پنهنجي امڙ ڌرتي جي حفاظت ڪندي ڪندي قربان ٿي وڃن. اهڙي ريت دنيا ۾ ڪيتريون ئي جنگيون لڳيون آهن ۽ اڄ سوڌو جاري آهن، جيڪي ظاهري طرح اهي ئي جنگيون آهن جيئن پهرين جنگ عظيم 1914ع کان 1918ع تائين جيئن ٻي عالمي جنگ جيڪا 1939ع کان 1945ع تائين جاري رهي، انهن جنگين کي عالمي جنگيون انهيءَ ڪري چئجي ٿو جو اهي پوري دنيا جي ملڪن جي وچ ۾ لڳيون متان سمجهو ته اهي جنگيون ڪو عالمن جي وچ ۾ لڳيون نه ڪي ملڪن جي اوسي پاسي ۾. هاڻي وڌيڪ اوٻاسيون ڏيڻ بند ڪيو ۽ اڳتي پڙهو مائي انارڪلي جي عشق جي حوالي سان اڪبر اعظم مغل بادشاهه ۽ سندس لخت جگر سيلم عرف ”شيخو“ جي وچ ۾ جنگ لڳي. فردوسي جي شاهنامي ۾ ”سهراب ۽ رستم جي وچ ۾ جنگ لڳي، جيڪي پڻ پيءُ پٽ هئا. پر هتي آئون رڳو پيءُ پٽن جي جنگين کي ڪو نه ٿو بيان ڪيان. بيان ڪجهه ٻيو آهي جيڪو انهيءَ بيان کان مختلف آهي!

سو جنگيون جيڪي هٿيارن سان لڙيون وينديون آهن انهن ۾ بارود استعمال ٿيندو آهي بارود جيڪو تباهي جي علامت آهي، راڪيٽ لانچر ميزائيل، بم، ايٽم بم، يورينيم بم، هئڊروجن بم جنگين ۾ ٽئنڪون به استعمال ٿينديون آهن، توبون به استعمال ٿينديون آهن، توب جو نالو ٻڌي اوهان کي خيرپور جي مريم توب ته ياد نٿي اچي جنهن کي موالي روز حسرت سان ڏسي آهون ڀريندا آهن ته جي اها هلڪي هجي ها ته ڪڏهو ڪو وڪڻي ڇڏين ها. جيئن ريل جي دٻن کي وڪڻيو ويو آهي پر اهو سڀ ڪجهه قومي مفاد ۾ ٿيو آهي. اوهان کي به جيڪي وڻي ڪري ڇڏيو ۽ پوءِ پڇتاءُ جي ضرورت نه آهي ان کي قومي مفاد جو نالو ڏيئي ڇڏيو. اسان وٽ ٻيو ڪجهه هجي نه هجي پر موتمار هٿيار جام آهن جيڪي جڏهن به استعمال ٿيندا آهن ته ماڻهو مرندا آهن. ڳوٺن ۾ هٿيار گهڻو ڪري مايون مارڻ لاءِ استعمال ٿيندا آهن، جيڪاعورت مرندي آهي ان جي گولي يا ڪارتوس کي غيرت جي نالي ۾ اڇلي ڇڏبو آهي ۽ پاڻ اسين مڇون وٽي ٿاڻي تي پيش پوندا آهيون ۽ پوءِ اسان جي شعور تي ڪارنهن ملجي ويندي آهي.

جنگ جو ميدان فقط فضائي، سامونڊي يا زميني ڪو نه ٿيندو آهي جنگ جا ميدان ڪيئي ٿيندا آهن. شريف ماڻهو لاءِ زندگي گذارڻ هڪ وڏي جنگ آهي. ٻولي ۾ به وڏي جنگ ٿئي پيئي. ميڊيا معنيٰ ٽي وي ۽ فيس بوڪ، ٽوئيٽر تي وڏي جنگ هلي پيئي. ماڻهو جي اندر ۾ وڏي جنگ هلندي رهندي آهي هر وقت ماڻهو جو سينو سڀ کان وڏو جنگ جو ميدان آهي. رشتن ۾ وڏي سرد ۽ گرم جنگ هلي رهي هوندي آهي. رشتا ناتا گهڻو وقت سرد مهري جو شڪار رهي نيٺ گرم گهاڻي ۾ پيڙهبا آهن.

اسان وٽ هر هڪ ماڻهو پنهنجي وت، وس، رت ۽ ست آهر پاڻ سان هڪڙو ٿنڪ ٽينڪ يا ٿنڪ ٽينڪي ساڻ رکندو آهي. گهڻي رت ۽ ست وت ۽ وس وارو ماڻهو گهڻيون ٿنڪ ٽئنڪون ساڻ رکندو آهي. ان ۾ رت ۽ رست جو مطلب ڪو سلاجيني برانڊ نه آهي پر پيسي ڏوڪڙ ۽ رابطن واسطن جي طاقت جي ڳالهه آهي. تر جو زميندار يا وڏيرو جيڪو ٿنڪ ٽينڪ رکندو آهي ان کي ”ڪمدار“ چئبو آهي. ڪمدار وڏيري جو ٿنڪ ٽئنڪ هوندو آهي، توڙي جو ڪمدار جي پنهنجي سوچن جي صلاحيت ڪمزور هوندي آهي ۽ هو پاڻ ٿنڪ ٽينڪ جي بجاءِ تيل جي هڪ خالي ٽئنڪي جيان هوندو آهي، هو پنهنجي جڳاڙي دماغ سان گولن جون اهڙيون سوچون سوجهي وڏيري کي صلاحون ڏيندو آهي جو وڏيري جو تر ۾ ڏهڪاءُ قائم ۽ دائم رهي سگهندو آهي.

ڪڏهن ڪڏهن ڪمدار پاڻ وڏيري کان وڌ حڪم هلائيندو آهي جو آخرڪار جو وڏيري جو ٿنڪ ٽئنڪ هوندو آهي. تر ۾ جيڪي به قبيلائي جهيڙا جهٽا ٿين، پوليس ۾ ماڻهو جي ٻڌي ڇوڙي اليڪشن وارن ڏينهن ۾ چونڊ مهم جو ئي اهي سڀ عمل ۽ ڪارناما وڏيري جي ٿنڪ ٽئنڪ جي حوالي هوندا آهن.

ڪمدار کي اسين ديسي ٿنڪ ٽئنڪ پڻ سڏي سگهون ٿا. ڪڏهن ڪڏهن وڏيري وٽ هڪ بجاءِ گهڻائي ٿنڪ ٽئنڪس يا ٽئنڪون هونديون آهن. اهو وڏيري جي پنهنجي اختيار تي ڇڏيل آهي. باقي سنڌي ڊرامن ۾ جيڪڏهن وڏيرو آهي ۽ ان سان گڏ ٿنڪ ٽئنڪي يعني ڪمدار ناهي ته ڊرامو هلندو ئي ڪو نه! اسان جي سنڌي ڊرامن جي ڪمدار جي ڪردار کي جيترو مير محمد لاکي ملهايو ۽ جيترا ڀيرا ادا ڪيو آهي هي جيڪڏهن هالي وُڊ ۾ ڪمدار جو ڪردار ادا ڪري ها ته اڄ ”ٽام ڪروز“ ۽ ڪيٽ ونسليٽ سان گڏ ويٺو هجي ها! پر ڇا ڪجي پنهنجي ٻولي پنهنجا ماڻهو پنهنجي ڌرتي زنده آباد!

جيڪڏهن ڇوڪري نڪاح ۾ ويٺل هوندي آهي ته نڪاح مهل پڇا ڪرڻ تي ته فلاڻو پٽ فلاڻي جو هيتري اشرفين سميت توکي قبول آهي ته ان وقت ان ڇوڪري بجاءِ ان جي پاسي ۾ ويٺل جهور پوڙهيون ڪنڌ ڌوڻي هائوڪار ڪنديون آهن ۽ چونديون آهن ته نينگري شرمائي پيئي! اصل ۾ اهي ان وقت ڪنوار جون ٿنڪ ٽئنڪون هونديون آهن، اسين انهن ٿنڪ ٽئنڪن کي پنهنجي ڪنڌ ڌوڻڻ کان منع ڪرڻ بجاءِ ڇوڪري کي پرڻائي ڇڏيندا آهيون. جڏهن ڪو وڏيرو وزير ٿيندو آهي ته پوءِ هو ڪيترائي مشير ۽ صلاحڪار رکندو آهي اهي اصل ۾ وزير صاحب جا اهي سرڪار ٿنڪ تئنڪس هوندا آهن جيڪي ڪڏهن ڪڏهن پنهنجي خالي کوپڙي ۾ تيل وجهي وزير موصوف کي اهي صلاح ڏيندا آهن جو هو ان ۾ غوطا کائڻ لڳندو آهي! جيترو عهدو اعليٰ اوترو ٿنڪ/ ٽئنڪي جي سائيز ۽ نمبر به وڏو! اهي هڪ ٻئي لاءِ ائين آهن جيئن اڳي ”ولز ۽ ڪرڪٽ گو ٽو گيدر“ پاڻ پوڙهي پي ٽي وي ذريعي پسندا ۽ ٻڌندا هئاسين. پرائيويٽ ڪمپنين ۾ ڪمدار عرف ٿنڪ ٽئنڪس کي وري هڪ خوبصورت کنڊ لڳل نالي ۾ بند ڪيو ويو آهي، جنهن کي هو سڏين ”برانڊ ايمبيسڊر“ هي ٿنڪ ٽئنڪ ۽ ٽئنڪون اوهان کي شهر جي وڏي شاپنگ مال ۾ بت بڻيل بيٺي نظر اينديون پر جڏهن اهڙي شروع ٿين ته ڳوٺ واري ڪردار صبح جي سر ڏي خير هجي کي به مات ڏيئي ڇڏين. پنهنجي برانڊ جي اهڙي تعريف ڪن جو اها تعريف ٻڌي مرده به پنهنجي قبرن کان اٿي اچن ۽ اچي سندن تعريف زده ”پروڊڪسٽ“ خريد ڪرڻ لاءِ آماده ٿيو وڃن.

تمام وڏي عهدي وارن لاءِ وڏي ۾ وڏي ڳالهه اها هوندي آهي ته هو پنهنجي ٿنڪ ٽئنڪن جي چونڊ ڪيئن ڪن؟ ڇاڪاڻ ته ايندڙ چونڊ کٽڻ يا هارائڻ لاءِ انهن جو هنڌ انهن ٿنڪ ٽئنڪن جي اونڌي کوپڙي ئي هوندي آهي. اهي سلاجيتي طاقت ورتل ڪامورا ۽ راوي جي رياست جا والي ۽ وارث هجن ٿا، ڪڏهن ڪڏهن ڪي ٿنڪ ٽئنڪون کين اهڙي صلاح ڏيو ڇڏين جو جهڳو ئي جهڻ ٿيو وڃي! نتيجي ۾ سندن هر عمل ٻٽو، ڳالهيون به ٻٽيون، واعدا ۽ وفائون به ٻٽيون، شلوارون ۽ قميصون به ٻٽيون، سلايون ۽ ٽوپا به ٻٽا ۽ انهيءَ لاءِ سندن ٿنڪ ٽئنڪن مطابق ته اکيون به ٻٽيون، ڪن به ٻٽا، هٿ به ٻٽا وقت اوقات به ٻٽا تنهن ڪري وهنوار به ٻٽائي سُٺا پر انهن ٿنڪ ٽئنڪن کي ڪير چئي ته ڪائنات ۾ سج به هڪ ۽ چنڊ به هڪ، سنڌ به هڪ سنڌو به هڪ ته نظام به هڪ. جنگي حڪمت عملين کان هر وهنوار تائين سوچڻ جي وڏين وڏين ٽئنڪين عرف ٿنڪ ٽئنڪن جي ضرورت پوندي آهي. ڏيهي توڙي پرڏيهي ڪرنٽ توڙي بنا ڪرنٽ هر افيئرز لاءِ ٿنڪ ٽئنڪن جي ڪردار ۽ محنت کان انڪار معنيٰ گڏهه گهوڙي جهڙو ناهي صابو هار ڏنا ڏني هار پاتا جهڙو نهڪر ۽ انڪار آهي. هي جهان ته پالڻهار پيو هلائي پر جيئن ته هي دنيا هڪ ڳوٺڙو بڻجي ويئي آهي ۽ انهيءَ ڳوٺڙي جي هر ٻڌي ڇوڙي آمريڪا بهادر وٽ آهي سو ان وٽ جيڪي به حڪمت جون ڦڪيون ٺهنديون آهن اهي ڀلي اسان جي ڀتن تي لکيل حڪيماڻن نسخن جيان پوءِ قوت باهه وڌائڻ جي بجاءِ ماڳهين ملڪ ”ماسڪو“ ڪري ڇڏين پر اتي به جيڪي ڪمدار ويٺا آهن اهي ڀل پينٽاگان يا واشنگٽن ڊي سي ۾ هجن اهي سڀ جا سڀ ٿنڪ ٽئنڪون ئي آهن، جن جي ابتن سبتن صلاحن هڻي هن ڳوٺڙي جو امن تباهه برباد ۽ ناني واري پوري ناس جيان ڪري ڇڏيو آهي. ڪڏهن ڪنهن جي نالي ۾ ڪڏهن بي هٿيار بڻائڻ جي صورت ۾ ڪڏهن دهشتگردي مٽائڻ جي چڪر ۾ ڪڏهن ماڻهن کي حق ڏيارڻ ۽ انهن کي جمهوريت جو اصلي مزو چکائڻ جي صورت ۾ پنهنجن گهڻن پڙهيلن ٿنڪ ٽئنڪن جي ابتين صلاحن سان لوڊيڊ سوچن وارن گولي بارود سان هن ڳوٺڙي جي امن جي پکي کي ماري ڇڏيو آهي. جيڪڏهن دنيا جي حڪمرانن کي صلاح ڏجي ته اوهين پنهنجن ٺڳ ٿنڪ ٽئنڪن کي ڇڏي هن گولي تي رهندڙ مائرن کي مان ڏيئي انهن کان صلاح وٺو ته هوند نه گولي هلي نه ڪو بيگناهه ماريو وڃي نه جنگيون ٿين نه ئي جنگي حڪمت جا ڪتاب هجن. دنيا ۾ رڳو امن ئي امن هجي هر طرف امڙين جي لولين جي گونجار هجي.

shoukatali.lohar@gmail.com

 

below article banner

پنهنجو رايو ڏيو

توهان جو اي ميل پتو ظاهر نه ڪيو ويندو. گهربل معلومات تي هيءَ نشان لڳل آهي: *

*

You may use these HTML tags and attributes: <a href="" title=""> <abbr title=""> <acronym title=""> <b> <blockquote cite=""> <cite> <code> <del datetime=""> <em> <i> <q cite=""> <strike> <strong>

صفحي جي چوٽيءَ تي وڃو