Home / افيئر / گاجي کهاوڙ تاريخي ۽ قديمي شهر!
above article banner

گاجي کهاوڙ تاريخي ۽ قديمي شهر!

مصطفيٰ کهاوڙ

                        سنڌ 5 هزار سال قديمي ثقافت جي مالڪ ته آهي پر تاريخي حيثيت به رکي ٿي جڏهن ته سنڌ جو هر ڳوٺ توڙي شهر پنهنجي ڌار ڌار سڃاڻپ رکي ٿو پر لاڙڪاني ضلعي جي سڃاڻپ سڄي دنيا ۾ ان ڪري آهي جو موهن جو دڙو به ان ضلعي ۾ آهي پر دنيا جي عالمي ليڊر شهيد راڻي بنينظير ڀٽو توڙي سندس والد شهيد ڀٽو جو به ان ضلعي سان تعلق آهي. ايئن ئي تارخي شهر گاجي کهاوڙ به لاڙڪاڻي ضلعي ۾ ئي رهيو پر رڳو صدر ۽ پرويز مشرف جي حڪومتي دور ۾ لاڙڪاڻي ضلعي کي سياسي فائدو وٺرائڻ لاءِ ٻه اڌ ڪيو ويو ۽ وارهه تعلي کي به ان ضلعي ۾ ئي شامل ڪيو ، ان ڪري گاجي کهاوڙ شهر هاڻي قمبر ضلعي ۾ ئي آهي. واره شهر جي اتر، نصير آباد شهر جي اولهه ۽ دادو ضلعي جي شهر ميهڙ جي اتر ۾ گاجي کهاوڙ شهر واقع آهي. نصرآباد کان 10 ڪلو ميٽر ، واره کان 8 ڪلوميٽر ميهڙ کان 14 ڪلوميٽر گاجي کهاوڙ پري آهي. تقريبن 40 تي مشتمل گاجي کهاوڙ 80 سيڪڙو ماڻهن جو معاشي دارومدار زراعت تي آهي.تاريخي شهر گاجي کهاوڙ جو نالو ان شهر جو بنيادي رکندڙ ميان گاجي کهاوڙ جي نالي پٺيان پيو آهي. ميان گاجي کهاوڙ ميانوال تحريڪ دوران ميان نصير احمد ڪلهوڙي جي فقيرن ۾ شامل هو. جنهن بابت ميانوال تحريڪ بابت ڪتابن ۾ واضح لکيل آهي.

گاجي کهاوڙ جا پير ۽ بزرگ

                        گاجي کهاوڙ ۾ سيد صالح شاهه بخاري به وڏي سڃاڻپ آهي. سائين پاڻ فقير قسم جو ماڻهو هو. سائين صالح شاهه بخاري هميشه معصوم ٻارڙن کي وندرائڻ سندس مشعل هو، ؟؟؟؟؟؟؟؟؟؟ هن ته سائين کي هلندڙ خيرات ٻارڙن ۾ ورهائڻ ڇڏيندو هو، سندس شيرو سيد پاڙي ۾ اوقاف کاتي هڪ سندس عقيدتمند آفيسر جوڙايو آهي. شهر جي اولهه ۾ سائين معصوم شاهه جي مزار آهي. شهر جي اولهه ميان گاجي قبرستان وٽ شيخ سمبالو جي مزار آهي جتي پڻ سندس عقيدتمند ايندا رهندا آهن.

گاجي کهاوڙ جون تاريخون بايون

                        گاجي کهاوڙ ۾ تاريخي اڇي مسجد ۾ مشهور آهي، جنهن بابت چوڻ آهي ته اها مسجد ٽالپرن جي دور ۾ تعمير ڪرائي وئي ۽ کير سان مٽي ڳوهي استعمال ڪئي وئي ، جڏهن ته ان جي ڀرسان هڪ ٺُل به جوڙايو ويو هو، جيڪو صرف چنڊ ڏسڻ لاءِ تعمير ڪرايو ويو هو، جنهن جي مرمت نه ٿين سبب ڊهي پيو آهي. گاجي کهاوڙ ۾ هڪ قديمي کڏ به آهي جيڪا تقريبن 20 جريبن تي مشتمل آهي پر يونين ڪائونسل انتظاميا جي نااهلي سبب ان ۾ ڊرينيج جو نيڪال شروع ڪرايو ويو ، کڏ بابت وڏڙن جو چوڻ آهي ته ان کڏ ۾ مڇي سان گڏ پٻڻ تمام بهتر ٿيندي هئي، جڏهن ته پرڏيهي پکي سياري ۾ مهمان اچي ٿيندا هئا پر انتظاميا جي لاپرواهي ۽ ڪجهه قبضي مافيا جي ڪري کڏ ۾ مٺو پاڻي ڇوڙ نه ڪرڻ سبب مڪمل تباهه ٿي وئي ۽ گندي پاڻي جي کڏ بڻجي وئي آهي. شهر جي باني ميان گاجي کهاوڙ جي نالي سان قديمي قبرستان شهر جي اتر طرف سلطان تصوئب ڳوٺ ۽ بشارت کهاوڙ ڀرسان واقع آهي، جنهن جي ايراضي تقريبن 30 جريبن تي ٻڌل آهي پر ان ۾ ميان گاجي کهاوڙ جو مقبرو ۽پٽن مبارڪ خان ۽ ميان منگو خان کوکر ۽ ٻيا مقبرا ڏسڻ وٽان آهن، جن جي سار سنڀار ۽ مرمت نه ٿيڻ سبب زبون حالي جو شڪار آهن. ان قبرستان ۽ ميان نصير محمد ڪلهوڙي جي قبرن جو نمونو پاڻ ۾ ملي جلي ٿو، جيڪو ڪي اين شاهه ويجهو آهي.گاجي کهاوڙ جي اولهه طرف ڪاڇو شروع ٿئي ٿو ۽ ان ئي رستي اڪثر شاهه گودڙيو جي مزار طرف ايندا ويندا رهن ٿا، جنهن ته کير ٿر جابلو سلسلو به آهي جڏهن ته مشهور ڪارو جبل جتي “ ڪُتي جي قبر” به موجود آهي، اتان جي موسم اسلام آباد ۽ مري کان وڌيڪ ٿڌي آهي، جنهن جو ذڪر مرزاقليچ بيگ پنهنجي ڪتابن ۾ ذڪر ڪيو آهي . گاجي کهاوڙ پڙهيل لکيل ماڻهن جو انگ گهٽ يعني 50 سيڪڙو آهي اڪثر ماڻهو پورهيت ۽ هاري طبقو آهي، جڏهن ته هڪ بوائز هاءِ اسڪول، مڊل اسڪول ۽ 4 برائمري اسڪول موجود آهن پر گرلز ميڊل اسڪول جي عمات ٺهن کان اڳ ڊهي وئي جيڪا بينظير ڀٽو پنهنجي ٻئي حڪومت دور ۾ منظور ڪئي هئي. پر هاڻي اها ڊهي پٽ پئجي وئي آهي.

گاجي کهاوڙ جون سياسي ۽ سماجي شخصيتون

                        گاجي کهاوڙ سياسي لحاظ سان به گهڻي سڃاڻپ رکي ٿو، ڇاڪاڻ ته هتي ملڪ جون وڏيون سياسي شخصيتون اينديون رهيون آهن، جن ۾ گهڻو اڳوڻو وزير اعظم شهيد ذوالفقار علي ڀٽو ، اڳوڻو وڏو وزير اختر علي قاضي۽ ٻيا حڪومت دوران يا ؟؟؟؟؟؟؟؟؟؟؟؟؟ وري ايندا رهيا . سرائي ڪريم بخش کهاوڙ جيڪو ضلعي ڪائونسل جو چيئرمين به رهيو ۽ ان کي انگريزن خان بهادر جو عزاز به ڏنو، جيڪوڳوٺ جي چڱو مڙس به هو پر سياسي طور به ضلعي ليول تي وڏي شخصيت هو، ان جي لاڏاڻي بعد شهيد ذوالفقار علي ڀٽو فاتح لاءِ گاجي کهاوڙ آيو ۽ سندس پٽ قربان علي کهاوڙ جي عذرخواهي ڪئي. جڏهن ته 1970ع ۾ ٻوڏ دوران شهيد ذوالفقار علي ڀٽو گاجي کهاوڙ پڻ آيو هو، سرائي قربان علي کهاوڙ به ؟؟؟؟؟؟؟؟ سرائي سياسي طور رهيو، جڏهن ته ان کانپوءِ سرائي گل محمد خان کهاوڙ به پ پ ۽ نواز ليگ ۾ رهيو آهي. جڏهن ته هو نواز ليگ جي حڪومت دوران تعلقي خدمت ڪميٽي جو چيئرمين به رهي  چڪو آهي ۽ سندس پٽ ڪريم بخش خان کهاوڙ يوسي گاجي کهاوڙ جو ناظم رهي چو آهي، ناليواري فنڪار ممتاز لاشاري جو تعلق به گاجي کهاوڙ سان ئي آهي.

                        سياسي طور سائين حبيب الله جو به وڏو نالو آهي جيڪو هميشه ڀٽو صاحب کان وٺي پ پ۾ رهيو آهي، شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جڏهن به گاجي کهاوڙ آيو ته سندس اوطاق ۾ ضرور ايندو ۽ شهيد راڻي بينظير ڀٽو به هميشه سائين حبيب شاهه وٽ ايندي رهي . ايم آر ڊي تحريڪ دوران شهر ي کوڙ سارن جيل ڪاٽيا جن ۾ مرحوم قلندڙ بخش کهاوڙ، مکڻو کهاوڙ، ارباب علي شابراڻي، شرف شابراڻي، ممتاز ڏيپر، مرحوم شوڪت چنو، گلشير سانڀل ۽ ٻين ڪتيرن ئي ماڻهن جيل جون سختيون برداشت ڪيون. غازي گل حسن سومرو جيڪو شاعر سان گڏ سياست ۾ حصو ورتو جيڪو مشرف دور ۾ پ پ جي پليٽ فارم تان نائب ناظم رهيو. غلام حبيب ڀٽو سرڪاري ڪاموري سان گڏ سياسي سرگرميون ڪندو رهيو آهي. جڏهن ته شهيد مير مرتضيٰ ڀٽو ۽ ممتاز ڀٽو، غنويٰ ڀٽو، زختر علي جي قاضي ۽ ٻيا سياسي اڳوڻ غلام حسين ڀٽو به ايندا رهيا آهن. هاڻي ايس ايس پي جي عهدي تان رٽائرڊ ٿي چڪو آهي. ڪميونسٽ نظرئي اچڻ کان اڳ ؟؟؟؟؟ لاشاري ڪامريڊ عالم کوکر جيئي سنڌ قومپرست پارٽي ۾ هئا، جنهن بعد وطن دوست انقلابي پارٽي به ٺاهي ڪم ڪيو. ميان غلام نبي انڙ جي جماعيت اسلامي سان تعلق آهي.

صحافي شخصيتون

                        گاجي کهاوڙ جي ڪلراٺي زمين ۾ ضم ٿيندڙ ناليواري صحافي ۽ ليکڪ فقير محمد لاشاري وڏو نالو آهي. جنهن پنهنجڪ قلم ذريعي سنڌي ۽ سنڌين جو آواز اٿاريو  آمريتي دور ۾ ققالم زريعي اڳوڻي وڏي وزير ڄا۾ صادق علي کي للڪاروي. ف- م لاشاري سنڌي اخبارن ۾ جديدصحافت کي متعارف ڪرايو ۽ ايڊيٽوريل ۽ ڪالمن ذريعي سنڌ جو ڪيس وڙيو ۽ ف، م لاشاري نوجوانن ۾تعليم ۽ صحافت جو شعور ڏنو. ف م لاشاري صحافي  شيرمحمد کهاوڙ ۽ علي گوهر کهاوڙ کي صحافت ۾ متعاف ڪرايو، جنهن بعد کوڙ سارن نوجوانن صحافت کي پروفيشنل بڻائي روزگار جو ذريعو ڳولي لڌو آهي. جنهن ۾ نور جوکيو جو به وڏو نالو آهي، هن وقت ڪي ٽي اين ۾ فرض سرنجام ڏئي رهيو آهي پر کوڙ بيروزگارنکي ٽي وي چئنل ۾ روزگار ڏياريو آهي، شهر جو ڪو به نوجوان شل نور جوکو وٺ روزگار لاءِ پهچي پر ان کي نوڪري ضرور ملندي.ان ڪري نور جوکئي کي غريبن جو يار به ڪوٺيو وڃي ٿو. سندس ڀائر به ان شعبي ۾ لاڳاپيل آهن. فياض جوکيو، جيڪو ڪيترن ئي سالن کان مختلف اخبارن ۾ ايڊيٽوريل ۽ نيوز زيڊيٽر طور ڪم ڪري چڪو آهي. سجاد جوکيو، منظور جوکيو، رضوان جوکيو، عجيب کهاوڙ، اياز چنو، نور مصطفيٰ لاشاري، اختيار لاشاري، راجا سومرو، وحيد چانڊيو، الاهي بخش چنو، صفدر چنو، ارشاد شاهه، شاهد ابڙو، غلام مصطفيٰ کهاوڙ، محمد کهاوڙ، احسان لاشاري، مقبول کهاوڙ، اياز کهاوڙ، سرفراز کهاوڙ، رضوان، کهاوڙ، شاهد شابراڻي، ڪندر چنا، اصغر ملاڻو، گلزار چانڊيو ، ڪريم لاشاري ۽ ٻيان ڪيترائي نوجوان صحافت جي شعبي سان سلهاڙيل آهن. بيروزگاري ۽ غربت سبب اڪثر ان جوان صحافت طرف لاڙو ڪري رهيا آهن، گاجي کهاوڙ هاءِ اسڪول جو نالو سرڪار مرحوم ف م لاشاري نالي منسوب ڪري ڇڏيو آهي.

گاجي کهاوڙ ۾ تعليم جي شرح

                        شهر ۾ تعليم طرف تمام گهٽ لاڙو آهي ان جو سبب غربت ۽ بيروزگاري آهي. ڇوڪرين جي تعليم 1990ع کان اڳ صرف 5 جماعت تائين پرهائڻ جو رجحان هو پر 1991ع ۾ بوائز اسڪول ۾ ڇوڪرين کي گڏ ڏڙهائڻ ڪو ايجوڪيشن جو رجحان اتان جي استاد همت علي کهاوڙ پنهنجي نياڻي فاطمه کي پڙهائي شروع ڪرائي ۽ دردر وڃي ماڻهن کي نياڻيون پڙهائڻ لاءِ زور ڀريو. 1991ع ۾ ناليواري صحافي ف م لاشاري ميئٽرڪ جي شاگردن جي الوداعي تقريب ۾ تقرير دوران اهي لفظ چيا ته مان اڄ اسڪول ۾ ڇوڪريون تعليم پرائيندي ڏسي ڏاڍي خوشي ٿي آهي ۽ انهن والدين کي مبارڪ ڏيان ٿو جن نياڻين کي تعليم ڏيارڻ شروع ڪئي آهي. بهرحال هاڻي سوين ڇوڪريون گريجوئيٽ ۽ پوسٽ گريجوئيٽ ٿي چڪون  آهن.

گاجي کهاوڙ ۾ رهندڙ ذاتيون

                        کهاوڙ، جوکيا، لاشاري، جويا، ٻٻڙ، چنا، سولنگي، شابراڻي، ڪوري، سيد جلباڻي، چانڊيا، سومنگي سيهڙ، گڊا، سومرا، بوهي، کوسا، قريشي، سانڀل شيخ ۽ ٻيون ذاتيون شهر ۾ رهن ٿيون.

گاجي کهاوڙ ۾ هندد جو ڪردار

                        انگريزن جي دور ۾ شهر ۾ هندو وڏي انگ ۾ رهندا هئا پر ورهاڱي کانپوءِ اڪثر هندو خاندان لڏي ويا، جنهن ڪري شهري ڪاروبار کي وڏو ڌڪ رسيو، اڪثر وڏڙا چوندا آهن ته واڻيا هوندا هئا ته آسپاس جا ڳوٺڻ ۽ شهرن جو واپاري مرڪزگاجي کهاوڙ هو پر ورهاڱي بعد هندن کي تنگ ڪري لڏايو ويو ۽ سندن ملڪيتن تي قبضا ڪياويا، جڏهن ته سيٺ لڪيانداس جو وڏو ڪردار آهي جڪيو غريبن جو همدرد ۽ خيرخواهه هگو، پورهيت توڙي غريبن جي مدد ڪرڻ نياڻين کي ڏاج ڏيڻ ۽ روزگار ڏيارڻ ۾ اڳڀرو هو، پاڻ سيلر جو مالڪ ۽ زميندار ماڻهو هو، جنهن شهر کي مرڻ  گهڙي تائين نه ڇڏيو ۽ سندس پٽ پرڪاش اڄ به سارين جو واپار ڪري ٿو. انسانيت جي هڏڏوکي ڪليانداس کي انسان دشمن ڌاڙيلن ڀنگ نه ڏيڻ تان کيس بيگناهه قتل ڪيو ويو. جنهن لاءِ شهر رنو هو ۽ ڪيترائي ڏينهن سوڳ پڻ رهيو هو، سيٺ ڪليانداس شهر ۾ پاڻ نه هئڻ ڪري پنهنجي زمينن ۾ کوهه کوٽرايا انهن ۾ انش رام جو کوهه اڄ تائين مشهور آهي. سيٺ ڪليانداز سماج سڌارڪ طور به علائقي ۾ مشهور هو.

کهاوڙ ذات جي تاريخ

                        ڪتاب تاريخ ريگستان ڀاڱو پهريون منصف لاءِ چند هري جڻ موضوع “هالاڻي جي جنگ” صفحو 144 ۽ 145 ۾ لکيو آهي ه 1783 ۾ ميان عبدالغني ڪلهوڙي جو دور هو، جنهنن ۾ تالپرن سان جنگ ٿي ان ۾ محمد جمن کهاوڙ جيڪو چڱو مڙس هو، باقرخان کهاوڙ، سلطان کهاوڙ ۽ ٻيا مارجي ويا، ڪتاب سنڌ جي تاريخ جو جديد مطالعي ۾ منصف پروفيسر عبدالله مگسي صفحي 136 ۾ ليکو آهي ته اچ ۽ سري جي ٻن حصن مان پنهنجي مرشد سان گڏ سنڌ ڏانهن هجرت ڪري آيا، سندس ٻولي سرائڪي هئڻ ڪري کين سرائي سڏيو ويندو آهي. گاجي کهاوڙ پنهنجي قبيلي جو سردار ۽ ميان نصر محمد ڪلهوڙي جو معققد هو. لاڙڪاڻي ضلعي جي شهداد ڪوٽ ۾ کيس جاگير مليل هئي جتي هن پنهنجي نالي پٺيان گاجي کهاوڙ ڳوٺ ٻڌو، جيڪو اڄ به موجود آهي. هن پنهنجي پرڳڻي کي آباد ڪرائڻ لاءِ ڀرپور ڪوششون ڪيون جنهن ڪري هن قبيلي جا ماڻهو سکيا ستابا ٿيا. هي بهادري ۽ نامياري سردار ڪيتن ئي مهمد ۾ ميان نصر محمد ڪلهوڙي سان هو ڪاب رهيو، سندس ڪارنامن کي اجاگر ڪرن سان ڪلهوڙا تاريخ جون ڪيتريون حقيقتون ظاهر ٿي سگهن ٿيون. سندس وفات کان پوءِ عاليشان مقبرو اڏيو ويو، سندس تڪير گاجي کهاوڙ ڀرسان قائم ڪيو ويو پر سندس مڙهه ميان نصير احمد ڪلهوڙي ڀرسان دفنايو ويو ۽ مقبرو به آهي.

گاجي کهاوڙ ۾ تعليم لاءِ پتوڙيندڙ شخصيتون

                        گاجي کهاوڙ ۾ اسڪول هوندي ڪو ب استاد مشڪل سان ڊيوٽي ڪندا هئا، ڇاڪاڻ ته شهر م سهولتن جي اڻهوند ۽ سواري نه هئڻ ڪري استاد بدلي ڪرائي هليا ويندا هئا پر سائين مصري خان ڪلهوڙو 20 سال ڳوٺ ۾ تعليم ڏيندو رهيو ۽ آخرڪار رٽائر مينٽ به هتان ئي ڪري ويو، سندس شاگردن ۾ صفائي ف م لاشاري، علي گوهر کهاوڙ، شير محمد کهاوڙ، ايس ايس پي اٽائرڊ غلام حسين ڀٽو ٻيا آهن. شاگرد مختلف عهدي تي فائز آهن. انجنيئر سائين امير اعلي ڏيپر، علي خان جلباڻي، نثار جلباڻي، سائين عبدالجبار سومورو، ديدار جلباڻي، محمد اسلم شيخ، غلام مصطيٰ چانڊيو، سائين عثمان بروهي گاجي کهاوڙ ۾ وڏو عرصو ڊيوٽي ڪري تعليم جي واڌاري لاءِ ڀرپور ڪوششون ورتيون آهن.

below article banner

پنهنجو رايو ڏيو

توهان جو اي ميل پتو ظاهر نه ڪيو ويندو. گهربل معلومات تي هيءَ نشان لڳل آهي: *

*

You may use these HTML tags and attributes: <a href="" title=""> <abbr title=""> <acronym title=""> <b> <blockquote cite=""> <cite> <code> <del datetime=""> <em> <i> <q cite=""> <strike> <strong>

صفحي جي چوٽيءَ تي وڃو