Home / افيئر / “گذري جي ويا، سي زمانا ياد پيا” جو جائزو اوڀر: پاڪستان جي علحدگي بِلُو پرنٽ ايوب خان تيار ڪيو ۽ يحى خان ان تي عمل ڪيو
above article banner

“گذري جي ويا، سي زمانا ياد پيا” جو جائزو اوڀر: پاڪستان جي علحدگي بِلُو پرنٽ ايوب خان تيار ڪيو ۽ يحى خان ان تي عمل ڪيو

نصير اعجاز 

ھن وقت جڏھن بنگلاديش (اڳوڻو اوڀر پاڪستان) ۾ جماعت اسلاميءَ جي ھڪ اڳواڻ عبدالقادر مُلا کي 1971 ۾ بنگالين جي قتل ۽ ٻين سنگين انسانيت سوز حرڪتن جي ڏوھه ۾ ڦاھيءَ چاڙھيو ويو آھي، تڏھن پاڪستان جي جماعت اسلامي ۽ سندن ھمخيالن ۾ ٻائيتال متل آھي. ھو عبدالقادر مُلا جي ڦاھيءَ کي 1971 ۾ پاڪستان جي حمايت ڪرڻ جو نتيجو سڏي غلط پرچار ڪرڻ سان گڏ اوڀر پاڪستان جي علحدگيءَ ۾ شھيد ذوالفقار علي ڀُٽي کي ملوث ڪري رھيا آھن. سندن زھريلي پرچار کي رد ڪرڻ لاءِ حمودالرحمان ڪميشن جي رپورٽ، ايوب خان ۽ يحى خان جي زماني جي وزيرن ۽ ٻين سياستدانن توڙي بين الاقوامي مبصرن جا ڪتاب موجود آھن جن کي پڙھڻ جي ضرورت آھي. انھن حالتن تي روشني وجھندڙ ھڪ نئون ڪتاب تازو مارڪيٽ ۾ آيو آھي جنھن ۾ اڳوڻي اوڀر پاڪستان جي حالتن، آمرن ايوب خان ۽ يحى خان جي سازشن توڙي اڻ چونڊيل پھرين وزير اعظم لياقت علي خان جي غلط سوچ ۽ پاليسين تي تفصيل سان لکندي انھن ڪتابن جا حوالا به ڏنا ويا آھن جن ۾ واضح طور لکيو ويو ته اوڀر پاڪستان جي علحدگيءَ جو بِلُو پرنٽ ايوب خان جي دور ۾ ٺھيو جنھن تي عمل جنرل يحى خان اچي ڪيو. 

بزرگ سياستدان سائين عبدالغفور ڀرڳڙي، جنھن جي عمر ھن وقت 92 ورھيه آھي، جھوناڳڙھه ۽ عليڳڙھه ۾ شاگردي، تحريڪِ پاڪستان ۽ آل انڊيا مسلم ليگ جي سرگرم ڪارڪن، پيپلز پارٽيءَ جي اڳواڻ ، لاڙڪاڻي ميونسپلٽيءَ جي صدر، اڳوڻي صوبائي وزير، وڪيل، صحافي، اديب ۽ ٻين حيثيتن ۾ ھندستان، پاڪستان ۽ سنڌ جي سياسي، سماجي ۽ اقتصادي حالتن کي نه رڳو تمام ويجھڙائيءَ کان ڏٺو پر گانڌي، نھرو، جناح، لياقت علي خان ۽ ان زماني جي ٻين ليڊرن کان وٺي هاڻوڪي وقت جي سياستدانن کي به چڱيءَ طرح پرکيو آھي. ھن اھي سمورا احوال پنھنجي آتم ڪٿا “گذري جي ويا، سي زمانا ياد پيا” ۾ لکيا آھن، جيڪا سندن فرزند عبدالماجد ڀرڳڙيءَ تازو ئي ڇپرائي سنڌيڪا اڪيڊميءَ ذريعي پڌري ڪئي آھي. 750 کان وڌيڪ صفحن جي ھن ڪتاب ۾ سياسي توڙي فوجي حڪمرانن جي غلط ڪارين تي کليل لفظن ۾ ٽيڪا ٽپڻي ڪئي وئي آھي. ڀُرڳڙي صاحب جو ھيءُ ڪتاب ھڪ صديءَ جي تاريخ آھي جيڪو تاريخ جي شاگردن لاءِ اھم دستاويز ثابت ٿيندو. ھن ڪتاب ۾ ورھاڱي کان اڳ توڙي پوءِ جي تاريخ ۽ شخصيتن بابت ڪي اھڙا داستان به شامل آھن جيڪي اڳي شايد ڪنھن نه لکيا ھوندا. تحريڪِ پاڪستان ۾ سرگرم حصو وٺڻ جي ڪري ڀُرڳڙي صاحب مسلم ليگ جي اڳواڻن سان گھڻو ويجھو رھيو. ھن آل انڊيا مسلم ليگ به ڏٺي ته پاڪستان ٺھڻ کانپوءِ واريون پارٽيون به ڏٺيون. ان تجربي ۽ مشاھدي آڌار سندن تبصرا نھايت اھم آھن.

ڀرڳڙي صاحب تاريخي واقعن ۽ شاھدين کي آڏو رکندي شھيد ڀُٽي تي مشرقي پاڪستان جي علحدگيءَ جو ذميوار ھئڻ جي الزام کي رد ڪري ٿو ۽ آمر حڪمرانن جنرل ايوب ۽ يحى خان کي ان جو ذميوار ڪوٺي ٿو. 

“ايوب خان جي وزير ۽ سابق چيف جسٽس محمد منير 1962 ۾ ئي کيس چيو ھو ته مشرقي پاڪستان جون حالتون سنگين آھن. ان تي ايوب چيو ھوس ته ھو ڪنھن بنگالي سياستدان سان ڳالھائي علحدگي جي باري ۾ سندن راءِ وٺي. منير ھڪ بنگالي وزير سان ڳالھه ڪئي جنھن وراڻيس ته اسان اڪثريت ۾ آھيون، اسان ڇو علحدگي چاھينداسين؟ جي الڳ ٿيڻو آھي ته اھا ڳالھه مغربي پاڪستان سوچي. منير اھي ڳالھيون پنھنجي ڪتاب “جناح ٽو ضياءَ” ۾ ڄاڻايون آھن. ايوب جي سابق دادلي سيڪريٽري الطاف گوھر به پنھنجي ڪتاب “ايوب خان” ۾ لکيون آھن. الطاف گوھر لکي ٿو ته ھن 1968 ۾ ئي ايوب خان کي چيو ھو ته مشرقي پاڪستان الڳ ٿي ويندو جنھن تي ايوب خان ڪاوڙ ۾ وراڻيو ھو ته اھي بنگالي اسان سان ھونئن به ڪونه رھندا. يحى خان جي ھڪ وزير جي ڊبليو چوڌريءَ به پنھنجي ڪتاب ۾ اھا حقيقت صاف لفظن ۾ تحرير ڪندي چيو آھي ته مشرقي پاڪستان جي علحدگيءَ جو بلوپرنٽ ايوب خان جي ڏينھن ۾ تيار ڪيو ويو جنھن کي عملي صورت يحى خان اچي ڏني.” 

پنھنجي ڪتاب “دي لاسٽ ڊيز آف يونائيٽيڊ پاڪستان” ۾ چوڌريءَ وڌيڪ لکيو ته ايوب خان جڏھن ملڪ ۾ جمھوريت کي ختم ڪري ڊڪٽيٽرشپ مڙھي ته اھا ئي درحقيقت متحده پاڪستان جي خاتمي جي ابتدا ھئي. ايوب جي حڪومت ۾ بنگالين لاءِ قومي معاملن ۽ فيصلن ۾ شموليت جا رستا بند ڪيا ويا ۽ اھو ئي متحده پاڪستان جي ٽُٽڻ جو بنيادي ڪارڻ ھو.”

ڀرڳڙي صاحب موجب بنگلاديش جي ٺھڻ جا فوري سبب به پاڪستاني جنرلن 25 مارچ 1971 تي مھيا ڪري ڇڏيا ھئا. ھو ان لاءِ جي ڊبليو چوڌريءَ جي ڪتاب جو حوالو ڏئي ٿو جيڪو لکي ٿو ته: “پاڪستاني فوج جيڪو قدم 25 مارچ 1971 جي اڌ رات تي کنيو سو ھر لحاظ کان ناجائز ۽ ناقابلِ معافي ھو. فوج جي ان مھم جي نتيجي ۾ ھزارين بيگناھه انسانن جو سفاڪانه قتل ٿيو جن ۾ عورتون، پوڙھا، بيمار ۽ ٻار به شامل ھئا. لکين ماڻھن ڀڄي وڃي ڏورانھن علائقن ۽ ھندستان ۾ پناھه ورتي. اھو الميو ڪٿ کان ٻاھر ھو. جيڪا موت ۽ تباھي ٿي ان جو تخمينو شايد ڪڏھن به لڳائي نه سگھجي. مجيب الرحمان موجب 30 لک بنگالي ماريا ويا پر پاڪستاني حڪومت جو ڪاٿو صرف ھزارن ۾ ھو. انصاف ۽ اخلاق جي تقاضائن کان قطع نظر ڇا فوج جيڪو قدم ملڪ جي جاگرافيائي سالميت کي بچائڻ لاءِ کنيو سو مناسب ھو؟ جن غريبن نه علحدگي پئي چاھي ۽ نه سازشن ۾ شريڪ ھئا، ڇا انھن بيگناھن کي قتل ڪرڻ جائز ھو؟ ڇو ابھم ٻارڙن کي سندن والدين جي سامھون قتل ڪيو ويو؟ ڇو زائفن جي سندن مڙسن ۽ والدين جي موجودگيءَ ۾ لڄالُٽ ڪئي وئي؟ اجتمائي سزا واري پاليسي تي عمل ڪندي فوجي گورنر ڳوٺن جا ڳوٺ ساڙائي ڇڏيا. ڇا فوج اھڙا ڪم پنجاب ۾ ڪري ھا؟” 

جي ڊبليو چوڌري لکي ٿو: “ يحى مون کان پڇيو ھو تو ڍاڪا ۾ ڇا ڏٺو؟ مون ھڪدم جواب ڏنومانس ته جيڪو به ٻاھرين اخبارن لکيو آھي تنھن ۾ ڪو وڌاءُ ڪونھي بلڪ حقيقت ۾ بنگالي عوام جيڪي ظلم ۽ ذلتون سٺيون آھن سي سموريون ظاھر نه ڪيون اٿن.” 

ملڪ جي تباھيءَ ۾ لياقت علي خان جي ڪردار تي به ھن بلڪل چٽن لفظن ۾ تبصرو ڪيو آھي. ھو لکي ٿو ته: 

“قائدِاعظم آخر تائين زور ڀريندو رھيو ته ملڪ جو آئين ھڪدم ٺاھيو وڃي ۽ ان ۾ دير نه ڪئي وڃي پر قائدِاعظم جي جانشينن جون ترجيحات مختلف ھيون جن مان سڀ کان اول ھئي پنھنجي اقتدار کي قائم رکڻ. ھندستان 1949 ۾ آئين ٺاھي 1950 ۾ عام چونڊون به ڪرائي ڇڏيون پر اسان وٽ لياقت علي خان ٽال مٽول ڪندو رھيو ۽ اھو رڳو ان ڪري جو عام چونڊن ۾ سندس وزير اعظم چونڊجڻ جا امڪان ڪونه ھئا. کيس قومي فلاح کان وڌيڪ ذاتي اقتدار ۽ طبقاتي مفاد عزيز ھئا. مشرقي پاڪستان جي آبادي ڪل آباديءََ جو 56 سيڪڙو ھئي تنھنڪري زياده امڪان ھو ته وزير اعظم اتان چونڊجي اچي ھا ۽ گھڻو امڪان ھو ته حسين شھيد سھروردي وزيراعظم چونڊجي ھا. مگر لياقت علي خان سھرورديءَ جو شديد مخالف ھو. ٻئي نمبر تي وڏو صوبو پنجاب ھو ۽ اتان جو عوام به لياقت علي جي خلاف ھو ڇو ته ھن پنجاب ۾ جيڪي صوبائي چونڊون 1950 ۾ ڪرايون ھيون تن ۾ ڌانڌلي ڪري ممتاز دولتانه کي وڏو وزير چونڊرايو ھئائين. ايئن محض پنھنجي اقتدار کي قائم رکڻ لاِ لياقت عليءَ قومي آئين ۽ چونڊن جھڙن اھم ترين معاملن کي سردخاني داخل ڪري ڇڏيو ھو.” 

ملڪ جي پھرين وزيرِ اعظم بابت ھو وڌيڪ لکي ٿو ته: “لياقت علي خان جي ئي حڪم تي ميجر جنرل اڪبر خان، فيض احمد فيض، ارباب نياز محمد خلاف ڪوڙو ڪيس ڪيو ويو جيڪو راولپنڊي سازش ڪيس جي نالي سان مشھور ٿيو. ان ۾ مٿن حڪومت جي تختي اونڌي ڪرڻ جي سازش جو الزام ھو. حقيقت اھا ھئي ته ميجر جنرل اڪبر ۽ ٻيا فوجي ڪشمير ۾ ھڪدم جنگ بند ڪرڻ جا مخالف ھئا ڇاڪاڻ ته ھندستاني فوج سندن گھيري ۾ ھئي. لياقت عليءَ ان جي برعڪس فوري جنگبنديءَ جو حڪم صادر ڪيو. اھو معاملو 1949 جي شروعات جو ھيو پر تعجب آھي ته انھن جي خلاف ڪيس ھلائڻ لاءِ خاص ٽربيونل 1951 ۾ ٺاھي وئي. ان ٽربيونل جي قاعدن موجب ان جي فيصلي خلاف اپيل جي ڪابه گنجائش ڪانه ھئي. ان وقت فوج جو ڪمانڊر ايوب خان ھو ۽ لياقت علي خان ۽ ھن جي باھمي ڳٺ جوڙ سان سازش جو ڪيس تيار ڪيو ويو ۽ سزائون ڏنيون ويون.” 

“بھرحال ٻنھي وڏن صوبن جي مخالفت لياقت علي کي مھانگي پوي ھا ۽ ھن جو وزيراعظم چونڊجڻ ناممڪن ھو. خود سندس وزارت ۾ جيڪي پنجابي وزير ھئا، سي به سندس مخالف ھئا. 16 آڪٽوبر 1951 تي کيس راولپنڊيءَ ۾ قتل ڪيو ويو. بدنظميءَ جي اھا حد ھئي ته وزيراعظم جي قتل جي ايف آءِ آر به رڪارڊ تي ڪانھي،” ھو لکي ٿو. پاڪستان ۾ اقتدار تي راتاھا سدائين نظريهءِ ضرورت تحت ھنيا ويا. ان نبدنام نظريه جي شروعات بابت لکندي ڀرڳڙي صاحب لکي ٿو:

“لياقت علي جي قتل کانپوءِ 1954 ۾ پاڪستان جي آئين ساز اسيمبليءَ ملڪ جو آئين ٺاھيو جنھن ۾ گورنر جنرل جي اختيارن کي گھڻي ڀاڱي ختم ڪيو ويو. اڻ چونڊيل گورنر جنرل اچي ان ڳالھه تي ڏمريو. ھن عوام جي چونڊيل آئين ساز اسيمبليءَ سميت ملڪ جي سڀني اسيمبلين کي ٽوڙي ڇڏيو. سڀ وزارتون ختم ٿي ويون ۽ پوءِ مرڪز ۾ نئين وزارت جوڙي وئي. ان وزارت ۾ فوج جي ڪمانڊر انچيف جنرل ايوب خان کي وزير دفاع مقرر ڪيو ويو. اھو پھريون دفعو ھو جو ھڪ فوجي جنرل کي ملڪ جي ڪابينا ۾ شامل ڪيو ويو ھو. آئين ساز اسيمبليءَ جي اسپيڪر مولوي تميزالدين خان چونڊيل اسيمبليءَ کي ٽوڙڻ واري غيرقانوني ۽ آمرانا قدم خلاف سنڌ چيف ڪورٽ ۾ درخواست داخل ڪئي. ڪورٽ ڌُرين کي بُڌڻ بعد فيصلو ڏيندي تميزالدين خان جي درخواست منظور ڪئي. مرڪزي حڪومت ان فيصلي خلاف فيڊرل ڪورٽ ۾ اپيل داخل ڪئي. فيڊرل ڪورٽ جو چيف جج جسٽس ايم منير ھو . سواءِ ھڪ عيسائي جسٽس ڪارنيلس جي ٻيا سمورا جج مسلمان ھئا. فيڊرل ڪورٽ فيصلو ڏنو ته گورنر جنرل غلام محمد جو جو قدم قانوني طرح درست آھي. ملڪ جي اعلي ترين عدالت جي ان بدترين فيصلي جي نتيجي ۾ آمريت جي سوڀ ٿي ۽ جمھوريت شڪست کاڌي. اھو پھريون قانوني فيصلو ھو جنھن پاڪستان جو سياسي مستقبل ھميشه لاءِ بدلائي ڇڏيو ۽ ڊڪٽيٽرشپ لاءِ راھه ھموار ڪئي. ان سياسي فتوى ۾ نظريهءِ ضرورت جي پھريون ڀيرو آڙ ورتي وئي جنھن جي بنياد تي اڳتي ھلي 7 آڪٽوبر 1958 تي پاڪستان ۾ مارشل لا مڙھي وئي ۽ ملڪ فوجي ڊڪٽيٽرشپ جي حوالي ٿيو. صرف جسٽس ڪارنيلس باقي مسلمان ججن جي فيصلي سان اختلاف رکندي حڪومت جي خلاف پنھنجو الڳ فيصلو ڏنو.” 

ڀرڳڙي صاحب لکي ٿو ته: محمد علي جناح پاڪستاني ليڊرن ۽ خاص طور لياقت علي ۽ وزيرن کي سمجھائڻ جي گھڻي ڪوشش ڪئي پر ھو پنھنجي غلط رستي تي ھلندا رھيا بلڪه انتظار ڪندا رھيا ته جناح ڪڏھن ٿو جھان ڇڏي. گھڻو زور ڀرڻ جي باوجود لياقت عليءَ آئين ڪونه ٺاھيو ۽ جناح جي ڳالھين کي ٻڌو اڻ ٻڌو ڪري ڇڏيو. جلد ئي مشرقي ۽ مغربي پاڪستان جي وچ ۾ سرد جنگ شروع ٿي وئي. مشرقي پاڪستان ۾ ته مسلم ليگ جو وجود ذري گھٽ ختم ٿي چڪو ھو. 1954 وارين چونڊن ۾ اسيمبليءَ جي 300 کان مٿي سيٽن مان مسلم ليگ ڇڙو 9 سيٽون کٽيون ھيون. 

ڀرڳڙي صاحب پنھنجي ڪتاب ۾ محمد علي جناح بابت لکيو آھي ته: ھو سدائين ان ڳالھه جو مخالف رھيو ته مذھب کي سياست ۾ گھليو وڃي. اھو گانڌي ھو نه ڪي جناح جنھن سياست ۾ مذھب کي ملوث ڪيو. جناح ته ھندستان جي ورھاڱي جي ئي خلاف ھو ۽ 1946 ۾ ھو پاڪستان جي مطالبي تان دستبردار ٿيڻ لاءِ تيار ٿي ويو ھو. 

ون يونٽ مخالف تحريڪ، سنڌ جي سياستدانن جي ڪردار، سنڌ خلاف سازشن ۽ ٻين انيڪ موضوعن تي ھن ڪتاب ۾ مواد شامل آھي. ڪتاب ۾ ڪيترين ئي شخصيتن جا پروفائيل به ڏنا ويا آھن.

below article banner

پنهنجو رايو ڏيو

توهان جو اي ميل پتو ظاهر نه ڪيو ويندو. گهربل معلومات تي هيءَ نشان لڳل آهي: *

*

You may use these HTML tags and attributes: <a href="" title=""> <abbr title=""> <acronym title=""> <b> <blockquote cite=""> <cite> <code> <del datetime=""> <em> <i> <q cite=""> <strike> <strong>

صفحي جي چوٽيءَ تي وڃو