Home / افيئر / گرو گهنٽال جو کلڻ ۽ روئڻ !
above article banner

گرو گهنٽال جو کلڻ ۽ روئڻ !

ارشاد ميمڻ

                        رسالي جي ايڊيٽنگ ٽيم جي مشوري سان هن ليک جو عنوان اوهان مٿي پڙهي آيا آهيو. راويءَ نه ته ، تحرير کي هيئن سرموڙ ڏيڻ ٿي گهريو – گُرو گهنٽال جي ناچاقيءَ جا معاشري تي اثر. چون ٿا ته ٿورڙن لفظن ۾ هيڊنگ هئڻ کپي. تنهن ڪري- گُروگهنٽال بابت ادبي لکڻي. ساهت ارواح ڪاوڙ جي ويندا، خيال آيو. چوڌاري نهارڪرڻ سان ڪيترائي لکاري ڪُٽڻپي ۾ رُڌل نظر آيا. ڪجهه سنڌي ٻوليءَ ۾ ۽ گهڻا اردو سان لاڳاپيل . آڪسفورڊ يونيورسٽي پريس ديرئي ڪانه ڪئي. دادا گيرن جي اَبَي جي اتم ڪٿا انگريزي ۾ ڇپائي ڇڏيائون. ڪراچي يونيورسٽي جي شاعر وائس چانسلر ڪتاب جي مهورت جي موقعي تي اداري پاران فخر جو اظهار ڪيو ته دلبر سائين اُتان ڊگري ورتل آهي. سندس قسم جا ڇوڪرا درسگاهن مان ڪيئن گريجوئيٽ ۽ ماسٽر ٿيندا آهن. جڳ ڄاڻي ٿو.

                        شودا ماڻهو، رول ماڊل ٿيندا پيا وڃن، افسوس ! مڃيل ادارا کين چڱائي، اوچائي جون سندون بخشين، روئڻ ٿو اچي. شهر ۾ مشاعرا پڻ سجن ٿا، اچرج جو هنڌ. “ منزل نه ” رهنما کپي، – هڪڙي ڪوي صاحب جي سٽ مشهور ٿي. هر طرف ڀتين تي چاڪنگ ڏٺي هوندوَ. ٻه ٽي ڏهاڪا اڳ جي ڳاهه آهي. مظلومن جا ساٿي چي گويرا، نيلسن منڊيلا ڪوٺياپئي ويا. دنيا ترقي ڪري وئي آهي. ڌرتي تي آباد ستين نمبر وڏي وسندي جي رهواسين کي سَو تاج گروگهنٽال جي نراڙ تي سجائڻ جو پَههُ پيو. شاعري، گيت، ترانا. راڳي چُست ٿيا. چار سئوکن ڳيچ آهن جي سُهڻل جي مان ۾ هرگهڙي وڄندا رهن ٿا. نثري تحريريون، رسالا ۽ اخبارون ڌار ثنا خواني ۾ مصروف. دل ٿي چوي ته مُهاگُرو جي عظمت نالي ڊگهي ٿيسز چاپرائي گورنر سرڪار کان ڪو عُهدو وٺي، ڳڻ پيا ڳائجن. هونئن به زماني ۾ لنگهائي سڻڀا گرانهه کائيندا رهن ٿا.

                        ٻوريءَ سبيل لاش. مٿي، ڇاتي ۽ پيٽ تي ڊرل مشين سان سوراخ ٿيل. لياري نديءَ جي گندي، گٽرواري پاڻيءَ ۾ پيل ملي ته شهر جو پيرُ خوش ٿئي. هڪ کان وڌيڪ انسان ايئن مارجن ۽ ڏيهاڙي واقعا ٿين ته سندس مُسرت جي ڪا حد نه هجي. گهٽ شهري خبر رکن ٿا ته جسماني طرح ڀلي هو ولايت ۾ گذاري پيو. منجهانئس ٻاهر، خارج ۾ نڪري آيل بدروح لالوکيت، ناظم آباد ۽ اورنگيءَ ۾ چڪر پيو هڻي، آدم بوءِ، آدم بُوءِ ڪندو وتي. ڏتڙيل لوڪَ، مظلومن جو ساٿي چورائي هنن جو رت چُوسڻ جو شوقين. هر پاسي ڏهڪاءُ پکيڙي مُسڪرائيندڙ. ٽهڪ ڏئي، پراڻي انڊين فلمن جو گانو ڳائي، تڏهن پڻ هتي چوڏهن معصوم ارواح قبر ڀيڙا. گروگهنٽال اوڇنگارون ڏئي روڄ ۾ هجي ته پَڪَ سمجهو تنهن شامڙي ٻلي ٻچا کائي رڄُ ٿي آهي.

                        تاريخ انساني دوڏن ۾ ريڪارڊ ٿيندي آهي، ڄاڙي هڻي، گهڻو وقت، ڪوڙ کي سچ ثابت نه ٿو ڪري سگهجي. ڪاوَيَر ايندي جو حق ۽ ناحق ڌار ٿي بيهندا. ڪراچي جي مافيا وٽ نانگ وانگر ڊگهي ڄڀ آهي. چڪ هڻي اڳلي جي جسم ۾ وِههُ به اوتيندي ۽ ٻرڙاٽ به ڪندي. گهوڙاڙي گهوڙا ! آءُ مارجان پئي. ٻليءَ مثل ٻچا کائي ماتامي ٿيڻ تنهن کي چئجي. ٽيهارو سال ٿيا آهن جو اهڙي راند ڪراچي ۾ جاري آهي. مهاگرو، گورن جي ڏيهه ۾ ويٺو ته آهي پر بي آراميءَ جي شڪايت آٿس. چون ٿا ته دماغي ٿيڙ جا هَبَ ۽ ڦڪيون پڻ واپرائيندو رهيو آهي. هن شهر جا 50 هزار کان مٿي ماڻهو جان جو نذرانو ڏئي چڪا آهن. مافيا جي ابل جي انساني خون چکڻ جي خواهش انجام تي نه پُهتي آهي. پوڻا ٻه ڪروڙ آدم ڊپ جي حال ۾ جي رهيو آهي. سندس ڏهڪاءُ ڦهلائي خوش ٿيڻ جي تمنا ۾ ڪمي نه آئي آهي. ڪاروبار ختم ٿي ويو. زور زبردستيءَ وچان چندا گڏ ڪري، ڀتا اوڳاڙي ۽ ٻئي انداز ۾ هر طرح جو ڏوهه ڪري وٽس ڏوڪڙ پهچايا وڃن ٿا. پئسي جمع ڪرڻ جو لوڀ نه ويو اٿس. کيس زُڪام ٿئي ته ڪراچيءَ ۾ ٻارهن فرد گولين جو کاڄ. روڊ رستن تي باهيون. موت جو راڪاس. سائين جن جي طبعيت جي ناسازي هزارين ميل ڏور هن شهر تي ايئن پنهنجا اثر ڇڏيندي رهي آهي. يگانو لقاءُ چئجي. خبر ناهي ڌرتيءَ جي ٻئي ڪنهن ڪنڊ ۾ به ايئن ٿيندو آهي ڇا. گُرو گهنٽال يوباني ديوتائن وانگر هتي چنبا کوڙي برباديءَ جي چُلهه کي جيارويو  پيو اچي. نه وسارڻ کپي ته ديوتا، منش کان به سرس خود غرض ٿيندو آهي. اتهاس جاڪاڳر ڪارا ٿي رهيا آهن۽ واقعا، ياداشت جو ڀاڱو.

                        گهڻي قدر اُتر هندستان کان آيل مهاگُرو جو راڄ هتي پناهه وٺڻ نه حاڪم ٿيڻ آيو هئو. پنجهٺ ورهيه پهريان جو ناٽڪ آهي. تيمورلنگ جي منڊلي سجائڻ جو ساڳيو پُراڻو ارادو. تيمور پاري قهاري کي هيرو سمجهندڙ ۽ شير شاهه سوري جهڙي ڦوروءَ کي محسن ڪوٺيندڙ هي بدبودار ميڄالا، ڪراچي جي مافيا ۾ پناهه به وٺي رهيا آهن ۽ پاڻ ڪُهائي پڻ. گُروَ جا هزارن جي انگ ۾ چيلا، جديد هٿيار کنيو شهر ۾ اجل جو آئين لاڳو ڪري چُڪا آهن،. مرڪز توڻي صوبي ۾ ويٺل حڪومتون کانئن ڪٽڻپي جو ڪم وٺي، سندن بچاءَ لاءِ بيچين آهن، قاتل کي ڪجهه نه ٿو ٿئي، شاهد هڪ هڪ ٿي عدم ڏانهن راهي. ڪهڙي رياست آهي جنهن منجهه رت جي هولي کيڏڻ لاءِ، مخصوص گروهه کي ان ريت ڇُوٽ ڇڏيو ويو هجي ؟ گروگهنٽال کي اڌ مٿي ۾ سُور پئي ته گلشن اقبال ۾ ست ڄڻا چٽ.اُلٽي اچيس ته ڪورنگيءَ ۾ ڏهه شخص ڄڻ ڄاوائي ڪين. آڱوٺي ۾ سُور پئيس ته ملير جو علائقو آڙاهه. نيوڪراچي، بلديا ٽائون….. شهر جي ڪهڙي ڀت آهي جنهن تي ڳاڙها ڇنڊا نه آهن ؟ پير جي مُوڊ ۾ تبديليءَ جو مطلب آهي ڪراچيءَ جي رهاڪن جو ٻليدان تي چڙهڻ. ڳوڙهي نوع جي نفسياتي عارضي ۾ ورتل رهنما کي بستري تي ليٽندي به هر دفعي پاسو بدلائڻ تي ٻن ٽن انسانن جي خون جي خبر گهرجي. روزانو، هر گهڙيءَ ڪونه ڪو ويچارو جيئندان جو نذرانو ڏئي سندس مُسرت جو ڪارڻ ٿي رهيو آهي. اوهان چاهيون ته واقعا تي تفصيل اخبارن ۽ ٽي وي وسيلي حاصل ڪري سگهو ٿا.

                        مافيا چئي ٿي ته جُدا صوبو، پرڳڻو کپي. ڏيهاڙي سنڌ جي ورهاڱي جهڙا  بدالفاظ وات مان ڪڍي رهي آهي. من ۾اٿن ته ڏاکڻي حصي تي قبضو ڪري شيطان جي ايجنڊا کي اڳتي وڌائجي. ولايت ۾ ترسيل مهاگرو کي وڌيڪ اختيارن جي طلب آهي. پناهگير ذهنيت کان پرڀرو، سموري جڳ ڪاڻ مصيبتون پيدا ڪرڻ جي آشا ڪوٺجيس. سنڌين کان ڌرتي کسڻ جي سانباهي ۾. شرم ته انهن وارثن کي اچڻ کپي جيڪي ساڻس ٻانهن ٻيلي آهن. مامرو فقط گُروگهنٽال جي ناچاقيءَ جو ناهي. اُترهندستان کان ڪاهي آيل واگهه ۽ ڌڻ جو حصو تازي هر سطح تي تيارين ۾ آهن. ڌار سرحدن جا ناپاڪ سپنا ڏسي رهيا آهن. اهڙي سول جنگ جي شروعات ڪري چُڪا آهن جنهن جو خاتمو سنڌ جا حلالي پُٽ پنهنجي شرطن تي ڪندا. هتي سنڌ جي حلالي پٽن مان مُراد نعري باز قومپرست سياستدانن جي اجائي لٻاڙ ۾ ڪتب ايندڙ محاورن واري نه ورتي وڃي. ساڻيهه جي بچاءَ ۾ ڳاٽا دان ڪرڻ لاءِ خاموش اڪثريت مان انيڪ سٻاجهڙا آتم وڌي ايندا. پاڻ ئي سپاهي هوندا ۽ خود ئي سالار. ڌرتي، وطن جو تحفظ ڪيئن ڪبو آهي، سڀ پروڙي وٺندا. گروگهنٽال، دماغي ناچاقيءَ هٿان سنڌ امڙ کي ٽوٽاٽڪرا ڪرڻ جي شيطاني ارادي ۾ ڪامياب نه ٿي سگهندو. چوڌاري وچن هوندو ته ديس جي بقا خاطر اسين هرشيءَ قربان ڪنداسين. پناهگيرن جي لوڌ. گهر ڌڻين کي بي دخل نه ڪري سگهندي. چڱو ٿيندو ته اُها پنهنجي مَهاگُروَ جي انساني رت پيئڻ واري بيماريءَ کي سُڃاڻي ترت ساڻس لاڳاپو ٽوڙي، وطن سان رشتو قائم ڪري. سنڌ ۽ سنڌي ماڻهن لاءِ احترام واري نگاهه ڌاري. اسان جي سگهه جو اندازو پيپلز پارٽي جي ڪٽڻپي مان نه لڳايو وڃي. ساڻيهه تي حرف آڻڻ جي سَئي ڪئي وئي ته ديس جو ٻچو ٻچو طيش ۾ ايندو. شهري پير ۽ سندس واٺن ۾ همت هجي ته وڙهي ڏيکارين.

                        گُروگهنٽال ٽن ڏهاڪن کان روئي به رهيو آهي ته کلي پڻ. رت جون نديون وهايون ويون آهن. راويءَ کي يقين آهي ته سنڌ جي وڏن شهرن ۾ موت جو راڪاس هاڻ آخري پساهن ۾ آهي. هي سٽون پڙهندڙ ٿوري همت ڪن. کين سُڃاڻين ۽ سندس ڏهڪاءُ جو شڪار ٿيڻ کان انڪار ڪن. ڀورڀور ٿي وڃڻ هُن جو مقدر آهي. اعتبار سانڍين.

below article banner

پنهنجو رايو ڏيو

توهان جو اي ميل پتو ظاهر نه ڪيو ويندو. گهربل معلومات تي هيءَ نشان لڳل آهي: *

*

You may use these HTML tags and attributes: <a href="" title=""> <abbr title=""> <acronym title=""> <b> <blockquote cite=""> <cite> <code> <del datetime=""> <em> <i> <q cite=""> <strike> <strong>

صفحي جي چوٽيءَ تي وڃو