Home / افيئر / گم ٿي ويل وڪٽوريه ميوزيم !
above article banner

گم ٿي ويل وڪٽوريه ميوزيم !

اختر بلوچ

منهنجي هڪ ملتاني سرائيڪي دانشور دوست محبوب تابش مون کي فون ڪري ڪراچي اچڻ بابت ٻڌايو. گڏوگڏ هن اها فرمائش به ڪئي ته هو وڪٽوريا ميوزيم به ڏسندو، مون به کڻي هائوڪار ڪئي.

ٽن ڏينهن کانپوءِ هو ڪراچي پهچي ويو. ان دوران آءُ وڪٽوريه ميوزيم واري ڳالهه وساري چڪو هوس. آءُ کيس پريس ڪلب ويجهو هڪ رهائشي هاسٽل تي وٺي ويس. وهنجڻ سهنجڻ کانپوءِ هن چيو ته ميوزيم ڪڏهن هلندا. هاڻي آءُ کيس ڇا ٻڌايان ته وڪٽوريه ميوزيم بابت مون کي به ڪا خبر نه آهي.

بهرحال هو پاڻ به سمجهي ويو، چوڻ لڳو اڄ اردو بازار ٿا هلون، سڀاڻي ميوزيم هلنداسين. مون به سک جو ساهه کنيو ته سڀاڻي تائين خبر پئجي ئي ويندي ته ميوزيم ڪٿي آهي.

رات جو مون ٻن ٽن دوستن کان ان باري ۾ پڇيو. سڀني ڪراچي ۾ وڪٽوريه ميوزيم هجڻ کان نابري واري، اڳئين ڏينهن آءُ هاسٽل وڃڻ کان اڳ ڪراچي پريس ڪلب آيس، ان اميد تي ته شايد وڪٽوريه ميوزيم جي خبر پئجي وڃي. ڪلب ۾ اسان جو فوٽو جرنلسٽ دوست ماجد ڀائي موجود هو. مون جڏهن کائنس ان باري ۾ پڇيو تڏهن هن وراڻيو ته وڪٽوريه ميوزيم جي خبر ناهي پر هڪ ميوزيم آهي سهي. مون کائنس ڏس پتو پڇيو.

تڏهن سندس چوڻ هو ته جيڪڏهن توهان جو ڪڏهن آرٽس ڪائونسل وڃڻ ٿئي ته ڪائونسل جي عمارت ختم ٿيندي ئي توهان کي هڪ وڏو پارڪ نظر ايندو. اهو پارڪ گهڻو ڪري ويران هوندو آهي. ان پارڪ جي وچ ۾ميوزيم جي عمارت موجود آهي.

مون کيس چيو ته ان ميوزيم بابت مون کي به خبر آهي، پر اهو نيشنل ميوزيم آهي. بحرحال آءُ محبوب کي وٺي پارڪ پهتس، پارڪ جي مک دروازي تي نيشنل ميوزيم جو بورڊ لڳل هو. گيٽ سان گڏ ئي هڪ ٽڪيٽ گهر ٺهيل هو، جنهن ۾ ڪير به موجود نه هو.

ميوزيم جي عمارت گيٽ کان تقريبن اڌ فرلانگ جي مفاصلي تي آهي، خير اسان اهو مفاصلو طئي ڪري ميوزيم ۾ داخل ٿي وياسين. ميوزيم جي ريسپشن تي ڪير به موجود نه هو. اسان ڏاڪڻيون چڙهي جيئن ئي پهرين ماڙ تي پهتاسين ته اوچتو ڊڪندڙ قدمن جو آواز ٻڌڻ ۾ آيو. پوئتي مڙي ڏٺوسين ته هڪ سنهڙي سيپڪڙي همراهه سهڪندي سهڪندي اسان کان ٽڪيٽ گهري. اسان کيس ٻڌايو ته ٽڪيٽ گهر ۾ ڪير ڪونهي. جواب ۾ هن چيو ته توهان مون کي 20 روپيا ڏئي ڇڏيو، ٽڪيٽ آءُ پاڻ گهرائي وٺندس. اسان کيس پئسا ڏئي ڇڏيا هن اسان کي هيٺ انتظار ڪرڻ جو چيو.

ٿوري دير کانپوءِ ٽڪيٽون اچي ويون. اسان دوري جي شروعات ميوزيم جي ساڄي پاسي کان ڪرڻ چاهي. هڪ صاحب چيو ته ترقياتي ڪم هلي رهيو آهي، ان ڪري هال بند آهي. اسان کاٻي پاسي وڃڻ چاهيو تڏهن به اهو ئي جواب مليو. هن اسان کي مشورو ڏنو ته ٻي ماڙ تي هليا وڃو، ايئن اسان ٻي ماڙ تي هليا وياسين.

ساڄي پاسي پهرين گيلري تي قبائلي تهذيب گيلري لکيل هو، اسان ان ۾ داخل ٿي وياسين. بلڪل سامهون شيشي جو هڪ وڏو باڪس هو. ان ۾ ڪجهه گُڏيون ۽ گڏا رکيل هئا. باڪس تي انگريزي ۾ ڪافرستان لکيل هو.  باڪس سان گڏوگڏ قديم هٿيارن سان ليس هڪ وڏو مجسمو هو، جنهن بابت اسان کي اتي موجود اهلڪارن ٻڌايو ته هي ڪافر جو مجسمو آهي.

پاڪستان جي هاڻوڪي صورتحال کي اڳيان رکندي اسان کائنس ڀوڳن ۾ پڇيو ته، لڳي ٿو پاڪستان ۾ ڪافرن جي انگ ۾ ڏينهون ڏينهن واڌارو اچي رهيو آهي، انهن جو تعلق ڪهڙن ڪافرن سان آهي؟ هن جلدي ۾ وراڻيو ڪيلاش جي ڪافرن سان.

گيلري ۾ مختلف صوبن جي نمائندگي جي حوالي سان ڪجهه ٻين مجسمن کانسواءِ ڪا ڳڻپ جوڳي شيءَ ڪا نه هئي. ان سان گڏ ئي تحريڪ آزادي گيلري هئي. گيلري ۾ تحريڪ جي حوالي سان سڀ کان اهم شيون شيشي جي ٻن باڪسن ۾ هيون. هڪ باڪس ۾ علامه اقبال جي پڳڙي ۽ لڪڻ ، جڏهن ته ٻئي باڪس ۾ لياقت علي خان جي گهڙي، لڪڻ، لائٽر ۽ سون جو عطر دان رکيل هو.

هڪ الڳ باڪس ۾ هڪ تلوار به هئي جيڪا قائد اعظم کي مسلم ليگ عليڳڙهه طرفان پيش ڪيل هئي. اسان اڳين گئلري ڏانهن هلي پياسين. اها قرآن گيلري هئي، هتي سڀ کان اڳ جوتا لهرايا ويا. اندر داخل ٿيڻ کان اڳ اسان اهلڪار کي درخواست ڪئي ته اسان جي رهنمائي ڪريو. هن ان سلسلي ۾ معذرت ڪئي ۽ چيو ته توهان پاڻ ئي ڏسي وٺو، کيس ان بابت ڪا ڄاڻ ڪانهي. خير اسان اندر داخل ٿي وياسين. گيلري ۾ قرآن پاڪ جا قديم نسخا موجود هئا.

هن کان اڳيان گنڌارا تهذيب جي گيلري هئي. هن گيلري ۾ گوتم ٻڌ جا مجسما رکيل هئا. اوچتو اسان جي نظر هڪ ڪتبي تي وڃي پئي جنهن تي هندو مجسما لکيل هو. اسان اتي موجود  صاحب کان پڇيو ته هي ته هندو مجسما آهن، باقي ٻين جو تعلق ڪهڙن  مذهبن سان آهي. هن اڍنگي انداز ۾ اسان ڏانهن ڏسندي چيو ته ٻڌ مت سان.

ان کانسواءِ هڙاپا، موهن جو دڙو ۽ تاريخ کان اڳ واريون گئلريون ترقياتي ڪمن جي ڪري گذريل هڪ سال کان بند پيون آهن، ان ڪري اسان جو اهو  دورو اڌورو رهيو.

عمارت کان ٻاهر نڪرڻ لڳاسين ته آجيان واري ڪائونٽر جي ساڄي پاسي ڪجهه مورتيون فرش تي پيل نظر آيون. اسان انهن ڏانهن وڌياسين. هڪ همراهه اسان جو رستو روڪي اسان کي ٻڌايو ته هي علائقه ممنوعه آهي. خبر پئي ته هي اهي ئي مورتيون آهن جيڪي ڪجهه ڏينهن اڳ ڪراچي کان پرڏيهه اسمگل ٿيندي پڪڙيون ويون هيون ليڪن تحقيق کانپوءِ جعلي ثابت ٿيون.

اسان ڳالهين ئي ڳالهين ۾ کائنس عمارت جي تاريخ پڇي ورتي. انهن ٻڌايو ته هن عمارت جو بنياد 1970ع ۾ پيو. اسان کين چيو ته اسانجي ڄاڻ موجب ميوزيم جنهن گارڊن ۾ موجود آهي، اهو قديم آهي، اهي ان ڳالهه سان سهمت ٿيا ۽ ٻڌايو ته عمارت جي پٺئين حصي ۾ هڪ تختي لڳل آهي ان کي ڏسي وٺو.

اسان عمارت جي پٺئين حصي ۾ موجود باغ ۾ پهچي وياسين. بلڪل آخر ۾ هڪ تختي نظر آئي جنهن تي 1923ع ۽ ان سان گڏ هڪ پلر تي “ سوڀراج چيتومل ٽيرس” لکيل هو. اليگزينڊر ايف بيلي پنهنجي ڪتاب “ ڪراچي، ماضي، حال، مستقبل“ ۾ لکي ٿو ته برنس گارڊن ۾ هڪ نئين ميوزيم جو بنياد پيو جنهن کي وڪٽوريا ميوزيم چيو وڃي ٿو.

ٿيو ڪجهه ايئن ته 1851ع ۾ فريئر هال جي اڏاوت مڪمل ٿي ته ان جي هيٺين ماڙ تي هڪ ڪمرو ميوزيم لاءِ مخصوص ڪيو ويو، جنهن کي بعد ۾ برنس گارڊن منتقل ڪيو ويو هو. ان جو افتتاح ڊيوڪ آف ڪناٽ ڪيو هو.

مشهور تاريخدان عثمان دموهي پنهنجي ڪتاب “ڪلاچي تاريخ جي آئيني ۾” ۾ لکي ٿو ته : چارلس نيپئر 1844ع ۾ سنڌ جون اڻلڀ شيون گڏ ڪرڻ جي نيت سان سنڌ ايسوسئيشن جي نالي سان هڪ ادارو قائم ڪيو هو. جنهن جو بنيادي مقصد ڪراچي ۾ هڪ عجائب گهر قائم ڪرڻ هو، ان اداري تمام گهڻيون اڻ لڀ شيون گڏ ڪيو، ليڪن نيئپر جي مصروفيت جي ڪري اهو ڪم اڳتي نه وڌي سگهيو. ان ڪري سموريون گڏ ڪيل شيون هڪ ڪمري ۾ بند ڪري رکيون  ويون.

1892ع ۾ ان کي ڊي جي ڪاليج جي لاءِ اڏجندڙ نئين عمارت جي مٿين ماڙ تي منتقل ڪيو ويو ۽ ڪراچي ميونسپالٽي کي ان جي انتظام جون ذميواريون سونپيون ويون. ميونسپالٽي ان کي بهتر نموني ٺاهيو ۽ ان کي مثالي عجائب گهر بڻايو

تڏهوڪن ڏينهن ۾ ئي ڪراچي ۾ ان تحريڪ زرو ورتو ته ڪراچي جي عجائب گهر کي لنڊن جي عجائب گهر وانگر ٺاهيو وڃي. ان ڪري ڪراچي ميوزيم کي شانائتي نموني ٺاهڻ لاءِ عوام کي اڻلڀ ۽ قديم شيون عطئي طور ڏيڻ جي اپيل ڪئي وئي. ان دوران 21 مئي 1892ع تي ميوزيم جي عمارت مڪمل ٿي. ان عمارت کي وڪٽوريه جو نالو ڏنو ويو.

محموده رضوي پنهنجي ڪتاب “ اوڀر جي راڻي” جيڪو 1947ع ۾ لکيو ته ويو ۾ لکيو ته برنس گارڊن ۾ عجائب گهر آهي، جيڪو جنگ جي ڪري فريئر هال منتقل ڪيو ويو هو. عجائب گهر ۾ هر مئل جانور کي  دوائون هڻي رکيو ويو آهي. موهن جو دڙو مان لڌل شيون به هتي موجود آهن. هند ۽ ان کان ٻاهر رهندڙن جا مجسما ۽ سڄي دنيا جي مشاهيرن جون تصويرون ۽ انساني ڍانچا به رکيل آهن.

اهو سڀ پنهنجي جاءِ تي ٺيڪ، ليڪن محبوب ملتان واپس هليو ويو، پر منهنجي ذهن ۾ اهو سوال ڇڏي ويو ته آخر وڪٽوريه ميوزم ڪٿي آهي.

below article banner

پنهنجو رايو ڏيو

توهان جو اي ميل پتو ظاهر نه ڪيو ويندو. گهربل معلومات تي هيءَ نشان لڳل آهي: *

*

You may use these HTML tags and attributes: <a href="" title=""> <abbr title=""> <acronym title=""> <b> <blockquote cite=""> <cite> <code> <del datetime=""> <em> <i> <q cite=""> <strike> <strong>

صفحي جي چوٽيءَ تي وڃو