Home / افيئر / …. ۽ جڏهن لانگ مارچ ڪرائيندڙ قادري مان هٿ ڪڍي ويا !
above article banner

…. ۽ جڏهن لانگ مارچ ڪرائيندڙ قادري مان هٿ ڪڍي ويا !

عاجز جمالي
ڪينڊا ۾ عبدالشڪور قادري جي نالي سان شهريت وٺندڙ مولانا طاهر القادري جا ٽي سرڪاري نالا آهن. 14 جنوري تي لاهور کان نڪرندڙ علامه 40 لک بدران مشڪل سان چاليهه هزار ماڻهو گڏ ڪري سگهيو هئو، سندس پت ته اسلام آباد پهچڻ وقت وائکي ٿي وئي هئي پر اسٽيبلشمينٽ سندس عزت بچائڻ خاطر چوڌري شجاعت ۽ چوڌري پرويز الاهي جي ضمانت تي کيس اسلام آباد تائين پهچايو. مولانا اسلام آباد پهچي هڪ ڏينهن جلسو ڪري واپس ٿيڻو هو، اهو لکت ۾ اهڙو ٺاهه ڪري چڪو هو پر سپريم ڪورٽ 15 هين جنوري تي وزير اعظم راجا پرويز اشرف جي گرفتاري جو فيصلو ڏنو ته مولانا جو دماغ وڌيڪ خراب ٿي ويو. هن سمجهيو ته شايد ڪڙيون ملي رهيون آهن، جيڪو کيس ٻڌايو ويو ته تون اسلام آباد پهچندين ته حڪومت ختم ٿي ويندي.جو ايڏي خوش فهمي ۾ مبتلا ٿي ويو جو اسيمبليون ٽوڙڻ لاءِ وقت ڏئي ڇڏيائين. حڪومت هڪ مرحلي تي ٻه واٽي تي بيهي رهي. سندس خيال هو ته يا ته طاهرالقادري کي گرفتار ڪري واٽرڪينن ۽ ڳوڙها آڻيندڙ گيس جو استعمال ڪري ماڻهن کي بچايو وڃي پر صدرزرداري اهڙي فيصلي بدران ڳالهين کي اوليت ڏني ۽ اهو فيصلو ڪيو ته مولانا کي ڳالهين ۾ اينگهايو، ٿڪايو پوءِ ٻيو ڪو رستو اختيار ڪجي. نيٺ جڳ ڏٺو ته چئن ڪلاڪن تائين هلندڙ ڳالهين جي نتيجي ۾ لکت ۾ هڪ ٺاهه ٿيو، وزير اعظم ان تي صحيح به ڪئي پر حقيقت ۾ ان ٺاهه ۾ ڪجهه به ناهي ان ٺاهه جو مطلب رڳو مولانا کي اسلام آباد مان ڪڍڻ هيو ۽ مولانا ڦاسي چڪو هو، جن قوتن کيس مال ڏنو، چاٻي ڏني اهي هٿ ڪڍي ڇڪيون هيون، ڇو ته ميان نواز شريف جي اڳواڻي ۾ سڄي مخالف ڌر ۽ صدر زرداري جي اڳواڻي ۾ سموريون اتحادي ڌريون مزاحمت لاءِ تيار ٿيون ته اسيمبليون ٽوڙڻ نه ڏنيون وينديون .
آمريڪي سرڪار عين وقت تي عبدالشڪور عرف طاهر القادري عرف شيخ الاسلام محمد طاهري سيال کان هٿ ڪڍي وئي.فوج اڳئي هٿ ڪڍي چڪي هئي، مذهبي ڌريون الڳ ٿي چڪيون هيون. رٽائرڊ جنرلن جو هڪ لڏو ۽ سولين اسٽيبلشمينٽ جا ڪجهه مهرا پنهنجي مفادن لاءِ اڃا به هشيون ڏئي رهيا هئا پر چوڌري شجاعت پاران مولانا کي ايندڙ عام چونڊن ۾ حصو وٺڻ لاءِ آڇ ڏني وئي آهي ، جنهن ۾ مولانا ايندڙ عام چونڊن کان اڳ نواز شريف جي مخالف ڪميٽي ۾ چوڌري يا پيپلز پارٽي جي اميدوارن جي حمايت ڪندو. پ پ ۽ قاف ليگ کيس خيرات ۾ هڪ هڪ ايم اين اي ڏيندا. حڪومت ڊاهڻ لاءِ جنهن اشاري تي قادري نڪتو هو، انهن قوتن طرفان هٿ ڪڍڻ کانپوءِ قادري جوشو فلاپ ٿي ويو هئو، حمڪرانن کي سابق سڏيندڙ قادري ڳالهين وقت سندن واکاڻ ڪرڻ لڳو، اهوئي روايتي ملائو اسٽائل نظر آيو، جڏهن مٺاڻ ڏسي وات گودو ٿي ويندو آهي، اهڙي ئي صورتحال هئي. ملان خلاف سڀ کان گهڻو ڳالهائيندڙ اطلاعات جو وفاقي وزير قمرالزمان قائره ملان جو سڀ کان وڏو دوست بڻجي ويو.اسلام آباد جي جناح ايونيو ۽ پارليامينٽ هائوس آڏو سوين ٽن گند ڪچرو ڇڏڻ کانپوءِ مولانا پنهنجي ڪوڙي انقلاب، ڪوڙي لانگ مارچ ۽ ڪوڙن جو انبار کڻي واپس لاهور پهچي ويو، ذريعن جو چوڻ آهي ته مولانا کي اشارو مليو هو ته هو ميدان تي لهي ته سياسي قوتن کي سندس حمايت ۾ ميدان تي لاٿو ويندو. سڀ کان يوءِ ايم ڪيو ايم کان اعلان ڪرايو ويو ، ان کان پوءِ چوڌري شجاعت، ان کانپوءِ عمران خان، شيعا تنظيم ، مجلس وحدت المسلمين ” ۽ ٻين جماعتن کي اڳيان ڪيو ويو. سڀني کي اهو ٻڌايو ويو هئو ته “ فوج” زرداري سرڪار ڊاهڻ جو فيصلو ڪري ورتو آهي، ايم ڪيو ايم نواز شريف جي اقتدار ۾ راضي ناهي، ان ڪري ٽين قوت جي تلاش آهي، مولانا کي ٽين قوت جي طور ميدان تي لاٿو ويو هو. کيس گهٽ ۾ گهٽ هڪ سال لاءِ نگران وزير اعظم بڻائڻ جو به آسرو ڏنو ويو هو.افغانستان مان نيٽو فوجن جي نڪرڻ کان اڳ آمريڪا ۽ برطانيا پاڪستان ۾ هڪ من پسند پر ڪمزور غير جمهوري سرڪار ڏسڻ چاهين ٿا. اطلاع آهن ته مولانا طاهر القادري سان ڇهه مهينا اڳ اسٽيبلشمينٽ جي نمائندن ڪينڊا ۾ ملاقات ڪري کيس تيار ڪيو ته هو ڇهن مهينن تائين تياريون ڪري، ان ڪري مولانا پاڪستان ۾ ڇهن مهينن کان پنهنجي ماڻهن کي تيار ڪندو رهيو. نيٺ ڊسمبر ۾ سندس واپسي ٿي. کيس جنرل مشرف ۽ پاڪستان ۾ سندس ساٿين جي به حمايت حاصل رهي. ڪجهه رٽارڊ جرنيلن جو به ساٿ حاصل رهيو، پر بهرحال حڪومت جي اتحادين جو به اتحاد برقرار رهيو ۽ عالمي سطح تي به صدرزرداري جو رابطو رهيو، مٿان وري سرحدن تي ڀارت سان پڻ ٺڪاٺڪي شروع ٿي جنهن فوج کي وڌيڪ پريشان ڪيو، ان سڄي ماحول گڏجي علامه قادري جي ڊرامي کي فلاپ ڪيو. اربين روپين جي خرچ سان ٺهيل هي فلم چار ڏينهن جي نمائش کانپوءِ لهي وئي. جنهن جو هيرو مولانا طاهر القادري واپسي تي ولين بڻجي ويو. ماڻهن کي ان فلم جي ڊائريڪٽرز ۽ پروڊيوسرز جي تلاش آهي پر حڪومت کي يزيد سڏيندڙ مولانا انهن سان ڊائلاگ ڪيا ۽ حڪومت پنهنجي حڪمت عملي سان ۾ ڪنهن حد تائين ڪامياب وئي ڇو ته مولانا ان ڌڪ عمران خان ۽ نواز شريف کي پنجاب ۾ نقصان پهچايو آهي. پيپلز پارٽي ۽ سندس اتحادي ڪوشش ڪندا ته هاڻي مولانا کا ڪم وٺجي. ڪجهه اهي به رپورٽون آهن ته مولانا جن بنيادن تي ڪينڊا ۾ شهريت ورتي آهي، اهي بنياد ڪوڙ انڪتا ۽ کيس ڪينڊا ۾ طلب ڪيو ويو آهي. جيڪڏهن هي ڪينڊا ٿو وڃي ته سندس شهريت ختم به ٿي سگهي ٿي. جيڪڏهن ويندو ته ممڪن آهي واپس ئي نه اچي . وٽس ٻئي صورتون آهن. ڪجهه ڌرين جو خيال آهي ته طاهر القادري کي هاڻي پاڪستان ۾ سياست ڪرڻي آهي، جيئن ته هو مشرف دور ۾ مشرف جي ٽڪيٽ تي ايم اين اي بڻيو هو. پوءِ استعيفيٰ ڏئي ملڪ ڇڏي ويو هو، جنهن سبب گهڻو بدنام ٿيو هو، بدناميءَ جو ٽڪو لاهڻ ۽ سياست ۾ نئين سر داخل ٿيڻ لاءِ ڪجهه پهلوانن کيس ميدان تي لاٿو. ان ڪري امڪان آهي ته هو پاڪستاني سياست ۾باقائده داخل ٿي وڃي. سندس “ پاڪستان عوام تحريڪ” هڪ ڀيرو ٻيهر سياسي پارٽي بڻجي وڃي. هو آزاد اميدوار به بيهاري سگهي ٿو.
ڊرامي خاطر ڪينڊا جي شهريت ڇڏي به سگهي ٿو، پر طاهر القادري جا ويجها حلقا ٻڌائين ٿا ته هو پان به اڃا تائين ڪو فيصلو نه ڪري سگهيو آهي ته آخر کيس ڇا ڪرڻو آهي. ڇو ته هو هڪ ڀيرو ته ناڪام ٿي ويو. 23 هين ڊسمبر تي لاهور ۾ هڪ لک کن ماڻهو گڏ ڪري مينار پاڪستان وٽ شوڪرڻ ۾ ڪامياب ٿي ويو. مولانا ان هڪ لک ماڻهن کي 20 لک چوڻ لڳو ۽ اسلام آباد ۾ هو ان کان اڌ ماڻهو به گڏ ڪري نه سگهيو جتي کيس 40 لک ماڻهو گڏ ڪرڻا هئا. لانگ مارچ ۾ جيڪي ماڻهو گڏ ٿيا انهن باربار ميڊيا آڏو ابهم ٻارڙن کي ڪئميرائن تي ڏيکاريو ، اٻوجهه عورتن کي ڪئميرائن ۾ فوڪس ڪرايو جيئن اهو “ شو” ڪجي ته اسان وٽ ابهم ٻارڙا ۽ ٻڍڙا ماڻهو آهن جيئن رياست شدت جو ڪو قدم اختيار نه ڪري. اهو ئي ڪارڻ هو جو سرڪار ڏنڊو استعمال نه ڪيو پر سرڪاري حلقن ۾ اهو بحث عام آهي ته مولانا کي اسلام آباد ۾ داخل ٿيڻ جي اجازت ڏئي غلطي ڪئي وئي هئي. ان غلطي جي ذميواري چوڌري شجاعت ۽ الطاف حسين مٿان وڌي وئي. جن اها ضمانت ڏني هئي ته علامه قادري ايف نائين پارڪ کان اڳتي نه ويندو پر قادري اتي پهچي ڊي چوڪ تائين وڃڻ جي ڪوشش ڪئي، حڪومت کيس ڊي چوڪ جناح ايونيو تائين ڇڏيو. اطلاع آهن ته جيڏي مهل لانگ مارچ ڳالهين کان پوءِ ختم ٿي ويو ته ان وقت20 هزار ماڻهو به . ڪو نه بچيا هئا اڌ ماڻهو ڇڏي ويا ها پر جيڪي پري پري کان آيا هئا اهي وڃي ڪونه پئي سگهيا ڇو ته کين قادري جي ٽرانسپورٽرن ذريعي پنجاب جي پهاڙين مان آندو ويو هو. مولانا قادري عزت بچائي اسلام آباد مان روانو ٿي ويو. ملڪ جي سياسي موسم ۾ وڏي گرمي اچي وئي آهي. صدر آصف زرداري 16 هين مارچ کان اڳ اسيمبليون ٽوڙڻ تي اڳي ئي راضي ٿي چڪو هو. سيد خورشيد شاهه 6 مئي تائين عام چونڊن جي تاريخ به ڏئي چڪو آهي. خورشيد شاهه رابطو ڪرڻ تي ٻڌايو ته اپريل جي آخري هفتي ۾ چونڊون ٿي سگهن ٿيون .
ان ڪري هاڻي سڀ ڌريون چونڊن طرف وڃن پيون. اهڙي ماحول ۾ علامه قادري جو شو فلاپ ڪرڻ ۾ سرڪار سان گڏ اپوزيشن جو به وڏو ڪردار رهيو. ان ئي تناظر ۾صدر آصف زرداري جي جلد ميان نواز شريف سان ملاقات ٿي رهي آهي،. قادري شو سياسي ڌرين کي متحرڪ ڪري ڇڏيو آهي. نوان سياسي اتحاد ٺهي رهيا آهن، ميان نواز شريف جو لانگ مارچ کانپوءِ ڪردار ان ڪري به واضح ٿي ويو آهي جو اهي قوتون پٺتي هٽيون آهن جن نواز شريف کي طاهر القادري ذريعي روڪڻ جي ڪوشش ڪئي. ساڳي ريت حڪمران اتحاد ۾ نواز شريف مخالف چوڌري ، ۽ ايم ڪيو ايم في الحال خاموش ٿي آهي. پيپلز پارٽي ايندڙ چونڊن کان اڳ نواز شريف سان رابطا ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي. جيئن نگران سيٽ اپ جو مرحلو خير سان پورو ٿي وڃي، جنهن تي سڀني جو اتفاق به هجي . طاهر القادري جي لانگ مارچ جو اثر ضايع ڪرڻ لاءِ صدر زرداري جلد قوم کي خطاب ڪرڻ جو ارادو به رکي ٿو جنهن ۾ اليڪشن جي شيڊول جو اعلان متوقع آهي. هاڻي 16 مارچ بدران مارچ جي پوئين هفتي ۾ نگران سرڪار اچڻ جو امڪان آهي ، جيڪا مئي جي پهرين هفتي يا اپريل جي آخري هفتي ۾ چونڊون ڪرائيندي.
aajizjmalijamali@yahoo.com

below article banner

پنهنجو رايو ڏيو

توهان جو اي ميل پتو ظاهر نه ڪيو ويندو. گهربل معلومات تي هيءَ نشان لڳل آهي: *

*

You may use these HTML tags and attributes: <a href="" title=""> <abbr title=""> <acronym title=""> <b> <blockquote cite=""> <cite> <code> <del datetime=""> <em> <i> <q cite=""> <strike> <strong>

صفحي جي چوٽيءَ تي وڃو