Home / اسپيشل افيئر / .. ۽ جڏهن پاڪستان تبديل ٿي ويو ((II
above article banner

.. ۽ جڏهن پاڪستان تبديل ٿي ويو ((II

Nadeem F parachaسماجي غير يقيني حالت اهڙي ريت برقرار رهي، ان صورتحال جو نتيجو اهو نڪتو جو ماڻهن هڪ تڪراري ڪيس ۾ ذوالفقار علي ڀٽو جي ڦاسي کي خاموشي سان قبول ڪري ورتو. ڀٽو کي چار اپريل 1979ع جي ڏينهن سپريم ڪورٽ ۾ هلايل هڪ کل جوڳي ڪيس کانپوءِ ڦاسي ڏني وئي. سندس موت جي نتيجي ۾ ٿورا گهڻا مظاهرا ٿيا ۽ ڪجهه تشدد جا واقعا پيش آيا. ايئن پئي لڳو ته پاڪستان جو عوام اڃا تائين 1977ع ۾ مذهبي جماعتن ۽ ڀٽو مخالف فيڪٽر جي نو جماعتي اتحاد جي قيادت ۾ هلايل ڀٽو مخالف تحريڪ سبب ٿڪجي پيو هو. 1979ع تائين، هڪ “پرهيز گار ” فوجي جنرل جي حقيقي اسلام جي واعدي، پ پ حڪومت جي زوال ۽ سندس ليڊر جي موت سان گڏ هڪ ڏهاڪي تي مشتمل ملنسار عوامي انداز پنهنجي پڄاڻي تي پهتو.

پاڪستاني، سوسائٽي، خاص طور شهري مڊل ڪلاس طبقو اندر ئي اندر گهٽ ٻوسٽ، غير جذباتي ۽ خود پرست بڻجندو ويو. پاڪستاني سوسائٽي ۾ آفاقي عذاب جي نئين نظرئي کي وڌيڪ سگهه ملي، جڏهن اسڪائي ليب واقعي کان ترت پوءِ پاڪستان جي ماڻهن کي اها خبر ملي ته اسلام جي مقدس ترين هنڌ ڪبعة الله۾ درجنين هٿياربندن ماڻهن زوري گهڙي قبضو ڪري ورتو آهي. ويهه نومبر 1979ع تي مڪي ۾ حد کان وڌيڪ قدامت پرست ۽ رسوا ٿيل اسلامي گروهه جا ميمبرمسجد الحرام ۾ داخل ٿي ويا. گهيرو ڪندڙ گروهه ڏهه درجن ماڻهن تي ٻڌل هو جنهن ۾ گهڻو تڻو سعودي هئا. اهي سعودي عرب جي سڀ کان وڏي مفتي عبدالعزيز بن باز جا پوئلڳ هئا. باز سعودي عرب ۾ اولهه جي ورڪرن جي موجودگي تي سخت ڪاوڙيل هيو، جن کي سعودي بادشاهت رياست ۾ موجود تيل جي دولت جو انتظام سنڀالڻ لاءِ ملازم رکيو هو. مسجد تي حملو ان وقت ٿيو جڏهن اتي حاجي موجود هئا. ڪجهه ماڻهن کي وڃڻ ڏنو ويو جڏهن ته باقي ماڻهن کي يرغمال بڻايو ويو. گهيرو ڪرڻ واري ڏينهن پي ٽي وي، انڊين شهر بنگلور ۾ کيڏجندڙ پاڪستان ۽ انڊيا ٽيسٽ ميچ ڏيکاري رهي هئي، جڏهن اوچتو نشريات روڪي وئي ۽ اظهر لوڌي اسڪرين تي ظاهر ٿيو. ٻيهر پنهنجي سپاٽ، سنجيده آواز ۾ هن حملو ڪندڙن جا وڌيڪ تفيصل ڏيڻ کانسواءِ حملي جي خبر ٻڌائي ۽ ناظرين کي ان مونجهاري ۾ ڇڏي ڏنو ته آخر اهي ماڻهو ڪير ٿي سگهن ٿا؟ پي ٽي وي ٻيهر ميچ نه ڏيکاري بلڪه ان بدران نعت خواني ۽ قرآن پاڪ جي تلاوت شروع ڪئي وئي. پي ٽي وي وٽ حملي جا سمورا تفصيل موجود هئا ، ليڪن فوجي حڪومت جي حڪمن مطابق اهو اعلان نه ڪيو ويو ته اهو حملو ڪندڙ مسلمان هئا.

پاڪستان جي ماڻهن بي بي سي ادو جي ريڊيو سروس لڳائي جيڪا اسلامي انقلابي حڪومت جي اثر هيٺ ايراني سرڪاري ميڊيا جو حوالو ڏئي رهي هئي. ان رپورٽ مطابق اهو حملو آمريڪا، يهودي لابي جو ڪارنامو هو. اڳئين ڏينهن گهيري جي مذمت ۾ پاڪستان جي مک شهرن ۾ وڏا وڏا مظاهرا ڪيا ويا. سڀ کان وڏو احتجاجي مظاهرو پاڪستان جي راڄڌاني اسلام آباد ۾ ٿيو. اهو هڪ اهڙو خودرو ميڙاڪو هو جيڪو آمريڪي قونصليٽ جي ٻاهران گڏ ٿي ويو هو. ماڻهن جو اهو ميڙ ان وقت جذباتي ٿي ويو جڏهن هڪ قدامت پرست شاگرد پنهنجي جذباتي تقرير ۾ آمريڪا کي ڪعبي تي حملو جو ذميوار قرار ڏنو. ماڻهن جو اهو ميڙ جلد ئي هڪ جذباتي گروهه ۾ تبديل ٿي ويو ۽ قونصليٽ جي ڪمپائونڊ ۽ آفيس ۾ زبردستي گهڙي پيو. ان هجوم بي بي سي تي ٻڌل ايراني حوالي کي اصلي خبر سمجهي اهو قدم کنيو هو. ايرانين کي چڱي ريت خبر هئي ته مسجد تي حملو ڪندڙ سعودي انتها پسند هئا ليڪن انهن اهو تاثر ڏئي ته اهو سڀ ڪجهه مڪي تي قبضو ڪرڻ جو آمريڪي/ اسرائيلي منصوبو آهي، آمريڪا ۽ سعودي عرب کي شرمندو ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي هئي.

JUNE-15-2014   38

جيتوڻيڪ پاڪستان جي رياستي ميڊيا ان واقعي جي حوالي سان خاموش رهي ۽ ماڻهن کي فقط ان قبضي تي افسوس ڪرڻ جي تلقين ڪندي رهي. ِضياءُ الحق حڪومت پي ٽي وي ۽ ريڊيو پاڪستان کي ان قبضي بابت ڪنهن به قسم جا تفصيل بيان ڪرڻ کان منع ڪري ڇڏيو هو. ماڻهو ان شخص بابت بلڪل بي خبر هئا جنهن هي شيطاني منصوبو ٺاهيو هو. انهن تفصيل ڄاڻڻ لاءِ بي بي سي جو رخ ڪيو، پر جيئن ته سعودي اختيارين مڪي مان ايندڙ سمورين خبرن کي بلاڪ ڪري ڇڏيو هو ان ڪري بي بي سي مختلف ذريعن کان افواهن تي ٻڌل خيالن جو حوالو ڏنو، خاص طور ايراني رياستي ملڪيت ريڊيو طرفان هڪ اهڙي ئي رپورٽ ۾ غير حقيقي دعويٰ ڪئي وئي هئي جنهن کي نه رڳو پاڪستان جي ڪجهه اخبارن کنيو بلڪه هڪ اصلي خبر جي حيثيت ڏئي ڇڏي. ضيا حڪومت جيڪا پهرين ئي (1977ع جي قبضي جي حوالي سان) آمريڪي تنقيد جي ڪري ڪاوڙ ۾ هئي ۽ ان کي ڪيترين ئي پابندين کي منهن ڏيڻو پئي پيو، حملو ڪندڙن جا تفصيل جاري ڪرڻ لاءِ ڪجهه به نه ڪيو ويو.

ان حقيقت باوجود ته ضياءُ الحق سعودي بادشاهت کي مسجد مان انتهاپسندن کي ٻاهر ڪڍڻ لاءِ فوجي مدد ڪرڻ جي آڇ ڪئي هئي ۽ اوچتو ئي ضياءُ الحق جي لاعلمي ۾ ايراني ريڊيو تان نشر ڪيل ۽ پاڪستاني اخبارن ۾ ڦهلايل ڪوڙي خبر کي پرو ضياءُ الحق جماعت اسلامي جي اسٽوڊنٽ ونگ جي شاگرد آمريڪي سفارتخاني جي ٻاهران ڌرڻو ڏيڻ لاءِ استعمال ڪيو. مسجد تي حملي جو ذميوار آمريڪا کي ڄاڻائيندي ڌرڻي جي وچ ۾ ڪجهه نوجوان گوڙ ڪندا پهچي ويا ۽ ماڻهن جي ميڙ کي سفارتخاني تي حملي لاءِ اڪسايو، جذباتي گروهه اڳتي وڌيو ۽ سفارتخاني کي باهه ڏئي ڇڏيائين. اهو حملو ڪيترائي ڪلاڪ جاري رهيو ليڪن پوليس پنهنجي جاءِ تان اڳتي پوئتي نه ٿي.

پاڪستان آرمي جا هيليڪاپٽر سڙندڙ عمارت مٿان اڏامندا رهيا ليڪن جڏهن ان گروهه ٻن آمريڪين ۽ ٻن پاڪستاني ملازمن کي، جيڪي سفارتخاني ۾ ڪم ڪندا هئا، تن کي قتل ڪري ڇڏيو تڏهن اهي ڪرندڙ عمارت جي ڇت مٿان لٿا. ان هنگامي ۾ ٻن احتجاج ڪندڙن جي زندگي به هلي وئي. پر تشدد واقعا ۽ مظاهرا تڏهن رڪيا جڏهن فوجي حڪومت حملي جا تفصيل جاري ڪرڻ جو فيصلو ڪيو، حملو ڪندڙ سمورا مسلمان هئا.

بحرحال آمريڪا اسلام آباد ۾ آمريڪي سفارتخاني تي مڇريل گروهه طرفان حملي جو ذميوار فوجي حڪومت کي ڄاڻايو. مڪي جي جنگ ۾ شروعاتي ڪجهه ڏينهن تائين ويڙهاڪن جو پلڙو ڀاري رهيو، ايترائي سعودي فوجي ماريا ويا. صورتحال کي ڪنٽرول مان نڪرندي ڏسي سعودي حڪومت ٻاهرين مدد وٺڻ جو فيصلو ڪيو.

جيئن ته مسجد الحرام ۾ غير مسلمن جو داخل ٿيڻ منع آهي، سعودي حڪومت پاڪستاني ۽ اردني ڪمانڊوز کي استعمال ڪرڻ جو سوچيو ليڪن آخر ڪار سعودي وارن فرينچ ڪمانڊوز کي گهرايو ۽ کين مڪي کان ٻاهر سعودي فوجين کي تربيت ڏيڻ ۽ هٿيار مهيا ڪرڻ جي درخواست ڪئي.

ان کانپوءِ سعودي فوج کي ويڙهاڪن کي شڪست ڏيڻ ۽ مسجد خالي ڪرائڻ ۾ ٽي ڏينهن وڌيڪ لڳا. ان ويڙهه ۾ 900 ماڻهو موت جو کاڄ ٿيا…

ويهه نومبر 1979ع تي هٿياربند انتهاپسندن جو جيڪو گروهه مڪي جي مسجد الحرام ۾ داخل ٿيو هو ان گروهه جي قيادت جهيمن بن محمد ڪري رهيو هو، ساڻس نائب جي حيثيت ۾ محمد عبدالله گڏ هو، هن گروهه ۾ 100 ماڻهو شامل هئا جن ۾ گهڻو انگ سعودي وارن جو هو ليڪن ان کانسواءِ ان ۾ مصري، يمني، شامي، سوڊاني، پاڪستاني، لبناني ۽ نوان مسلمان ٿيل آفريڪي آمريڪن به شامل هئا. اهي سڀ سعودي عرب جي وڏي مفتي عبدالعزيز بن باز جا پوئلڳ هئا. باز، مرحوم شاهه فيصل جي اعتدادل پسند سڌارن کان ڪافي خفا هو ڇاڪاڻ جو رياست ۾ پهرين ٽيليويز اسٽيشن انهن سڌارن جي ڪري قائم ٿي.

شاهه فيصل رياست جي عورتن کي آفيسن ۾ ڪم ڪرڻ جي مشروط اجازت به ڏئي ڇڏي هئي، پنهنجي جمعي جي جذباتي خطبن ۾ باز، بادشاهت تي اهو الزام مڙهيو ته اها پنهنجي ابن ڏاڏن جي ٺاهيل رستي کان پري وڃي رهي آهي، خاص طور تي شاهه سعود (1953ع) حالانڪه شاهه سعود جي راڄ ۾ برطانوي ۽ آمريڪي ڪمپني سان سعودي عرب ۾ تيل جا تمام گهڻا ذخيرا دريافت ٿيا هئا، ليڪن شاهه سعود کي خبر هئي ته کيس پنهنجو اقتدار قائم رکڻ لاءِ طاقتور مذهبي عالمن جي پاسي رهڻو پوندو. اهو ئي سبب هو جو تيل جي گهڻائي جي باوجود هو سڌارا لاڳو ڪرڻ ۾ تمام سست هو. ان بدران هو ڪٽر اسلامي قدامت پسند اصولن سان رياست کي هلائيندو رهيو. اها حيراني جي ڳالهه ناهي ڇو ته جيهيمن ۽ سندس ماڻهن اهو ئي ڪيو جيڪو کين سعودي اسڪولن ۽ يونيورسٽين ۾ پڙهايو ويو هو. مطلب ته شام، ڪوڙن مسلمانن ۽ ملحدن کان اسلام کي پاڪ ڪيو وڃي.

1960ع جي ڏهاڪي ۾ سيڪيولر عرب نيشنل ازم ۽ عرب سوشلزم جي عروج جو مقابلو ڪرڻ لاءِ، جنهن جي شروعات مصر، الجزائر، عراق، شام ۽ لبيا جي حڪومت ڪئي هئي، شاهه سعود جي جانشين شاهه فيصل ڪجهه حلقا ڦلڪا سماجي سڌارا لاڳو ڪرڻ شروع ڪيا هئا. رياست جي عالمن شاهي فيصل تي اهو الزام مڙهيو ته هو سعودي عرب کي آزاد ملڪ تبديل ڪري رهيو آهي حالانڪه لڳ ڀڳ سمورا عالم رياست جا پگهار دار ۽ مراعت يافته هئا. 1975ع ۾ شاهه فيصل کي سندس ئي ڪٽنب جي هڪ فرد قتل ڪري ڇڏيو، اهو به باز جو پوئلڳ هو.

باز جي جذباتي خطبن نيٺ نوجوان بنيادپرستن جي گروهه کي جنم ڏنو، جن جيهيمن سان گڏ عبدل محمد کي حضرت مهدي(اسلام جو خيالي نجات ڏياريندڙ) ثابت ڪرڻ لاءِ هڪ مشڪوڪ حديث جو حوالو ڏيڻ شروع ڪيو، ان حديث ۾ اهو به چيو هو ته مهدي جي پوئلڳن ۽ ملحدن جي وچ ۾ جنگاڻ مڪي جي مسجد الحرام ۾ ٿيڻ جو امڪان آهي. مسجد تي حملو ان وقت ڪيو ويو جڏهن اتي حاجي موجود هئا، افرار تفري ڦهلجي وئي، ڪيترن ئي ڏينهن تائين دهشتگرد سعودي فوج سان خونريز جنگ وڙهندا رهيا. ان افواهه جي اثر هيٺ ته مسجد تي قبضو آمريڪي/ يهودي سازش جو نتيجو آهي. پاڪستان، بنگلاديش ۽ لبيا ۾ مڇريل ماڻهن پنهنجي ملڪن ۾ موجود آمريڪي سفارتخانن کي باهه ڏئي ڇڏي. آخر ڪار ڪيترن ئي ڏينهن جي ويڙهه کانپوءِ سعود ي فوج فرينچ ملٽري ماهرن جي مدد سان مسجد جو ٻيهر ڪنٽرول حاصل ڪري ورتو. ايئن پوءِ 1979ع جي آخر ۾ روسي فوجي افغانستان ۾ داخل ٿي ويون ۽ حڪدم پلٽو کائي آمريڪي حڪومت پاڪستان ۽ پنهنجي وچ ۾ خراب ٿيندڙ لاڳاپن کي بهتر ڪرڻ جو فيصلو ڪيو.

فوجي حڪومت پنهنجي مخالفن خلاف انساني حقن جي بدترين رڪارڊ ۽ ظالماڻن قانونن “ڪوڙا هڻڻ ۽ هٿ ڪپڻ” لاڳو ڪرڻ جي فيصلي تي آمريڪي حڪومت کي به تحفظات نه رهيا، ڇاڪاڻ جو ضياءُالحق اهو چاهي پيو ته جيڪڏهن آمريڪا، سويت يونين خلاف پراڪسي وار ۾ پاڪستان کي استعمال ڪرڻ چاهي ٿو ته کيس رياست جي فوجي حڪومت کي غير مشروط طور قبول ڪرڻو پوندو ۽ پوءِ 1980ع جي شروعات ۾ جڏهن هوريان هوريان آمريڪي امداد اچڻ شروع ٿي ته ٽن سالن ۾ پهريون ڀيرو ضيا جي آمراڻي حڪومت کي ان ڳالهه جي پڪ ٿي وئي ته اهي ڪنهن چڱي جاءِ تائين پهچي چڪا آهن. اهو ئي اهو لمحو هو جڏهن پاڪستان جي شهري مڊل ڪلاس به اهم سماجي، سياسي ۽ ثقافتي طور نئون موڙ اختيار ڪيو. شروعات ۾ ان تبديلي جي پٺيان هڪ ترقي يافته ۽ جمهوري نظام جي چاهت هئي هڪ حسرت جيڪا 1970ع جي ڏهاڪي جي پڄاڻي تائين حڪومت ۽ اقتصاديات جي جديد اسلامي نظام جي سراب ۾ تبديل ٿي وئي.

بهرحال مڊل ڪلاس اوچتو ان وقت جمود ۽ غير يقيني جو شڪار رهيو جڏهن ذڪر ڪيل آخري مطالبي جي حوالي سان ٿيل گوڙ جي نتيجي ۾ فوجي آمريت اچي وئي ۽ اهڙا قانون لاڳو ٿيڻ لڳا جيڪي ننڍي کنڊ جي مسلمان معاشري لاءِ بلڪل اجنبي هئا. ليڪن 1980ع ۾ جيئن ئي صبح جو سج اڀريو ته پاڪستان جو شهري مڊل ڪلاس پنهنجي جمود کان ٻاهر اچي ويو ۽ پوءِ متحرڪ ٿي ويو. ليڪن سندن اها تحريڪ هاڻي هڪ اجنبي ماحول ۾ هئي عوامي معاشرتي ۽ سياسي اظهار جو زمانو ختم ٿي ويو ۽ ان جي جاءِ ڪجهه قدامت پسند ۽ خود پرستي وٺي ڇڏي هئي، جنهن جو اظهار راءِ سان تعلق گهڻو گهٽ هو. اهڙو زمانو شروع ٿي ويو هو جتي مذهبي تبليغ کليل طور هئي ۽ جتي اهڙا قانون لاڳو هئا جتي 1970ع جي عوامي ورثي جا مخالف هئا، جنهن ۾ ماڻهن کي پنهنجو سياسي، سماجي وجود لڪائي رکڻ ضروري ٿي پيو هو. هڪ سال (1979ع ) جي اندر اندر ملڪ جي سماجي ۽ سياسي قدرن ۽ جوش وڏي تيزي سان رخ بدلايو ۽ هڪ اهڙو موڙ آيو جتان اسان کي اڃا واپس اچڻو آهي.

below article banner

پنهنجو رايو ڏيو

توهان جو اي ميل پتو ظاهر نه ڪيو ويندو. گهربل معلومات تي هيءَ نشان لڳل آهي: *

*

You may use these HTML tags and attributes: <a href="" title=""> <abbr title=""> <acronym title=""> <b> <blockquote cite=""> <cite> <code> <del datetime=""> <em> <i> <q cite=""> <strike> <strong>

صفحي جي چوٽيءَ تي وڃو