Home / افيئر / ۽ هاڻ پائلو فراري به ٽيوشن پڙهائي ٿو..
above article banner

۽ هاڻ پائلو فراري به ٽيوشن پڙهائي ٿو..

شوڪت لوهار

جڏهن کان تعليم ويڪائو وکر ٿي آهي تڏهن کان ان جي ٻيڙي به ٻڏڻ شروع ٿي آهي.هاڻ اسان جي هَر ليکڪ کي اها خوبصورت تمهيد ملي وئي آهي ته ”بابا تعليم اصل صفا تباهه ٿي وئي، تعليم برباد ٿي وئي بس. جهڳو ئي جهڻ ٿي ويو وغيره“ ڪنهن به ماڻهو ان جي ويڪائو وکر ٿيڻ ڏانهن مڙي نه ڏٺو آهي. ڪنهن به ايڏانهن پنهنجو ڪن نه ڌريو آهي. ڪنهن به مائي ڀاڳي جيئان ڪن تي هٿ ڏئي ان ڳالهه جي ڳنڍ کي کولڻ جي ڪوشش نه ڪئي آهي، ڀلي پاڻ کان ڪجهه پڄي نه پڄي، پنهنجي منافقت جو احساس هجي نه هجي، رک اِهو بار به سڳوري سرڪار جي ڪلهن تي، ڀلا سڀ ڪم سرڪار ٿورو ئي ڪندي؟ ”توهان به ٿورا سياڻي ته ٿيو“ ٿورو عقل ته سِکو اوهان پاڻ ٻڌايو ته گهر جي سرڪار جڏهن اوهان کي ڪنهن ڪم لاءِ چوندي آهي ته اوهان ڪيئن نه ڪڪڙ ٿي ويندا آهيو ۽ آمنا صدقنا پيا چوندا آهيو، پر ٻاهر نڪري شينهن بڻجي ويندا آهيو. ڳالهه به وئي کڏ جي تري ۾، اچو ڀلا ڳالهه کي کڏ جي تري مان ڪڍون ٿا. تعليم جڏهن کان ويڪائو وکر بڻي آهي. ان جي هول سيل به شروع ٿي آهي. ننڍا ننڍا دڪان، ننڍا ننڍا ريڙها، ننڍيون وڏيون ڪئبنون ۽ پوءِ وڏا وڏا شاپنگ مال، وڏا وڏا شاهي دڪان، پرائيويٽ درسگاهن جي صورت ۾ کلي ويا آهن، کلي ڇا ويا آهن اصل صفا ڄمي پيا آهن، ڄمي ڇا کنڀين جيان ڦٽي پيا آهن! ڪا جاءِ ڪونهي جا واندي هجي. سنڌ ۾ ته ايترا ته پرائيويٽ اسڪول آهن، جيئن جاپان جي فقط هڪڙي شهر ٽوڪيو ۾ يارنهن سؤ يونيورسٽيون آهن. انهن دڪانن، شاپنگ مالن، ريڙهن کي مقدس اسڪول درسگاهه، آڪسفورڊ ڪيمبرج ۽ انگلش ميڊيم جي وڏين وڏين تختين جا ڪپڙا پارائي بيهاريو ويو آهي. ان کانسواءِ پيزا ۽ ڪي ايف سي رنگر برگر جيئان تعليم جي هوم ڊليوري به موجود آهي ٽيوشن جي صورت ۾! مون کي ته خوف آهي ان ڏينهن جو جڏهن ايندڙ ڪجهه ڏينهن ۾ صبح ٿيندي ئي هوڪا اچڻ شروع ٿيندا”انگلش پڙهو، فزڪس پڙهو، ڪيمسٽري جو سڄو ڪورس هيترن هزارن ۾، ميٿس پڙهو بلڪل مناسب ريٽ تي! بلڪل ائين جيئن صبح ٿيڻ تي ٽين دٻي وارا ننڊ مان اچي اٿاريندا آهن. جيتوڻيڪ هنن کي خبر به آهي ته هنن گهرن ۾ ڪوبه ٽين ۽ دٻو نه آهي، پر پوءِ به هوڪو ڏئي توهان کي سجاڳ ضرور ڪندا…. انهن کي ڪهڙي خبر ته هاڻ گهرن ۾ پيل خالي ٽين دٻي جي جاءِ تي ماڻهو پاڻ ٽين دٻا بڻجي چڪا آهن. اڪيلائپ هنن جي حواسن ۾ واسو ڪري وئي آهي! جديد ٽيڪنالوجي جي لڙ ۾ لڙهي ويا آهن. هڪ ئي گهر ۾ رهندڙ ماڻهو هِڪ ٻئي لاءِ اجنبي ۽ اوپرا بڻجي ويا آهن. سچ ته ٽين ۽ دٻا ئي ته بڻجي ويا آهيون اسان سڀ.

تعليم جو بنيادي نظريو يونان مان شروع ٿيو. افلاطون پنهنجي رياست Republic لاءِ جيڪو ماڻهو چاهي پيو ان کي موسيقي ۽ انگي علم اچڻ لازمي هو، پر افلاطون جي ريپبلڪ کي اسان حڪيم موليٽي جي حڪمت خاني ۾ ٻين دوائن سان گڏائي حمام دستي ۾ سٽي ڪُٽي هاضمي جي ڦڪي ۾ تبديل ڪري ڇڏيو، کائي ڇڏيو يونان جي فلسفي کان وڌيڪ اسين ان جون غير مضر دوائون واپرائي خوشي مان ٺينگ ٽپا ڏئي سرها ٿي رهيا آهيون، اسان يونان کي فلسفي نه پر ان جي دوائن جي ڪري سڃاڻون ٿا.

ارسطو کانپوءِ روسو تعليم جو فلسفو پيش ڪيو. هن چواڻي ته ”ڇوڪرو پندرنهن سالن تائين گهر ۾ هجي اسڪول جو منهن به نه ڏيکاريوس، اسڪول سندس صلاحيتن کي تباهه ڪري ڇڏيندو.“ ائين جي ڇوڪرو پندرنهن سالن تائين واندو ويٺو کٽون ٽوڙيندو ته ڪهڙي ڪم جو؟ ماڻهو روسو تي ناراض ٿي پيا. هڻي روسو کي اها ڦيهه ڪڍيائون جو ياد ڪندو. پر پوءِ به هن شريف ماڻهو روسو چيو ته بابا ڪوبه ڪتاب پڙهڻ جي ضرورت نه آهي. هي ته ڪو چريو هو، هن چواڻي جي گهڻو زور ئي ڀريو ٿا ته پوءِ هِڪ ڪتاب رابنس ڪروزو پڙهايو. جنهن ۾ هڪ جاءِ تي جهاز ڦاسڻ سبب هڪ همراهه رهجي ٿو وڃي، وڻن تي رهي ٿو ۽ انهن جا پن کائي ٿو ۽ جانورن سان گڏ رهي ٿو. ڀلا اسان پنهنجي ٻارڙن کي اهڙي اسڪول ڪيئن موڪلينداسين جتي ماڻهو نه جانور هجن ٿورو سوچيو ته غور ته ڪيو؟ روسو جي فڪر کان اسان بس ڪئي!

روسو کانپوءِ جان ڊيوي آهي هن چيو آهي ته ”پڙهائڻ جو جمهوري طريقو استعمال ڪيو؛ اکر پڙهڻ ۽ اکر لکڻ وڏي ڳالهه نه پر تجربو وڏي ڳالهه“ هو چوي ٿو ”تعليم ڪنهن ڪلاس جي اندر نه آهي، پر توهان جو هر قدم، هر ساهه سکڻ آهي ”تڏهن ئي ته هو چوي ٿو ته “Education is life it self” تعليم خود زندگي آهي.“

اسان وٽ انگريز آيا ڏٺائون ته ملڪ ملير لڳو پيو آهي. ننڍي کنڊ جي تعليم صرف تعويزن، ڦيڻن کان وڌيڪ ڪجهه به نه هئي. ڪجهه مدرسا ۽ خانگاهون هيون جيڪي ديني تعليم ڏينديون هيون. هندن ۾ ذات جي متڀيد جي ڪري ويش شودر، کتري، برهمڻ سان گڏ پڙهي نه سگهندا هئا.

انگريزن ڏٺو ته ماڻهو ڏاڍا ويڙهاڪ آهن سو هنن ايئن سڌو سنئون هتان جي تعليم کي ختم ڪونه ڪيو ”برطانيه مان هڪ ماهر انگريز ميڪاولي کي وٺي آيا، ان ويهي هندستان جي مروج تعليم جو جائزو ورتو. جائزو وٺي هِن هڪ رپورٽ تيار ڪئي، جنهن کي ”ميڪاولي جا مٽس“ چئبو آهي، ان ۾ هِن لکيو ته ”ننڍي کنڊ جا ماڻهو پنهنجي جوهر ۾ ڪڏهن به انگريز وفادار ڪونه بڻجي سگهندا، اسان کي انهن کي اهڙو تعليمي نظام ڏيڻو پوندو جو هي هتان جا هوندي به برطانيه سرڪار جا ڳڻ ڳائين“ يعني ”ڌڙ ريڍو ۽ منهن ٻاڪرو ميڪاولي آخر ۾ اهڙو نوٽ هنيو جو ان وقت جي وائسراءِ پوري رپورٽ پڙهڻ بنا ئي ان تي صحيح ڪري منظور ڪري ڇڏيو. هو ته هليا ويا اسين اڃا تائين ان بنا پڙهيل رپورٽ جي نيت لوڙي رهيا آهيون. ميڪاولي آخر ۾ لکيو ته ”سندس ڳالهه مڃو يا کيس موڪل ڏيو ته وڃي لنڊن ۾ سوئيٽر کپائي! پائلو فراري به سنڌ بدران برازيل جي شهر رسيف ۾ وڃي ڄائو، ان کي به الائي ڪهڙي کٽي کنئي جو هن تعليم لاءِ هڪ ڪتاب لکيو ”انساني آزادي لاءِ عملي تعليم“ جنهن ۾ هن لکيو ته علم ۽ تهذيب جي بچاءُ جي نالي ۾ اسين تعليم جي هڪ اهڙي سرشتي کي چنبڙيا ويٺا آهيون، جنهن ۾ نه سچو علم ۽ نه ئي سچي تهذيب اسان کي حاصل ٿي رهي آهي.“ اسين سنڌي جيڪي اکيون ٻوٽي ڪنن ۾ تيل وجهي ٻين جا خيال ڪيچ ڪندا ٿا وتون اسان تي ٺٺول ۽ ٽوڪ ڪندي پائلو فراري چئي ٿو ته ”جڏهن ماڻهو سوچيندا تڏهن ئي پاڻ کي بدلائي سگهندا ۽ تبديلي جو اِهو سلسلو ائين جاري رهندو جو هو پنهنجا خيال پاڻ پيدا ڪن ۽ انهن تي عمل ڪن ايئن نه ته اکيون ٻوٽي ٻين جي خيالن تي هلندا وتن“. پر اسان سنڌي ماڻهو پيدا فقط ٻه شيون ڪري سگهون ٿا هڪ ٻار ۽ ٻيو انهن لاءِ مسئلا! (فراري کان معذرت).

اسان وٽ جيڪو تعليمي سرشتو آهي اِهو پائلو فراري جي فڪر جي بلڪل ابتڙ آهي. فڪر مان منهنجو مطلب سنڌي وارو فڪر نه آهي جنهن جي معنيٰ پريشاني آهي. اسان وٽ اٽي، اجهي ۽ لٽي جو فڪر سدائين رهيو آهي ۽ اسان جا سياستدان 63 سالن کان اسان کي اٽي، لٽي ۽ اجهي جي آسري تي ووٽ وٺي رهيا آهن. ويجهين برساتن کانپوءِ اهو فڪر ايئن وڌي ويو آهي جيئن برسات کان پهرئين ٿر کي برسات گهربل هئي. اهو به ٿيو جو پائلو فراري جو ايڏانهن وڃين پنهنجو تعليمي فلسفو پيش ڪيو. اسان وٽ هجي ها ته کيس ڌاڙيلن کان اغوا ڪرائيڇڏيونس ها ڪيوٻيو نه ته ڪنهن ٽيڪسٽ بوڪ بورڊ جو چيئرمين ضرور سندس مٿان ڪوڙا ڪيس ڪري کيس هميشه لاءِ جيل ڀيڙو ڪرائي ڇڏيس ها. ڇو ته فراري ٽيڪسٽ بوڪ بورڊ واري نصاب کي رد ٿو ڪري ۽ چئي ٿو ته اِها بئنڪاري تعليم آهي. اها تعليم تخليقي قوت کي سمهاري ڇڏي ٿي، ”بيهوش ڪري ڇڏي ٿي ۽ ڪم کان ڪڍي ڇڏي ٿي.“ مسئلن کي آڏو رکندڙ تعليم ۾ ڇاڪاڻ ته حقيقت تان هر وقت پردا هٽندا رهن ٿا. انهيءَ ڪري انهيءَ ۾ مصروف استادن ۽ شاگردن جي تخليقي قوت سدا سجاڳ ۽ تازا دم رهي ٿي.

مان سوچيان پيو ته پائلو فراري جيڪڏهن هتي هجي ها ته سندس مان ۾ اسين ڪنهن ٻاڪڙا هوٽل جو نالو سندس نالي پٺيان رکي ڇڏيون ها. وڌيڪ ٻڌائيندو هلان ته جيئن پاڪستان جي انڊيا هٿان ٽي.20-ٽوئنٽي ميچ هارائڻ ۾ منهنجو ڪوبه هٿ، پير نه آهي، ائين هن فراري جو سلمان خان طرفان گفٽ ڪيل ڪترينا واري فراري سان به ڪو واسطو نه آهي. هي پائلو فراري آهي خالص.

اسان ڏاڍا مان ڏيندڙ ماڻهو آهيون، اسان وٽ پائلو فراري جي جاءِ تي جيڪڏهن مشهور ناول نگار پائلو ڪوئلو هجي ها ته ان کي به معاف نه ڪيو وڃي ها، ان کي به اسان جي مهمان نوازي جو شرف ضرور ملي ها ۽ ڪجهه مليو به اٿس، جيئن ڪن بيورو ڪريٽ ترجمه نگارن/سنڌيڪارن يعني انگريزي کي سنڌي گج، ويس وڳا پهرائيندڙ شخصن سندس مشهور ناول الڪيمسٽ Alchemist کي ”ريڍار/ ٻڪرار ۽ هِڪ ٻئي گڙنگ ترجمه نگار“ حڪيم موليٽي“ جهڙن نالن سان ترجمو ڪري ڇپرايو آهي پر ناول ۾ نه مينهون يا ڍڳيون پالڻ جي باري ۾ ڪي نڪتا بيان ڪيا ويا آهن نه ئي ڪو حڪمت جا نسخا آهن، ائين هجي ها ته Live Stock وارا ڪڏهن جو ناول اغوا ڪرائي ڇڏين ها ۽ جي ائين هجي ها ته قرشي ۽ همدرد دستگير نمبر 9، فرزانه دواخانه وارا کيس ڪڏهوڪو پنهنجي استعمال ۾ آڻي ان جي اشتهار لاءِ ڪنهن وڏي ڀت جي چونڊ نه ڪن ها، پر لڳي ٿو پائلو ڪوئلو سان به اِهو ئي ٿيو آهي جيڪو اسان وٽ رجنيش اوشو جي ڪتابن سان ترجمن ۾ ٿيو آهي. بهرحال جيڪو به ٿيو آهي گهڻو ٿيو آهي، اسان تمام گهڻا پڙهيل ماڻهو آهيون، علم جا اڪابر! سو سائين علم گڏيو وڃن، ائين جيئن اڳي مدرسي ۾ روزن جي مهيني ۾ ايندڙ خدا واسطي جي ماني هِڪ ئي پاٽ ۾ گڏائي ويندي هئي. مضمون جا نٽ بلٽ بند ڪري رکي رهيو هوس ته هڪ دوست آيو ۽ مون کي چيائين ته ”اچ ته پنهنجي پاڙي ۾ هڪ نئين درسگاهه جو سير ڪرايانءِ“ مون چيو”خير ته آهي، ته چيائين: ”ها پاڻ ڏسي وٽ“ مون اتي وڃي پنهنجي مٿي وارين اکين سان جڏهن مٿو دنگ رهجي ويو. دِل مان دعا نڪتي پاڻ کي ذري گهٽ الاءِ الاءِ ڇا چئي ويس يار آئون خواهه مخواهه سنڌ جي تعليم کي ٽيوشن سينٽرن ۾ تبديل ٿيڻ بابت پئي لکيو. ڏٺم ته ”پائلو فراري جو سفيد ڏاڙهي وارو فوٽو هو ۽ ان جي هٿ ۾ قلم هو. مون سمجهيو ته شايد ڪنهن سنڌي ڪاموري کي سنڌي يتيم ٻارن تي رحم آيو آهي جو فراري جي فوٽن وارو خوبصورت ٽيوشن سينٽر کوليو اٿس، جيڪو منهنجي نظر ۾ مفت پئي ٿي سگهيو پر وري جو پنهنجيون اکيون ان جي هيٺان چنبڙايم ته حيرت جي حد نه رهي، اتي هر هڪ سبجيڪٽ/ مضمون پڙهائڻ جو ريٽ لکيو پيو هو، انگريزي هيترن پئسن ۾، فزڪس هيترن پئسن ۾ وغيره. وري ٿورو غور ڪيم ته پائلو فراري جي مٿي ۽ ٻانهن ۾ اسٽيل جا ڪوڪاهڻي ان کي رسن ۾ جڪڙيوويو هو ۽ ائين ان علم جي دڪان جو آغاز ٿيل هو. اِهو سڀ ڏسي ڪوبه ڏک نه ٿيو، ڇاڪاڻ ته هِي ته پائلو فراري آهي، اسان پنهنجي محسن، پنهنجن گهڻ گهرن سان ڪهڙو حشر ڪيو آهي، اِهو توهان ايندي ويندي هر دڪان، بس ۽ جاءِ تي ضرور پڙهندا هوندؤ. جيئن ”ڀٽائي ويم گهر“ لطيف ٽائر شاپ، قلندري ايڪو سائونڊ، سچل ٽريڪٽر آٽوز وغيره. سامي انهيءَ ڪري بچي ويو جو فقراءُ هندو هو ۽ هندو هجڻ ڪري ان جي نالي کي ڪنهن دڪان جي صليب تي نه ٽنگيو ويو آهي. (شايد ان ۾ به ڪو عقيدو ڪارفرما هوندو). سو هاڻ تعليم جي هول سيل شروع ٿي آهي، اسان به جيڪڏهن وڏن وڏن پرائيويٽ اسڪولن، ٽيوشن سينٽرن تائين پهچون يا نه اسان پنهنجي پاڙي ۾ ئي پائلو فراري وٽ مناسب قيمت تي پهرئين درجي جو پهريون سبق پڙهي رهيا آهيون.

کٽ هي کٽ آهي.

پڳ هي پڳ آهي.

پن، وٽ نانا ڳانا.

shoukatali.lohar@gmail.com

 

below article banner

پنهنجو رايو ڏيو

توهان جو اي ميل پتو ظاهر نه ڪيو ويندو. گهربل معلومات تي هيءَ نشان لڳل آهي: *

*

You may use these HTML tags and attributes: <a href="" title=""> <abbr title=""> <acronym title=""> <b> <blockquote cite=""> <cite> <code> <del datetime=""> <em> <i> <q cite=""> <strike> <strong>

صفحي جي چوٽيءَ تي وڃو