Home / افيئر / Quetta Dispatch مڊل ڪلاس حڪومت خلاف سازشن جي شروعات!
above article banner

Quetta Dispatch مڊل ڪلاس حڪومت خلاف سازشن جي شروعات!

عابد مير

1948ع ۾ پاڪستان ۾ ضم ٿيڻ کانپوءِ ايندڙ 25 ورهين تائين بلوچستان عوامي حڪومت کان وانجهيل رهيو. ان کي صوبي جو رتبو ئي ون يونٽ جي خاتمي کانپوءِ نصيب ٿيو. سترجي ڏهاڪي جي شروعات ۾ هتي پهرين عوامي جمهوري حڪومت نعپ جي اهتمام هيٺ قائم ٿي. جنهن کي قائد عوام ذوالفقار علي ڀٽو فقط نون مهينن اندر گهر ڀيڙو ڪري ڇڏيو. ان کانپوءِ بلوچستان جي ڪابه حڪومت ان کان ٻيڻو عرصو نه ڪڍي سگهي. سياسي حڪومتن کي ڪيرائڻ ۽ جوڙ توڙ جي ذريعي صوبي جي صورتحال کي لڳاتار خراب رکڻ هڪ روايت جي شڪل اختيار ڪري ورتي. جيئن ته اسان روايت پسند ماڻهو آهيون. ان ڪري پنهنجي روايتن تي قائم رهندا آهيون. بلوچستان ۾ سياسي حڪومت خلاف سازشن جي اها روايت مختلف صورتن ۾ اڄ به قائم آهي. صوبي جي نئين چونڊيل پهرين مڊل ڪلاس حڪومت کي اقتدار سنڀاليندي اڃا ٻه مهينا مس گذريا آهن ته ان کي هٽائڻ جون خبرون هلي رهيون آهن.

ان ڳالهه ۾ ڪو به شڪ نه آهي ته نئين چونڊيل حڪومت پنهنجي شروعاتي ٻن مهينن ۾ ڪو سٺو تاثر قائم نه ڪري سگهي آهي. ان سان جيڪي اميدون وابسته ڪيون ويون آهن. اهي پوريون ٿيندي نظر نه ٿيون اچن. جيڪي انهن پاڻ دعوائون ڪيون هيون انهن تي به عمل درآمد نٿي سگهيو آهي. ڪابينا جي جوڙجڪ ۾ ناڪامي سندن ڳچيءَ جو ڦندو بڻجي وئي آهي. صوبي جي صورتحال تي حڪومت جو ڪو ڪنٽرول ڪونهي. عوام جي داد رسي جي هينئر تائين ڪا اميد ناهي. ليڪن ان جي باوجود ڪنهن ٽين قوت کي اها اجازت نٿي ڏئي سگهجي ته اها مذڪوره الزامن هيٺ ٻن ٽن مهينن ۾ هڪ چونڊيل حڪومت کي گهر ڀيڙو ڪري ڇڏي.

اسٽيبلشمنيٽ جي ساٿاري ۽ ماضي جي حڪومتن جو حصو رهندڙ سڀني سردارن ۽ جاگيردارن کي پريشاني ته ان ڏينهن کان ئي شروع ٿي وئي هئي جنهن ڏينهن سندن مقابلي ۾ هڪ وچولي طبقي سان تعلق رکندڙ نمائندي کي ان ايوان جو قائد بڻايو ويو، جنهن کي انهن پنهنجي قبائلي سلطنت وانگر پنهنجي ميراث سمجهڻ شروع ڪري ڇڏيو هو. انهن لاءِ اهو تصور ئي برداشت جوڳو نه آهي ته جن کي اهي ٻئي درجي جو شهري سمجهندا هجن، ايوان ۾ هاڻي انهن جي ئي ماتحت رهي ڪم ڪرڻو پوندو. جيئن هن ملڪ جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ جاگيردار ۽ مولوي جو ڳٺ جوڙ آهي. اهڙي طرح اسيمبلين ۾ به انهن جو اتحاد آهي. سردار ۽ مولوي هتي به اتحاد لاءِ ڀڄ ڊڪ ڪري رهيا آهن. هي جو مولوي صاحبان بلوچستان جي حڪومت کي غير فطري قرار ڏئي رهيا آهن. اهي پنهنجي حساب سان ٺيڪ چئي رهيا آهن ڇو ته فطري اتحاد ته مولوي ۽ جاگيردار جو آهي، سندس اتحاد ۾ ئي فطري حڪومت قائم ٿي سگهي ٿي، انهن کانسواءِ جيڪا به حڪومت قائم ٿيندي اها غير فطري ئي هوندي. ٻئي پاسي سردارن ۽ جاگيردارن هي جيڪا اڪثريتي مئنڊيٽ جو احترام نه ڪرڻ جي رٽ لڳائي آهي، اهو به هڪ ناٽڪ آهي، حالانڪ اهي ئي سردار ۽ جاگيردار پنهنجن پنهنجن علائقن ۾ اقليت ۾ هجڻ باوجود اڪثريت تي مسلط آهن. اتي کين اڪثريت جي مئنڊيٽ جو ڪو خيال نٿو اچي. جيڪڏهن حڪومت ڪرڻ جو اختيار عددي اڪثريت سان مشروط آهي ته پوءِ سندن تڪن ۾ غريب، محنت ڪندڙ مزدور ۽ هاري گهڻائي ۾ آهن. اصولي طور نمائندو به انهن مان ئي ٿيڻ گهرجي. نڪي آسائش واري زندگي گذاريندڙ سردار جيڪو موروثي طور نسل درنسل پاڻ کي سرداري ۽ حڪمراني جو اهل سمجهي ٿو. جاگيردار اقليت ۾ هجڻ باوجود ڪو ڪم نٿو ڪري ۽ سوين هزارين ايڪڙ زمينن جو مالڪ بڻيل آهن. اڪثريت اصول هيٺ اهي زمينون انهن هارين، نارين کي ملڻ گهرجن جيڪي انهن تي ڏينهن رات محنت ڪن ٿا. ان تي پنهنجو رت ست ڏين ٿا. مولوي جو واعظ ڪجهه ماڻهن تائين محدود رهندو آهي.  عوام جي گهڻائي اهو نٿي ٻڌي، ته ڇا اڪثريت جو احترام ڪندي مولوي پنهنجو واعظ بند ڪري ڇڏين؟ اتي اڪثريت وٽ اختيار هجڻ جو قانون ڇو نٿو لاڳو ٿئي. جتي پنهنجي مفادن جو معاملو اچي وڃي اتي کين اڪثر قائدو ياد اچي ٿو وڃي. اهليت قابليت، ڪردار ۽ عمل، حڪومت ڪرڻ لاءِ اهي لازمي عنصر کين ياد ئي نٿا رهن. ڇاڪاڻ جو سندن اهليت، قابليت، ڪردار ۽ عمل سندن ماضي جي ڪارڪردگي  ۾ عوام پرکي چڪا آهن، کين چڱي ريت خبر آهي ته جتي ڪردار ۽ عمل جي ڳالهه ايندي اتي اهي پنهنجي دامن تي لڳل داغ ڪنهن به ريت لڪائي نه سگهندا. هن وقت هلندڙ آپريشن کان وٺي، بلوچستان جي صورتحال کي هاڻوڪي نهج تائين پهچائڻ تائين جي ذميوار ماضي جي حڪومتن ۾ اهي سڀ ڪردار ۽ مولوي شامل رهيا آهن، جن کي اڄ بلوچستان جو غم اندرئي اندر کائي رهيو آهي. هن کان اڳ ماضي ۾ به انهن جو حڪومتون ٺاهڻ ۽ ڊاهڻ ۾ خاطر خواهه حصو رهيو آهي. اهي حڪومتن جي پذيرائي نٿا ڏسڻ چاهين. انهن کي مهري طور استعمال ڪرڻ کانپوءِ وٽن اهو ئي جواز هوندو آهي ته ڏسو اسان عام ماڻهو کي به حڪومت ڏني، ليڪن اهي ماڻهو پاڻ ۾ گڏجي ويهي نٿا سگهن. مطلب ته اهو ثابت ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ويندي آهي ته اهي حڪومت ڪرڻ جا اهل نه آهن کين ڏنڊي جي زور تي هلائي سگهجي ٿو. حلانڪه اهو ڊرامو سندن ئي پراڊڪشن ۾ هلي رهيو آهي.

انهن ئي قوتن جي هدايت تي هاڻي اسلام آباد  مان فارورڊ بلاڪ ٺهڻ جون خبرون پلانٽ ڪيون پيون وڃن، اها ان سياسي بليڪ ميلنگ جي به شروعات آهي، جنهن اڃا تائين هاڻوڪن حڪمرانن جي پچر نه ڇڏي آهي. ان کي منڊي جي وسيلن تي قبضي لاءِ استعمال ٿيندڙ سيڙپڪاري جي پسمنظر ۾ سولائي سان سمجهي سگهجي ٿو. ان سڄي مامري جو مقصد ڪنهن به صورت ۾ هاڻوڪي حڪومت جي غلطين ۽ ڪمزورين جي پرده پوشي ناهي، جنهن جو ذڪر مون منڍ ۾ ئي ڪري ڇڏيو هو. حڪومت جون خرابيون پنهنجي جاءِ تي ليڪن انهن خرابين کي ٺيڪ ڪرڻ جو ٺيڪو انهن سردارن، نوابن کي نٿو ڏئي سگهجي جيڪي گذريل اڌ صدي کان مخلتف صورتن ۾ عوام تي مسلط آهن. خاص طور مشرف جي دور کان وٺي پ پ جي حڪومت تائين، اهي قوتون لڳ ڀڳ هڪ ڏهاڪي تائين حڪومت ۾ رهيون آهن. سندن حڪمراني ڏسي چڪاسين، انهن بلوچستان کي باهه ۾ اڇلائي ڇڏيو. سياست کي نفعي بخش ڪاروبار بڻائي ڇڏيو. عوام  کي وڌيڪ ذلت ۽ رسوائي پلئه پئي. ان ڪري هاڻوڪي حڪومت کي پنهنجي ڪارڪردگي ڏيکارڻ جو پورو موقعو ملڻ کپي، ته جيئن سڀاڻي وٽن ڪو هو اهڙو جواز نه بچي ته کين پنهنجون صلاحيتون ڏيکارڻ لاءِ گهربل وقت نه ڏنو ويو. وفاقي حڪومت کي به اهو سمجهڻو پوندو ته فوري طور ڪنهن به قسم جي اِن هائوس تبديلي رڳو  بلوچستان جي حد تائين نه پر مرڪز ۾ به سندن لاءِ مسئلا پيدا ڪري سگهي ٿي. سنڌ ۾جهڙي ريت نائن زيرو ياترا ڪرڻ تي ن ليگ تي اعتراض اٿاريا ويا، بلوچستان ۾ اڳوڻين حڪومتن جي هم پياله ۽ هم نواله رهندڙ سردارن جو ساٿ ڏيڻ جي صورت ۾ اهڙا ئي اعتراض سامهون اچي سگهن ٿا. ياد رکڻ گهرجي ته هاڻو ڪي حڪومت جي ناڪامي رڳو عام ماڻهو جي ناڪامي نه هوندي. بلڪه اها هن صوبي ۽ سردارن جي فتح جي علامت هوندي. حڪومت کي ڊاهڻ جي ڪنهن به صورت ۾ ڪاميابي بلوچستان ۾ اسيمبلين کي پنهنجي جاگيردار سمجهندارن جي ڪاميابي هوندي. اها پڙهيل لکيل طبقي جي ناڪامي هوندي جيڪو سخت گير موقف ۽ اختلافن باجود سياسي عمل جي تسلسل تي يقين رکي ٿو.

بلوچستان جي پهرين سياسي جمهوري حڪومت ناڪام ٿي ته نعپ ۾ شامل سردار خير بخش مري ان وقت بلوچستان اسيمبلي جو حصو هو. حيدرآباد جيل ۾ ئي ان جي ڪايا پلٽ ٿي. اتان نڪتو ته پوءِ پاڪستان ۽ پارليامينٽ جا سمورا دربند ڪري آيو ۽ وري پوئتي مڙي نه ڏٺائين. ان وقت خير بخش مري جي فڪر کي ويجهو رهندڙ بلوچستان جا هاڻوڪا حڪمران پنهنجي لڳاتار سياسي تجربن جي بنياد تي اڄ هن ايوان تائين پهتا آهن. جنهن کي خير بخش مري 70 جي ڏهاڪي ۾ بي معنيٰ قرار ڏئي چڪو آهي. سندن ناڪامي کين اها راهه وٺڻ ڏانهن وٺي وڃي سگهي ٿي، جنهن کي اهي ٻه ڏهاڪا پهرين ترڪ ڪري چڪا آهن.

جيئن پاڪستان ۾ عام طور چيو ويندو آهي ته بدترين جمهوريت بهترين آمريت کان بهتر آهي. اهڙي طرح يقين ڪريو ته بلوچستان ۾ ناڪام ترين ۽ بدترين مڊل ڪلاس سياسي حڪومت به پنهنجي روين ۾ انتهائي غير جمهوري اعليٰ ترين سردارن جي ڪامياب حڪومتن کان وڌيڪ قابل قبول آهي.

below article banner

پنهنجو رايو ڏيو

توهان جو اي ميل پتو ظاهر نه ڪيو ويندو. گهربل معلومات تي هيءَ نشان لڳل آهي: *

*

You may use these HTML tags and attributes: <a href="" title=""> <abbr title=""> <acronym title=""> <b> <blockquote cite=""> <cite> <code> <del datetime=""> <em> <i> <q cite=""> <strike> <strong>

صفحي جي چوٽيءَ تي وڃو