Home / افيئر /   SUIT طرفان ابراهيم جويي جي مان ۾آجياڻو
above article banner

  SUIT طرفان ابراهيم جويي جي مان ۾آجياڻو

مرلي ڌر

اهو ڏينهن ڏاڍو شاندار گذريو جڏهن سنڌ جا ڪيترائي ناميارا ليکڪ ۽ دانشور بنا ڪنهن نسلي، مذهبي ڀيد جي ايس آءِ يو ٽي جي آغا حسن عابدي آڊيٽوريم ۾ اچي گڏ ٿيا هئا. اوهان اهو ضرور سوچيندا هوندا ته بُڪين جي هن اداري ۾ اديبن جو ڪهڙو واسطو آهي بلڪل “صحت سڀني لاءِ” جي ورلڊ هيلٿ آرگنائيزينش واري نعري جو مطلب ئي اهو آهي ته ماڻهو جي طبي، سماجي ۽ ذهني چڱ ڀلائي”، ان حوالي سان اديب ۽ ادب جو واسطو ڪنهن صحت واري اداري سان ضرور پوي ٿو. اڄ جو ڏينهن انهي ڪري به شانائتو هيو جو محترم محمد ابراهيم جويي صاحب “ڪمال فن“ ايوارڊ ۾ مليل رقم ايس آءِ يو ٽي کي عطيو ڪئي. اهو ان هڪ نئون ۽ انوکو آغاز ڪيو. اديب الحسن رضوي ۽ جويو صاحب ٻنهي جو سماج ۾ وڏو رتبو آهي. جويي صاحب سکر ايس آءِ يو ٽي کي پئسا ڏئي ساڃهه وندن لاءِ هڪ نئون نياپو موڪليو آهي. اڄ سنڌ جا ناميارا ليکڪ ۽ دانشور هن ميڙ ۾ شامل ٿيا.

جويو صاحب تي ڊاڪٽر فهميده حسين، جمال يوسف، ميڊم  مهتاب راشدي، مظهر جميل، شفيق پراچا، خاص مهمانن ۾ تعليمدان مظهر الحق صديقي ۽ ڊاڪٽر علي محمد انصاري شامل هئا. مظهر جميل جويو صاحب تي 700 کان وڌيڪ صفحن تي مشتمل هڪ ڪتاب لکيو آهي. هن جو چوڻ هو ته ان جويو صاحب کي ڪاروڪاري خلاف ٿيندڙ هر ميڙ ۾ ڳالهائيندي ٻڌو ۽ هو ان کان پوءِ جويو صاحب کان متاثر ٿيو. شفيق پراچا چيو ته ايوارڊ ڏيڻ وارن جويو صاحب تي ٿورو ڪونهي ڪيو پر جويو صاحب اهو ايوارڊ وٺي ايوارڊ جي قدر قيمت وڌائي ڇڏي آهي. جمال يوسف صاحب چيو ته حميد آخوند ۽ ميڊم راشدي کي جويو صاحب جي سئو سالا جنم تقريب ملهائڻ جو بندوست ڪرڻ گهرجي. ڇاڪاڻ ته ڪيئي سال اڳ اهڙي تقريب ڪيئي وئي هئي پر هاڻ اهو ناپيد آهي سلسلو شروع ٿيڻ گهرجي، جسٽس رٽائرڊ راڻا ڀڳوان داس، جويو صاحب کي صدي جو وڏو ماڻهو قرار ڏنو .ميڊم مهتاب اڪبر راشدي چيو ته اهو محبت جو سڏ هيو جويو صاحب لاءِ ته اچڻو  ئي هيو پر سڏ ڏيڻ وارو محترم اديب رضوي هيو جنهن کي منع ته ڪري ئي ڪو نه ٿي سگهجي. مقررن اهو چيو ته جويو صاحب پئسا SUIT کي عطيو ڪري اديب رضوي ۾ پنهنجي اعتماد جو اظهار ڪيو آهي.

هن ميڙ ۾ ڪامريڊ سوڀو گيانچنداڻي جو لاڙڪاڻي مان موڪليل پيغام به پڙهيو ويو. جنهن ۾ هن جويو صاحب کي پئسا عطيو ڪرڻ تي مبارڪباد ڏني. هن سنڌ جي سڀني ليکڪن ۽ دانشورن کي چيو ته اديب رضوي کي سکر وانگيان اهڙو ادارو لاڙڪاڻي ۾ به کولڻ گهرجي جنهن لاءِ هو جهولي چندو ڪرڻ لاءِ به تيار آهي. هن وڌيڪ چيو ته دانشور اديب رضوي جو ساٿ ان لاءِ به ڏين ته جيئن سنڌ جي ٻين شهرن ۾ به اهڙو ادارو کولي سگهجي. شفيق پراچا شاهه جا ڪجهه شعر به پڙهيا جنهن ۾ انسانيت جو درس ڏنل آهي. هن چيو ته اديب رضوي ۽ جويو صاحب هڪ ئي قبيلي جا ماڻهو آهي. مهتاب اڪبر راشدي چيو ته مان ڪو فرق نه ٿي رکان پر جيڪو ڪم مظهر جميل ڪيو آهي اهو ته ڪنهن سنڌي ليکڪ به نه ڪري ڏيکاريو آهي، جنهن تي سليم ميمڻ چيو ته مظفر جميل به سنڌي آهي ان کي سنڌين کان الڳ نه ڪيو وڃي. شفيق پراچا چيو ته هن وقت ملڪ ۾ جيڪا گهٽ ٻوسٽ آهي ان ۾ جويو صاحب جهڙا ماڻهو وڌيڪ جيئن، وڌيڪ اسان سان گڏ هجن، اسان جي لاءِ اهڙا ماڻهو ٿڌي ڇانو آهن.

اديب رضوي صاحب پهنجي تقرير ۾ اهو چيو ته SUIT جو فلسفو مفت علاج ۽ مفت تعليم سڀ جو حق  وارو آهي ۽ ان جويو صاحب جو شڪريو ادا ڪيو ۽ چيو ته اهي پئسا اسان لاءِ وڏو اعزاز آهن ۽ چيائين ته اهو اسان جي فلسفي کي پنهنجو ڪرڻ جي مطابق آهي. پروگرام جي ڪارروائي سليم ميمڻ هلائي، هن شاهه جا شعر پڙهي پروگرام جي شروعات ڪئي ۽ هو وقفي وقفي سان جويو صاحب جون ڪجهه لکڻيون به پڙهندو رهيو. سليم ميمڻ پڇيو هيو ته جيڪڏهن ڪلچر وارا جويو صاحب تي لکيل مظهر جميل جو ڪتاب وڪري لاءِ رکن ته ڪيئن رهندو، مون چيو مانس ته SUIT ۾ ڏنو ويندو آهي ورتو ناهي ويندو.

ڊاڪٽر اديب رضوي جو ڪاروبار ۾ يقين ئي ڪونهي، ڀلي پوءِ اهو ڪتابن جو ئي ڇو نه هجي. سليم ميمڻ ان جو اظهار ڪارروائي هلائيندي ڪيو ۽ چيائين ته ڪلچر وٽ مفت ڪتاب ڏيڻ واري ڪا سوچ ڪونهي. ايس آءِ يو ٽي، بيچلر آف سائنس جون ڊگريون ۽ پڙهائي به مفت ٿو مهيا ڪري ۽ اڳتي هلي مفت ميڊيڪل ڪاليج کولڻ جو ارادو به آهي. مفت علاج ۽ مفت تعليم هر ماڻهو جو پيدائشي حق آهي ان فلسفي ۾ اسان جو يقين آهي. جويو صاحب آخر ۾ ڳالهائيندي چيو ته ايس آءِ يو ٽي ان کي عزت ڏني ان لاءِ هو شڪر گذار آهي ۽ هو سڀني شرڪت ڪندڙن ۽ ڳالهائڻ وارن جو به دل سان شڪر گذار آهي. جويو صاحب جي تقرير کان اڳ  جويو صاحب کي ايس آءِ يو ٽي طرفان هڪ گلن جو تحفو ڊاڪٽر عابده پروين، موهن جو دڙو واري مهر ڊاڪٽر علي محمد انصاري پيش ڪئي. آخر ۾ ڊاڪٽر منظور حبيب ايس آءِ يو ٽي طرفان مهمانن جا ٿورا مڃيا. ايئن  هي تقريب چانهه ۽ بسڪٽ جي مهمانوازي تي پڄاڻي تي پهتي.

below article banner

پنهنجو رايو ڏيو

توهان جو اي ميل پتو ظاهر نه ڪيو ويندو. گهربل معلومات تي هيءَ نشان لڳل آهي: *

*

You may use these HTML tags and attributes: <a href="" title=""> <abbr title=""> <acronym title=""> <b> <blockquote cite=""> <cite> <code> <del datetime=""> <em> <i> <q cite=""> <strike> <strong>

صفحي جي چوٽيءَ تي وڃو