Home / اسپيشل افيئر / آزاد رياست ڄمون ۽ ڪشمير جو سفر ڪراچيءَ کان ڪاشِر ديش (II)
above article banner

آزاد رياست ڄمون ۽ ڪشمير جو سفر ڪراچيءَ کان ڪاشِر ديش (II)

Naseer Ejazاسان جو ٻيو ڏينھن مظفرآباد کان 57 ڪلوميٽر پري چڪوٺي شھر تائين گھمڻ ۾ گذريو جيڪو انڊيا ۽ پاڪستان وچ ۾ تڪراري سرحد ڪنٽرول لائين کان فقط ٽي ڪلوميٽر پھريان آباد آھي ۽ جڏھن به انڊيا پاران گولاباري ٿيندي آھي ته اتان جا رھواسي ئي شڪار ٿيندا آھن. اسان جي پڇڻ تي مرزا چيو: “پاڪستان پاران جوابي ڪارروائيءَ کان گھڻو ڪري پاسو ڪيو ويندو آھي جو ھن پار اسان جا پنھنجا مسلمان سويلين نشانو بڻبا.” اسان سرڪاري وئن ۾ جھلم نديءَ جي ڪناري ڳڙھي دوپٽه، ھٽيان بالا ۽ چناريءَ کان ٿيندا چڪوٺيءَ پھتا ھئاسين. اسان اڃا به اڳتي وڃڻ گھريو پر چڪوٺيءَ جي ڇيڙي تي رستو بند ھو ۽ پاڪستاني فوجي پھري تي بيٺل ھئا. اسان اتي ڪجھه دير ترسي تصويرون ڪڍي موٽي پياسين. مظفرآباد کان چڪوٺيءَ تائين بھترين رستو ٺھيل ھو جو اھو فوجي اچ وڃ سان گڏ والاريل ڪشمير سان واپار جو اھم رُوٽ به ھو. اسان کي بھرحال ان رستي تي والاريل ڪشمير سامان کڻي ويندڙ ڪابه گاڏي ڏسڻ ۾ ڪانه آئي جنھن تي ٻڌايو ويو ته ان مقصد لاءِ ڪجھه ڏينھن مخصوص آھن. آزاد ڪشمير رستي روانگي واپار گھٽ ۽ انڊيا مان امپورٽ وڌيڪ ٿئي ٿو. ڪاروباري سڀ پاڪستاني آھن جيڪي سمورو مال پاڪستان گھرائي پوءِ آزاد ڪشمير موڪلين ٿا.

چڪوٺيءَ ويندي واٽ تي نيلم جھلم پاور پروجيڪٽ تي ھلندڙ ڪم به ڏٺوسين. ان رٿا تي چين جي مدد سان ڪم ھلي رھيو آھي جنھن تحت 33 ڪلوميٽر ڊگھي سرنگھه ٺاھي جھلم نديءَ جو پاڻي ان ڏانھن موڙيو ويندو. ھن مھل تائين ڇھه ڪلوميٽر سرنگھه تيار ٿي چڪي آھي. ان رٿا جي علائقي ۾ به لينڊ سلائيڊنگ گھڻي ٿئي ٿي تنھنڪري رستي جي ڪجھه حصي تي ڪنڪريٽ جي مضبوط سرنگهه ٺاھي وئي آھي ته جيئن ٽريفڪ متاثر نه ٿئي. جھلم ندي سنڌوءَ جي ڀيٽ ۾ گھڻي سوڙھي آھي پر جبلن تان وھندڙ پاڻيءَ ۾ وڏو ڇوھه اٿس. بشير مرزا ٻڌايو ته ٻوڏن دوران لينڊ سلائيڊنگ سبب جھلم نديءَ جو وھڪرو بند ٿي ويو ۽ نتيجي ۾ ان سڄي علائقي ۾ وڏي ڍنڍ ٺھي وئي ھئي ۽ ڪناري تي ڪيترائي گھر ٻڏي ويا ھئا. بعد ۾ تيز وھڪرو جابلو ڇپن کي به وھائي ويو ھو.

july-15-2014    45

چڪوٺيءَ ويندي ھٽيان بالا شھر مان لنگھياسين ته مونکي مٿي تي اجرڪ ٻڌل ھڪ ٻڍڙو نظر آيو ھو. اجرڪ ٻڌل ٻڍڙو مالھي مونکي اسٽيٽ گيسٽ ھائوس جي لان ۾ ڪم ڪندي به نظر آيو ھو جن کي ڏسي خوشي ٿي پر ان کان وڌيڪ خوشي اسان کي ان وقت ٿي جڏھن چناريءَ ۾ ھڪ ٻاڪڙا ھوٽل تي چانھه پيئڻ لاءِ بيٺاسين ته چانھه ٺاھيندڙ ڪشميريءَ اسان سان سنڌيءَ ۾ ڳالھائڻ شروع ڪيو. “سائين منھنجو نالو فاروق آھي ۽ مان ويھه ٻاويھه سالن کان نئين ڪراچيءَ ۾ ھوٽل ھلائيندو آھيان جتي سنڌي سکي اٿم. مان ڪجھه وقت لاءِ ڳوٺ آيو آھيان ۽ وري واپس ويندس،” ھوٽل واري اسان جي جواب ۾ ٻڌايو ھو. اسان کي فاروق جي بلڪل صاف سنڌي ڳالھائڻ تي خوشي محسوس ٿي ھئي پر ھو به اسان سان ملي گھڻو خوش نظر آيو.

واپسيءَ تي ڪجهه دير ھڪ صدي پراڻي پل جي ڀرسان جبل تان آبشار جي شڪل ۾ وھندڙ جھرڻي جو نظارو ڪرڻ لاءِ بيھي رھياسين. اھڙا آبشار مختلف ھنڌن تي ڏسڻ ۾ ايندا. ڪوھالا کان مظفرآباد ويندي جھلم نديءَ جي پار پنجاب واري پاسي به اھڙو جھرڻو ھو جتي وڃڻ لاءِ جھلم نديءَ مٿان لوھي تار ۾ ڏولي لڳل ھئي. اسان جو ته ان ڏوليءَ ۾ چڙھڻ جي تصور سان ئي مٿو پي ڦريو. ڪيترائي ماڻھو ان آبشار وٽ ڏسڻ ۾ آيا جيڪي ڏوليءَ ۾ ندي پار ڪري ويا ھئا.

16 جُون اسان جو مظفرآباد کان راولاڪوٽ روانگيءَ جو ڏينھن ھو پر ان کان اڳ وزير اعظم ۽ اطلاعات واري وزير سان گڏجاڻين جو پروگرام ھو. وزيرِ اطلاعات بازل نقوي ته گيسٽ ھائوس ۾ ئي ملڻ اچي ويو جتي کيس ۽ اطلاعات کاتي جي آفيسرن کي دادو ۽ خيرپور ناٿن شاھه جي دوست صحافين اجرڪ ۽ سنڌي ٽوپيون سنڌ جي سُوکڙيءَ طور پيش ڪيون. انکانپوءِ ساڻس گڏجي گيسٽ ھائوس جي پٺيان مٿانھينءَ تي پرائيم منسٽرس ھائوس ۾ وزير اعظم چوڌري عبدالمجيد سان ملڻ وياسين جتي پڻ دوستن وزير اعظم کي اجرڪ ۽ ٽوپي پيش ڪيا. چوڌري عبدالمجيد ڪشمير ۽ سنڌ جي قديم تاريخي لاڳاپن جو ذڪر ڪندي سندن صوفي شاعر ميان محمد بخش جو اھو ئي شعر ورجايو جنھن ۾ سنڌ کي سچن ماڻھن جي ڌرتي ڪوٺيو ويو آھي. کيس بھرحال شڪايت ھئي ته سنڌ جي وڏي وزير سيد قائم علي شاھه آزاد ڪشمير لاءِ پيئڻ جي پاڻيءَ لاءِ گھريل 1400 ڪيوسڪ پاڻي ڏيڻ تي اعتراض ڪيو آھي. ھن ٻڌايو ته وزيراعظم نواز شريف آزاد ڪشمير تائين ۽ پوءِ مظفرآباد کان ميرپور تائين جھلم نديءَ ڪناري موٽر وي ٺھرائڻ جو اعلان ڪيو آھي. آزاد ڪشمير حڪومت به رياست اندر روڊ رستا ٺھرائي رھي آھي جنھن سان سياحت ترقي ڪندي. سندس چوڻ موجب ساليانو ڏھه لک سياح ڪشمير گھمڻ اچن ٿا. وزير اعظم چوڌري عبدالمجيد به بجليءَ جي کوٽ جو مسئلو کنيو. “آزاد ڪشمير منگلا ڊئم مان 1200 ميگاواٽ بجلي پيدا ڪري ٿو پر اھا سموري بجلي نيشنل گرڊ ۾ وڃي ٿي. سموري آزاد ڪشمير جي ضرورت فقط 350 ميگاواٽ آھي پر موٽ ۾ اسان کي اھا به نٿي ملي،” ھن ٻڌايو. جڏھن کانئس پڇيوسين ته آزاد ڪشمير مان پاڪستان کي ڪيترو روينيو ملي ٿو ته سندس جواب ھو: “اسان پاڻي ڏيون ٿا، بجلي ڏيون ٿا، باقي ٻيو ڇا ڏيون؟” ٽئڪسن جي مد ۾ ٿيندڙ آمدنيءَ مان پاڪستان کي حصو ڏيڻ جي سوال تي ھن ٻڌايو ته ڪل آمدنيءَ مان 20 سيڪڙو پاڪستان کي وڃي ٿو. ھن ٻڌايو ته آزاد ڪشمير ۾ ٽي ميڊيڪل ڪاليج قائم ڪيا ويا آھن جن مان ھڪ مظفرآباد، ھڪ راولاڪوٽ ۽ ھڪ ميرپور ۾ آھي پر والاريل ڪشمير ۾ سورھن ميڊيڪل ڪاليج آھن ۽ اسان جا ماڻھو به اھڙي ترقيءَ جي توقع رکن ٿا.

july-15-2014    44    2

وزيراعظم سان ملاقات کانپوءِ اسان روانا ٿيڻ وارا ھئاسين ته اوچتو مينھن شروع ٿي ويو. مينھن پوڻ سان مظفرآباد جي گرمي ختم ٿي وئي ۽ اسان وڻندڙ جھڙالي موسم ۾ ٻن ڊبل ڪئبن گاڏين ۾ راولاڪوٽ لاءِ نڪري پياسين. مظفرآباد کان راولاڪوٽ 120 ڪلوميٽر پنڌ ھو. جبلن کي ڪٽي ان سموري رستي کي ويڪرو ڪري بھترين نموني ٺاھيو ويو ھو. ڪراچي حيدرآباد سپر ھاءِ وي به ان جي مقابلي ۾ ڪجھه ڪونه آھي. 9000 فُٽ بلند ڌيرڪوٽ تائين صوفن ۽ زردالن جا باغ، چِيڙ جي وڻن جا ٻيلا ڏسندي، ڪشميري ٻارن سان ملندي ۽ گرم پڪوڙن ۽ چانھه جو مزو وٺندي ھلندا رھياسين. ڌيرڪوٽ کانپوءِ وري ھيٺانھينءَ ڏانھن سفر ھو ۽ جيئن ئي راولاڪوٽ جي ويجھو ٿيندا وياسين ته ٿڌ وڌندي وئي ۽ اسان کي گاڏين جا شيشا بند ڪرڻا پيا. رات جو 8 وڳي راولاڪوٽ پھتاسين جيڪو ضلعو به آھي ته پونڇ ڊويزن جو ڊويزنل ھيڊڪوارٽر به آھي. شھر ۾ اسان کي سکر جي غلام محمد مھر ميڊيڪل ڪاليج جي بس نظر آئي جنھن ۾ شاگرد اسٽڊي ٽوئر تي آيل ھئا. اسان جي رھائش شھر کان 27 ڪلوميٽر ٻاھر تفريحي ھنڌ بنجوسه ڍنڍ تي سرڪاري ريسٽ ھائوس ۾ ھئي جتي پھتاسين ته ايتري ٿڌ ھئي جو ڪي جوان ڪاٺيون ٻاري ھٿ سيڪي رھيا ھئا. ڪشمير ۾ ڪاروبار سج لٿي کانپوءِ جلد ئي بند ٿيو وڃي تنھنڪري بنجوسه ۾ به رات سان گڏ سُڪون ڏيندڙ سانت ڇانيل ھئي. ريسٽ ھائوس ڍنڍ جي ڪنڌيءَ تي ھو جتي اھڙا قدرتي نظارا ۽ سُڪون ھو جو ڪو شاعر ھڪ رات ۾ شاعريءَ جو ڪتاب لکي وٺي.

17 جُون تي صبح جو بنجوسه ڍنڍ ۽ آسپاس جو سير ڪري اسان کائي گله شھر کان ٿيندا 12000 فُٽ بلند تفريحي ھنڌ تولي پير ھليا وياسين. پ پ پ ليڊر فريال ٽالپر پنھنجي ھڪ وڏي قافلي سان ڪجهه ڏينھن کان بنجوسه ۾ لٿل ھئي ۽ اسان کان ھڪ ڏينھن اڳ واپس وئي ھئي. بنجوسه تي ھوءَ ساڳي ريسٽ ھائوس ۾ ترسيل ھئي جتي اسان رھياسين. ھوءَ تولي پير به وئي ھئي جو واٽ تي ھر ھنڌ سندس آجيان وارا بئنر لڳل ھئا. شام جو راولاڪوٽ ۾ مقامي اخبار ڌرتيءَ جي ايڊيٽر ۽ پريس ڪلب جي صدر عابد صديق ھڪ ھوٽل ۾ چانھه پارٽي رکي ھئي جتي ساڻس ڪچھريءَ ۾ خبر پئي ته آزاد ڪشمير ۾ اخبار يا رسالو ڪڍڻ لاءِ به اسلام آباد مان اين او سي وٺڻو پوي ٿو ته اشتھارن لاءِ به اسلام آباد جي منظوري لازمي آھي. راولاڪوٽ جون اخبارون به اُتي ڪونه ڇپجن ۽ اِھي ڇپائيءَ لاءِ راولپنڊيءَ موڪلڻيون پون ٿيون.

اسان کي رات جو 8 وڳي مقامي ايف ايم ريڊيو “وائس آف ڪشمير” تي انٽرويوءَ لاءِ به پھچڻو ھو تنھنڪري اسان 12 ڪلوميٽر پري ڪوئيان ڳوٺ واري گيسٽ ھائوس ڏانھن روانا ٿياسين جتي ھڪ رات رھڻو ھو. ان گيسٽ ھائوس ۾ به فريال ٽالپر جي قافلي وارن کي ترسايو ويو ھو. عابد صديق جڏھن گيسٽ ھائوس جي مالڪ عامر خورشيد کي اسان جي پارت ڪرڻ لاءِ فون ڪندي چيو ته سنڌ مان آيل دوستن جو خيال رکي، ته ھن چيس: اسان ته ھر وقت سنڌ وارن جي خدمت پيا ڪريون. اڃا ھاڻي ته فريال ٽالپر جي قافلي کي روانو ڪيو اٿئون جنھن لاءِ روزانو 20 لٽر کير ھٿ ڪرڻو ٿي پيو.

اسان راولاڪوٽ جي ڀتين تي “اِڪ زرداري سب پي ڀاري” جا لکيل نعرا پڙھندا ڪوئيان گيسٽ ھائوس تي ٽپڙ رکي وري واپس ريڊيو انٽرويوءَ لاءِ نڪري پياسين. آزاد ڪشمير جي دوري ۾ جيترن به ماڻھن سان ملاقاتون ٿيون يا ريڊيو انٽرويوءَ ۾ جنھن قسم جا سوال ڪيا ويا تن مان اندازو ٿيو ته ھن پاسي جا ڪشميري “ڪشمير بني گا پاڪستان” جو نعرو ته ھڻن ٿا پر سندن جذبات ان نعري جو ساٿ نه ٿا ڏين. “مرحوم ڪشميري اڳواڻ عبدالغني لون جو چوڻ ھو ته اڳي ڪشمير ھڪ ملڪ ھو، ھڪ رياست ھئي، ھاڻي اھو ملڪ نه رھيو، صرف ڪشميري ماڻھو وڃي بچيا آھن ۽ ماڻھن جي ڪير به ڪونه ٻُڌندو آھي،” ھڪ دوست ٻڌايو، جنھن تي مون سندن اصل احساسن کي ڄاڻي ورتو. ڪن ڪشميرين کي ان ڳالھه تي به اعتراض ھو ته فريال ٽالپر کي پ پ پ جي ڪشمير معاملن جي انچارج بنايو ويو آھي. ڪشمير ۾ ڪشميري، پھاڙي، ميرپوري، گوجڙي، ھندڪو ۽ پنجابي ٻوليون ڳالھايون وڃن ٿيون پر سرڪاري ٻولي اُردو آھي. سندن پنھنجي ٻوليءَ ۾ نه درسي ڪتاب آھن ۽ نه ئي اھا بنيادي تعليم جو ذريعو آھي، جيڪا ڳالھه به کين پريشان ڪري ٿي. اھڙن احساسن جو اظھار ريڊيو انٽرويو وٺندڙ شھزاد به ڪيو.

18 جُون اسان جي واپسيءَ جو ڏينھن ھو. وقت گھٽ ھجڻ سبب اسان نيلم ماٿري، ديوي گلي ۽ اھڙا ٻيا پُر فضا ھنڌ گھمي ڪونه سگھياسين، جن جي پٺيان ڪيتريون ئي دلچسپ ڏند ڪٿائون مشھور آھن. اسر ڌاري کان تيز مينھن شروع ٿي چڪو ھو جنھن موسم کي اڃا وڌيڪ سرد ڪري ڇڏيو ھو. اسان راولاڪوٽ شھر جو چڪر ھڻي ڪجھه خريداري ڪري واپسيءَ جي سفر تي نڪري پياسين. اسان جي ڊرائيور پرويز ھن ڀيري راولاڪوٽ کان پنڊي اسلام آباد وارو رستو (جنھن تي پنجاب جي حدن ۾ ڪھوٽه وٽ ائٽمي پلانٽ آھي) وٺڻ بدران سڌو ڀوربن وڃڻ لاءِ ھڪ پراڻو ۽ خطرناڪ منگ روڊ اختيار ڪيو. اسان بلنديءَ تان سوڙھي لڪ ذريعي ھيٺ لھندي سمورو ڪشمير ڏسي رھيا ھئاسين. گاڏيءَ ۾ سفر جي باوجود ساھه مُٺ ۾ ھو. سوچيم ته ڪيئن ھن خطي تي قبضي لاءِ بادشاھن جا لشڪر انھن ئي لڪن تان لنگھندا ھوندا. منھنجي دماغ ۾ ھندو مسلم، سک ۽ انگريز لشڪرن جي گھوڙن جي ٽاپ گونجڻ لڳي. ڪشمير جي انھن لڪن ڀرسان اڄ به پاڪستاني فوج جي گھوڙن جا طبيلا موجود آھن. انھن لڪن تان لھي ڪشمير جي ھڪ ھندو راجا لليت اديتيه (عيسوي سن 724 کان 761) سنڌ فتح ڪئي ۽ سنڌ ۾ عربن جي اثر کي ختم ڪيو ھو.

ڊرائيور کي خطرناڪ رستن جي ڪابه پرواھه ڪانه ھئي ۽ ھو اسان سان ڪچھري به ڪندو پي ھليو. ھن چھچ ساون جبلن ڏي اشارو ڪندي چيو ھو،“ھتي زمين آھي ئي ڪانه، ماڻھو جبلن جي لاھين تي گھر ٺاھي ويٺا آھن.” مون چيومانس،“انھيءَ ڪري ته ڪشمير ۾ ڪنھن ڌارئي کي زمين خريد ڪرڻ جي اجازت ڪانھي.” ان تي ھن چيو،“صاحب! ھتي زمين جي تنگي آھي جنھن ھتان جي ماڻھن جون دليون به سوڙھيون ڪري ڇڏيون آھن.” اسان راولاڪوٽ ضلعي جي تحصيل ٿوراٽ کان ٿيندا واٽ تي جھنگلي ڏاڙھون پٽيندا، جھوپڙيءَ ۾ ٺھيل ٻاڪڙا ھوٽل ۾ ماني کائيندا شام جو چئين وڳي جھلم نديءَ جي ھڪ ڪاٺ جي پل ٽپي ڪاشر ديش کي پوئتي ڇڏي آياسين جنھن کي ڪاليداس بھشت کان وڌيڪ خوبصورت ڪوٺيو آھي. ھن زميني بھشت ۾ 40 لک آدم رھي ٿو ۽ ايترائي ڪشميري پاڪستان ۽ ٻين ملڪن ۾ آباد آھن. ھر گھر مان ھڪ ٻه مرد پاڪستان ۽ ڏيساور ۾ ڪمائين ٿا. جھادي تنظيمن ھجڻ جي باوجود ھتي امن آھي ۽ ماڻھو رات جو به بي خوف گھمي سگھن ٿا. بقول ڪشميري اختيارين جي پنجاب جي ھڪ ٿاڻي جي حد ۾ ساليانو ٿيندڙ ڏوھن جيترا ڏوھ به مس آزاد ڪشمير ۾ ٿين ٿا. (پورو ٿيو)

(خاص افيئر ميگزين لاءِ لکيل)

nasiraijazpk@yahoo.com

below article banner

پنهنجو رايو ڏيو

توهان جو اي ميل پتو ظاهر نه ڪيو ويندو. گهربل معلومات تي هيءَ نشان لڳل آهي: *

*

You may use these HTML tags and attributes: <a href="" title=""> <abbr title=""> <acronym title=""> <b> <blockquote cite=""> <cite> <code> <del datetime=""> <em> <i> <q cite=""> <strike> <strong>

صفحي جي چوٽيءَ تي وڃو