Home / اسپيشل افيئر / احساس ڪمتريءَ جو اُٺن ذريعي علاج!
above article banner

احساس ڪمتريءَ جو اُٺن ذريعي علاج!

Aziz Solangiهڪ پاسي اترين ڀونءِ ۾ جراحي جاري آهي، ڪيترن ئي پيراڻن ڀنڀرن جو خيال آهي ته، ”ڪنڊو لڳو پير ۾، کوٽجي پيو گوڏو“…. ڪي وري چون ٿا ته، ”نانگ ويو نڪري، ليڪو پيو ڪُٽجي“… هي اُنهن جو ليڪو آهي، جيڪي جنت جون راهداريون ورهائيندا رهيا آهن. کين حورون حاصل ڪرڻ جي تڪڙ آهي. اسان جي سياستدانن جي مڊ ٽرم چونڊن واري مطالبي وانگر اهي موت به مڊ ٽرم چاهين ٿا حورن ڏانهن رغبت ته انهن پٺاڻن (يا انهن جهڙو مزاج رکندڙن) جي پِچ ئي ناهي رهي، پوءِ اهي ايترا اتاولا ڇو آهن؟ ڪنهن مرد (مڙس ماڻهوءَ) کي سڌو ڪرڻ لاءِ هڪ ئي حُورَ (زال) ڪافي هوندي آهي، هي ستر حورن وارو واعدو انعام آهي يا دڙڪو؟…. اها ڳالهه جنهن کي جيئن سمجهه ۾ آئي آهي، تنهن تيئن سمجهي آهي. توڙي جو شرافت ۽ انصاف وارن برانڊن جي اسٽيڪرز سان سياست جي بازار ۾ پنهنجو وکر کپائيندڙن جا، اهي کٿابي مشترڪ محسن هئا، جن کان کين اليڪشن مهم دوران ”غيباتي“ امداد پهتل هئي، پر اليڪشن کان اڳ ئي شايد ڌر ڌڻين اهو فيصلو ڪري ڇڏيو هو ته، ”لِيگ تنهنجي لِيگڙي، ڪي پي ڪي ۾ ڪا نه…“ ۽ پوءِ ائين ئي ٿيو. هاڻي نئين سياسي صفبنديءَ ۾ حريف حليف بڻيل، ۽ حليف حريف بڻيل آهن. چون ٿا ته هن ڀيري ديوار تي ڳڙ جي آڱر ڏيهه ۾ آيل پرڏيهيءَ لڳائي آهي، جيڪو ملبي ڪيرائڻ جو مڃيل ٺيڪيدار آهي ۽ اهو جمهوريت تي ملبو ڪيرائڻ آيو آهي.

”مَلبو“….. توڙي جو هي لفظ اسان جي پنهنجي ٻوليءَ جو نه آهي، پر ان جو اسان جي ٻوليءَ تي ايترو ته مَلبو ڪريو آهي، جو هاڻي نج ۽ نبار لفظ دٻجي ويا آهن. اڳي ”ملبو“ مَلڻ جي مفهوم ۾ استعمال ٿيندو هو، جيئن: دانگي ملبي هئي ۽ تئو ملبو هو (هاڻي ته تئو ٽنگيو ويندو آهي ۽ مَلبو ڪيرايو ويندو آهي.“ هن وقت هر ڪنهن جي وات مَلبي جي وائي آهي. ڪو تاريخ کي ماضيءَ جو مَلبو پيو سڏي، ته ڪو وري اها شڪايت ڪندي نظر ٿو اچي ته، شاديءَ جي مَلبي هيٺان پيار دٻجي ويو آهي. منهنجو هڪڙو دوست پڻ مَلبي سان پيار ڪندو هو، هڪ ڀيري ان مَلبي سان شادي ڪرڻ جو ذڪر ڪيو، چيم: يار، مَلبو ته مَلبو ئي هوندو آهي… پر ڪو نه مڙيو ۽ ان مَلبي هيٺان دفن ٿي ويو. هاڻي ته ٻُڌجي ئي ڪو نه ٿو ويچارو!…. جهانگير بادشاهه به پنهنجي مرضيءَ جو مَلبوشيرافگن تي اهڙو ته ڪيرايو، جو کيس قبر جي ڀاڪر ۾ موڪلي پاڻ عرقِ گلاب سان غسل جو طريقو متعارف ڪرائيندڙ نورجهان جي ٻانهن ۾ هليو ويو. ابوالحسن (عبدالمومن) المعروف ملان دوپيازو جلال الدين محمد اڪبر، توڙي مهيش داس (راجا بيربل) جي بيوقوفين تي مزاح جو ملبو ڪيرائي، انهن کي ڍڪي ڇڏيندو هو. ڪو ماڻهو انا جي ملبي هيٺان دفن ٿي ويندو آهي. هتي ملبو ڪيرائيندڙ گهڻا، جڏهن ته ملبو هٽائي نئين تعمير کي رستو ڏيندڙ تمام گهٽ آهن. اسان جي ملڪ ۾ آمريت جو ملبو هٽائيندي جمهوريت جي حياتي پوري ٿيو وڃي ۽ هن ڀيري به ائين ٿي رهيو آهي.

july-15-2014    14

اڳي ماڻهو جيڪو ڪم لِڪ ڇُپ ۾ ڪندا هئا، پر هاڻي ايتري تي بيباڪي اچي ويئي آهي، جو اهو ڪم سر عام چوڪن ۽ چوراهن تي ڪري رهيا آهن، ان ڪري دنيا ۾ چوڪ گهڻا مشهور ٿيندا پيا وڃن، جيئن: التحرير چوڪ، مُڪا چوڪ، چِيل چوڪ، اٺ چوڪ ۽ ڊي چوڪ وغيره، عيد جي ٻن هفتن کانپوءِ احتجاج جي ڪڪڙ ڊي چوڪ تي آري تي ويهڻي هئي، پر اهو معاملوهاڻي رلي ويو آهي، آنا ڪپتان ايل بي ڊبليو (لالا بغير وائيف) جي هٿ ۾ کنيل ٽوڪريءَ ۾ آهن. چون ٿا ته انهن آنن مان ڪابه شئي نڪرڻي ناهي، جو اهي آنا ڪِنا ٿي چڪا آهن. هاڻي ڏسجي ته انقلاب جي ڪڪڙ ڪٿي ٿي آرو ڪري! في الحال ته نئين سياسي صفبنديءَ سبب بادشاهه پريشان ۽ بادشاهه گرن اڳيان احساس ڪمتريءَ ۾ پڻ آهن.

دنيا جي دبنگ ماهرن انسانن ۾ احساس ڪمتريءَ جي علاج جو اڪسير ۽ مجرب نسخو ڳولي ورتو آهي، سندن چوڻ آهي ته احساس ڪمتريءَ ۾ مبتلا هر شخص کي هڪ اُٺ پالڻ گهرجي ۽ پوءِ لڳاتار غور سان ان اُٺ ۾ نظر کُپائي ڏسڻ سان ڪمتريءَ جو احساس برتريءَ ۾ بدلجي ويندو. هونئن به قديم زمانن کان اٺ انسان جو دوست رهندو آيو آهي. عرب ”اُٺ- دوست“ قوم آهي. مون کي اها خبر نه آهي ته محبوب جي چپڙن کي ”چپ“ سڏيندڙ اُٺ جي چپن کي ڇا سڏيندا هوندا، مون کي اها به خبر نه آهي ته صحرا ته سنڌ ۾ به آهي، پر عربن کي اُٺ جي آخر ڪهڙي ادا وڻي ٿي، جو اهي اُٺ سان گهڻو پيار ڪن ٿا؟!! نه صرف عربن جي اُٺن کي ڏسي، پر ڪراچيءَ جي ساحل تي اُٺن کي جيڪو عياشيءَ جو سامان ميسر آهي، ان کي ڏسي ڪيترائي ماڻهو رشڪ ڪندي جهونگارڻ لڳندا آهن ته، ”ڪاش مان اُٺ هجان …..“!! ليليٰ جو به هڪ اُٺ هو، جنهن جو نالو هو مجنون. مجنون اُٺ نه هجي ها ته ڇو عشق ۾ ايڏي اوڳر ڪري ها. عربيءَ ۾ اُٺ جا لاتعداد نالا ۽ سنڌيءَ ۾ اُٺ بابت لاتعداد اصطلاح آهن. عربيءَ ۾ اُٺ جا لاتعداد نالا هجڻ جو هڪ سمجهه ۾ ايندڙ سبب اهو آهي ته اُٺ هڪ اهڙو جانور آهي، جنهن کي جيئن به چاهيو، سڏي سگهو ٿا.

سنڌيءَ ۾ چوندا آهن ته، اُٺ تڏهن پئي رڙيا، جڏهن ٻورا پئي سبيا، پر اصل حقيقت ايئن نه آهي. جڏهن ٻورا نه پئي سبيا، اُٺ تڏهن به پئي رڙيا. مون ان مامري جي مام پروڙڻ لاءِ نفسيات جي هڪ حيواني ماهر سان رابطو ڪيو ته رڙندي جواب ڏنائين ته، رڙڻ اُٺن جو ڪم آهي، رڙڻ جو تعلق ٻورن سان جوڙڻ وڏي ”اُٺ- پائي“ آهي، بلڪل ايئن، جيئن احتجاج جو تعلق انقلاب سان جوڙڻ. مون سندس اها ڳالهه اهڙي ته پاند سان ٻڌي ڇڏي آهي، جو هاڻي جڏهن به اُٺ رڙندا آهن ته سمجهي ويندو آهيان ته، رڙڻ اُٺن جو ڪم آهي، اُٺن جي رڙڻ جو ڪوبه سياسي سبب ناهي هوندو، پر اسان قميص جي بٽڻ ٽٽڻ جو به سياسي سبب ڳوليندا آهيون.

دراصل اهو رد عمل آهي اسان کي غير سياسي بنائڻ لاءِ ٿيندڙ ڪوشش جو. جن حڪمرانن، سياستدانن، توڙي انهن جي گلو بٽن ۽ مولا جٽن سياست تان اسان جو ارواح کڻائڻ جي ڪوشش ڪئي، انهن جو تعداد ايترو آهي، جو اهي هڪ جهاز ۾ آسانيءَ سان سمائجي ويندا ۽ هونئن به بستي لال ڪمال واري صوبي ۾ هن وقت انبن جي موسم پڻ آهي.

aziz_solangi05@yahoo.com

below article banner

پنهنجو رايو ڏيو

توهان جو اي ميل پتو ظاهر نه ڪيو ويندو. گهربل معلومات تي هيءَ نشان لڳل آهي: *

*

You may use these HTML tags and attributes: <a href="" title=""> <abbr title=""> <acronym title=""> <b> <blockquote cite=""> <cite> <code> <del datetime=""> <em> <i> <q cite=""> <strike> <strong>

صفحي جي چوٽيءَ تي وڃو