Home / افيئر / اسرائيل بگهڙ تو ن هيڻو آ هٿيارن سان
above article banner

اسرائيل بگهڙ تو ن هيڻو آ هٿيارن سان

بگهڙ  ۽ ٻڪري جي ٻچي جي  ڪهاڻي ته اوهان ننڍي هوندي ئي پڙهي هوندي ته ڪيئن هڪ بدنيت بگهڙ ٻڪري جو ڇيلڙو ڳڙڪائڻ لاءِ مٿس الزام هنيو ته هوُ پاڻي خراب ڪري رهيو هو ۽ جڏهن ٻڪري جي چيلڙي کيس ٻڌايو ته هوُ ته وهڪري جي هيٺاهين پاسي آهي ته ان تي بگهڙ جيڪو ڪلاسيڪل جواب ڏنو هو سو اڄڪلهه فلسطين ۽ اسرائيل جي جهيڙي ۾ اسرائيل طرفان ڏنو پيو وڃي. اها خبر ناهي ته ان مان ڪو سبق اوهان  پرايو يا نه باقي اسان ته ڄاڻي ورتو ته ڪمزور هجڻ پاڻ گناھ آهي . هڪ بگهڙ جي آڏو ٻڪري جي صورت ۾ سامهون اچڻ پاڻ گناھ آهي، باقي دليل ۽ عذر، سي کوڙ. ڇا چوندا آهن، دل کوٽي، عذر  به گهڻا. اسرائيلي بگهڙن جي آڏو بيوس فلسطينين جي مزاحمت به هڪ قابل سزا ڏوھ بڻجي ويو آهي.

اسرائيل جو وجود دراصل ٻي مهاڀاري لڙائي کان پوءِ دنيا ۾ نئين سياسي صف بندي جو نتيجو هئي. سامراجي دنيا کي سوويت يونين جي اثر روڪڻ لاءِ ڇاڙتي  Proxy رياست جي ضرورت هئي. وچ اوڀر ۾ اسرائيل وجود ۾ آيو. دنيا جي ٻي ڪنُڊ ۾ به هڪ رياست اهڙي ئي ريت وجود ۾ آئي پر ان جو ذڪر ڪنهن ٻئي ڀيري، اڄ اسرائيل جو ذڪر آ. سو، ڳالهه پئي ڪئيسين ته وچ اوڀر ۾ ، عرب عوام جي نڪ ۾ ناڪيلي وجهڻ لاءِ  اسرائيل ظهور پذير ٿيو ۽ اهي سال، اهي ڏينهن، وچ اوڀر ۾ ٻڙڌوڪ متل آ. اسرائيل وڃي ٿو عرب علائقا قبضي ۾ آڻيندو. هر چوٿين پنجين سال جنگ ٿئي ٿي، اسرائيل چار نوان عرب ڳوٺ قبضي ۾ آڻي ٿو. ائين هڪ هڪ ڪري 1948 ۾ جيڪي علائقا فلسطيني رياست جي نالي ۾ عربن وٽ هئا سي به ڪون بچيا. اسرائيلي رياست ۾ شامل وڏو حصو اسرائيلي فوج طرفان 1965، 1967، 1973 ۽ بعد ۾ ٿيل جنگي جهڙپن جي نتيجي ۾  ڦٻايل علائقن تي مشتمل آهي.

july-15-2014    58

گڏيل قومن جو ادارو به اسرائيل جي داداگيري آڏو بي وس آهي. ڪير ڪُڇي؟ اسرائيل معنيٰ آمريڪا. بلڪه ڪٿي ائين به چيو وڃي ٿو ته آمريڪا معنيٰ اسرائيل. وڌيڪ خبر خدا کي باقي آمريڪي حڪومت جنهن ريت اسرائيل آڏو بي وس باندي بڻيل آ ان کي ڏسندي ته اهو ئي لڳي ٿو ته آمريڪا به اسرائيل  جو پٺُو آهي. ائين نه هجي ها ته ڪيئن ممڪن هو جو اسان کي اوباما ۽ بُش ۾ ڪو فرق نه لڳي؟

بُش وڏو بدمعاش هو. سندس سڄي ڪابينا گينگسٽر لڳندي هئي. هڪڙو ڪولن پاويل حيادار هيو سو به عراق تي حملي کان پوءِ هليو ويو. ڊڪ چيني ۽ رمسفيلڊ جهڙا لوفر، ڪونڊاليزا رائيس جهڙيون جنڙيون ، بُش  سرڪار ۾ ڪرتا ڌرتا بڻيل هيون. پر پوءِ اوباما چونڊون وڙهيون. سڄي دنيا خوش ته هڪ ترقي پسند ماڻهو بُش جي جاءِ تي آيو آهي. پر اڄ اسان وٽ بُش ۽ اوباما ۾ فرق  ڪرڻ مُشڪل ٿي ويو آهي.  اسرائيل جي معاملي ۾ ٻئيهڪ جهڙا.

۽ نالي ۾ نهال مسلم اُمه؟ ڇڏيو سائين! مُسلم اُمه هڪ ڀوڳ آهي. نه فلسطين کي آسرو نه  اسرائيل کي ڀئو. عرب سڳورن ۾ حال هجي ها ته مٿن بادشاھ حڪومت نه ڪن ها.

پر ان سڄي لقاءَ ۾ شابس آهي سڄي دنيا جي حق پرست انسانن کي. اسرائيل جي جارحيت جي مذمت ۾ جيترا وڏا مظاهرا لنڊن، آسٽريليا، ڪئينيڊا ۽ يورپ جي ٻين شهرن ۾ ٿيا آهن اوترا ته ڪنهن “مُسلم اُمه” جي شهر ۾ نه ٿيا آهن. دراصل انصاف ۽ حق کي مذهب ۽ عقيدي ۾ ورهائڻ سان سامراجي قوتن کي فائدو رسي ٿو. فلسطين جو ڪيس هڪ مظلوم قوم مٿان غاصب قوم، اسرائيل جي قبضي جو ڪيس آهي پر ان کي مسلمان  بمقابله يهودي بڻائڻ سان سعودي بادشاهن اولهه جي سامراجين ۽ اسان جي اسٽيبلشمينٽ پارن جو فائدو آهي. فلسطين جي وطن دوست مزاحمت کي مذهبي رنگ ڏيئي کيس دنيا ڀر ۾ اڪيلو ڪيو ٿو وڃي. پر پوءِ به ڪُل جڳ ۾ ڪي ڪاپڙي آهن جيڪي انهن چڪرن ۾ نه ٿا پون.

اسرائيل کي داداگيري ڏيکارڻ جو موقعو ڪنهن به ڏنو، حماس يا ٻئي ڪنهن، پر اسرائيل داداگير، لُچ آهي. ڀل سعودي ۽ ٻيا مٿي سکڻا پادشاھ ، واشنگٽن ۽ لنڊن جون حڪومتون اسرائيل سان ٺهيل هُجن، عالمي انساني ضمير فلسطين سان گڏ آهي، لکين ڪروڙين هٿ فلسطين لاءِ اڀا ٿين ٿا، اسرائيل پنهنجي مڳي سميت اڪيلو، ڌڪاريل آهي.

below article banner

پنهنجو رايو ڏيو

توهان جو اي ميل پتو ظاهر نه ڪيو ويندو. گهربل معلومات تي هيءَ نشان لڳل آهي: *

*

You may use these HTML tags and attributes: <a href="" title=""> <abbr title=""> <acronym title=""> <b> <blockquote cite=""> <cite> <code> <del datetime=""> <em> <i> <q cite=""> <strike> <strong>

صفحي جي چوٽيءَ تي وڃو