Home / ايڊيٽوريل / اسٽيبلشمينٽ جي ليبارٽري هڪ ٻئي تجربي جي تياري ۾
above article banner

اسٽيبلشمينٽ جي ليبارٽري هڪ ٻئي تجربي جي تياري ۾

july-15-2014مُلڪ ۾ سياسي بي يقيني قائم رکڻ ڏاڍن مُڙسن جي مجبوري آهي، سو، بي يقيني قائم و دائم آهي. نوازشريف سرڪار مٿان ڪڏهن قادري ته ڪڏهن عمران خان جي ترار لڙڪيل نظر اچي ٿي. نواز شريف پنهنجا پتا کيڏي ٿو پر ڪيسيتائين؟ سياسي سهڙ ڪيسيتائين اسٽيبلشمينٽ جي بڇايل بگهڙن آڏو ڊوڙندا ۽ سهڪندا رهندا سا خبر هڪ ڌڻي کي ٻيو شڪارين کي.

نواز شريف گذريل سال جن چونڊن رستي تخت تي ويٺو سي ڪي صاف ۽ شفاف چونڊون ڪون هيون. هن ملڪ ۾ مڪمل شفاف چونڊون اڃا تائين هڪ خواب آهن. پر پوءِ به انهن انڌين منڊين چونڊن کي پيپلزپارٽي، اي اين پي سميت اڪثر سياسي ڌرين سياسي عمل جي جاري رهڻ جي خواهش هيٺ قبول ڪيو پر تحريڪ انصاف انهن تي اعتراض واريو. چونڊن جي نتيجن کي عمران خان تحريڪِ انصاف جو مينڊيٽ چورائڻ ڪوٺيو. چار تڪن تي وري ڳڻپ ڪرائڻ جو مطالبو ڪيو. مُظاهرا ۽ ڌرڻا شروع ٿيا. هاڻ عمران خان صاحب سڄي ملڪ ۾ وري ڳڻپ ڪرائڻ جي گهُر ڪندي 14 آگسٽ کان تحريڪ جو اعلان ڪري ويٺو آهي. حُڪومت به ساڳي ڏهاڙي تي ملاکڙو ڪرڻ جو اعلان ڪيو اهي.پر اسلام آباد جي ڊي چئوڪ تي 14 آگسٽ تي ڪنهن جو جهنڊو جهوليندو سا خبر مالڪن کي.

پاڪستان ۾ هونئن ته اڇي ڪاري جي مالڪ اسٽيبلشمينٽ ئي رهي آهي پر ڪڏهن ڪڏهن سياسي قوتون ملڪ هلائڻ ۾ حصيداري وٺيو وڃن. 1985 ۾ جنرل ضيا جيڪو به سيٽ اپ آندو، ان ئي سيٽ اپ سندس مٿي ۾ سُور وجهي ڇڏيو. اسيمبلي جي فلور تان روز جنرلن کي ست سُريون ٻڌڻ ۾ اينديون هيون. رهيل ڪسر سندن رکيل ملازم، سنڌڙي جي جوڻيجي پوري ڪئي جنهن جنرلن کي اٺ سئو سي سي ڪار عرف صابڻ داني ۾ ويهارڻ جو اعلان ڪيو. جوڻيجي کي ته نوڪري مان جواب مليو پر پوءِ وقت ثابت ڪيو ته جنرل جنهن کي به سياسي نوڪر ڪندا سو اڳتي هلي ڦري عوام جي طرف ٿي بيهندو. نوازشريف ان جو سڀ کان وڏو مثال آهي. ان ڪري اسٽيبلشمينٽ ڪنهن کي به سُڪون سان حُڪومت هلائڻ نه ڏيندي. سندس سياسي ۽ غير سياسي مُهرا هر “بظاهر حڪمران” سان کئونس جاري رکيو ايندا. ايتري حد تائين جو جنرل مُشرف کي به نه بخشيائون. کيس به وڪيلن جي تحريڪ جي شڪل ۾ جيجڙو بڇي ڇڏيائون.

سنڌي، جوڻيجي، کي نوڪري تان بر طرف ڪرڻ ته اسٽيبلشمينٽ کي ڦٻي ويو پر جڏهن 1993 ۾ ، پنجابي، نواز شريف کي تخت ڇڏڻ لاءِ چيو ويو ته همراھ پڙ ڪڍي بيهي رهيو. اهو ئي سبب آهي جو اڄ به نواز شريف مٿان اسٽيبلشمينٽ اعتبار ڪرڻ لاءِ تيار ناهي. کيس حڪومت هلائڻ لاءِ فري هينڊ نه پيو ڏنو وڃي. پنجاب جو سياسي طبقو اسٽيبلشمينٽ لاءِ سئولو گرهن ثابت نه ٿيو آهي.

نواز شريف تي تنقيد ڪندڙن جو چوڻ آهي ته هو ڌڪ کائي به ڪونه سکيو آهي. اڃا تائين اسٽيبلشمينٽ کي مائي باپ ڪوٺڻ لاءِ تيار ناهي. سندس پاليسيون کڻي جو ڪو ريڊيڪل ڪونهن پر طاقتور حلقن جي صلاح مشورن کانسواءِ ملڪي پاليسيون هلائڻ “بغاوت” جي اعلان برابر آهي. ڀارت سان سلام دعا وڌائڻ جو اعلان ناقابل معافي ڏوھ ۾ شامل آ. ان ڪري سندس حڪومت کي سوڙهو ڪرڻ لاءِ ڪيئي رانديگر ميدان ۾ آندا ويا آهن.

طاهر القادري مهينو کن اڳ اعلان فرمايو ته سندس چپٽي وڄائڻ جي دير آهي، حڪومت وڃي پٽ تي پوندي. اهو ته ڪون ٿيو. قادري صاحب جي هستي مان شايد ڪرشما ڏيکارڻ جي قوت نڪري وئي آهي يا فرشتن جي کانئس دل کٽي ٿي وئي آهي جو هاڻ سندس جاءِ تي عمران خان ميدان تي لهڻ جي تيارين ۾ آهي. عمران خان جي پارٽي جيئن ته پنجاب جي وچولي طبقي جي مقبول پارٽي بڻجي وئي آهي ان ڪري مسلم ليگ نواز لاءِ اها مٿي جو سُور بڻجي سگهي ٿي. ٻڌايو وڃي ٿو ته راند جو انت نگران سيٽ اپ يا قومي حڪومت تي ٿيندو. اهو سيٽ اپ ٻه ٽي سالن کان پوءِ چونڊون ڪرائي نوان مهانڊا اسيمبلين ۾ آڻيندو. معني، ايوب خان وارو 1964 جو بنيادي جمهوريت جو نظام يا جنرل ضيا واريون 1985 جون غير جماعتي اسيمبليون يا جنرل مُشرف جون 2002 واريون چونڊون. حاصل مطلب ته وري زيرو کان راند شروع ٿيندي.

ان صورتحال ۾ کڻي جو اسٽيبلشمينٽ پنهنجي مرضي جا سياسي ماڻهو چونڊرائي کڻي ايندي پر ان نظام مان ملڪ کي ڇا پلئه پوندو تنهن بابت مختلف رايا آهن. سنڌ ۽ بلوچستان اڳي ئي مرڪز کان کوڙ شڪايتون رکن ٿا.

خيبر پختونخواهه کڻي جو اسٽيبلشمينٽ کان حصو پتي وٺڻ ۾ ڪامياب وڃي ٿو پر طالبان فيڪٽر جي پيدا ٿيڻ کان پوءِ پشتون به اسٽيبلشمينٽ جي پشتون مار پاليسين تي چڙيا وتن ٿا. ان صورتحال ۾ اسٽيبلشمينٽي نسخو ملڪ کي ڪيترو سياسي استحڪام بخشي ٿو ان تي ڪي به ٻه رايا ڪونهن. صورتحال اڳ کان اڳري هوندي. ٿائيلينڊ ۽ برما جي جنتا جيڪو پنهنجي ملڪ سان ڪيو سو هتي ٿيڻ وڃي پيو. ايندڙ مهينا گهڻا اهم آهن جو هِن ملڪ جي مالڪن کي نواز شريف کي گهر موڪلڻ جي ڏاڍي تڪڙ آهي. ۽ اهو نه وساريندا ته تڪڙ ۾ انڌا گُلر ڄڻڻ اسان جو قومي مزاج بڻجي ويو آهي نه ته اسان توهان سياسي ڌارا ۾ ايترا ڪرپٽ ۽ جاهل سياستدان نه ڏسون ها جن ۾ هڪ ئي مُشترڪه ڳالهه آهي ته کين اسٽيبلشمينٽ جي نرسري ۾ ڄڻيو ۽ تاتي وڏو ڪري اسيمبلين ۾ آندو ويو. ۽ پوءِ جيڪا “ڪاروائي” اهڙن سياستدانن ملڪ ۽ ماڻهن سان ڪئي تنهن کي جواز ڄاڻائي اسٽيبلشمينٽ سياست کي ئي گندو چوڻ شروع ڪيو. ڪير چوي ته اوهان اڪابرن سياست تي ايترا تجربا ڪيا جو هاڻ اتان شيرازين ۽ شيخ رشيدن عجيب عجوبا ئي نڪرندا، باچا خان، سهروردي ۽ سيد ته ڪونه نڪرندا.

below article banner

پنهنجو رايو ڏيو

توهان جو اي ميل پتو ظاهر نه ڪيو ويندو. گهربل معلومات تي هيءَ نشان لڳل آهي: *

*

You may use these HTML tags and attributes: <a href="" title=""> <abbr title=""> <acronym title=""> <b> <blockquote cite=""> <cite> <code> <del datetime=""> <em> <i> <q cite=""> <strike> <strong>

صفحي جي چوٽيءَ تي وڃو