Home / ايڊيٽوريل / انڌو ئي سهي، منڊو ئي سهي، پر هي نظام هلڻ ڏيو!
above article banner

انڌو ئي سهي، منڊو ئي سهي، پر هي نظام هلڻ ڏيو!

july-31-2014سياست جون نراليون رمزون آهن. نوي جي ڏهاڪي ۾ مُلڪ جون جيڪي ٻه وڏيون پارٽيون، پيپلز پارٽي ۽ نواز شريف ليگ هڪ ٻئي جي ڄنڊن مان هٿ ڪڍڻ لاءِ تيار نه هيون سي پاڻ ۾ ان ڳالهه تي متفق آهن ته وڌيڪ نه وڙهبو ڇاڪاڻ ته سياسي قوتن جي پاڻ ۾ وڙهڻ جو فائدو اسٽيبلشمينٽ کي ملي ٿو ۽ نتيجي ۾ يا ته سياسي پارٽيون اقتداري ايوانن مان هڪالي ڪڍجن ٿيون نه ته به اسٽيبلشمينٽ کي مُلڪي وهنوار هلائڻ ۾ کليل ڇُوٽ ملي وڃي ٿي. پر اهو سبق پرائڻ ۾ کين ڏھ سال لڳا. عمران خان جي جماعت سياست ۾ اڃا رنگروٽ آهي. کيس اقتدار جي جيڪا تڪڙ آهي سا ڏسندي لڳي ٿو ته اها اسٽيبلشمينٽ جو ڪم ائين ئي آسان ڪندي جيئن نون ستارن جي اتحاد 1977 ۾، آءِ جي آءِ 1990 ۾،پيپلز پارٽي 1993 ۾ ۽ نواز ليگ 1996 ۾ ڪيو هو. هن ڀيري تاريخ پاڻ کي شايد وڌيڪ بڇڙي نموني سان ورجائي.

اسٽيبلشمينٽ عبوري حڪومت جو هڪ اهڙو سيٽ اپ تيار ڪري رهي آهي جنهن ۾ ٽيڪنوڪريٽ جي نالي ۾ غير سياسي مُنشي ۽ ماهر پگهار تي رکيا ويندا. بنگلاديش ۽ ٿائيلينڊ ۾ تازو اهي تجربا ٿيا ۽ ناڪام ويا پر اسان وٽ اسٽيبلشمينٽ ان مان سکڻ لاءِ تيار ناهي. ڏسون ايندڙ ڏينهن ۾ ڇا ٿو ٿئي.

قصو اهو ناهي ته نواز شريف ضدي آ يا سياسي ادارا ملڪ کي دڳ تي لائڻ جي صلاحيت نه ٿا رکن. پنجاه جي ڏهاڪي ۾ ملڪ ۾ ڊزن کن اهڙا سياسي اڪابر موجود هيا جن هي مُلڪ ٺاهيو هو پر ان دور جي اسٽيبلشمينٽ کين ان لائق نه سمجهيو ته اهي پاليسيون جوڙين ۽ ملڪ هلائن. مورڳو فوجي راڄ آڻي کين ڪاٺ ۾ وڌو ويو يا جلاوطن ڪيو ويو. گڏيل هندستان ۾ بنگال جي وڏي وزير رهندڙ سياستدان، حُسين شهيد سهروردي کي جلاوطن ڪري، لبنان جي شهر بيروت جي هڪ هوٽل ۾ زهر ڏياري ماريو ويو. ڀُٽي جهڙي ليڊر کي تارا مسيح هٿان ۽ بينظير کي هڪ وات ڳاڙهي ڇوري هٿان مارايو ويو. ان ڪري اهو چوڻ غلط آ ته ڇاڪاڻ ته نواز شريف باصلاحيت ناهي ان ڪري اسٽيبلشمينٽ سندس پٺيان پئجي وئي آهي. اسٽيبلشمينٽ ڪهڙي سياستدان کي فري هينڊ ڏنو آ جو هن کي ملي ها؟ زرداري ۽ گيلاني جهڙا هر دم حاضر ۽ هر حڪم مڃيندڙ به اسٽيبلشمينٽ کي نه وڻيا.

ايندڙ ڪجهه ڏهاڙن ۾ سياسي آکاڙي ۾ جنگاڻ مچڻي آهي. طاهر القادري پنهنجي انقلاب جو خيمو کوڙڻ لاءِ راڄڌاني جو رُخ ڪندو ۽ عمران خان جا ڪارڪن به آزادي جي مارچ جو پرچم کڻي اسلام آباد پهچڻ جي ڪوشش ڪندا. کڻي جو ٻنهي جي مطالبن ۾ ڪا به هڪجهڙائي ڪانهي پر پوءِ به سياسي مُبصر ان راءِ جا آهن ته ٻنهي جي ايجنڊا ساڳي آهي ته هلندڙ سياسي سيٽ اپ کي تڪراري بڻائي ڪو وچيون دڳ ڪڍڻ، جنهن سان اسٽبلشمينٽ ملڪ جي ٻن وڏين پارٽين مان جند ڇڏائي سگهي.

تحريڪ انصاف گذريل عام چونڊن ۾ ڌانڌلين رستي مينڊيٽ جي چوري جي ڳالهه ڪري رهي آهي ۽ ملڪ جي مڙني تڪن ۾ نئين سر ڳڻپ جو مطالبو ڪري رهي آهي جيڪا ڳالهه غلط ڪونهي. “افيئر“ به گذريل سال مئي مهيني ۾ سنڌ اندر ٿيندڙ چونڊن ۾ ووٽن تي لڳل ڌاڙي تي ڪور اسٽوري ڪئي هئي ۽ اها راءِ رکي هئي ته سنڌ جي ننڍن شهرن عام چونڊن ۾ پ پ اميدوارن کي رد ڪيو پر پ پ اميدوارن ڏوڪڙ جي زور تي رٽرننگ آفيسر خريد ڪيا ۽ سنڌ جو مينڊيٽ چوري ڪيو. پر اهو سچ جيڪو سياسي سيٽ اپ جي تڏا ويڙھ ۾ اسٽيبلشمينٽ کي عُذر طور ڪم اچي ، ڪتب اچي سو صحيح ناهي. قبول ناهي. ڌانڌليون ٿيون، پر سياسي پارٽين جي بنياد تي چونڊون ته ٿيون، سياسي ماڻهو ايوانن ۾ پهتا جيڪي ايوانن ۾ بيهي اسٽيبلشمينٽ کان اهڙو سوال ڪري سگهن ٿا ته ، “ اسان کي ٻڌايو وڃي ته اُسامه بن لادن ڪنهن جي ويزا تي ايبٽ آباد ۾ ترسيل هيو؟”

ڇا ٿا سمجهو ته لِڳڙو وزير اعظم ئي سهي پر محمد خان جوڻيجي پاران اهي اعلان ته هو جرنيلن کي اٺ سو سي سي ڪار ۾ ويهاريندو ۽ اوجهڙي ڪئمپ واقعي جي جاچ ڪرائيندو، اسٽيبلشمينٽ جي هيانوَ ته ڪيئن ٿي لڳا هوندا؟ ٿڌا يا ڪوسا؟

ان ڪري اسان توهان هزار اختلافن، اعتراضن هوندي به چاهيون ٿا ته موجوده سياسي نظام پنهنجي ڄمار پوري ڪري. اڳوڻي صدر، زرداري جا هزار گناه ان هڪ ئي نيڪي ڌوتا ته هُن اقتدار جي پرامن منتقلي ڪري ڏيکاري. ساڳي ريت نوازليگ جيڪڏهن پنهنجا پنج سال پورا ڪري ٿي ته ان سان سياسي ادارا سنوت ۾ ايندا. اسٽيبلشمينٽ جي اقتدار تي اڻ سڌي پڪڙ ڍري ٿيندي. مُلڪ سنئين دڳ ٿيندو. اسٽيبلشمينٽ جي تجربيگاهن مان ڦُٽل سياسي چوزن مان جند ڇٽندي. سياست مان مڪرُوه پڻو گهٽبو. سياسي سفر مان سکيل سياستدان ڪي موچارا فيصلا ڪندا.

نه ته ڇا ٿيندو؟ سياسي نظام جي تڏا ويڙه ٿي ته ڇا ٿيندو؟ اسشٽيبلشمينٽ ۽ سندس مُهرا عوام کان اڃا ڇا کسيندا؟ عوام وٽ هاڻ وڃائڻ لاءِ رڳو اميد ئي باقي بچي آ نه ته امن امان، اٽي لٽي ۽ اجهي جو آسرو اڳي ئي پليو ويٺي آ، خوش رڳو ان تي آ ته اسان جا نمائندا اقتداري ايوانن ۾ ويٺا آهن، اها خوشي به ڏاڍن مُڙسن کي نه ٿي وڻي. شايد!

below article banner

پنهنجو رايو ڏيو

توهان جو اي ميل پتو ظاهر نه ڪيو ويندو. گهربل معلومات تي هيءَ نشان لڳل آهي: *

*

You may use these HTML tags and attributes: <a href="" title=""> <abbr title=""> <acronym title=""> <b> <blockquote cite=""> <cite> <code> <del datetime=""> <em> <i> <q cite=""> <strike> <strong>

صفحي جي چوٽيءَ تي وڃو